سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :10

 

شگفته شاهه                                                     ناول / قسط 2

ٽڙي پوندا ٽاريئين....

ٻئي ڏينهن تي رابيل کي يونيورسٽيءَ مان جلدي وانداڪائي ملي ته يارهين وڳي هوءَ فيضان جي آفيس ڏانهن رواني ٿي. سڄي رستي تي هوءَ سندس شخصيت بابت خاڪا ٺاهيندي رهي. ڇا هو واقعي پنهنجي لهجي ۽ آواز جيان پاڻ به سٺو هوندو يا هڪ عام سنڌي ليکڪ وانگر سادو سودو ۽ ”سنڌي اسٽائيل بندو“!... ۽ جنهن وقت هوءَ فيضان جي آفيس ۾ داخل ٿي ته ٽيبل جي ٻئي پاسي هڪ پينٽ شرٽ پاتل ۽ سٺي شخصيت وارو بندو کيس ڏسي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو. رابيل ٿورو ڪنفيوز ٿي چيو:

”آءٌ رابيل .... رابيل ...“

”اسلام عليڪم....! آءٌ فيضان احمد آهيان. “Have a seat Please! هوءَ ڏسڻ ۾ چوٽيهن پنجٽيهن سالن جو ٿي لڳو. رابيل ويهي رهي ته پوءِ هو به ويٺو. رابيل کي سندس شخصيت سٺي لڳي. انڪري نه ته هو ڪو هينڊسم هو، پر مجموعي طور تي سندس شخصيت پرڪشش هئي. نه رڳو کيس ڪپڙي پائڻ جو ڍنگ هو، پر کيس سٺو ڳالهائڻ به ايندو هو. ٿوري دير ۾ هو رابيل کي رليڪس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ کيس پنهنجي تنظيم بابت ڪافي ڄاڻ ڏانائين. جڏهن کيس پنهنجي فورم جي ميمبرن جي لسٽ ڏيکاريائين ته رابيل اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته انهن ۾ نه فقط اديب، شاعر، دانشور، آرٽسٽ هئا، پر ڪيترائي پرجوش نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا به هئا. جن جو تعلق ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ I.T  جي شعبي سان پڻ هو. خود فيضان آمريڪي لهجي واري سنڌي ۽ انگريزي ڳالهائي رهيو هو. پوءِ ڄڻ اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ واري رابيل به جاڳي پيئي ۽ کيس پنهنجي ڪم کان علاوه آرٽ ۽ ڪيترن آرٽسٽن بابت ڄاڻ ڏيندي رهي. جڏهن هوءَ ڳالهائي رهي هئي ته فيضان هن کي انتهائي ڌيان سان ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو. ائين ڪولڊ ڊرنڪس پيئندي ۽ Descussion  ڪندي ٻه ٽي ڪلاڪ الاءِ ڪيئن گذري ويا! رابيل کي ڪا خبر ئي نه پئي.

”رابيل صاحبه! آءٌ سچ پچ ته توهان جو ٿورائتو آهيان، جو توهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي هتي آيا ۽ مون سان بيحد ڪارائتي Discussion  ڪئي. مون کي ته اڳ ۾ ئي يقين هو ته اوهان منهنجي لاءِ بيحد مددگار ثابت ٿي سگهو ٿيون.“

رابيل: ”فيضان صاحب! توهان ته شرمندو ٿا ڪريو. آءٌ هونئن ئي شرمساري محسوس پئي ڪريان ته مون شروع ۾ اوهان کي سٺو ريسپانس نه ڏنو. دراصل مون کي خود آرٽ جي سرڪل کان الڳ ٿئي ڪيئين سال گذري ويا آهن ۽ نه ئي آءٌ هاڻي سوشل رهي آهيان. آءٌ ڄڻ سڀني کان الڳ ٿي وئي آهيان، انڪري ئي مون نٽايو پئي ۽ سچ پچ ته هاڻي مون کي ڪنهن به ڳالهه سان دلچسپي ناهي. مون کي Paintings  ٺاهيندي به سال ٿي ويا آهن.

”ان جو سبب؟“

فيضان جي سوال تي رابيل جي چهري تي هڪ رنگ چڙهي لهي ويو. سندس وڏين گهرين ڪارين اکين ۾ چانيل ويراني ۽ چهري جي اداسي وڌيڪ گهري ٿي وئي. ماحول جي ڳنڀيرتا کي محسوس ڪندي، فيضان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هو شايد ڪو ڏکيو سوال ڪري ويٺو هو. هن ماحول کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٿڌي ٿانهري لهجي ۾ چيو:

Any way” ......مون جڏهن توهان جي باري ۾ ٻڌو هو ته منهنجي ذهن ۾ اهو تصور هو ته توهان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ به چاليهه سال هوندي، ڇوته توهان يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به آهيو، پر توهين ته ڪافي Young آهيو. “

رابيل جي چهري تي مُرڪ اچي ويئي. اُداس مرڪ. ”ڪڏهن ڪڏهن نظرون به دوکو کائي وينديون آهن. ٻي ڳالهه ته مون ماسٽرس ننڍي عمر ۾ ئي ڪري ورتي هئي ۽ خوشقسمتيءَ سان ساڳئي سال مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر شپ ملي وئي. رهي ڳالهه اسسٽنٽ پروفيسر هجڻ جي ته فقط ڪجهه مهينا اڳ ئي آءٌ ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي پهتي آهيان. خير....! مون کي اهو پڇڻو هو ته توهان جيڪو فورم ٺاهيو پيا، جنهن تحت توهين جيڪو جديد ۽ Advanced نموني جو سنڌي رسالو ڪڍڻ ڇاهيو پيا ..... توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇا عام ماڻهن پاران توهان کي ان جي سٺي موٽ ملندي؟“

”ها بالڪل!“ فيضان پوري ويساهه سان چيو. ڪوبه سبب ناهي ته ناڪامي ٿئي.“

”مون کي توهان جي جذبي تي شڪ ڪونهي، پر منهنجي چوڻ جو مقصد اهو هو ته هي دور اليڪٽرانڪ ميڊيا جو آهي، جنهن اسان وٽ پرنٽ ميڊيا کي وڏو ڌڪ هنيو آهي.“ رابيل ٿڌي ساهه ڀرڻ لاءِ ترسي. ”هڪ پاسي اڳي جيان ادبي ۽ ثقافتي محفلون ۽ سوشل Setup  نه رهيو آهي ته ٻئي پاسي ادب پڙهندڙن جو تعداد پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي . توهان واقعي صحيح چيو هو ته اسان جو نئون نسل ٻين قومن ۽ ملڪن جي مشهور سنگرز، اداڪارن، Players  ۽ سياسي ليڊرن کان ته واقف آهي، پر پنهنجي ئي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي عظيم شاعرن، دانشورن، اديبن ۽ فنڪارن جا نالا به شايد ئي سندس ٻڌل هجن! انٽرنيٽ جي دنيا جي انهن رهواسين کي ٻيهر ڪتابن ڏانهن ڪيئن راغب ڪندا؟“

”توهين بلڪل ٺيڪ ٿيون چئو.“ فيضان هن سان متفق ٿيندي چيو. ”اسان جي قوم جو مسئلو اهو آهي ته جڏهن به ڪا نئين شيءِ يا ايجا اسان وٽ پهچي ٿي ته سڀ ماڻهو ان ڏانهن متوجهه ٿي وڃن ٿا ۽ پراڻين شين ۽ ايجادن مان سندن دلچسپي ختم ٿيو وڃي. اسان وٽ ڪنهن دور ۾ پرنٽ ميڊيا، ادب ۽ ريڊيو جو عام ماڻهن تي وڏو اثر رهيو ۽ انهن Mediums  اسان کي وڏا اديب، ڊراما نگار، شاعر، دانشور ۽ فنڪار ڏنا. پر ٽي وي جي ايندي ئي عوام جي هڪ وڏي تعداد T.V کي ڀليڪار چوندي، ريديو کي بلڪل وساري ڇڏيو ۽ پوءِ ڪيبل جو دور آيو آهي ته ماڻهن پنهنجا قومي چينل چڏي، پرڏيهي چينل ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.“ هن جي لهجي ۾ تلخي هئي، ”حالت اها آهي ته هاءِ وي تي سفر دورا توهين ڏسندا ته رستي ۾ ايندڙ ننڍن ننڍن ڳوٺن جي جهوپڙا هوٽلن‘ ۾ به کٽن تي ويهي پيالي ۾ چانهه پيئندي عام ڳوٺاڻن جا ميڙاڪا ڪيبل جا چينل ڏسڻ ۾ مصروف نظر ايندا. ٻئي پاسي وري انٽرنيٽ پڙهيل لکيل طبقي کي اهڙي ته گرفت ۾ ورتو آهي، جو اڄ شهرن جي هڪ هڪ گهٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر ڪورسز جا سينٽر ۽ نيٽ ڪيفيز کلي ويا آهن ۽ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انٽرنيٽ جا شوقين آهن. جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ صورتحال اها آهي ته اهي سڀئي شيون هئڻ جي باوجود به پرنٽ ميڊيا ۽ ريديو جي اهميت گهٽ ناهي ٿي، جنهن جو ثبوت ريڊيو ماسڪو، بي.بي.سي ۽ وائس آف آمريڪا جي مقبوليت مان ملي ٿو ۽ اڄ به انهن ملڪن ۾ بهترين ادب لکجي ۽ ڇپجي ٿو ۽ اُتي اڄ به Best  Sells  ڪتابن جي کوٽ ڪانهي. اوهه! ..... معاف ڪجو .... شايد آءٌ توهان کي بور پيو ڪريان...!

”نه! اهڙي ڳالهه ڪانهي.“ رابيل ڳاله ڪٽيندي چيو. ”دراصل مون کي پاڻ به پنهنجي زبان جي ادب ۽ اديبن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانهي. اهوئي سبب آهي جو توهان جي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت هئڻ جي باوجود به ڪجهه ڏينهن اڳ تئين نه ته آءٌ توهان جي نالي کان واقف هئس ۽ نه ئي صورت کان. آءٌ ته ڄڻ توهان سان اڄ ئي واقف ٿي آهيان. باقي رهي توهان جي فورم (Forum) جي ڳالهه ته الاءِ ڇو آءٌ پاڻ اسان جي فنڪارن، اديبن ۽ انٽليڪچوئل طبقي کان گهڻي پر اُميد ڪانه آهيان. انهن وٽ فقط لفاظيءَ تي زور هوندو آهي. ۽ سندن قول ۽ فعل ۽ تضاد هوندو آهي. توهان جڏهن عملي طور تي ڪجهه ڪري ڏيکاريندا، تڏهن ئي مون کي يقين ايندو. پر ..... الاءِ ڇو مون کي ....“

فيضان سندس ڳاله ڪٽيندي چيو. ”منهنجي قول ۽ فعل ۾ توهان تضاد نه ڏسنديون، جيڪو ڪم آءٌ ڪري نه سگهندو آهيان، اهو هٿ ۾ کڻندو ئي ناهيان ۽ جيڪو ڪم آءٌ هٿ ۾ کڻي ويندو آهيان، اهو ڪري ڏيکاريندو آهيان. آءٌ توهان کي ڪجهه عرصي ۾ اها خبر ٻڌائيندس ته مون جيڪو خواب ڏٺو آهي، ان کي عملي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.“

”آءٌ توهان جي ڪاميابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان، “Wish you Best of Luck!  رابيل اٿي بيٺي ته فيضان به اٿي بيٺو ۽ پوءِ کيس وڏي عزت ۽ احترام سان گيٽ تائين سندس ڪار وٽ ڇڏڻ آيو. ڊرئيور اڳ ۾ ئي رابيل کي ڏسي ڪار جو دروازو کولي ڇڏيو هو. سڄي رستي تي هوءَ فيضان بابت سوچيندي رهي. هن کي ڪپڙي لٽي جو ڍنگ هو، ڳالهه ٻولهه ۾ محتاط. سڀاءُ ۾ نفاست هيس.

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هوءَ هر وقت فيضان ۽ سندس ڪيل ڳالهين ۽ ان مالاقات بابت ئي سوچيندي رهي. هوءَ خود پنهنجي ان تبديليءَ تي حيران هئي. سندس زندگي ته بيٺل پاڻي هو جيڪو سينورجي چڪو هو. اها ملاقات ڄڻ ان پاڻيءَ ۾ پٿر جو ڪرڻ هو، جنهن ان بيٺل پاڻيءَ ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي.... ۽ اُن جا دائرا پري پري تائين پکڙجندا ٿي ويا. هن اهو سوچي پاڻ کي مطمئن ڪيو ته فقط روٽين کان هٽي سالن بعد ڪنهن اجنبيءَ سان اهڙي ريت ملاقات ڪرڻ سبب ئي کيس تبديليءَ جو احساس ٿيو هو ۽ ٻي ڪا خاص ڳالهه نه هئي.

***

اونهارو ويو سيارو اچي ويو. فقط موسم جي تبديلي ٿي. ڇهه ست مهينا گذري ويا. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو هو. اهائي رابيل جي routine life  هي . ان وچ ۾ رمضان به آيو ۽ جڏهن عيد جو ڏينهن ٿيو ته پيرو بابا جنهن کيس ننڍپڻ کان نپايو هو. جيڪو سندس گهر جو ڄڻ هڪ فرد هو، اکين جا لڙڪ لڪائي نماز پڙهي اچڻ بعد سندس مٿي تي هٿ رکي کيس پنجاهه جو نوٽ هيمشه جيان عيد جي خرچيءَ طور ڏئي ويو ته سندس دل چاهيو ته هوءَ ريهون ڪري روئي. کيس ياد آيو ته هن ئي گهر ۾ ڪڏهن خوشيون هونديون هيون. هُل هنگاما هوندا هئا. رمضان ايندي ئي ننڍپڻ ۾ سڀ ڀائر ۽ ڀينرون خوش ٿيندا هئا. پيرو بابا کي سڀ اسر مهل اٿارڻ جي پارت ڪندا هئا ۽ پيرو بابا جڏهن گرماگرم کاڌا ۽طعام ٽيبل تي رکي کين اٿاريندو هو ته انهن ڏانهن جا مزا ئي ٻيا هوندا هئا. امي افطاريءَ لاءِ مزي مزي جون ڊشون ٺاهيندي هئي ۽ هو ڀينرون وري شربت، فورٽ چاٽ ۽ سلاد ٺاهينديون هيون ۽ عيد جي ڏينهن جڏهن بابا ۽ ڀائر نماز پڙهي ايندا هئا ته جتي ڪٿي گهر ۾ ”عيد مبارڪ“ جا آواز گونجندا هئا. عيد جي ڏينهن جون رونقو، لذيذ ڊشون، مزا، گوڙ  شور...... هن گهر جي رونق ئي ٻي هوندي هئي! هاڻي فيمليءَ سميت لنڊن هليو ويو ۽ هڪ نوڪريءَ جي ڪري هاڻي اسلام آباد جو رهواسي هو. هوءَ ڀائرن کان پوءِ ٽئين نمبر تي هئي. ننڍيون ٻئي ڀينرون به شاديءَ بعد پنهنجي دنيا ۾ مگن هيون. سندس سڳي ماسي جيڪا بيوه ۽ بي اولاد هئي. ان وقت کان ئي هنن جي گهر ۾ رهندي هئي ۽ سڀني ٻارن کي پنهنجو اولاد سمجهي پاليو هئائين. تنهن ماءُ کان پوءِ رابيل کي ماءُ جهڙو ئي پيار ڏنو، پر ماءُ جي جاءِ دنيا جو ڪوبه رشتو والاري نه ٿو سگهي! هن وقت رابيل وٽ جنهن جي هٿ ۾ ڪنهن زماني ۾ سَو سَو جا نوٽ هوندا هئا، بابا پيروءَ جا ڏنل پنجاهه روپيا هئا. رابيل جي اکين مان ٻه لڙڪ لڙي پنجاهه روپين تي ڪريا. پري کان ماسيءَ جو آواز ٻڌي هن جلدي جلدي لڙڪ اگهيا ۽ عيد جا ڪپڙا کڻي باٿ روم ڏانهن هلي ويئي. هميشه جيان عيد جو ڏينهن اداس ۾ خاموش هو. رابيل لاءِ عيد جو ڏينهن ايڏو ته ٿڪائيندڙ ۽ ڊگهو ٿي پوندو هو جو گذرندو ئي نه هو! جيئن جيئن شام ٿيندي وئي سندس من جي مونجهه وڌندي وئي. هن سوچيو عيدن جي خوشي ته گهروارن سان هوندي آهي، پر هوءَ ڪيڏي نه بدنصيب آهي، جو سندس ماءُ پيءُ ، هن دنيا ۾ ناهن ۽ ڀائر ۽ ڀينرون کانئس پري هئا.... نه فقط اهو پر هوءَ ته خود به ماءُ هوندي به ڄڻ بي اولاد هئي! عرصو ٿيو سندس پٽ کي پٽيون پڙهائي هن کان پري ڪيو ويو هو. سندس دل درد مان ڀرجي آئي ۽ اکين مان ڇلڪڻ لڳي، لڙڪن جي صورت ۾ ... اي منهنجا رب ...! آخر منهنجو ڏوهه ڇا آهي؟ مون سان اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو .....؟ هاڻي منهنجي زندگيءَ ۾ آهي ئي ڇا....؟ آءٌ ڇو پئي جيان! ڪير آهي هاڻي جيڪو منهنجي تنهائين جو ساٿي ٿيندو... منهنجا لڙڪ اگهندو.....؟ ڪاش اڄ منهنجو پُٽ .... منهنجو شان مون وٽ هجي ها ته آءٌ پاڻ کي ايڏو وياڪل ۽ اڪيلو نه ڀانئيان ها! ۽ پوءِ گهڻو روڪڻ جي باوجود به هوءَ روئي پئي. ايستائين گلان جيڪا سندس لاءِ شام جي چانهه کڻي اچي رهي هئي، کيس روئندو ڏسي، مگ ٽيبل تي رکي وري دوڙ پائي ڪمري کان نڪري وئي ۽ سندس ماسيءَ کي وٺي آئي. جنهن کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.

”امان! ..... او .... امان ....! نه روءُ سڳوري ڏينهن ڪو روئبو آهي ڇا....!“

رابيل روئندي چيو: ”ماسي اهو منهنجي وس ۾ ته ڪونهي. منهنجو نصيب ئي ڦٽل آهي. روئڻ ئي منهنجي قسمت ۾ لکيل آهي.“

”صبر ڪر ڌيءَ!“ ماسيءَ هن کي آٿت ڏيندي چيو. ”الله ڪا بهتر واٽ ڪڍندو. هڪ ته تون به ڪنهن جي ڳالهه نٿي ٻڌين. شاديءَ لاءِ راضي نٿي ٿين. امان، تون جوان آهين...... هيءَ سڄي حياتي اڪيلي سر ڪيئن گذاريندينءَ....؟“

”ماسي! ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته مون سان شاديءَ جو ذڪر نه ڪندا ڪريو.“ رابيل لمحي لاءِ ترسي، ”هڪڙو ئي تلخ تجربو ڪافي آهي..... بس .....! اڄ جيڪر مون وٽ منهنجو پٽ هجي ها ته آءٌ پاڻ کي ايڏو اڪيلو نه ڀانئيان ها... رئان ان لاءِ ٿي ته آخر آءٌ ماءُ آهيان.... ڪيئن جيئري ئي اولاد جي جدائي برداشت ڪريان... هاڻي ته هو به وڏو ٿي ويو هوندو. الاءِ سندس پيءُ مون بابت کيس ڇا ٻڌايو هوندو؟ الاءِ هو وري ڪڏهن مون سان اچي ملندو به الاءِ نه ....؟“

”صبر ڪر امان! .... صبر ڪر ڌيءَ .... الله خير ڪندو.“ ماسي ڪيتري ئي دير کيس سمجهائيندي رهي هئي. سندس لڙڪن اگهڻ لاءِ ڳالهين جا ٽشو پيپر ڏيندي رهي هئي.

***

عيد جي ٻئي ڏينهن تي رابيل جون ڀينرون ٻارن ۽ گهر وارن سميت هنن جي گهر آيون ته ڏاڍي رونق ٿي پئي هئي. پر پوءِ رات جي نائين وڳي سڀ هليا ويا ته وري گهر ۾ اداس خاموشي پکڙجي وئي. دل وندرائڻ خاطر رابيل ٽي وي لائونج ۾ اچي ويٺي، جتي عيد جي هلندڙ خصوصي ڊرامي جي منظرن ۽ ڊائلاگن تي شقن ۽ گلان دل کولي کلي رهيا هئا. رابيل ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت سندس ڌيان به اُداس سوچن کا هٽي، پر ڪوشش جي باوجود به کيس ڊرامي ۾ دلچسپي محسوس نه ٿي. ائين هوءَ ساڍي ڏهين تائين ويٺي رهي ته اوچتو سندس ڪمري مان ايندڙ فون جي رنگ کيس متوجهه ڪيو ۽ هوءَ شال سنڀاليندي پنهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ فون جون رسيور کڻي ”هيلو“ چيائين.

”رابيل صاحبه .....! فيضان احمد پيو ڳالهايان.“ الاءِ ڇو فيضان جو آواز ٻڌي سندس دل هڪ ڀيرو زور سان دڙڪي هئي ”الائي توهان کي ياد آهي يا نه. اڄ کان ڇهه ست مهينا اڳ پنهنجي ملاقات ٿي هئي.“

”جي.“ رابيل مختصر جواب ڏنو.

”پهرين ته عيد جي مبارڪباد قبول ڪريو. جيتوڻيڪ اڄ عيد جو ٻيو ڏينهن به تقريباً گذري چڪو آهي.“

رابيل کي هن وقت فيضان جو فون ڪرڻ سٺو لڳو. هن خود چاهيو پئي ته سندس اداس موڊ ٿورو تبديل ٿئي، انڪري هن به مرڪندڙ لهجي ۾ چيو:

”ڪا ڳالهه ڪانهي، آءٌ پوءِ به مبارڪباد قبول ٿي ڪريان.“

”اڄ مون ان لاءِ فون ڪيو آهي، ته توهان کي مون چيو هو ته آءٌ توهان کي جلد اها خبر ٻڌائيندس ته آءٌ پنهنجو ڪم باقاعدي شروع ڪري رهيو آهيان. هڪ پاسي ته ادبي پرچو تيار ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ادب کان علاوه سنڌ ۾ مختلف ادارن ۾ ٿيل آرٽ جي ڪم بابت فيچر هئڻ سان گڏ سنڌ جي تقرياً سڀني آرٽسٽن جو مختصر تعارف پڻ شامل آهي. هفتي کن ۾ جڏهن رسالو ڇپجي تيار ٿيندو ته سوچيان پيو ته هڪ پاسي پنهنجي فورم ۽ پرچي جي Launching Ceremony  ڪجي ۽ ان پروگرام ۾ تصويرن جي نماءُ جو پڻ اهتمام ڪجي. اهڙيءَ طرح اها هڪ منفرد تقريب ٿي ويندي، پر ان نماءُ ڪرائڻ لاءِ مون کي هڪ ڀيرو وري توهان جي تعاون جي ضرورت پوندي. ڇا توهان ٿورو ٽائيم ڪڍي منهنجي آفيس اچي سگهنديون؟“

رابيل اهو ٻڌي وري بور ٿي وئي. هن کي اهڙي Activities مان دلچسپي ڪيئي سال اڳ ختم ٿي چڪي هئي. هن جو وس پڄي ها ته هوءَ گهر کان هڪ قدم به ٻاهر نه ڪڍي ها. انڪري هن ڪجهه بيزاريءَ مان چيو:

”ڏسو فيضان صاحب! آءٌ ان بابت ڪجهه چئي نٿي سگهان.“

”پليز!“

”آءٌ سوچيندس.“

”پليز هڪ ٻن ڏينهن ۾ مون سان رابطو ڪجو“ پوءِ موڪلائڻ بعد رابيل فون رکي ڇڏي.

***

ائين وري ڪجهه ڏينهن گذريا ته هڪ شام وري فيضان جي فون آئي. هن چيو: ”توهان ڇو نه آيا؟ مون توهان جو ڏاڍو انتظار ڪيو.“

رابيل جي نرڙ تي گهنج گهرا ٿيڻ لڳا: فيضان صاحب! ڇا توهين واقعي سچ ٻڌڻ چاهيو ٿا؟“

فيضان زنده دليءَ سان چيو: .... بالڪل... فرمايو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com