شمس النساءِ مصطفيٰ وڳڻ
شعر
پريم پکيئڙا اڏاري ڇڏجان
منهنجو ديس وساري ڇڏجان
منهنجي اندر ۾ به رهي تون
مون کي دل تان ميساري ڇڏجان
چندرا نند جويري
چندرا سنڌيءَ جي مشهور ليکڪ نند جويريءَ جي پتني آهي، کين ٻه
نياڻيون آهن، جيڪي پرڻيل آهن ۽ ممبئيءَ ۾ ئي
پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ سکيون آهن. نند جويري ته
هيرن موتين جو پارکو آهي. اصل ته شڪارپوري آهي، پر
ورهاڱي کان پوءِ شيام نواس ممبئيءَ ۾ هڪ فليٽ ۾
ٻئي ڄڻا (چندرا ۽ نند) رهن ٿا. نند جويري هڪ ليکڪ
آهي ۽ لطيفيات ۾ سندس خاص رُچي آهي. ڪنهن به
ناريءَ جو هڪ ليکڪ سان گذارو، پتنيءَ / گهر واريءَ
جي روپ ۾، ڪيئن ٿو ٿئي؟ اسان سرتيون لاءِ چندرا
کان ڪجهه پُڇاڻو ڪيو. هن ان ڏس ۾ جيڪي ڪجهه چيو،
سو سرتيون جي پڙهندڙن آڏو پيش آهي:
سرتيون: نند، هڪ ليکڪ جي روپ ۾ ڪيئن ٿو لڳيو؟
چندرا: سٺو ليکڪ آهي
سرتيون: هڪ پتنيءَ جي حيثيت ۾ نند (ليکڪ) لاءِ ڪهڙو احساس آهي
توهان وٽ؟
چندرا: مون کي هن تي فخر آهي.
سرتيون: توهان کي وقت ڏيندو آهي؟
چندرا: ها مون کي وقت ڏيندو آهي.
سرتيون: ٻنهي ۾ ڪڏهن جهيڙو ٿيندو آهي؟
چندرا: نه _ اسان ۾ جهيڙو نه ٿيندو آهي.
سرتيون: گهر ۾ هن جو ورتاءُ ڪهرو هوندو آهي؟
چندرا:
Mix
ٿيندو آهي. رلي ملي ويندو آهي.
سرتيون: ڀلا ٻارن سان ڪنهن جو پيار وڌيڪ آهي؟
چندرا: ٻنهي جو _ پر سندس وڌيڪ.
سرتيون: رڌ پچاءُ به ڪڏهن ڪندو آهي؟
چندرا: رڌو پڪو نه ڪندو آهي.
سرتيون: شادي پيار جي هئي يا مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي؟
چندرا: اسان جي ارينج مئريج هئي.
سرتيون: نند، توهان کي نالي سان سڏيندو آهي؟
چندرا: چندا.
سرتيون: ۽ توهين نند کي ڪهڙي نالي سان سڏيو؟
چندرا: شڪارپور ۾ هئاسين ته نالو نه کڻندا هئاسين ”ٻڌو“چوندي
هيس. پر هاڻي ته نالو کڻڻ فيشن بڻجي ويو آهي.
***
|