سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :5

 

ريحانه هاليپوٽو

ڪجهه لفظن جي سوکڙي

ياد

جند، ڪجهه جذبن سان اُڻيل هڪ تند آهي. جنهن ۾ ڳنڍ ٻڌل آهي يادن جي. يادن جي ڳنڍ نه ته گهڻي ڏاڍي آهي، نه ئي وري ڍري. يادون ته پاڻ ئي لمحن، واقعن، خوشين ۽ غمن جي سهاري پنهنجي ڳنڍ جند جي تند ۾ ڏاڍي ڪنديون وينديون آهن.

يادون پنهنجو پاڻ ۾ وڏي سگهه رکن ٿيون، سيمسن وانگر، پر اهي پنهنجي سگهه جي زور تي انسان کي ڏاڍو ڪمزور ڪريو ٿيون ڇڏين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صفا کوکلو ڪريوڇڏين!

ياد! اُها جا جند جي تند ۾ ڳنڍ وانگر آهي، دل کي جهلي سوچيان ٿي ته اُن مان جان ڪيئن ڇڏايان. ياد­_جيڪا پاڻ ماضي، پاڻ سهارو، پاڻ ئي خوشي آهي. ته ڪڏهن ان سان اکين ۾ لڙڪ تريو اچن! ڪڏهن وري ان سان ئي دل وندرايو ٿا. پاڻ ئي گهاءُ بڻجي ٿي ته پاڻ ئي مرهم. آهي به ڏاڍي ظالم، ڪڏهن به اڪيلو ٿيڻ نٿي ڏي. پاڻ ئي پل پل جوڙي ٿي. پاڻ ئي صدين کي سنڀالي رکي ٿي. اسان کي پنهنجي سهاري جيئرو رکي ٿي. پر پوءِ، پر پوءِ به، مان ان مان جان ڇڏائڻ ٿي گهران. ڇاڪاڻ ته اُها پاڻ ته ڏاڍا هار سينگار ڪري، ٺهي جُڙي ايندي آهي. سهڻا سهڻا سپنا ڏيکاري ٿي. دوکو ڏئي ٿي پوءِ ڪنهن ٻئي روپ ۾ اچي ٿي، ۽ هلي ٿي وڃي.

جيڪڏهن ”ياد“ جي سهاري هلندا رهندا، ته توهين به گم ٿي ويندا _ دونهون بنجي ويندا.

 

قانون ۽ عورت

ڏاج ۽ شاديءَ جو خرچ

شاديءَ جي سوکڙين تي پابنديءَ جي قانون هيٺ سادي جي سمورين رسمن تي اڍائي هزار (2500) رپيا (پاڪستان جي رائن الوقت سڪن) کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ غير قانوني آهي.

نمائش خاطر انهن رسمن تي هزارين لکين رپيا خرچ ڪرڻ وارا قانون جا ڏوهاري آهن ۽ انهن تي ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو. قانوني طور ڇوڪريءَ کي پنج هزار رپين کان وڌيڪ ڏاج نٿوڏئي سگهجي ۽ جيڪڏهن ساهرن يا گهوٽ طرفان ڏاج جي مطالبي تي زور ڏنو وڃي ته اهو هڪ شهريءَ مٿان غير قانوني دٻاءُ آهي. اهو بليڪ ميلنگ جي زمري ۾ اچي ٿو.

شادي هڪ سماجي معاهدو (سوشل ڪنٽرئڪٽ) آهي. ان ۾ ڏاج جو غير قانوني مطالبو ڪرڻ پاڪستان پئنل ڪوڊ 240 /406 هيٺ اچي ٿو ۽ سزا جوڳو ڏوهه آهي. جيڪڏهن ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ همٿ ڪن ۽ اهڙن ڏوهارين کي جوڳي سزا ڏيارين ته پاڪستان مان انهيءَ رواج جو انت اچي سگهي ٿو.

عائلي قانون هيٺ ڏاج جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي.

گريڊ 17 کان مٿي تمام سرڪاري ملازمن ۽ ٻين سڀني عوامي رابطي جي ڪامورن لاءِ مائٽن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شخص کان پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي شاديءَ جي موقعي تي سوکڙيون وٺڻ تي پابندي آهي.

اها سموري ملڪيت (جيڪا ورثي ۾ ملي هجي) سوکڙيون. ڏاج ۽ موڙو جيڪو ڪنوار کي ملي ٿو اهو ڪنوار جي ملڪيت آهي ۽ انهي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو نه هوندي.

شاديءَ جي ٻنهي ڌرين تي لازم آهي ته اُهي ۽ انهي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو نه هوندي.

هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارو سزا جي لائق هوندو، جنهن ۾ 6 مهينا قيد يا ڏهه هزار رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون هڪ ئي وقت ملي سگهن ٿيون.

اهي سڀ سوکڙيون ۽ ڏاج جيڪو مقرر حد کان وڌيڪ هجي حڪومت ضبط ڪري سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح ضبط ڪيل مال ۽ رقم غريب ڇوڪرين جي شاديءَ تي خرچ ڪئي ويندي.

هر شخص کي اهو حق حاصل آهي ته هو غير قانوني طور ٿيندڙ شاديءَ جي خلاف علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ مڪمل حقيقتن جي آڌار تي شڪايت ڪري.

اهي سط حڪم عائلي قانون 1961ع ۾ موجود آهن. جيڪڏهن انهن تي عمل نٿو ٿئي ته اها اسان جي پنهنجي غلطي آهي.

(واعده ڪتاب گهر طرفان ڇپايل ڪتاب قانون ۽ عورت تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com