”ته پوءِ ٻڌو“ هن جي لهجي ۾ تلخي اچي وئي، ”سچ ته
اهو آهي ته آءٌ توها وٽ اچڻ چاهيان ئي نٿي. توهان
وٽ ته ڇا منهنجي ڪيڏانهن به وڃڻ تي دل نه چوندي
آهي. جيڪڏهن منهنجي مجبوري نه هجي ها ته شايد آءٌ
جاب به نه ڪريان ها.“
”ان جو سبب؟“ فيضان اچرج مان چيو.
”مون کي خبر ناهي!“
”جيڪڏهن مائنڊ نه ڪريو ته هڪ ذاتي سوال پڇان؟“
”پڇو.“
“Are you married?”
“I was married.”
”مطلب؟“ فيضان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
”شاديءَ جي ٻن سالن بعد ئي مون کي طلاق ملي وئي.“
I am sorry”
“Oh! پر ساڳئي لمحي سوال ڪيائين: ”توهان کي ٻار آهن؟“
”هڪ پُٽ آهي، جنهن کي پيءُ پاڻ سان گڏ آمريڪا وٺي ويو هو....
اڃا به ڪجهه پڇڻو آهي؟“
فيضان: ”پليز! توهان مون کي غلط نه سمجهجو. دراصل آءٌ پنجن ڇهن
سالن بعد وطن وريو آهيان، سو هڪ ته ان وچ واري
عرصي جي هتي جي ماڻهن بابت ايڏي ڄاڻ نه اٿم ۽ آرٽ
جي فيلڊ جي ماڻهن بابت پڻ مون کي ڪا گهڻي ڄاڻ نه
آهي. محض اتفاق سان توهان جو فون نمبر ڪنهن دوست
کان مليو ۽ سچ پڇو ته هتي جي آرٽسٽن بابت معلومات
به مون کي توهان کان ئي ملي. خود توهان بابت مون
کي ايتري ڄاڻ نه هئي، نه ئي ڪنهن ٻئي کان توهان
بابت معلومات وٺڻ مناسب لڳو. انڪري ئي .... اڄ
توهان کان پڇيم.“
”هاڻي آءٌ به توهان بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيندس.“
”هاها بلڪل!“ فيضان وراڻيو.
”ڇا توهين شادي شده آهيو؟“
”نه.“
”سبب؟“
”آءٌ آهيان سيلاني ٽائيپ ماڻهو“ فيضان ٻڌائڻ لڳو پنهجي باري ۾،
”سير سفر ڪرڻ منهنجي هابي آهي. اڄ هتي ته سڀاڻي
هُتي. ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيم ۽ ڇڏيم ... پوءِ
اهڙي ماڻهوءَ سان ڪهڙي ڇوڪري شادي ڪندي؟ ... خير
پر توهان کي مون وٽ اچڻو هو ۽ توهين ڇو نه آيون؟“
”ان سوال جو جواب شايد ڏئي چڪي آهيان.“
”ٺيڪ آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته توهان سان جيڪا ٽريجڊي ٿي آهي، ان
سبب توهين دنيا کان ئي ناراض آهيو...... پر .....“
رابيل هڪدم ڪاوڙ ۾ اچي هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”پر ... ڇا
...؟ آخر توهان کي صرف آءٌ ئي ڇو ٿي نظر اچان؟ ٻيا
به ته ڪيترائي آرٽسٽ آهن هتي. آخر توهان جو ڪهڙو
ڪم آهي مو سان؟ ڇوٿا چاهيو ته آءٌ توهان وٽ اچان؟“
”مان انڪري ٿو چاهيان“ فيضان رابيل جي ڪاوڙ کي لنوائيندي چيو،
”جيئن ته مون توهان کي ٻڌايو ته ڪتاب جي مهورت سان
گڏ ٿيندڙ تصويرن جي نماءُ ۾ جيڪي به آرٽسٽ حصو وٺي
رهيا آهن، انهن سڀني سان ملي آءٌ انهن جو تعارف
لکي چڪو آهيان. باقي توهان جو تعارف رهي ٿو. ان
لاءِ مون چاهيو پئي ته توهين اچو.... اهڙيءَ طرح
نماءُ جي تيارين بابت پڻ ڪجهه طئي ڪري وٺجي ها.“
رابيل چپ ئي رهي ته فيضان پڇيو: ”پوءِ توهين اچو
ٿيون نه؟“
”نه ....“ رابيل لنوائڻ لڳي. ”هن وقت ڊرائيور موجود ڪونهي.“
”ته پوءِ آءٌ اچي توهان کي
Pick
ڪري وڃان؟“
”نه .....“ رابيل ٺپ جواب ڏنو. ”ان جي ضرورت ناهي.“
”پوءِ ڀلا آءٌ ئي توهان وٽ گهر اچان؟“
”نه نه!“ رابيل رکائيءَ مان وراڻيو. ”آءٌ ڪنهن سان به گهر ۾ نه
ملندي آهيان.“
فيضان گهرو ساه کڻندي چيو: ”نه توهين پاڻ ٿيون اچو، نه ئي وري
مون کي ٿيون اچڻ ڏيو..... پوءِ آخر ڪم ڪيئن
ٿيندو؟“
”توهان فڪر نه ڪريو“ رابيل پاڻ ئي مسئلي جو حل ٻڌايو، ”آءٌ
پنهنجو تعارف پاڻ لکي توهان کي موڪلي ڏيندس.“
”هلو .... ائين ئي سهي.“
فيضان موڪلائي فون بند ڪئي رابيل رسيور رکندي سوچيو ته ڪيڏو نه
عجيب شخص آهي!!؟ ساڻس ملاقات دوران رابيل هڪ نئين
احساس کي محسوس ڪيو. سندس هر انداز هر ڳالهه ۾ ڪا
خاص ڳالهه محسوس ڪندي رهي، پر هوءَ ان احساس کي
ڪوبه نالو نه ڏئي سگهي هئي. هو سندس مرضي ۽ موڊ جي
برخلاف، جڏهن حجت سان، پنهنجو حق سمجهي. ساڻس
ڳالهائيندو هو ته هوءَ چاهيندي به هن سان سخت رويو
برقرار رکي نه سگهندي هئي. شايد انڪري جو ساڻس ملڻ
کان پوءِ هو کيس سٺو ته لڳو هو، جيتوڻيڪ هوءَ تمام
گهٽ ماڻهن سانFrank
ٿي سگهندي هئي، پر هن جي رويي سندس
reserve
رهڻ واري طبيعت تي اثر ڪندي هن کي ايڏو اعتماد ڏنو جو پهرين
ملاقات ۾ ئي رابيل کي محسوس ٿيو هو ته ڄڻ هو ته
پاڻ ۾ گهڻو
Frank
هجن ۽ عرصي کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هجن. شايد ان جو
سبب اهو هو ته هن شخص کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو
tact
هو، تڏهن ئي ته نه فقط هو هن سان ملاقات ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو هو، پر آهستي آهستي غير محسوس طريقي
سان پنهنجي هر ڳالهه مڃرائي رهيو هو.
***
ٻئي ڏينهن واعدي موجب رابيل ڊرائيور هٿان پنهنجو تعارف فيضان کي
موڪلي ڏنو هو ۽ ان شام ئي وري فيضان فون ڪئي هئي.
رابيل کيس چيو: ”ها فيضان صاحب! اميد ته منهنجو
تعارف توهان کي ملي ويو هوندو....“
”ها تعارف ته ملي ويو، ان لاءِ مهرباني، پر“ پل اَپل جي وٿيءَ
کان پوءِ چيائين، ”پران ۾ توهان جيڪا ڄم جي تاريخ
لکي آهي، ان ۾ ڪا غلطي ٿي وئي آهي شايد!“
”آءٌ ته سمجهان ٿي ته تعارف ۾ ڪابه غلطي ڪانهي.“ ۽ رابيل
وراڻيو، ”ڇوته لکڻ بعد وري به مون ان کي چڱيءَ طرح
پڙهيو هو.“
”يقين نٿو اچي.“
”ڇا مطلب آهي توهان جو؟“ توهان جي خيال ۾ مون پنهنجي عمر لڪائي
آهي؟“
”نه نه، هرگز نه“ فيضان پريشان ٿي ويو. ”بلڪ آءٌ ته سمجهان ٿو
ته لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي آهي. توهان جي تاريخ پيدائش
جي حساب سان توهان جي عمر 35 سال ٿي ٿئي.“
”بالڪل“ رابيل اعتماد سان چيو، ” منهنجي عمر تقريباً 35 سال ئي
آهي.“
”ڪمال آهي! عورتون ته پنهنجي عمر لڪائينديون آهن ۽ گهٽ عمر
ٻڌائينديو آهن ۽ توهان ته 35 سالن جون لڳو به نه
ٿيون، پوءِ به ......“ فيضان پاڻ ئي ڳالهه اڌ ۾
ڇڏي ڏني.
”انهن Comments
لاءِ مهرباني.“ رابيل جي لهجي ۾ اڃا به ڪوڙاڻ
هئي. ”باءِ دي وي .... مرد ته عمر ڪونه لڪائيندا
آهن نه؟ ته پوءِ توهان کان توهان جي عمر پڇان؟“
”جي بالڪل منهنجي عمر 38 سال آهي.“
(حيران ٿيندي) ”واقعي ....؟“ رابيل اچرج مان چيو، ”توهان ته وڌ
۾ وڌ به 33/34 سالن جا ٿا لڳو.“
”ته پوءِ حساب برابر.“ فيضان ٽهڪ ڏيندي چيو.
”باءِ دي وي“ رابيل معنيٰ خيز انداز ۾ پڇيو،
”ڇا صرف عمر پڇڻ لاءِ توهان فون ڪئي آهي؟“
”اوهه نه! .... اصل ڳالهه ته وسري وئي. تعارف سان گڏ توهان جي
تصوير به گهرجي، ڇوته باقي سڀني آرٽسٽن جي تعارف
سان گڏ فوٽو به آهي.“
”پر آءٌ ضروري نٿي سمجهان.“
”اهو بالڪل ضروري آهي.“
”فيضان صاحب! مون کي سال ٿيا مون رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾
انٽرويو ڏيڻ ڇڏي ڏنا آهن. ايترو به مو کي توهان
مجبور ڪيو آهي نه ته هاڻي نه مون کي ارٽ ۽ نه
ارٽسٽن جي سرڪل سان ڪا دلچسپي آهي، نه تصويرن جي
نماءُ سان ۽ نه ئي اهڙي ٻين
Activities
سان.“
”ڇو آخر ڇو؟“ فيضان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ”ٻيو ته توهان جي
چهري تي ايڏا ته سنجيده ۽ رنجيده تاثر هوندا آهن
جو مون کي توهان سان پهرين ملاقات دوران ائين لڳو
ته آءٌ ڪنهن ليڊي سقراط بقراط سان ڳالهائي رهيو
آهيان. ڇا توهين سدائين ائين سنجيده ۽ اداس
رهنديون آهيو؟“
”الائي ... مون ڪڏهن غور ناهي ڪيو.“ رابيل چيو“ ته پوءِ ڪير غور
ڪندو؟“
”آخر مطلب ڇا آهي توهان جو؟“
”مطلب اهو آهي ته ڪڏهن کلندا ۽ مُرڪندا به ڪريو.
”مشوري لاءِ مهرباني!“
You are welcome!”
پوءِ ڀلا فوٽو....؟“
”فيضان صاحب! توهان سان لفظن ۾ ته آءٌ پڄي نٿي سگهان.“
”پڄندا به ڪيئن؟ اسين اديب لفظن جا ئي ته کيڏاري هوندا آهيون.
فوٽو ڪڏهن ملندو؟“
”چڱو بابا! سڀاڻي ملي ويندو.“
“Thank you!”
فيضان ٿورو ترسي: ”رابيل صاحبه!“
”جي.“
”پنهنجو خيال رکجو.“
”مهرباني.“
رابيل موڪلائي فون رکي وري سوچن ۾ گم ٿي وئي. هن سوچيو ته سندس
Rude
۽ سنجيده رويي ڪري اڪثر ماڻهو هن کان پري ڀڄندا هئا ۽ کين هن
سان فري ٿيڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي ۽ هڪ هي شخص
آهي!‘ هن تي سندس رويي جو اثر ئي ڪونهي، بلڪه ديده
دليريءَ سان پنهنجو ازلي حق سمجهي هن جي زندگيءَ ۾
داخل ٿي رهيو هو. بهرحال کيس سندس اها صاف گوئي ۽
بي ڊپائي سٺي لڳي هئي. هو انهن منافقن کان بهتر
هو، جيڪي بظاهر مٿان اخلاق جو کوپو چاڙهي گهمندا
آهن، پر اندران بگهڙ هوندا آهن. ڪجهه ته هوندو هو
هن جي لهجي ۾. محبت، پيار، پنهنجائپ، حجت.... ۽
پوءِ رابيل جي ڪنن ۾ سندس چيل هي جملو بار بار
گونجڻ لڳو.
”پنهنجو خيال رکجو.“
”پنهنجو خيال رکجو.“
”پنهنجو خيال رکجو.“
.....۽ پوءِ رابيل سالن کان پوءِ مُرڪي هئي.... دل سان....
پرهيءَ مرڪ به عجيب هئي، چپن تي مرڪ هئي ۽ اکين ۾
پاڻي.
***
اهڙيءَ طرح هفتو کن گذري ويو، ان بعد هڪ ڏينهن وري فيضان جي فون
آئي ته سندس آواز ٻڌي رابيل هڪ گهرو ساهه کنيو ۽
چيو:
”ها فيضان صاحب! ڪهڙا حال آهن؟ ڪافي ڏينهن کان پوءِ فون ڪئي
اٿو!“
”جي ها. ڪتاب جي ڇپائي ۽ پروگرام جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪافي
مصروف هئس. توهان لاءِ هڪ سٺي خبر آهي. ڪتاب ۽
فورم جي مهورت ۽ تصويرن جي نماءُ جو سمورو انتظام
مڪمل ٿي چڪو آهي. سڀني آرٽسٽن جون تصويرون مون
تائين پهچي ويون آهن، باقي توهان جون تصويرون رهيل
آهن.“
”ٺيڪ آهي، آءٌ سڀاڻي موڪلي ڏيندس.“
”موڪلي ڏيڻ بدران جيڪڏهن پاڻ اچو ته بهتر ٿيندو. نماءُ هال ۾
تصويرن جي
Arrangement
بابت صلاح مشورو ڪري وٺنداسين.“ فيضان چيو: ”ڏسو،
پليز، انڪار نه ڪجو!“
”فيضان صاحب! آءٌ ته توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪي آهيان ته مون
کي اهڙين سرگرمين کي ڇڏيندي سال ٿيا آهن.“ رابيل
ساڳي ڪٿا شروع ڪئي، ”هاڻي مون کي پنهنجي تصويرن جي
نماءُ وغيره سان ڪابه دلچسپي ڪانهي، نه ئي مون
نيون تصويرون ٺاهيون آهن. ڪجهه اڳي جون ٺهيل
تصويرون به صرف آءٌ توهان جي اصرار تي موڪلي رهي
آهيان نه ته ذاتي طور تي مون کي هاڻي نه شهرت سان
دلچسپي آهي ۽ نه ئي وري
Active
ٿيڻ جو شوق اٿم.
”آخر ڇو؟“ فيضان کان رهيو نه ٿيو، ”اهڙي ڪهڙي
ڳالهه آهي جو توهين هاڪاريت بدران ناڪاريت جي
گهيري ۾ اچي ويون آهيو! آرٽسٽ ۽ خاص ڪري توهان
جهڙا آرٽسٽ ته انهن گهيرن کي ٽوڙيندا آهن ۽
توهين؟“
رابيل جي لهجي ۾ ڪاوڙ اوتجي آئي. ”اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي.“
”ڇا توهان جو پاڻ ۾ اعتماد نه رهيو آهي.“
”نه!“ رابيل مختصر جواب ڏنو. ”مون کي ڪنهن تي به اعتبار نه رهيو
آهي. پاڻ تي به نه!“
”رابيل صاحبه! سڀ ماڻهو هڪجهڙا نه هوندا آهن.“ فيضان ٿڌو ساهه
ڀريو. ”۽ منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجو. زندگيءَ ۾
جيڪڏهن ڪو سٺو ماڻهو مليو ته ان تي اعتماد ڪجو. ان
جي حوصله شڪني نه ڪجو.“
رابيل جي لهجي ۾ تلخي هي. ”مشوري لاءِ مهرباني. تصويرون توهان
کي سڀاڻي ملي وينديون.“
”ٽيڪ آهي. هڪ ٻن ڏينهن ۾
Launching Ceremony
۽ تصويرن جي نمائش جا ڪارڊ به ڇپجي اچي ويندا ته توهان سان
رابطو ڪندس.“
اهو چئي هن فون بند ڪري چڏي. رابيل مستقل اهو سوچيندي رهي ته
انهن ڏينهن ۾ هو تقريباً روز فون ڪندو هو ۽ بظاهر
ڪم سان، پر ڇا ڪم جو محض بهانو ڪري هو ساڻس
ڳالهائڻ چاهيندو هو. ڪيڏي مهل هو کيس انتهائي سچو
۽ کرو انسان لڳندو هو، ته ڪڏهن بيحد چالاڪ. هوءَ
ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهندي هئي ته هن سان وڌيڪ
ڳالهه ٻولهه ڪجي يا نه. ائين هڪ ٻه ڏينهن گذري
ويا. هن فون نه ڪئي، پر اهڙن ڏينهن ۾ به غير ارادي
طور رابيل جا ڪن فون جي گهنٽي ٻڌڻ جا متظر رهندا
هئا ۽ پوءِ نيٺ هن وري فون ڪئي هئي ۽ چيو:
”رابيل صاحبه! هڪ ڀيرو وري زحمت ڏئي رهيو آهيان. دراصل پروگرام
جا ڪارڊ ڇپجي چڪا آهن. مون توهان لاءِ پنج ڇهه
رکيا آهن ته جيئن توهين پنهنجي پاران ڪنهن کي ڏيڻ
چاهيو ته ڏئي سگهو.“
”نه مون کي فقط هڪ ٻه موڪلي ڏيو. مون کي وڌيڪ ماڻهن کي انوائيٽ
ڪرڻو ئي ناهي. آءٌ ڊرائيور کي موڪليان پئي. توهان
هن کي ڪارڊ ڏئي ڇڏجو.“
”رابيل صاحبه! مون کي خوشي ٿئي ها جيڪڏهن اچي ڏسو. هونئن آءٌ
آفيس ۾ وڌ کان وڌ ساڍي ستين تائن ويهندو آهيان، پر
توهان جو آءٌ اٺين وڳي تائين انتظار ڪندس.“
هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل ڄڻ گم سم ٿي وئي. ڇا هو
سندس لهجي ۾ .......!
پيار التجا انتظار آس.....
.........۽ گهڻو ڪجهه.
ھوءَ پريشان ٿي وئي. عادت مطابق هن وڃڻ نه پئي چاهيو، پر کيس
اهو سوچي ڏک به ٿيڻ لڳو ته هوءَ نه ويندي ته شايد
فيضان
hurt
به ٿئي... پر هوءَ فيضان جي والهانه گفتگوءَ کان
ئي ته خوفزده هئي. هن سوچيو: نه ....نه... هاڻي
آءٌ ڪنهن کي به پنهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ نه ڏيندس.
هاڻي ته مون ۾ برداشت به نه رهي آهي. مون ۾ وڌيڪ
hurt
ٿيڻ ۽ وڃائڻ جي همٿ ڪانهي. هي شخص ڇو وري منهنجي
زندگيءَ کي
disturb ڪرڻ
ٿو چاهي. هوءَ پلنگ تي ويهي رهي. ڪمري ۾ بي پناهه
خاموشي هئي. فقط گهڙيءَ جي ”ٽڪ _ ٽڪ“ خاموشيءَ ۾
هلڪو ارتعاش پيدا ڪري رهي هئي. کييس محسوس ٿيو ته
هن وقت فيضان به تمام بيچين هوندو. آس ۽ نراس جي
ٻه_ واٽي تي بيٺل، هوءَ بي اختيار اٿي آئيني جي
سامهون اچي بيٺي ۽ پنهنجي چهري، وارن ۽ شخصيت جو
جائزو وٺڻ لڳي ته کيس ڏهه سال اڳ واري اسٽائلش
هيئر ڪٽنگ ۽ ڊريس واري نوجوان ڇوڪريءَ جو پرتؤ به
نظر نه آيو هو. سندس چهري تي وقت ۽ گذريل تجربن
اداسي ۽ ميچورٽيءَ جا نقش ڇڏي ڏنا هئا. هوءَ وري
پنهنجي وارڊ روب ڏانهن وڌي ۽ هلڪو گلابي وڳو ڪڍي
پلنگ تي رکي ان جو جائزو وٺڻ لڳي ۽ پوءِ وري هڪ
اچو پرنٽيڊ وڳو ڪڍيائين.... ۽ وري هلڪو
سائو....ڪهڙو سوٽ پائي وڃان؟ هي....نه هي.....! پر
اوچتو ئي سندس نظر وري آئيني تي پئي. سندس بي
ترتيبيءَ سان وکريل وارن جون ڪجهه لٽون چهري تي
پکڙيل هيون ۽ چهري تي عجيب وحشت ڇانيل هئي. اهو
ڏسي سندس جوش ختم ٿي ويو. هن سوچيو هي هن عمر ۾
مون کي وري چا ٿي ويو آهي! ڇا خوبصورت لباس منهنجي
چهري تي چانيل ڏک ۽ تلخ تجربن جي رنگ کي مٽائي
سگندو... نه ... نه ..... مون کي ناهي وڃڻو.
ڇو وڃان....؟
ڪير آهي آخر هو منهنجو ....؟!
ڇو پرواهه ڪريان هن جي ....؟
هوءَ ڪپڙا واپس وارڊ روب ۾ رکي ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڪرسيءَ تي
ويهي رهي .... ڪجهه دير ائين ويٺي رهي ۽ پوءِ ڪو
فيصلو ڪري اٿي بيٺي ۽ پوءِ پيرو بابا کي ڊرائيور
موڪلي فيضان صاحب کان وڃي ڪارڊ وٺي اچڻ جي هدايت
ڏيڻ لڳي.
ائين تقريباً اڌ ڪلاڪ بعد فون جي گهنٽي وڳي ته هن جي دل زور سا
ڌڙڪي هئي. هن ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کنيو ۽ ڏاڍي
مشڪل سان ”هيلو“ چيو. ٻئي پاسان فيضان جو مايوس ۽
ٿڪل آواز ٻڌائين ته بي اختيار چيائين:
”فيضان صاحب! مون ڊرائيور کي موڪليو آهي. اڃا تائين نه پهتو آهي
ڇا؟“
فيضان جي آواز ۾ ڏک هو. ”ها! هو ته مون وٽان هاڻي ئي ڪارڊ کڻي
ويو آهي. رابيل صاحبه! آءٌ هينئر ساڍي اٺين تائين
محض ان آس تي ويٺل هئس ته شايد توهين پاڻ
اينديون.... پر ڇا ڪجي....؟ توهان تي ڪنهن ڳالهه
جو اثر ئي نٿو ٿئي. توهان کي وڌيڪ ڪجهه چوڻ ئي
فضول آهي. آءٌ هاڻي گهر پيو وڃان. بس هڪ مهرباني
ڪجو ته منهنجي پروگرام ۾ ضرور اچجو. ائين نه ٿئي
ته ان ۾ به نه اچو!“
”نه نه!“ رابيل هٻڪي، ”ان پروگرام ۾ ته ضرور ايندس.“
فيضان موڪلائي فون بند ڪري چڏي. هن وقت فيضان کي ڏکوئي هوءَ پاڻ
به اداس ٿي وئي هئي. هن سوچيو ته آءٌ هن کي ڪيئن
سمجهايان ته جيترو وقت هن انتظار جي اذيت ۾ گذاريو
هو، هوءَ پاڻ به پنهنجي اندر اهو ڏک ۽ اذيت هر
لمحي محسوس ڪري رهي هئي. پر.... هن سوچيو ڇا
ڪريان؟ .... سڀ خواب وکري ويا آهن.... آءٌ ڪنهن کي
ڇا ٿي ڏئي سگهان....؟ ڪيئن ٻڌايان کيس ... ڪيئن
سمجهايان کيس ....؟!!!
*** |