سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :7

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم: امر سنڌو                                                  حصو پنجون

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقطّ خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ باربار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جئين اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.“

جڏهن لاله ٿور ٻڌو ته ياسمينه هڪ بدڪ جو نالو سندس نانءُ تي رکيو آهي ته هوءَ سخت ڪاوڙي _ ناناتازيءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ گهرايائين. ڊرائنگ روم ته ڇا، هيءُ سندس محل جهڙي عمارت هئي. اندر باغيچو ۽ وڏو ڦوهارو هڪ ميٽر ڊگهي اٽالين شيشي جي ديوار..... نانو نه چاهيندو به، ڊگهيون وکون کڻندو، هٿ ۾ قرآن کنيل، ائين ظاهر ڪرڻ ته ڄڻ سندس عبادت ۾ رُخنو وڌو ويو هجي. هميشه جيان هن کي سفيد سوٽي پاجامو، سفيد شيفون جي قميص پاتل هئي. پيرن ۾ ڦڪي چمڙي جي جُتي، گهر اندر جُبو فقط مهمانن سان ملڻ لاءِ ئي پائيندو هو.

جسماني طور تي نانو عين اُترئين رف علائقي جو لڳندو هو. سندس خاندان جو تعلق به اُن ئي جاءِ سان هو. ڊگهو قد، سنهو سيپڪ، نوڪدار چهرو، صاف کليل رنگت، ڀوريون ۽ ننڍيون اکيون، مغرورانه بناوت اُتر جا رهاڪو ڏاڍا خوددار ۽ گهٽ ڳالهائو ٿين ٿا ۽ ناني کي ته زالن جي جهيڙي ۽ هر قسم جي جهيڙي کان سخت نفرت هئي. هڪ دفعي ته ناني سڄو سال نانيءَ ياسمينه سان ڳالهه ٻولهه بند رکي، ڇوته هُن مهيني ۾ ٻه ڀيرا جهيڙو ڪيو هو. پر اُن واقعي کان پوءِ ناني ٽن سالن ۾ هڪ کان گهڻا دفعا جهيڙو ڪندي هئي. پر هن دفعي بدڪ جو معاملو هو ۽ سڄي فارم تي اهوئي فسانو کڙو ٿيل هو.

لاله ٿور پهرين ناني کي چانهه پيش ڪئي ۽ اُن کان پوءِ چيائين:

”جيڪڏهن بدڪ جو نالو تبديل نه ٿيو ته مان گهر ڇڏي هلي وينديس.“

اها هڪ مذهبي ڏهاڙي جي شام هئي ۽ لاله ٿور ٺهي جُڙي ويٺي هئي، پنهنجو تاج به پائي ويٺي هئي. ڳري رقم واري ڪافتان واري جوڙي ۾ ، جنهن تي اصلي موتي ۽ ياقوت جڙيل هئا، کيس اُهو جوڙو پاتل هو، جنهن مان اُن جي خاص حيثيت ظاهر ٿي ٿي. پر ناني کي اهو سڀ اجايو ٿي لڳو جو کيس پتو هو ته ياسمينه مڃڻ وارن مان نه آهي، هو سخت ضدي عورت آهي.

سندس ڪنهن به عجيب عادت کي ڇڏارائڻ لاءِ وقت لڳندو هو. مثلاً وڻن تي چڙهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڻن تي ويهڻ، ان ۾ هوءَ پنهنجن پهاڄن کي به داخل ڪري وٺندي هئي. پر ياسمينه جي نجات ان ۾ هئي ته هوءَ ناني کي کلڻ تي مجبور ڪري وٺي ۽ اهو تمام ڏکيو ڪم هو، ڇوته نانو تمام سنجيده ماڻهو هو. پر هينئر لاله ٿور جي پُرآسائش ڪمري ۾ ڦاٿل ناني شرارت سان تجويز ڏئي ته هو به پنهنجي بدشڪل ڪتي جو نالو ياسمينه تي رکي ڇڏي. پر لاله ٿور مذاق جي موڊ ۾ نه هئي.

”تون، صفا ياسمينه جي جادوءَ ۾ جڪڙيل آهين.“ هن رڙ ڪندي چيو. جيڪڏهن، تنهجو اهوئي رويو رهيو ته سڀاڻي هوءَ پنهنجي گڏهه جو نالو سدي تازي رکندي. اها عورت ننڍي وڏي جو احترام نٿي ڪري. اٽلس جي پهاڙن جي رهاڪن جيان اها به شرپسند آهي ۽ هن شريفاڻي گهر ۾ افرا تفري مچائي رهي آهي ۽ هاڻي يا ته هوءَ بدڪ جو نالو تبديل ڪري يا مان گهر ڇڏي وڃان. ڪهڙي خبر هُن توتي ڪهڙو جادو ڪيو آهي. خوبصورت ته صفا ناهي، ڊگهي ساري بنهه ڀيانڪ زرافي جهڙي.

اهو سچ هو ته ياسمينه لاله جيان روايتي حُسن جو مجسمو نه هئي. لاله ٿور جي ڳوري چمڙي، ڳورو رنگ، چند جهڙو گول چهرو، سڊول جسم ۽ جسم جي اُڀارن جي سهڻي نقشن واري، جڏهن ته ياسمينه جو ڀورو رنگ اُس ۾ سڙيل، ڪوهستانين جهڙي ڊگهڙي چهري تي اُڀريل، ڳل، ڇاتي نه جهڙي ۽ قد هڪ سو اسي سينٽي ميٽر، بس ناني کان ٿورڙو ئي گهٽ ۽ ڊگهيون ٽنگون، جن سان هوءَ آساني سان وڻن تي چڙهندي ۽ قسمين قسمين جسماني ڪرتب ڏيکاريندي. ڪافتان اندر اُن جون ٽنگون ڪاٺين جيان، جنهن کي لڪائڻ لاءِ هن کي پنهنجي گهنجن سان سبيل شلوار پاتل هوندي هئي. ڪافتان جي چاڪن کي به گهرو ڪٽيندي هئي جيئن ٿورو ڳري، ٿلهي متاري نظر اَچي. پهرين ته لاله ٿور ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته سڀ هن جي انوکي لباس جو مذاق اوڏائين پر آهستي آهستي سڀئي پهاڄون هُن باغي عورت جو نقل ڪرڻ لڳنديون هيون. ڇو ته ننڍي ڪافتان ۽ وڏن چاڪن سان کين گهمڻ گهتڻ ۾ آساني محسوس ٿيندي هئي.

جڏهن نانو ياسينه وٽ بدڪ جي شڪايت کڻي ويو ته نانيءَ ڪابه خاص همدردي ڪانه ڏيکاري، چوڻ لڳي ته ”جيڪڏهن لاله ٿور هلي به وڃي ته پوءِ ڇا ٿيو؟ تون ڪابه اڪيلائپ محسوس ڪندين، تو وٽ هونئن به سار سنڀال لاءِ اٺ کن ڪنيزون ته هڪيون تڪيون آهن.“ ان تي ناني ياسمينه کي رشوت آڇيندي چيو:

”مان توکي تزنت مان ڳرا چانديءَ جا ڪنڱڻ گهرائي ٿو ڏيان، اُن جي عيوض، بدڪ جو ڪوس ڪوس يعني قرباني ٿئي.“ ياسمينه ڪنگڻ رکي ڇڏيا ۽ چيائين ته مون کي ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهُرجي.

ٻي جمعي تي هوءَ هڪ نئين تجويز کڻي آئي ۽ چيائين ته آخر هوءَ بدڪ کي ڪيئن ذبح ڪري؟ نيٺ ته هن جو نالو لاله ٿور هو. هوءَ لاله ٿور کي ڪيئن ذبح ڪري! ”هيءُ ڪو سٺو سنؤڻ ته نه ٿيندو. ها پر مان واعدو ٿي ڪريان ته بدڪ کي سَرعام ان نالي سا نه سڏيندس.“

پوءِ ٻيو قصو هو شاهه فاروق جو، جيڪو فارم ۾ هڪ مور جو نالو هو. مصر جي بادشاهه جي نالي تي مور جو نالو ڪير رکي؟ اهو فرعون فارم تي ڇا پيو ڪري.....؟ ڳالهه حقيقت ۾، اِها هئي ته ياسمينه ۽ سندس ٻين پهاڄن کي مصر جي بادشاهه کان نفرت هئي، ڇوته هُن پنهنجي خوبصورت زال فريده کي ڇڏي ڏنو هو. (نيٺ جنوري 1948ع ڏينهن ۾ کيس طلاق به ڏيئي ڇڏي) اهو ظلم نيٺ ڇو....؟ ڇا فريده ڪو ناقابل معافي ڏوهه ڪيو هو؟ هن فقط ٽن ڌيئن کي جنم ڏنو، جيڪي تخت جون جانشين نه پيون ٿي سگهن!

اسلامي قانون مطابق عورت حڪمران نه پئي ٿي سگهي، جيتوڻيڪ صديون پهرين ائين ٿي چڪو هو. ناني ٻڌايو ته ملڪ جي ترڪ فوج جي مدد سان شجره الدر پنهنجي مڙس سلطان الصالح جي وفات بعد مصر جي تخت تي ويٺي. هوءَ هڪ ترڪ نسل جي ڪنيز هئي ۽ هُن چئن مهينن تائين حڪومت ڪئي. اُنهن مردن کان نه بهتر ۽ نه وري بدتر جيڪي هن کان پهرين ۽ هن کان پوءِ تخت تي ويٺا. پر سڀئي مسلمان عورتون شجره الدار وانگر عقلمند ۽ ظالم نٿيون ٿين. جڏهن سندس مڙس ٻي شاديءَ جو فيصلو ڪيو ته هن وقت جو انتظار ڪيو ۽ هڪ ڏينهن سندس مڙس وهنجڻ ۽ آرام لاءِ حمام ۾ ويو ته هن دروازو بند ڪيو ۽ پوءِ ان کي کولڻ وساري ويٺي ۽ هُو ٻاڦ ۽ گرمي ۾ سڙي ڀسم ٿي ويو.

پر ويچاري شهزادي فريده ايتري عادي ۽ مڪمل مجرم نه هئي ۽ نه ئي کيس محل جي انگ انگ سان پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ هڪ معمولي گهراڻي سان تعلق رکندي هئي. انڪري فارم تي ناني بابي جي زالن کي به فريده سان همدردي هئي. ڇو ته سندن پنهنجو پس منظر به ساڳيو ئي هو. عورت جي ان کان وڏي ذلت جي بي ڪا ڳالهه نه هئي ته کيس گهران ڪڍيو وڃي، بس آشوب زده ٻلي جيان، ڇا عورتن سان اهو سلوڪ شريفاڻو هو.

ياسمينه ڳالهه اڳتي وڌائيندي چيو ته وڏي شاهه فاروق کي ته اهو به معلوم نه هو ته ٻار ڪيئن ٺهندا آهن، نه ته هو پُٽ نه ڄڻڻ تي عورت کي قصور وار نه سمجهي ها. آخر ٻار ڄڻڻ لاءِ ته ٻه فرد زال مڙس ٻئي گڏيل ذميوار آهن. خير اها ته مون کي به خبر هئي ته ٻار ڄڻڻ لاءِ گهوٽ ڪنوار کي سُٺا ڪپڙا پائي وارن ۾ گُل لڳائي هڪ وڏي بستري تي گڏجي سمهڻو پوندو آهي ۽ پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ٻار اچي ويندو آهي.

فارم تي شاهه فاروق جي ازدواجي خبرن کان آگاهي، ريڊيو قاهره وسيلي ملندي هئي. ريڊيو قاهره سڄي فارم کي باخبر رکندو هو ۽ ياسمينه يڪدم فيصله ڪن انداز ۾ ملامت ڪندي چوندي: ”هيءُ ڪهڙي قسم جو اسلامي سربراهه آهي، جنهن زال کي رڳو انڪري ڪڍي ڇڏيو آهي ته کيس پُٽ نٿو ڄمي.“ خدا خود قرآن پاڪ ۾ فرمايو ته ٻار جو نر يا مادي ٿيڻ، مُنهنجي حڪم سان ٿيندو آهي. جيڪڏهن قاهره ۾ اسلامي انصاف هجي ها ته فاروق کي تخت تان هٽايو وڃي ها، ويچاري حسين شهزادي فريده، جنهن کي محض جهالت ۽ تڪبر تي قربان ڪيو ويو هو.

جهالت ۽ غرور جي ڪري مصرين کي پنهنجي بادشاهه کي رد ڪرڻ کپي ها ۽ ائين فارمي مور شاهه فاروق جي نالي سان سڏبو رھيو. بادشاهه کي ڏوهاري ٺاهڻ ته ياسمينه لاءِ آسان هو پر طاقتور پهاڄ سان پڄڻ ٻي ڳالهه هئي. جيتوڻيڪ بدڪ کي پنهنجي رقيب جي نالي سان ياد ڪرڻ جي الزام کان هوءَ بچي نڪتي هئي.

لاله ٿور جو وڏو دٻدٻو هو. نانا تازي جي زالن مان صرف اُهائي وڏ گهراڻي شهري زال هئي. اُن جو پڻ پهريون نالو تازي هو. هوءَ سندس سؤٽ هئي ۽ پنهنجي ڏاج ۾ زمرد، نيلم ۽ موتين جو تاج به کڻي آئي، جيڪو هڪ وڏي صندوق ۾ مرداڻي اڱڻ ۾ رکيل هوندو هو. پر ياسمينه ٻين زالن جيان عام رواجي ڳوٺاڻي گهراڻي مان هئي، پوءِ به هوءَ متاثر ڪانه ٿي. ”تاج رکڻ سان ڪو ٻين کان بهتر ته نٿو ٿي پوي.“ هوءَ چوندي هئي، ”اگر امير آهي ته پوءِ ڇا ٿيو.... پوءِ به اسان جيان اچي هڪ حرم ۾ ڦاٿي آهي.“ مون ناني ياسمينه کان پڇيو ته حرم ۾ ڦاٿي آهي.“ مون ناني ياسمينه کان پڇيو ته حرم ۾ ڦاسڻ جو ڇا مطلب آهي؟ نانيءَ مون کي ڪيئي جواب ڏنا، جن سان مان پاڻ گهڻو مُنجهي پيس.

ڪڏهن هوءَ چوندي هئي ته حرم ۾ ڦاسڻ جو مطلب آهي ته عورت کي پنهنجي مڙس جو پيار ٻين سان ونڊڻو پوي ٿو. ياسمينه خود نانا تازي جي اٺ بقايا زالن سان مشترڪ حيثيت رکندي هئي يعني هُن کي اٺ راتيون اڪيليون گذارڻيون پونديون هُيون، جيئن هڪ رات ڀاڪرن ۾ گذري، پيار، محبت ۽ قرب ۾ وڏو لطف آهي. هوءَ چوندي هئي، ”شڪر آهي ته تنهنجي نسل کي پنهنجا مُڙس ٻين سان ونڊڻا، ورهائڻا ڪونه پوندا.“

قوم پرست جيڪي فرينچن خلاف جنگ وڙهي رهيا هئا. اُنهن هڪ نئين مراڪش جو واعدو ڪيو هو، جتي سڀ شهري، رهاڪو برابر هوندا. هر مرد جيتري تعليم جو حق به هر عورت کي هوندو. مرد صرف هڪ عورت سان شادي ڪندا. مُڙسن سان اڪيلي رهڻ جي اجازت هوندي. دراصل فيض ۾ 78 گهڻن قوم پرست ليڊرن ۽ ساٿين محض هڪ ئي شادي تي گذارو ڪيو هو ۽ گهڻن شادين کي هو حقارت سان ڏسندا هئا. بابا ۽ چاچا وڏو پڻ قوم پرستن جي نظر پيئي کان متاثر هئا ۽ ٻنهي به فقط هڪ هڪ شادي ڪئي هئي.

قوم پرست غلاميءَ جي پڻ خلاف هئا. ياسمينه چوندي هئي: ”مراڪش ۾ غلامي صديءَ جي شروع کان ئي رائج هئي.“ جيتوڻيڪ هن پاڻ ان کي غير قانوني قرار ڏنو هو ۽ ان جون ڪئي پهاڄون بازار مان خريديون ويون هيون. ياسمينه به چوندي هئي ته سڀئي انسان هڪجهڙا آهن. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اُنهن وٽ ڪيترا پيسا آهن. انهن جو خاندا ڪٿان جو آهي، اُنهن جو مذهب ڇا آهي ۽ هو ڪهڙي ٻولي ڳالهائين ٿا جيڪڏهن توهان ٻه اکيون، ٻه ٽنگون، ٻه هٿ ۽ هڪ نڪ رکو ٿا ته توهان به ٻين سڀني ماڻهن جهڙا آهيو. مون کيس ياد ڏياريو ته جيڪڏهن ڪُتي جون اڳيون ٻه ٽنگون، هٿ سمجهون ته اُهي به اسان جهڙا ٿي ويندا! ته هن فوراً جواب ڏيندي چيو ته ها، هو اسان جهڙا ئي هوندا سڀ جانور ساڳيا ئي آهن بس هڪ شيءِ کُٽل آهي ته هو ڳالهائين نٿا.

ياسمينه جون ڪيئي پهاڄون پرڏيهه مان خريديون ويون هيون. مثلاً ڪي سوڊان جهڙي ملڪ مان به آيل هيون ۽ گهڻيون ته مراڪش جون ئي هيون، جيڪي 1912ع ۾ فرينچن جي اچڻ واري افراتفريءَ ۾ پنهنجي ڪٽنبن کان وڇڙي ويون هيون.

”جڏهن حڪومت عوام جي خواهشن جي آئينه دار نه هجي“ ته ياسمينه چوندي هئي، ”ته عورتن کي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڇوته ان سان خوف ۽ هراس جو ماحول ٺهي پوندو آهي.“ ۽ ائين ئي ٿيو حڪومت ۽ اُن جا ڪارندا ۽ اهلڪار فرانس جي فوجن جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ اُن معاهدي تي صحيحون ڪري چڏيائون جنهنڪري مراڪش کي فرانس حوالي ڪرڻو پيو. پر عوام شڪست مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. صحرائن ۽ پهاڙن تي مزاحمت ۽ گهرو ويڙهه شروع ٿي ويئي.

ياسمينه چوندي هئي ته، ”ويڙهاڪ جانباز بهادر به هئا، پر پوءِ قسمين قسمين جا صلح پسند مجرم به نڪري پيا، جيڪي فرانسي فوجين سان جنگ ڪندا ۽ ٻين ماڻهن کي ڦريندا لٽيندا رهندا هئا. ڏکڻ ۾ صحارا رڻ پٽ جي سرحدن تي الحبا جهڙا بهادر به هئا ۽ پوءِ هو ۽ سندس ڀاءُ 1934ع تائين وڙهندا رهيا. منهنجي علائقي ۾ اٽلس جبلن تي غيرتمند موها ۽ هموزياني 1920ع تائين فرينچ فوجين کي اچڻ نه ڏنو. اُتر ۾ مجاهدن جي شاهزادي عبدالڪريم فرينچ ۾ اسپيني فوجن کي شڪست ڏني ۽ پوءِ اُنهن گڏجي 1926ع ۾ کيس هارائي ڇڏيو.

ان سڄي گهوٽالي ۾ ننڍڙيون ٻارڙيون، جبلن تان، غريبن جي گهرن مان زوري کڻي، شهر ۾ امير مردن کي وڪيون وينديون هيون. تنهنجو نانو به چڱو ماڻهو هو، پر اُن به اُهي ڇوڪريون خريد ڪيون. اهو اُن وقت جو رواج هو ۽ هاڻي تنهنجو نانو بدلجي ويو آهي ۽ هو قومپرستن جي حمايت ڪري ٿو، هاڻي هو به فردي آزادي، هڪ شاديءَ ۽ غلاميءَ جي خاتمي جو حامي آهي.

عجيب ڳالهه اها ته اسان سڀ زالون هاڻي اڃا به وڌيڪ هڪٻئي جي ويجهو آهيون،جيتوڻيڪ ڪجهه هڪ ٻه، اڃا به پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڳولها ۾ آهن. اسان ڀينرن وانگر گڏجي زندگي گهاريون ٿا ۽ تنهنجي ناني سان گڏ اسان پنهنجو ڪٽنب ٺاهي ورتو آهي. مان ته لاله ٿور بابت به پنهنجو خيال تبديل ڪري ڇڏيان ها، جيڪڏهن هوءَ اسان کي محض انڪري نيچ نه سمجهي ها ته اسان وٽ تاج ناهي!

بدڪ جو نالو لاله ٿور رکڻ به، دراصل ياسمينه جو نئين ۽ حسين مراڪش سان يڪجهتيءَ جو اظهار هو. اهڙو مراڪش جنهن ۾ سندس ننڍڙي ڏهٽي جو ورثو هو، هوءَ مون کي چوندي هئي:

ننڍڙي ٻارڙي، مراڪش ڏاڍي تيزيءَ سان بدلبو آهي ۽ بدلجندو رهندو.“ اُن جي پيشنگوئي سان ما ڏاڍي خوش ٿيندي هئس ته منهنجي هڪ حيرت انگيز ملڪ ۾ پرورش ٿيندي، جتي عورتن کي پڻ پنهنجا حق هوندا. مثلاً پنهنجي مُڙس جي اڪيلي زال هئڻ ڪري، هر رات سندس ڀاڪرن ۾ گذارڻ جو حق پڻ هوندو. ياسمينه جو مڙس اٺين رات هُن وٽ هوندو هو، پر هوءَ گهڻي شڪايت نه ڪندي هئي. نيٺ، بغداد جي عباسي خليفي هارون الرشيد جي هر زال کي نوسو نوانوي راتيون اوسيئڙي ۾ ڪٽڻيون پونديون هيون. لڳ ڀڳ ٽي سال. هوءَ چوندي هئي ته هاڻي حالتون بهتر آهن. چڱو هاڻي ته هڪ ماڻهوءَ وٽ هڪ ئي زال هوندي. ”هل ته جهرڪين کي اَن ڏيون“. ۽ پوءِ اسان باغ ڏي دوڙ پائيندا وينداهئاسين ۽ جهرڪين کي اَن داڻو ڏيندا هئاسين.

فوٽ نوٽ: حقيقت ۾ قانون اڄ به ڪونه بدليو آهي. اڄ اڌ صديءَ کان پوءِ به مسلمان عورتون هاڻي به گهڻ شادين واري رواج خلاف وڙهي رهيون آهن. پر قانونساز سڀئي مرد آهن ۽ چون ٿا ته اهو شرعي حق آهي ۽ ان ۾ تبديلي ممڪن ناهي. 1992ع ۾ خليفو حبيدي مراڪش خواتين اتحاد (جنهن جي صدر نامور جرنلسٽ حبيدي آهي) هڪ ڪروڙ کان وڌ نالن جي فھرست شايع ڪئي، جيڪي گهڻ شادين ۾ طلاق جي مخالفت ۾ هئا، ته هوءَ خودFundamentalist press  جو نشانو بڻجي ويئي. سندس خلاف فتوائون جاري ڪيون ويون ته اهڙين منڪر عورتن جي سزا، مرتد جي سزا (سزاءِ موت) هئڻ کپي. جيستائين عورتن جي حقن جو سوال آهي، اسلامي دنيا ته ناني ياسمينه جي دور کان به گهڻو پُٺتي هلي ويئي آهي. بنياد پرستن جو اهو رويو عورتن کي قانونسازيءَ کان ٻاهر رکڻ جو حربو آهي. گهڻو ڪري اسلامي حڪومتون ۽ اُن جا بنياد پرست مخالف، جيڪي پنهنجو پاڻ کي روشن خيال سڏائين ٿا، گهڻ شادين کي فيملي لاز ۾ شامل ڪن ٿا، انڪري نه ته ڪو اهو عام رواج آهي پر فقط انڪري ته اهي پنهنجي عورتن کي اهميت ڏيڻ نٿا چاهين. قانون، اسان وٽ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ناهي. عورت ۽ قانون جو هڪ ٻئي سان ڪو تعلق ناهي، ڇو ته عورتون قانون بدلائي نٿيون سگهن. مرد جو گهڻ شادين جو روڪڻ جو مطلب آهي ته عورت قانونسازيءَ ۾ حصيدار آهي ۽ سماج محض مرد جي خواهش جي پورائيءَ لاءِ ناهي. گهڻين شادين واري مسئلي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ مسلمان مُلڪ ڪيتري حد تائين جمهوري آهي ۽ جيڪڏهن اسان جمهوريت جي ڪسوٽي کي ان اصول تي سمجهون ته گهٽ مسلمان رياستون انساني حقن جون پاسدار آهن. فقط ترڪيءَ ۽ تيونس کي ئي ان سلسلي ۾ ترقي پسند چئي سگهون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com