ايتري ۾ ادي حاتل جي نُنهن ۽ پُٽ به آواز ٻڌي ڪمري مان ٻاهر
نڪري آيا. ادي حاتل کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
ڪامران چيو، ”ماسي، آءٌ به توهان جو پُٽ آهيان. مون کي جهڙي
امان تهڙا توهان. هن گهر کي به توهين پنهنجو گهر
سمجهو. پر جاويد ته سٺو سلجهيل ماڻهو آهي. ائين نه
ڪرڻ کپيس ها!“
”ابا، ڪامران تنهنجي مهرباني مون کي ته پنهنجي اولاد به پرايو
ڪري چڏيو!“
”ماسي، مون کي شرمندو ٿا ڪريون. آئيندي ائين نه چئجو؟“
ادي حاتل جي گهر آئي مون کي هفتو ٿي ويو، پر گهران منهنجي ڪير
به خبر ڪونه وٺڻ آيو. جهڙو ڪو اولاد مون مان بيزار
ويٺو هو. منهنجي دل ڀرجي آئي. زاهد به منهنجي خبر
ڪانه ورتي. زاهد هجي اوتارن مان واندو ته ڪنهن
ڳالهه جي خبر پويس. نشي مان هجي واندو ته ماءُ جي
به خبر وٺي!
هڪ ڏينهن ادي حاتل چيو، ”ادي نوربانو، تون پنهجن ڀائرن ۽ ڀيڻ کي
ٻڌاءِ ته جاويد کي سمجائين؟“
”ادي، جن مڙس جي وڃڻ کان پوءِ خبر نه ورتي. تن کي ٻڌائي ڇا
ڪريان. آءٌ ته انهن لاءِ جيئري مري وئي آهيان!
ڀاڄايون ته پاڻ خوش ٿينديون ته اولاد تي ناز هُيس
۽ مرڪرڪندي هئي. انهن مان هڪڙو موالي نڪتو، ٻئي
وري گهر مان ڪڍيس. نه آءٌ ڪٿي در تي ڪانه ويندس.
ان کان ته سٺو آهي ته آءٌ ڪٿي پورهيو وڃي ڪريان ته
اُتي به پئي ٽُڪر کائيندس. هاڻ هن شهر ۾ دل ڪانه
ٿي لڳي. هي شهر مون کي کائڻ ٿو اچي!“
”ادي نوربانو، زاهد جو ڇا ٿيندو؟“ حاتل ڳڻتيءَ مان چيو.
”ادي حاتل، زاهد جا هاڻ کٽن ڀاڳ. زاهد جي سر جي ڪري ئي مون سڀ
ڪجهه پئي سَٺو ۽ بي عزتي پئي پنهنجي ڪرايم. هاڻ
گهڻو ٿيو منهنجي دل ۾ طاقت ڪانهي جو آءُ سهان.
تنهنجو ڪو ڄاڻ سڃاڻ هجي ته آءٌ انهن وٽ وڃي ڪم
ڪريان؟“
”ادي، اڳي منهنجي ڀائٽيءَ مون کي چيو هو ته ڪا اهڙي مائي ملي
جيڪا منهجا ٻار سنڀالي، ڇو جو هوءَ به نوڪري ٿي
ڪري. جي چئين ته آءٌ ان کان فون ڪري پڇان؟“
”ها ادي حاتل، تون مهرباني ڪري فون تي فرزانه سان ڳالهاءِ. ٿي
سگهي ٿو ڪنهن مائيءَ جي ضرورت هجيس.“ حاتل فون تي
فرزانه سان ڳالهه ڪئي. ٻئي ڏينهن فرزانه جي گاڏي
مون کي وٺڻ آئي. هلڻ مهل ادي حاتل روئي ڏنو.
”ادي نوربانو، اجايو هتان وڃڻ جو کڻي ضد ڪيو. ٻئي ڄڻيون واڳيون
ساڳيون ويٺيون هجون ها!“
ڪامران ۽ ان جي زال ڪوثر به مون کي گهڻيون منٿون ڪيون. ”ماسي
توهين اسان وٽ ئي ويٺيون هجو ها. آءٌ ڪو توهان جي
کارائڻ ۾ کٽي ڪونه پوان، مون کي توهين ماءُ جهڙيون
ئي آهيو. اسان کي وسارجو نه!“
”ڪامران پٽ! ادي حاتل جون مون تي وڏيون مهربانيون آهن. هن مون
کي پنهجن کان وڌيڪ عزت ۽ محبت ڏني. آءٌ توهان سڀني
جا ٿورا ڪڏهن به ڪانه وساري سگهنديس.“ مون به روئي
ڏنو. الله واهي ڪري آءٌ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس. پنهنجو
گهر ۽ شهر ڇڏيندي، جيڪا منهنجي دل تي گذري، سا مون
کي خبر آهي. دل تي کڻي پٿر رکيم. چوندا آهن نڌڻڪا
گهوڙا غئباڻا هسوار؟!
نئون شهر نوان ماڻهو. آءٌ اچي فرزانه جي گهر ٿيس. فرزانه ۽ ان
جو مڙس اقبال مون سان پنهنجن وانگر مليا. مون کي
گهڻي عزت ڏنائون، ڄڻ ڪا هنن جي سڳي ماءٌ هجان. مون
کي انهن جو سڀاءُ ڏاڍو وڻيو. دل کي جهڙو آٿت اچي
ويو!
مون کي هتي اچي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ پنهنجي گهر پنهجي ڌيءَ وٽ
آئي هجا. اقبال ۽ فرزانه مون کي چيو. ”اڄ کان اسين
توهان کي امان ڪري سڏينداسين. هي بلڪل پنهنجو گهر
ڪري سمجهجو.
هنن کي ٻه ٻار هئا. هڪ ڌيءَ، ڇهن سالن جي جيڪا اسڪول ويندي هئي،
ٻيو هڪ ٻن سالن جو پُٽ. پاڻ ٻئي زال مڙس نوڪري
ڪندا هئا. گهر ۾ ڪم واري مائي به هئي، جيڪا سڄي
گهر جو ڪم ڪندي هئي. مون کي رڳو ٻارن جي سار سنڀال
ڪرڻي هئي. آءٌ هن گهر ۾ اچي خوش ٿيس. هڪ ته محبت ۽
عزت ملي. ٻيو ٻارن جي وندر به ملي ويم. ٻار به مون
سان اهڙو هري مري ويا، ڄڻ مون کي اڳي کا سڄاڻيندا
هجن. جڏهن پنهنجو گهر ۽ ٻچا ياد ايندا هئا ته دل
ڏک کان ڀرجي ايندي هئي، پر پنهنجي دل تي جبر ڪيو
ويٺي هيس. پنهجي عزت کان مٿي ڪا شيءِ ڪانهي.
”ادي حاتل، ٻئي ٽئين ڏينهن پئي فون ڪري خبر چار وٺندي هئي!“
”ادي نوربانو، ٻڌواٿم تو واري ننهن توکان سواءِ خوش آهي. سڄو
گهر جو نويڪلو مليو اٿس. ماڻهن کي پئي چئي منهنجي
سس ته زريءَ ڳالهه تان گهر ڇڏي وئي هلي. باقي زاهد
ويچارو آهي ڌڪن ٿاٻن ۾!“
”ادي حاتل، آءٌ ڇا ٿي ڪري سگهان. جيڪو سندس نصيب! پاڻ سان پاڻهي
ڪئي اٿس. آءٌ دعا جي سوا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهان!
الله نگهبان اٿس!“
هت آئي مون کي ڇهه مهينا ٿي ويا. وسريو ته ڪير به ڪونه هو . پر
عزت سان وقت پئي گذريو!
هڪ ڏينهن ادي حاتل جو فون آيو.....فون تي ٻڌايائين ته زاهد کي
پوليس پڪڙي وئي آهي!
آءٌ پريشان ٿي ويس. ادي حاتل کان پڇيم ته زاهد کي پوليس ڇو وٺي
وئي آهي ؟ اها ته هن کي خبر ڪانه هئي. پر هن
ڪامران کي چيو آهي ته هو اها خبر لهي.
فرزانه ۽ اقبال به آفيس ويل هئا. مون سڄو ڏينهن پريشانيءَ ۾
گذاريو. نه ماني وڻي، نه ڪا ڳالهه وڻي. ڪيترو به
پاڻ کي اولاد کان پري ڪريان، پر وري به ماءُ جي دل
هئي ممتا به عجيب شيءِ آهي!
شام جو فرزانه ۽ اقبال گهر آيا. مون کي ايڏو پريشان ڏسي
گهٻرائجي ويا... ”امان ٻيو ته خير آهي نه. ٻار ته
ٺيڪ آهن!“
”ها ٻار ته ٺيڪ آهن، پر منهنجي پُٽ زاهد کي پوليس جهلي وئي
آهي!“ مون چيو.
هو ٻئي پريشان ٿي ويا... ٻنهي مون کي آٿت ڏيندي چيو. ”امان،
توهين پريشان نه ٿيو. اسين جو ويٺا آهيون. زاهد کي
ائين ٿوروئي ڇڏينداسين. توهان فڪر نه ڪريو، پاڻ
صبح جو سوير هلنداسين!“
ٻئي ڏينهن فرزانه ۽ اقبال موڪل ورتي. اسين سڀ گاڏيءَ ۾ روانا
ٿياسين. دل ۾ چيم شابس ته هنن پراون کي هجي، جو
منهنجي لاءِ موڪل وٺي مون سان هليا آيا. ٽن ڪلاڪن
۾ پنهنجي شهر پهچي وياسين!
”آءٌ اندر گهڙڻ ساڻ ادي حاتل کي ڀاڪر پائي چنبڙي ويس. روئڻ کان
منهنجو آواز ئي نه نڪري....“
ادي نوربانو، الله تي رک. اهو سڀ سڻايون ڪندو، سڀ خير ٿيندو.“
هن آٿت ڏنو. ڪامران به مون کي تسلي ڏيندي چيو.
”ماسي! انشاءَ الله زاهد خير سان اچي ويندو، ان کي
ڪنھن وڏي ڏوھ ۾ نه پر نشي جي الزام ۾ اوتاري تان
ٻين سان گڏ جهليو اٿن.....اسين شام جو ٿاڻي تي
وينداسين.
”ابا ڪامران .... جاويد کي ڪو ٻڌايو توهان؟ جاويد ڪا ڀاءُ جي
خبر ورتي الائي نه؟“
”ادي نوربانو، جڏهن جاويد ماءُ جيجل جي خبر ڪانه ورتي ته ماءُ
ڪٿي آهي. سو وري ڀاءُ جي ڪهڙي پرواهه ڪندو. ادي
رتن ۾ چيرا آهن، ننهن کان ماس جدا آهي.....آخري
پهر آهي. قيامت جا ٻيا ڪهڙا پار ٿيندا!“
شام جو ڪامران ۽ اقبال گڏجي ٿاڻي تي ويا.... ڪافي دير ٿي وئي
هين. مون کي دل ۾ الاءِ ڪهڙا اجايا سجايا خيال پئي
آيا. رب سائينءَ کي پئي ستايم ته زاهد جي خير جي
ڪا خبر اچي.... پوليس منهنجي ٻچي کي ماريو هوندو
الاءِ!“
ڪامران اقبال رات جو دير سان آيا. مون اتاوليءَ مان چيو، ”ابا
ڇا ٿيو؟“
اقبال چيو، ”امان، توهان فڪر نه ڪريو، زاهد خير سان اچي ويندو.
زاهد ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. پوليس مڙئي خرچي پاڻي
ڪڍڻ لاءِ سڀني کي جهليو آهي!“
صبح جو سوير ڪامران اقبال گهران نڪري ويا. ويندي ويندي مون کي
دلاسو ڏئي ويا. ادي حاتل چيو، ائين ڳڻتي فڪر ڪرڻ
مان ڪجهه نه ورندو. ان کان سٺو آهي ويهي لک صلاواة
پڙهون؟ ادي حاتل صحيح ٿي چوين... مون فرزانه کي
پٿريون کڻي اچڻ لاءِ چيو. پوءِ وضوع ڪري سڄو ڏينهن
ئي پڙهيوسين. شام جو ڪامران اقبال آيا. اچي
ٻڌايائون ته ٿاڻي تي وياسين. پوليس ايف آئي آر ڪٽي
ڇڏي آهي ۽ ڪورٽ کان چئن ڏينهن جو رمانڊ ورتو آهي؟!
”ابا اقبال، هان ڇاٿيندو؟ منهنجي ٻچي سان پوليس الاءِ ڪهڙو حشر
ڪندي.... مون کي ته هاڻ ڪا ڳالهه ڪانه ٿي وڻي“....
”امان توهين ڇو ٿيون پريشان ٿيو. اسين جو ويٺا
آهيو. اسان وڪيل سان به ڳالهايو آهي. ان چيو آهي
اهو ڪو ايڏو وڏو ڏوهه ڪونه آهي جو ضمانت نه ٿئي.
وڪيل چيو آهي ته چئن ڏينهن کان پوءِ زاهد کي ڪورٽ
آڻيندا ته ضمانت ڪرائي وٺنداسين. انشاءَ الله“
”ڪامران ابا هڪ ڪم چوئين ڪندين؟“ ها ماسي چئو آءٌ حاضر آهيان.“
”ابا تون وڄي جاويد کي ٻڌاءِ. هو زاهد جو ڀاءُ آهي، من ڀاءُ جي
محبت من ۾ جاڳيس.“
”امان توهين ڇا ٿا سمجهو، جاويد کي خبر نه هوندي. سڄي پاڙي کي
خبر آهي. باقي جاويد کي خبر ڪانه هوندي.... امان
آءٌ جاويد وٽ ويو هوس، جاويد چيو، مان ڇا
ڪريانس.... مون کي اهڙي موالي ڀاءُ جي ضرورت
ڪانهي. جنهن مون تان ماڻهو کلائي ڇڏيا آهن.... مون
ته توهان جو به ٻڌايومانس. چيائين پاڻ ئي گهر ڇڏي
اسان کي سڄي پاڙي ۽ مائٽن وٽ خوار ڪري وئي آهي ته
ننهن گهر مان ڪڍيو آهي.... امان مون گهڻو چيومانس
ته ائين ناهي. ماسي ته سڌو اسان وٽ آئي پاڙي واري
ڪنهن سان به نه ملي ۽ پوءِ هوءَ هتان هلي وئي، پر
جاويد منهنجي هڪ نه ٻڌي.... ماسي مرڳو مون سان
وڙهي پيو..... چيائين ته انهن جا حمايتي آهيو ته
وڃي انهن کي ڇڏايو ۽ ڀُٽ ڀُٽ ڪندو گهر هليو ويو.“
”ابا ڪامران، جاويد جي طرفان آءٌ ٿي توکان معافي وٺان، تون دل ۾
نه ڪجان!“
”ماسي، مڙئي خير آهي. جاويد به منهجو ڀاءُ آهي. مون کي ڪا ڳالهه
دل ۾ ڪانه آهي.“
”ابا رت پاڻي ٿي ويو آهي. ڀاءُ جو ڪهڪاءُ ڪونه پيس. اڄ زاهد جو
پيءُ هجي ها ته اڪيلو نه ڇڏيس ها... مون کي هي
ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. پر منهنجي ڪا قسمت ڦٽل هئي.
ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه!“
صبح جو وري ٻئي ڄڻا جيئن ويا ته مٿان اچي شام ٿي.... مون کي
انتظار ۾ سک ئي نه اچي..... ڇو دير ڪئي اٿن....
ادي حاتل ويچاريءَ گهڻو ئي ماني کائڻ لاءِ چيو ته
ٻه ٽي گراهه ئي کڻي کاءُ ... پر مون کي ڪٿي ٿي
ماني نڙيءَ مان هيٺ لهي. پريشانيءَ ۾ ڪا به ڳالهه
ڪانه ٿي وڻي.
”ادي، انشاءَ الله اڄ زاهد جي ضمانت ضرور ٿيندي... الله وڏو
رحيم ڪريم آهي.“ ”ادي حاتل تنهنجي وات ۾ گلاب.
الله ائين ڪندو. آمين.“
آخر خدا خدا ڪري رات جو اٺين وڳي ٻئي ڄڻا آيا، پر سندن منهن لٿا
پيا هئا. ”ابا ٻيو ته مڙئي خير آهي نه!“ آءٌ
پريشان ٿي ويس.
”ابا ڪامران، تون ٻڌاي ته سهي ڇا ڳالهه آهي؟ زاهد جي اڄ ضمانت
ٿيڻي هئي، ان جو ڇا ٿيو؟“ هو وري به چپ رهيو.
”ابا منهنجو ساهه نه ڪڍو، آءٌ ته اڳئي مُئي پئي آهيان!“ ادي
حاتل ۽ فرزانه به چيو، ”آخر ڳالهه ڇا آهي... جو
توهان ٻڌائڻ نٿا چاهيو. ٻئي ڄڻا پريشان پيا لڳو.“
نيٺ اقبال ٻڌايو ته ”پوليس ضمانت ڪانه ورتي ۽ هنن
ڪورٽ کي ٻڌايو ته سڀني موالين کي ايڊز جي بيماري
آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي منهنجو ته هانءُ ئي ڪبني ويو، ”ابا ائين ته نه
چئو، منهنجي زاهد کي ايڊز جي بيماري نٿي ٿي سگهي.“
”امان اسين ڪٿي ٿا چئون، اهو ته پوليس ٿي چوي! انهن سڀن جون
ٽيسٽون ڪرايون اٿن، هڪ ٻن کي چڏي ٻين لاءِ چون ٿا
ته سڀن کي ايڊز آهي.“
ادي حاتل ۽ فرزانه مون کي تسلي ڏيڻ لڳيون. ادي نوربانو خدا خير
ڪندو، پوليس اچي ٿي آهي ڇتي. اسان کي ته لڳي ٿو
پيسن اوڳاڙڻ لاءِ ڪري پوليس اهو ٺاهه ٺاهيو آهي.
ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي.
”امان توهان پريشان نه ٿيو. سڀاڻي وڪيل سان ڳالهائي زاهد جو
پرائيويٽ ٽيسٽ ڪرائينداسين ڪندو ته سڀ صحيح
نڪرنديون!“ اقبال چيو.
”ابا زاهد جي ضمانت ڪير ڏيندو؟“
”امان توهين دل جاءِ ڪريو، آءٌ ڏيندس، زاهد جي ضمانت.“ اقبال
چيو.
”ابا الله توهان کي خوش رکي.“ منهنجي دل مان دعا نڪتي. ”ان جو
اجر ٿوهان کي الله ڏيندو. خدا توهان کي خوش رکندو.
مون رنڙيءَ سان ايڏا وڙ ڪيا اٿو!“
”امان اهي وري ڪهڙيون ڌارين واريون ڳالهيون ڪريو ٿا. معنيٰ اسين
توهان جا پٽ ڪونه آهيون!“ هنن ڏک مان چيو.
”نه ابا ائين نه چئو. توهين منهنجا پٽ نه هجو ها ته ايڏي مدد
مون سان ڪيئن ڪريو ها.“
ٻئي ڏينهن وڪيل جي مدد سان زاهد جون پرئيويٽ ٽيسٽون ٿيون. سي سڀ
صحيح هيون.... ٻئي ڏينهن زاهد جي ضمانت به ٿي
وئي.... ڪامران جن زاهد کي گهر وٺي آيا. مون کي
ڏسي زاهد ڀاڪر پائي مون کي چنبڙي ويو. ”امان ،
امان، تون مون کي ڇڏي اڪيلو ڪري ڪيڏانهن هلي
وئينءَ؟....
”ابا زاهد، تون جي رڳو منهنجو چوڻ وٺي نشو ڇڏي سڌرين ها ته اڄ
ايتري ۾ ڪونه پئون ها!“ زاهد روئيندي چيو ”امان
توهين سچ ٿيون چئو... مون دوستن جي چوڻ ۾ اچي
پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي ۽ توهان کي صدمو
پهچايو. اڳتي ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيندو؟“
”ابا الله ساڃهه ڏيندءِ.“
”امان، ادا جاويد ته بي رخيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ڀاءُ به ڪو
ايڏو بيحس ٿي سگهي ٿو. ادا جاويد جو مون کي تمام
گهڻو ڏک آهي.
”ابا زاهد، تون ڏک نه ڪر، مون ته سمجهيو آهي ته جاويد مون ڄڻيو
ئي ڪانه آهي ۽ نڪو ان سا اسان جو واسطو آهي.“ ادي
حاتل چيس ابا ڪامران ۽ اقبال به ته تنهنجا ڀائر
آهن. تون دل نه لاهه.
اقبال ۽ ڪامران به سمجهايس ته، ”تون ڇا لاءِ ٿو دل لاهين، اسين
ويٺا آهيون. بس هڪڙو واعدو ڪر وري ڪڏهن به نشي کي
هٿ ڪونه لائيندين ۽ انهن خراب دوستن سان ڪابه
دوستي نه رکندين!“ پر زاهد لاءِ ته اها سيکت ڪافي
آهي. اقبال ۽ ڪامران زاهد کي نشي ڇڏائڻ واري
اسپتال ۾ داخل ڪرايو.
ٻن مهينن ۾ زاهد ٺيڪ ٿي ويو. گهر به اچي ويو. زاهد هاڻ بلڪل ٺيڪ
هو. مون به وڃي سک جو ساهه پٽيو!
هڪ ڏينهن زاهد مون سان ۽ اقبال سان مشورو ڪري جاويد وٽ ويو. ان
کي چيائين يا ته اسان جي حصي جا پئسا ڏي يا جڳهه
وڪڻي اڌواڌ ڪري پئسا کڻون، باقي اسين هاڻ هتي ڪونه
رهنداسين. جاويد چيو ته هو جڳهه ڪانه وڪڻندو، باقي
زاهد جي حصي جا پيسا کيس ڏئي ڇڏيندو. پوءِ زاهد
پئسا وٺي هفتي اندر موٽي آيو.
پڇيو مانس، ”ابا، جاويد ڪيئن هو؟ منهنجي باري ۾ ڪو پڇيائين؟“
”امان، تون ته الاءِ ڪهڙين خوش فهمين ۾ آهين....!
منهنجي دل ڏک کان ڀرجي آئي. اکين مان ڳوڙها ڪري پيا.... اقبال
جي مشوري سان زاهد ميڊيڪل اسٽور کوليو. الله جا
ڪرم شڪر اهڙا ٿيا جو زاهد جو اسٽور تمام سٺي نموني
سان پئي هليو. فرزانه جي ڪوشش سان زاهد جي شادي به
ٿي وئي.... زاهد کي ۽ مون کي... اقبال فرزانه الڳ
ٿيڻ نه ڏنو. پنهنجي جڳهه جو مٿيون پورشن خالي
ڪرائي اسان کي ڏنائون!
”اڄ زاهد بلڪل ٺيڪ ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿيو ويٺو آهي. سڄي ڳالهه ۾
فرزانه ۽ اقبال کي آفرين هجي، جيڪي پنهنجن کان به
پنهنجا نڪتا. آءٌ زندگيءَ ڀر انهن جو احسان نٿي
لاهي سگهان!“
*** |