سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :16

 

جان مئسفيلڊ

ريٽا شهاڻي

صرف سچ رهندو

انسان جي بيقرار روح کي

صرف هڪ ڪلاڪ ساهه جو مليو آهي،

جنهن ڪلاڪ جي اندر هُن کي

سچ جو جهاز جوڙڻو آهي

ان جهاز ۾ هو موت جي سمنڊ جو سفر ڪندو.

مون، جيڪو سونهن، بهادري، همت ۽ جواني

سڀ کسي وٺندو آهي،

سواءِ ”سچ“ جي!

Truth

Man with his burning soul

Has but hour of  breath

To build a ship of Truth

In which his soul may sail

Sail on the sea of Death

For death takes toll

Of  beauty, courage, youth

Of all but Tuth

JOHN MASEFILD

سمرپڻ اَميءَ کي

اچي ياد تنهنجي اڙي او امي!

سطح تي نه من جي تهن ۾ سمي،

اچن ننڍپڻ جون سمرتيون گهڻيون(2)

رڳو هئينءَ مون لاءِ تون ئي ته تون،

ٿڪس ٿي نه توکي چمي ۽ چمي،

سندر تون سڀن کان، سڀن کان سٺي

هئينءَ تون ته مون لئه سڀن کان مٺي.

نظر ڪين آئي ٿي تو ۾ ڪمي.

تياڳي خوشيون تو ڳڌو پاڻ غم،

قبوليو پتي _ ورت شيوا ڌرم،

حياتيءَ تنهنجي جيءَ نه آنڌي ٿمي.

ڏٺا جي به ڏاکڙا فقط تو ڏٺا،

جنڪ لاڏليءَ بعد تو ٿي سٺا،

غميءَ ۾ نه توڪا منائي غمي!

سکيائون ڏنئه، پر ته ڀي ڇا سکيم؟

سهن شيلتا(3) کي ڇا گرهڻ ڪيم؟(4)

چون ڀل ته تنهنجي ئي ڪک مان ڄمي.

ڏکن ڏاکڙن سان اڪيلي کڙي،

همت هوش ڌاري برابر لڙي،

پهاڙن ٽٽڻ سان نه اک ۾ نمي!

 

حميرا نور

غزل

صدين صدائون

شاعر ڪوتائون

ڪيئي راز رکن پيون

هٿڙن ريکائون

ڀر جي آيون يادن سان

اتر، هوائون

جبل جيڏي پنڌ ۾

پنهونءَ پڇائون

يادون ميڙي ٺاهيون

گيتن ملائون

شگفته جبين

نظر جو فريب

سُکن جا سوين سچ

 انڊلٺي رنگن جو ڏيک ڏئي

نظر جو فريب....

بڻجي ويا آهن ۽

هر سُو گهري ماٺار ۾

خاموش هوائن جون

پراسرار سرگوشيون اُڀرن ٿيون

ته......

ڌرتيءَ تان مُعجزن جا موسم

گهڻو اڳ.....

موڪلائي ويا آهن

پوءِ به نڄاڻ ڇو

سنگين مسافتن جو ٿڪ

اهي ئي نٿو.......

بي انت ......

جيون کُٽي ئي نٿو

 

شگفته جبين      

زندگي

ڄاڻان ٿي ته

زندگي....

ساعتن جو سفر آهي

پر .......

ظلم جي سوڙهين گهٽين ۾ جڏهن

ساهه به سوڙها ٿي پوندا آهن.

تڏهن.......

زندگي.......

ڪڏهن زندان ته ڪڏهن مقتل

جو اهڃاڻ بڻجي .......

پر پهر هر پل

هميشه ......

پنهنجي هجڻ سان گڏوگڏ

ڪجهه به نه هجڻ جو .....

احساس ڏياريندي آهي.

 

شهناز ڪنول

مون توکي يد ڪيو

زندگيءَ جو هر پل مون توکي آهي ياد ڪيو،

ڊٺل رُٺل زندگيءَ کي مان پنهنجو  پاڻ آباد ڪيو.

اکين مان وسيل لڙڪ برسات کي خير باد ڪيو،

وسنديون آهن وسن، ڪنهن پنهنجو گهر برباد ڪيو.

ڪنهن جي آهي دل جلي ٻين کي آهي سرشار ڪيو،

مُک تان آ، مُرڪ رَسي اکڙين آ سينگار ڪيو.

دل ۾ اها حسرت آ تون ايندين تڏهن مان انتظار ڪيو،

مون وٽ آهن صرف تنهنجون يادون مون يادن سان آ

پيار ڪيو.

زندگيءَ جو هر پل مون توکي آهي ياد ڪيو.

تنهنجي شاعري......

تنهنجي شاعري منهنجي پريت آهي،

منهنجي پريت مون کي موٽائي ڏي!

تنهنجي شاعري منهنجي مُرڪ آهي،

منهنجي مُرڪ مون کي موٽائي ڏي!

 

سحر امداد

پياري تائين

نيرا گهرا ساگر اُڪري

پهتس پنهنجي پياري تائين

الري اڀري، اڀري الري

پهتي لهر ڪناري تائين

هيڪل وياڪل، آندي ماندي

دردن کان هئي دل درماندي

پنهنجي چنڊ پسڻ جي ڪارڻ

ڀٽڪي تاري تاري تائين

نيرا گهرا ساگر اُڪري

پهتس پنهنجي پياري تائين

کڙندا کٽڻهار

اماوس جي راتين ۾

تنهنجو سٽون

ستارن جي جِهر مِر هيون

سرد بيدرد، بيرنگ موسم ۾

سي ئي سٽون

سڀئي رنگ اوڍي

کٽڻهار وانگي کڙيون!

 

 

 

 

حميرا وڳڻ

ڪوِتا

جڏهن ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ سان تار هوندا،

تڏهن تن ڍنڍن جي ڪنارن تي ملجان!

جڏهن شام لالي لائي ڳلن کي تڏهن تون،

گلن جي نظارن ۾ ملجان!

جڏهن چاندوڪي چمندي ڪينجهر ڪنارا،

تڏهن نوري ڄام جي مزارن تي ملجان!

جڏهن مينهن وسندس ساوا گاهه ڦٽندا،

تڏهن ٿر جي واريءَ جي ڀٽن تي ملجان!

جڏهن ڪو ڀٽائيءَ جا شعر جهونگاري،

تڏهن شاهه جي واين ۾ ملجان!

هجان جي حياتي ملندو ئي رهجان،

جاڳ ۾ ملين نه ملين! خوابن ۾ ملجان!

 

بينا بيدل

ازل کان ابد تائين

ساڻ آهن

پيار جون ڪيتريون ئي

صورتون ۽ ڪيترائي روپ

۽ اسين

هر پل ڄاتل، اڻ ڄاتل خوف ۾ مبتلا

ته ڪٿي اُهو پيار جو زندگي اسان جي

جو ملڪيت اسان جي

کسجي نه وڃي ۽ وڇڙي نه وڃي

فقط هڪ سچ

جي ڪري وٺون قبول

اُن ڏينهن

ڄاتل اڻ ڄاتل خوف پنهنجي موت پاڻ مري وڃي

زندگي، پيار ۽ موت

سڀ لوح قلم آهي

چُپ چُپ ۽ تنهنجا چپ

ڪيڏي چرپر لائين ٿا

ڀل ڪيڏي به سانت هجي

نيڻ تنهنجا ڳالهائين ٿا

چنڊ تي ڪو پهرو ناهي

اسين هڪ ٻئي کان پري سهي

سَو پَهرا سهي

پر پوءِ به

اسان جون نظرون هڪٻئي سان ملن ٿيون

ٺيڪ اُن وقت جڏهن

چنڊ آڪاش تي کڙندو آهي

فيصلو

خوابن کان منهن موڙي وٺان

جيئڻ جو سهارو ڇڏيان

زهر زندگيءَ ۾ ڀريان

اهو ڪري نٿو سگهان!

 

غذرا سرور ڪنڌر

اچين جي تون هڪ وار

اچين جي تون هڪ وار هن

خالي اڱڻ تي

ٺرن نيڻ نماڻا لڳي لالي چپن تي

ڪن ڪوئلون ڪوڪو وڻن تي

گلن جي ٿئي ورکا تنهنجي ملڻ تي

ملون گلي بار بار تنهنجي اچڻ تي

شروع ڪريون روح رهاڻيون تنهنجي ملڻ تي

ختم نه ٿين اهي پريت جون ڪهاڻيون

موٽي اچن بهارون خزان جي وڃڻ تي

چنڊ، تارا، ڪَتي، ٽيڙو واجهائن تنهنجون واٽون

سڄي سنسار ۾ ٿئي ٻهڪار تنهنجي اچڻ تي

زندگي آهي سور

زندگي آهي سور

وک وک زندگي آهي سور سارا

پل پل پون ٿا پور پيارا

جن لاءِ پنهنجا سڀ ڪيم پراوا

تن به ڏنا سور سارا

ڪنهن کي ٻڌايان درد دلبر پيارا

ڪيئن لکان اهي سڀ سور سارا

ويندا ٿي سڀ ورق ڪارا

ٿيندي ختم سمونڊ جيتري مس

محبت جي ٿيندي وري رسوائي

دلڙي ڪنهن سان ڪاش نه لائجي

دلڙي لائي وري موٽ نه کائجي

مُئي پڄاڻان ايندو نه جي سڪون

رب اڳيان جهلي جهولي پڇندس سوال سارا

ڇو خلقيئي، ڇالاءِ خلقيئي سڀ ساهوار!

ڏکن ۾ آهن جي سڀ سڙيل ويچارا

ڪر انهن تي رحم جي نظر پيارا!

 

نذير ناز

لولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي

لولي لولي

منهنجي منج آ تنهنجي جهولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

شال نه وسري توکي ٻولي

منهنجا مٺڙا، مٺڙي مٺڙي ٻولي

منهنجي مٺڙا، مٺڙي مٺڙي لولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

پنهنجي سنڌ مهاراڻي آ

سڀني راڻين جي راڻي آ

هر ڪا آ، اُن جي گولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

جنهن جو نعرو آهي صدين کؤن

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

اُها هجي تنهنجي ٻولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

ديس پنهنجي ۾ ساهه هجئي شل

لکڻ پڙهڻ سان چاهه هجئي شل

علم عقل سان ڀرجان جهولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

هت جا به آئي ٿي بور چياڻي

ساٿي ويٺي گهر ڌياڻي

هي سچ آهي ناهي پر ولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

مٺڙا امڙ جو کير ملهائج

ٻچڙا ديس سان نينهن نڀائج

جنهن ڌرتيءَ تي اک تو کولي

منهنجي هنج آ تنهنجي جهولي

آءٌ ته ٻچڙا ڏيان مان توکي لولي لولي

 

 

زبيده ميتلو

ڏات جا ڏنگ

ڏات جا ڏنگ سهي ڏاتار

تون من روڳي، سر جڻهار

رات کٽي، پوءِ باک ڦٽي

تنهنجي ڪوتا مينگهه ملهار

بحر عميق مان ڳولهي ڦولهي

موتي پوئي ٺاهيئه هار

مڱڻي ڇيڙيو ساز ڪماچ

هڪ ٿيا تند ۽ ڪنڌ ڪماچ

هڪ ٿيا تند ۽ ڪنڌ ڪٽار

توکان ڏات رُٺي آ ڪاٿي

پوءِ رُلين ڇو پار اپار

ڏانءُ به توسان لاڏ ڪري ٿو

پوءِ به لُڇين ٿو سانول يار

ڪائنات ڪو ڳجهه

”ڪائنات جي ڪنجي“

ڪو چئي

شاعر هٿ ۾

ڪو چئي

سائنسدان هٿ ۾

ڪو چئي

پورهيتن هٿ ۾

ڪو چئي

ٻالڪ هٿ آ

ائين ته ناهي!

ته ڪائنات جي ڪنجي

اسان سڀن جي مٺ ۾ آهي

۽ ان کي ئي

ڳولهيون پيا صدين کان!

 

رشمي راماڻي

پيار

اڄ بدلجي ويو آهي جبلن جو رخ

مٽجي وئي آهي وڻن جي رنگت

وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيا آهن گل

نديءَ جو پاڻي به ٿي ويو آهي روماني

پکي لنون ٿا مٺڙي لات

خاموش هوا ۾ سمائجي ويو آهي راڳُ

جيڪو جيون ڪلهه تائين لڳندو هو

اُداس، بيچين ۽ پراڻو

اڄ لڳي رهيو آهي

ڪيترو نه سهڻو ۽ ڀرپور

تنهنجي اکين ۾ نهاريندي

محسوس ٿو ڪيان پنهنجو پاڻ کي

مان ڪجهه هوندي به ڪجهه ناهيان

ياشايد، پيار ۾ هر هر

موٽي رهيو آهيان مان پنهنجو پاڻ ڏانهن

منهنجي آس پاس جي وايو منڊل ۾ تري رهيو آهي

صرف هڪ لفظ

پيار، پيار، پيار

 

نجمه پنهور

رانديڪو

رابيلا منهنجي ڌيءَ

پنهنجو رانديڪو

(جيڪو هن ڏاڍي چاهه سان ورتو هو)

پٽ تي اڇلائي ڀڃي ڇڏيو

۽ پوءِ روئڻ لڳي

اسين به ته

قدرت جي هٿن ۾ رانديڪن وانگر آهيون

اُها به اسان کي ڀڃيو ڀور ڪريو ڇڏي

ڇا قدرت به

رابيلا وانگر

ٻار آهي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com