اختر افروز شاهه
پنھنجا ڪير؟ پرايا ڪير؟
”ادي نوربانو! او ادي نور بانو! آهين ڪٿي؟ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچين!“
حاتل گهر ۾ گهڙندي ئي چيو.
”ادي هاتل! ڪٿي وري ڪٿي هونديس. هتي ان گهر ۾ ئي مُئي پئي
آهيان!“ مون، بورچي خاني مان باهر نڪرندي جواب
ڏنو!
”ڇو ڇو! ٻيو ته مڙئي خير آهي نه؟“ حاتل جي لهجي ۾ ڳڻتي هئي.
”ادي حاتل خير وري ڪهڙو! سور جي ڪا هڪ ڳالهه هجي ته ٻڌايان، هت
ته سوين ڳالهيون آهن!“
”تڏهن به ڪو ته سُر ڏي!“
”آئي ادي، هڪ ڳالهه هجي ته منهن به ڏجي.“ مون ٿڌو ساهه ڀريو.
”زاهد جي نشي ڪرڻ ۽ جاويد جي زال منهنجو جيئڻ زهر
ڪري ڏنو آهي. زاهد پيسن تان روز ٻائتيال لڳايو
ويٺو آهي گهر ۾! پيسا ملن ته خوش، نه ته وري مون
سان جهيڙو شروع! آءٌ به روز روز ڪٿان پيسا آڻيان؟
منهنجو ڪو مڙس ويٺو آهي يا آءٌ ڪمايان پئي! ماءُ
جي مجبوري ڪونه ٿو سمجهي. ڪو ننڍڙو ٻار ته ڪونه
آهي. خبر اٿس ته جاويد زال جي چوڻ ۾ آهي، پوءِ به
زاهد کي ماءُ جو ڪو احساس ڪونه آهي!“
”ادي نوربانو، جي اڄ ادو نواز علي جيئرو هجي ها ته ائين تنهنجو
اولاد هٿن مان ڪونه نڪري ها!“
”سچ ٿي چوين. اڄ جي هو جيئرو هجي ها ته هي ڏينهن مون کي ڏسڻا نه
پون ها! جاويد جي زال ناهيد کي هٿ ترين تي کڻيو
ويٺي آهيان، پوءِ به اُن جي مون سان اصل نه ٿي
پئي. سڄو ڏينهن شڪل سُڄي پئي آهيس! ۽ منهنجي لاءِ
رَتي به عزت دل ۾ ڪانه اٿس. سولو منهن ڏئي ڳالهائي
به ڪانه! آءٌ ته پنهنجي ئي گهر ۾ جهڙي ويچاري!“
منهنجو آواز ڀرجي آيو.
”ادي نوربانو تو واري نُنهن کي به الله ساڃهه ڏي. باقي آهي
زور!“
”ادي حاتل، سڀ نصيبن جون ڳالهيون آهن. رڳو منهنجو زاهد سڌري پوي
ته به مون لک کٽيا. ڪنن دوستن جي صحبت ۾ رهي نشي
جي پٽ پئجي ويس. الله نشي وڪڻڻ وارن جو ڪو خانو
خراب ڪري. جن ٻين جي ٻچن جو خانو خراب ڪيو آهي! ۽
ٻين جا گهر ۽ ٻچا تباهه ڪيا آٿن!“
”ادي حاتل، زاهد به سڄي رات اوتارن تي، صبح جو اچيو ڊهي. پوءِ
جاويد پيو ڪاوڙجي مون تي. آءٌ وڃان، ته وڃان
ڪيڏانهن! جاويد جي پيءُ سان آءٌ به هن دنيا مان
هلي وڃان ها ته سٺو ٿئي ها.“ منهنجي اکين مان لڙڪ
لڙي پيا. ”آءٌ ته هيڏانهن به مُٺي آهيان ته
هوڏانهن به مُٺي آهيان! هن جيئڻ کان مرڻ ڀلو، مون
واري نُنهن ناهيد پاڙي پَتي ۾ پنهنجن مائٽن ۾ زاهد
کي موالي موالي چئي کڻي اسان کي خوار ڪيو آهي. گهر
وارا ئي اهڙيون ڳالهيو ڪندا ته پوءِ ٻاهر جا ماڻهو
ڇو نه ڳالهيون ڪندا!“
”ادي نوربانو، الله جا شڪر آهن منهنجي پٽ کي ۽ ننهن کي خدا
ساڃاهه ڏني آهي. هو منهنجي عزت ڪن ٿا ۽ منهنجو
گهڻو خيال ٿا رکن.“
”ها ادي حاتل! تون واقعي خوشنصيب آهين.“
”ادي نوربانو، تون به کڻي زاهد جي شادي ڪراءِ ته من ڪو سڌري؟“
”ادي حاتل، ڪهڙي ٿي ڳالهه ڪرين! زاهد نڪو کٽي نڪو ڪمائي. آءٌ
پرائي ڄائيءَ کي وٺي اچي سورن ۾ وجهان! ۽ مواليءَ
جي حوالي ڪريان! الله کي به مري جواب ڏيڻو اٿم.
ڌيءَ ڪانه اٿم ته ان جي معنيٰ اها ڪانه آهي ته
ڪنهن پرائي ڄائي کي ڪنهن هائيءَ ۾ هڻان! زاهد اڄ
سڌري ته اڄ شادي ڪرايانس. زاهد جي شاديءَ جي مون
کان وڌيڪ ڪنهن کي خوشي ٿيندي! منهنجا اهڙا نصيب
ڪٿي. نه ته ناهيد ۽ جاويد جا مهڻا ٻڌان!“
”ادي نوربانو، وڏي دل ڪر الله چڱي ڪندو. رب تي رک!“
”ادي حاتل، تون منهنجي ننڍي هوندي جي ساهيڙي آهين. انڪري توسان
ٿي ڏکي سکي ڪريان، چڱو جو پاڙي ۾ آهين، جو اچيو
خير خبر وٺين نه ته منهنجو ڪو هت مٽ ڪو مائٽ! سٺو
جو ڀيرو ڪريو وڃين ۽ منهنجي به دل وندريو وڃي!“
”چڱو ادي نوربانو، آءٌ هاڻ وڃان ٿي. تون به ڪيڏي مهل ٽائيم ڪڍي
مون وٽان چڪر هڻي وڃ.“
ائين زندگيءَ جا پئي ڏينهن گذريا. منهنجا به ڀائر ۽ ڀيڻون هئا.
پر آءٌ پنهنجي قسمت کي چوان. هڪ ته مڙس مري ويو
ٻيو آءٌ هيس غريب، انڪري سڀ ڪو مون کان پاسو ڪندو
هو. چوندا آهن ڀاءُ مِٽ ڀاڄائي ساهڙي. ڏکئي وقت ۾
ته پنهنجا به پرايا ٿيو وڃن. پر آءٌ الله تي رکيو
ويٺي هيس الله ته منهنجو آهي.
شام جو جاويد گهڻن ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو. هڪ گهر ۾
رهي به جاويد کي منهنجي ڪمري ۾ ايندي گهڻا ڏينهن
ٿي ويندا هئا. ان شام جو آيو ته آءٌ خوش ٿيس ته
ماءُ جو اڄ خيال آيو اٿس. پڇيو مانس، ”ابا جاويد،
خوش آهين؟ الاهي ڏينهن کان پوءِ ماءُ وٽ ڪمري ۾
آيو آهين. ٻيو ته مڙئي خير آهي نه؟“
رکائيءَ مان چيائين: هائو!“
دل ۾ چيم، پڪ ناهيد ڪن ڀري موڪليو اٿس. خدا خير ڪري! ”ابا ڪڏهن
ته ماءُ وٽ به اچي ويهندو ڪر؟“
”امان! آءٌ ڪو هت ويهڻ ڪونه آيو آهيان. آءٌ توکان اهو پڇڻ آيو
آهيان ته تون ڇو هر ڪنهن پاڙي واريءَ سان ناهيد
جون گلائون کنيو ويٺي آهين! توکي ته منهنجي زال
ڪڏهن وڻي ئي ڪانه!“
”ابا! آءٌ ڪنهن سان تنهنجي زال جون گلائون کنيو ويٺي آهيان؟ آءٌ
ڪو ڪيڏانهن اچان ڪو وڃان، آءٌ ته هتي سڄو ڏينهن
گهر ۾ مُئي پئي آهيان! منهنجو ڪو هٿ مٽ يا مائٽ!“
”امان، تو وٽ اڄ ماسي حاتل ڪانه آئي هئي؟ ان سان ناهيد جون
گلائون ڪيو ويٺي هئينءَ. ناهيد آخر تنهنجو ڏوهه
ڪهڙو ڪيو آهي؟ مون ڪو ناهيد سان عشق ڪري شادي ڪانه
ڪئي هئي! ناهيد کي به تون ئي پسند ڪري وٺي آئي
هئينءَ. هاڻ ناهيد توکي ڏٺي ڪانه وڻي. آخر ڇا ڪيو
اٿس؟“
”جاويد، تون اجايو پيو وهلور وڃين! آءٌ پاڙي وارن سان ناهيد جون
گلائون ڇو ڪنديس. ناهيد ته منهنجي گهر جي عزت آهي.
آءٌ ڪا ناهيد جي دشمن ڪانه آهيان! اڄ ادي حاتل
آهي هئي. تنهن سان زاهد جي پئي ڳالهه ڪيم. ادي
حاتل منهنجي ننڍي هوندي جي ساهيڙي آهي. جي ان سان
ڏکي سکي ڪيم ته ڪو ڏوهه ٿي پوي ڪيئن؟ ادي حاتل کي
ته تون به اڄ ڪونه ڏٺو آهي، ننڍي هوندي کان ڏٺو
اٿئي. آءٌ ان سان پنهنجي ڪا ڏکي سکي به نه ڪريان.
باقي ناهيد ڪن ڀري موڪليو اٿئي ته وڃي ماءُ جي بي
عزتي ڪر ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي!“
منهنجا ناهيد ڇو ڪن ڀري موڪليندي، آءٌ ڇا هن گهر ۾ ڪونه ٿو
رهان. ڪونه ٿو ڏسان. امان ڇڏ انهن ڳالهين کي، ٻيو
امان پنهنجي سڪيلڌي پٽ زاهد کي سمجهاءِ سڄو ڏينهن
۽ رات اوتارن تي ويٺو آهي. مون تان اوڙي پاڙي جا
ماڻهو کلائي ڇڏيا اٿس! نشا ڪرڻا اٿس ته وڃي ڪمائي.
مون ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي. نڪو بابا ڪو ملڪيت ڇڏي
ويو آهي؟ جو نواب ويٺي ويٺو کائيندو. آءٌ ڪو سڄي
عمر ڪمائي ويٺو کارائيندو سانس ڇا! آءٌ پاڻ
ٻچڙيوال آهيان. آءٌ کارائي توکي کڻي کارائيندس.
ٻين جو مون ٺيڪو ڪونه کنيو آهي.“
”ابا، زاهد تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهي؟ تون وڏو ڀاءُ آهين. پيءَ جي
جاءِ تي آهين تون ڪو پيار مان سمجهائينس ته من
سمجهي!“
”امان، توکي رڳو زاهد جو فڪر آهي. منهنجو ته توکي ذرو به فڪر
ڪونهي!“
”ابا، هي تون ڇا پيو چوين؟ مون کي ته توهين ٻئي هڪ جهڙا آهيو.
ماءُ کي ته سڀ اولاد هڪ جهڙو پيارو هوندو آهي. تون
الائي ڇو پيو ائين سوچين!“
”بس امان بس؟ مون کي خبر آهي. ڏاڍو منهنجو ۽ منهنجي زال ۽ ٻارن
جو خيال اٿو!“ جاويد ائين چئي ڪاوڙ مان اٿي ڪمري
مان هليو ويو!
منهنجي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. جنهن اولاد کي نو مهينا پيٽ ۾
پاليو، تڪليفن سان نپايو، پالي وڏو ڪيو، پنهنجن
پيرن تي بيهاريوسين. سو اڄ اهو اولاد مائٽ کي عزت
ئي نٿو ڏي! هن کان مٿي ٻي قيامت ڪهڙي ٿيندي؟ آءٌ
جاويد جي پيءُ کي ياد ڪري روئڻ لڳس! جي اڄ جاويد
جو پيءُ هجي ها ته اولاد کي ڪهڙي مجال جو مون سان
ائين ڳالهائين ها! سڄي رات جاويد جون ڳالهيون ياد
ڪندي روئيندي رهيس. پنهنجي نصيب کي چوان، ٻئي ڪنهن
جو ڪهڙو ڏوهه!
ٻئي ڏينهن صبح جو زاهد ننڊ مان اٿيو. هن کي سمجهايم. ابا زاهد!
ڏاهو ٿي، اهي خراب عادتون ڇڏ؟ سڌر ته ابا سٺو
اٿئي. ابا پاڙو پتي، مٽ مائٽ، سڀ ڪو پيو اسان تان
کلي!“
”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“ زاهد جواب ۾ چيو.
”ابا جي سڌرندين ته پنهنجي نيڪي ڪرائيندين. ڀاءُ کي، مون کي
خوشي ٿيندي ۽ تنهنجي زندگي به سٺي گذرندي.“
”بس امان بس، مون کي صبح جو اجائي تقرير ڪانه ٿي کپي! مهرباني
ڪري صبح جو منهنجو مٿو نه کاءُ. ادا جاويد کي
سمجهايو، منهنجو چڱو مڙس نه ٿئي. وڏو آهي ته وڏو
ٿئي؟ ٻه ٽي پيسا ٿو ڏئي ته سمجهي ٿو ته مون کي
خريد ڪيو اٿس!“
”توکي شرم نه ٿو اچي وڏي ڀاءُ لاءِ ائين ٿو چئين. تنهجي ڀلي
لاءِ ٿو چوي، توکان ڪجهه گهري ڪونه ٿو! سڌرندين ته
تولاءِ سٺو ٿيندو، ڪو جاويد کي ٿورو ڪونه لائيندين
تون سمجهين ڇو نٿو!“
”امان ادا کي چئيس ته منهنجي معاملي ۾ دخل اندازي نه ڪري! اسان
کي خريد ڪونه ڪيو اٿس. جهڙو گهر سندس آهي. اهڙو
منهنجو، جهڙو پاڻ وارث آهي، تهڙو آءٌ! امان، هٿ ٿو
ٻڌان منهنجو مٿو نه کائو. مون کي پئسا ڏي ته آءٌ
وڃان مون کي دير ٿي ٿئي. صبح ساڻ کڻي ماڻهن جو
دماغ خراب ڪيو اٿو!“
زاهد پيسا وٺي هليو ويو. آءٌ پنهنجي قسمت تي روئيندي رهيس. آخر
آءٌ ڪنهن کي سمجهائي ڪنهن کي سمجهايان؟ جاويد جا
پيءُ تون نه وڃين ها ته تنهنجو اولاد مون سان ائين
نه ڪري ها. پنهنجو پاڻ کي سمجايم: نوربانو، مٺي به
ماٺ مُٺي به ماٺ. جيترو عزت سان وقت گذري گذار. ٻي
ڪا واٽ به ڪانه اٿئي‘. ٻيءَ شام جو سوچيم ته ادي
حاتل جي گهران چڪر هڻي اچان. پاڻ به ڪانه آئي آهي.
ڀلا آءٌ ٿي ٿي اچان. سوچيم ته ناهيد کي ٻڌايان ته
ادي حاتل جي گهر ٿي وڃان. تون اندران دروازو بند
ڪر. ڪمري جي در وٽ پهتس ته اندر ناهيد جو پئي آواز
آيو. پنهنجو نالو ٻڌي، بيهي رهيس. ”امان، زاهد کي
تنهنجي خلاف پئي ڀڙڪايو ته گهر مان حصو وٺ. گهر
رڳو جاويد جو ڪونهي. تون ۽ آءٌ به وارث آهيون.
امان زاهد سان ملي پاڻ کي ٿي گهر مان ڪڍي. اهي
اٿئي تو واري ماءُ جا حال. کائين به تنهنجو ۽ وي
خلاف به تنهنجي!“
”نه ناهيد تو غلط ٻڌو هوندو. امان ائين ڪيئن چوندي!“
”هاها، آءٌ ته آهيان ئي ڪوڙي. تنهنجا مائٽ وري سچا!“
مون کان اهڙو ڪوڙ ٻڌو نه ٿيو. آءٌ به ڪمري ۾ اندر ويس: ”شاباس،
سٺو پئي ڪرين جاويد کي ابتيون سبتيون ٻڌائي. ڪجهه
خدا جو به خوف ڪر. ايڏا ڪوڙ! اسان ماءُ، پٽ کي
ويڙهائڻو اٿئي ته اها ڳالهه ڪر. مو کي خبر ڪانه
آهي ته تنهنجو مقصد ڇا آهي؟“
”ها آءٌ ته آهيان ڪوڙي. امان تون ئي سچي! مون هٿ ٻڌا منهنجي جند
ڇڏ“
”ناهيد، امان سان ائين ڇو پئي ڳالهائين؟ ڪجهه هوش ڪر هيءَ
منهنجي ماءُ آهي ڪا تنهنجي نوڪرياڻي ڪانه آهي.“
تون به پنهنجي ماءُ سان گڏجي منهنجي بي عزتي ٿو ڪرين! آءٌ هاڻ
هن گهر ۾ ڪانه رهنديس. آءٌ وڃان ٿي پنهنجن مائٽن
۾، تون پنهنجن مائٽن کي وٺي ويٺو هج! ڪن در تي
ڏئي، اسان جو گهر ٿي ڦٽائي. هيءَ ماءُ آهي. هون!
اسان کي ڳالهائڻ لاءِ سڪائي ڇڏيو اٿس!“
”مون کي ٻيو ڪم آهي ئي ڪونه آءٌ پٽ جو گهر ڦٽائيندس. آءٌ ڪا
ڏائڻ يا دشمن آهيان. مون کي واهه جي عزت ڏني اٿئي.
تو ۽ جاويد. خوش هجو پاڻ ۾. آءٌ کڻي هن گهر ۾ ڪانه
رهنديس!“
”بس امان، منهنجو ته جيئڻ حرام ٿي ويو آهي!
سڄو ڏينهن گهر ۾ دوزخ متو پيو آهي. آءٌ ته سڪون لاءِ سڪي ويو
آهيان. سڄو ڏينهن پورهيو ڪري گهر اچان ته گهر ۾ به
سڪون ڪونهي. آخر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!“ جاويد
چيو.
”اهو پنھنجي ماءُ ۽ موالي ڀاءُ کان پڇ، جن منهنجو گهر ۾ رهڻ زهر
ڪري ڏنو آهي، مان هٿ ڪانه رهنديس!“
”سٺو آهي ڏير کي ٿي موالي چئين. تون آخر موالي چوندينءَ ته
پراوا ماڻهو ڇونه موالي چوندا.“
جاويد چيو: ڪهڙو ناهيد غلط ٿي چوي.“ جاويد به جوءِ جو پاسو
کنيو. ”زاهد موالي ڪونهي ڇا؟ سڄي دنيا ۾ مون کي
خوار ڪري ماريو اٿس. بس امان بس، مهرباني ڪري زاهد
۽ تون مون کي سک جي زندگي جيئڻ ڏيو.“
آءٌ روئيندي ڪمري مان نڪري آيس. ’يا الله! ڇا مان ڪريان ڪيڏانهن
وڃان؟ ڪنهن کي ٻڌايان ! ڏوهه پاڻ کي ڏيان يا تقدير
کي.‘ مون کي ڊپ هو ته ناهيد جاويد جا وڌيڪ ڪن ڀري
گهر ۾ ڪو وڏو ممڻ مچرائيندي. ’يا الله خير ڪجيئن!‘
آءٌ سوچن ۾ ٻڌي ويس. ڪيڏي نه شوق ۽ چاهه مان مون جاويد جو سڱ
ڪيو ناهيد سان. ڪيڏيون نه آسون ۽ اميدون هيون دل
۾. ننهن گهر ۾ ايندي، گهر ۾ رونقون ٿينديون ۽
ڌيئرن وانگر مون کي ڀائيندي، عزت ڏيندي، پر منهنجا
خواب خواب ئي رهجي ويا!
”پُٽن لاءِ ڪيڏيون نه دعائون ٿيون گهرجن، نه ته پير نه فقير ٿو
ڇڏجي، پُٽ ايندا، وڏا ٿيندا، انهن جون شاديون ڪري
ڪنوارون آڻينداسين. نچي ٽپي گهر ۾ ڪنوار ٿي آڻجي.
پر اهي سڀ شيخ چليءَ وارا خواب آهن. ٿاٻو کاڌو
گيهه جو گهڙو ڦهه پَٽ تي سڀ دل جون آسون، اميدون
ڏک ۽ افسوس ۾ بدلجو وڃن!
دل کي دلاسو ڏنم، نوربانو، رب مڙئي چڱي ڪندو!‘
ٻي ٽي ڏينهن خيريت سان گذري ويا. مون به چيو ناهيد کي سٺو ٿيو
ماٺ اچي ويس. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته اندر ئي
اندر ڪا دُونهين دُکي!
ان ڏينهن شام جو ناهيد جاويد جا الائي ڪهڙا ڪن ڀري مون ڏانهن
موڪليو. اچڻ سان نه دعا نه سلام، ”امان! آخر تون
چاهين ڇا ٿي؟“ جاويد چيو.
”ابا وري ڇا ٿيو. مون ته ناهيد جو نالو به ڪونه ورتو آهي. تون
الائي ڇو بحث ڪرڻ آيو آهين. نه ڏوهه نه گناهه بي
سبب ڪڙڪو ڪري آيو آهين.!؟“
”امان، جي گهر ۾ رهڻ ڏين ته اسين رهون. نه ته اسين ٽپڙ کڻون.
تنهنجو ناهيد سان روز روز جو ٻٽيڪو. منهنجي لاءِ
ته گهر ڪونه ٿيو دوزخ ٿيو. هاڻ مون کان هر وقت جو
قصو برداشت ڪونه ٿو ٿئي. اسين مرڳو گهر ٿا ڇڏيون.
تون ڄاڻ تنهنجو سڪيلڌو موالي پُٽ ڄاڻي. ان کي گهر
۾ ويهاري ويهه.“ جاويد ڪاوڙ مان ڪمري مان هليو
ويو!
مان، ڏنل ڪوڙي الزام جو سوچي جاويد جي ڳالهين تي روئي ڏنو. روئڻ
شايد منهنجو مقدر ٿي ويو هو. اهو ساڳيو جاويد آهي،
شادي کان اڳ صبح جو روز منهنجا پير چمي، پوءِ آفيس
ويندو هو. اڄ اهو جاويد، زال جي چورت تي منهنجي بي
عزتي ٿو ڪري!
پنهنجو پاڻ کي چيم، هل نوربانو ته هتان هلون، نه تنهنجو مڙس
رهيو. نه هاڻ تنهنجو ڪو اولاد رهيو! تو پنهنجا فرض
پورا ڪيا. جي پُٽَ پنهنجو ڪو فرض نٿا سمجهن ته
انهن تي ميار ڪانه آهي. کَٽي منهنجي قسمت! هاڻ هن
ڀنڀور ۾ تنهنجو ڇا؟
پنهنجو ٿورو گهڻو سامان ٿيلهي ۾ وڌم. سوچيم ڪيڏانهن وڃان؟ ڀائرن
۽ ڀيڻن جي در تي وڃڻ سٺو نه لڳم. ڪهڙو مون کي
ڏکيءَ سکيءَ پڇي ٿڪا هئا، جو انهن وٽ وڃان؟ ان کان
چڱو آهي ادي حاتل جي گهر وڃان. زاهد کي الله جي
امان ۾ ڇڏي گهران نڪتس! مون کي ائين رات جو سامان
هٿ ۾ ڏسي، ادي حاتل پريشان ٿي وئي.
”ادي نوربانو، ٻيو ته مڙئي خيرآهي. تون هيئن ڪمهلي ڪيئن نڪري
پئي آهين؟“
”اَئي ادي حاتل، جي خير هجي ها ته رات جو تنهنجي گهر سامان سوڌو
ڪانه اچان ها!“ جاويد ۽ ناهيد واريون سڀ ڳالهيون
ڪري ٻڌايونمانس. منهنجو آواز رئڻ هارڪو ٿي ويو.
”ادي نوربانو، جاويد اهو چڱو ڪم ڪونه ڪيو آهي. زال جي چوڻ تي
جيجل ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهايو اٿس ۽ تنهنجي بي عزتي
ڪئي اٿس. شابس هجي جاويد کي!“
”ادي حاتل، چوندا آهن جيڪي لڳا پرائي باهه، تن جا آسرا لاهه!“
”ادي نوربانو، هي به تنهنجو گهر آهي ”ادي حاتل جا لفظ تتل هانوَ
تي ڇنڊي وانگر وڳم. ”تون سدا اسان وٽ رهه.“
”ادي حاتل، تنهنجي مهرباني ڏکئي وقت ته پنهنجا به ساٿ ڇڏيو
ڏين.“ منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.
”ادي نوربانو، ڌارين واريون ڳالهيون نه ڪر، تون آءٌ ننڍي هوندي
جون ساهڙيون آهيون!“ |