سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :8

ٻئي ڏينهن شام جا پنج ٿيا.

”اهو ٺيڪ آهي مسٽر فيلڊ. مان توهان جو شڪر گذار آهيان، جو توهان مون کي هيءَ دنيا ڏسڻ جو موقعو ڏنو.“ ٿامس وولف زور سان چيو.

”ويهي رهه ٽام، ويهي رهه. اها چهل قدمي بند ڪر.“

”مون کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو مسٽر فيلڊ، مان توهان کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته...“

”ڏس ٽام، اسان صبح کان وٺي انهيءَ موضوع تي گفتگو ڪري رهيا آهيون.“

”۽ انهيءَ سڄيءَ گفتگوءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته مان هتي رهي نٿو سگهان. مون کي واپس وڃڻو آهي، پنهنجي دنيا ۽ پنهنجي وقت ۾. مون وٽ وقت ڪونهي. مون کي تمام گهڻي ڪم ڪرڻا آهن ۽ توهان اکي ڪوبه حق نه آهي.“

”پر مان...“

”منهنجي سڀ ڪم اڌورا پيا آهن. مون کي اڃان پنهنجون بهترين تخليقون لکڻيون آهن؛ ۽ توهان مون کي ٽي صديون اڳتي سڏايو آهي. مان چاهيان ٿو ته توهان يڪدم پروفيسر بولٽن کي سڏايو ۽ ان کي چئو ته هو وري به مون کي 1938ع ۾ ڇڏي اچي، جيڪا منهنجي صحيح جڳهه آهي. صرف اهو عرض آهي توهان کي.“

”ڇا تون مريخ جو سير ڪرڻ نٿو چاهين؟“

”ڇو نه، پر مريخ منهنجي لاءِ نه آهي. جڏهن مان واپس ڳيندس ته ڪجهه به لکي نه سگهندس، ڇو ته منهنجا نوان تجربا ۽ مشاهدا منهنجي تحريرن ۾ سمائجي نه سگهندا.“

”او هو ٽام، تون سمجهي نٿو سگهين، تون سمجهي نٿو سگهين.“

”مسٽر فيلڊ، توهان خود غرض آهيو.“

”خود غرض! ها شايد، پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ.مون اهو سڀ ڪجهه توکي ٻڌائڻ نٿي چاهيو، پر تو مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. منهنجو خيال هو ته توکي سڀڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي. هاڻي ته مون وٽ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي، ڏس هن اسڪرين کي.“ مسٽر فيلڊ ڪيترن ئي بٽڻن کي دٻايو، ڪيترن ئي نمبرن کي گهمايو. اونداهي ۽ تاريڪ اسڪرين ۾ جان پئجي وئي ۽ ان تي روشنيون ٽپڻ لڳيون. ڪمري جون روشنيون جهڪيون ٿينديون ويون ۽ اسڪرين تي رنگ چٽا ٿيڻ لڳا. ليڪن ظاهر ٿيڻ لڳيون. هاڻي اتي هڪ قبرستان جو منظر هو.

”تون ڇا پيو ڪرين؟“ ٿامس وولف اڻ ڄاتل انديشي تحت چيو.

”مون کي پاڻ پسند ڪونهي، پر تو مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڏس هن پردي کي، غور سان ڏس.“ اهو هڪڙي قبرستان جو نظارو هو. ڪنهن منجهند جو وقت. پردي مان مٽيءَ جي خوشبوءِ اچڻ لڳي. ڪنهن وڻ تي ڪا جهرڪي چر چر ڪري رهي هئي. ڳاڙها ۽ ڦڪا گل قبرن تي هوا ۾ لُڏي رهيا هئا. اسڪرين تي قبرون اڳتي وڌي رهيون هيون، جيئن ٽي _ وي ڪيميرا ڪنهن خاص قبر جي تلاش م هجي. پوءِ اها هڪ قبر تي بيهي رهي ۽ انهيءَ  قبر جو ڪتبو اسڪرين تي وڏو ٿيڻ لڳو. مسٽر فيلڊ لڳاتار مشين کي هلائي رهيو هو. پوءِ ٿامس وولف جو ساهه ڄڻ ته رڪجي ويو. هو ڪتبي تي لکيل تحرير پڙهي سگهيو ٿي.

ڪتبي تي سندس نالو، ڄم جي تاريخ ۽ انهيءَ سان گڏ وفات واري تاريخ به لکيل هئي.

”بند ڪر هن کي.“ ٿامس وولف اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنهنجو منهن پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ لڪايو.

”مون کي افسوس آهي ٽام.“

”بند ڪر هن کي، بند ڪر. مان هن تي يقين ڪري نٿو سگهان.  ڪڏهن به نه.“

”پر اهو صحيح آهي ٽام. تون 15 سيپٽمبر 1938ع تي مري ويو هئين.“

مسٽر فيلڊ نرم لهجي ۾ چيو ۽ هڪ بٽڻ کي زور ڏئي اسڪرين کي اونداهو ڪري ڇڏيائين. گهڻي دير تائين هو ٻيئي خاموش رهيا.

”ته ڇا مان پنهنجو ڪتاب پورو ڪري نٿي سگهيس؟“

”نه، انهيءَ کي توکان پوءِ ٻين هوشيار ۽ ذهين ماڻهو مرتب ڪيو هو.“

”مان پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪري نٿي سگهيس! اهو نامڪمل ئي رهيو.“

”توکي ايترو غمگين ٿيڻ نه گهرجي ٽام. ويهي رهه ٽام، ٽام.“

”اهو ظلم آهي. اهو ظلم آهي.“ ٽامس وولف پنهنجو منهن پنهنجن هٿن ۾ لڪائي روئڻ لڳو.

”ٻڌ ٽام، منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ مسٽر فيلڊ چيو، ”تون اڃان تائين زندهه آهين، هتي، هن وقت، ۽ تون هاڻي به محسوس ڪري سگهين ٿو. ڇا تو غلط چيو؟“

”ها.“ ڪجهه دير ترسي ٿامس وولف جواب ڏنو.

”ٺيڪ آهي. مون توکي هتي گهرايو آهي. مون توکي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو آهي. هڪ مهينو يا انهيءَ کان به ڪجهه وڌيڪ. تنهنجو ڪهڙو خيال آهي ته مون کي تنهنجي موت جو افسوس نه هو؟ جڏهن مان تنهنجون لکڻيون پڙهندو هوس ۽ پوءِ انهيءَ قبرستان ۾ ٽي صديون پراڻي قبر کي ڏسندو هوس ته منهنجي دل ذرا ذرا ٿي پوندي هئي. انهيءَ ڪري ٽام، مون توکي گتي گهرائڻ لاءِ دولت خرچ ڪئي ته جيئن توکي هڪ موقعو ٻيو به ملي سگهي ته جيئن تون پنهنجو شاهڪار تخليق ڪري سگهين. پروفيسر بولٽن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن خوش قمستيءَ سندس ساٿ ڏنو ته وقت جي وهڪري مان جيڪا هن شاخ ڪڍي آهي، انهيءَ کي هو اٺن هفتن تائين جاري رکي سگهندو. هو توکي هتي وڌ ۾ وڌ اٺ هفتا روڪي سگهي ٿو. هو توکي تنهنجي موت کان صرف پنج منٽ اڳ ۾ هتي وٺي آيو ۽ هو انهن پنجن منٽن کي صرف اٺن هفتن تائين روڪي سگهي ٿو. وقت جي وهڪري جي اها شاخ اٺن هفتن کان وڌيڪ هلي نٿي سگهي. انهيءَ وقفي ۾ توکي اهو ڪتاب لکڻو آهي، جيڪو تون لکڻ چاهين ٿو ته؛ اهو ڪتاب نه، جيڪو تون لکي رهيو هئين. اهو نه؛ ڇو ته اهو هاڻي ڪڏهن به لکجي نه سگهندو. اهو هميشه نامڪمل رهندو. توکي هڪڙو نئون ڪتاب لکڻو آهي. اسان جي لاءِ، هن زماني لاءِ. اهڙو ڪتاب جيڪو تو ڪڏهن به نه لکيو هجي ۽ جنهن کي ڪوبه لکي نه سگهي. مون سان وعدو ڪر ٽام، ته تون اهڙو ڪتاب لکندين. مون سنا وعدو ڪر ته تون انهيءَ قبر کي ۽ انهيءَ اسپتال کي اٺن هفتن لاءِ بلڪل وساري ڇڏيندين. مون سان اهو به وعدو ڪر ته تون يڪدم پنهنجو ڪم شروع ڪندين؟“

ٿامس وولف دريءَ کان ٻاهر اڏامندڙ راڪيٽن کي ڏٺو.

”منهنجو خيال آهي ته مون کي توهان جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي مسٽر فيلڊ، هاڻي مون کي احساس ٿيو آهي ته توهان منهنجي لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. توهان مون کي وقت ڏنو. آهي وقت _ جنهن سان مان محبت ڪندو آهيان. ۽ جنهن جي مون کي هميشه ضرورت رهندي آهي. ۽ جنهن جي خلاف مون سڄي عمر جدوجهد ڪئي آهي. جنهن کان مان سخت نفرت ڪندو آهيان ۽ اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته مان توهان جو ڪيترو ٿورائتو آهيان، مون فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ائين ئي ڪندس جيڪي توهان چاهيندؤ.“ هو بيهي رهيو ۽ پوءِ هٻڪندي پڇيائين:

”اٺن هفتن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“

”ڪجهه به نه، تون 1938ع ۾ پنهنجي اسپتال واپس هليو ويندين.“

”ڇا اهو لازمي آهي؟“

”ها، اسان وقت کي بدلائي نٿا سگهون. اسان توکي وقت کان صرف پنج منٽ اُڌارو ورتو آهي. ۽ اسان توکي اسپتال ۾ انهيءَ بستري تي واپس پهچائينداسين، صرف پنجن منٽن کان پوءِ. جڏهن توکي اتان آندو ويو هو، ته اهڙيءَ طرح وقت جي وهڪري ۾ ڪوبه خلل واقع نه ٿيندو. تون مستقبل ۾ رهي، اسان تي اثر انداز ٿي نٿو سگهين، پر جيڪڏهن تو واپس ماضي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو ته سڄي تاريخ بدلجي ويندي، جنهن جو اثر مستقبل تي به پوندو ۽ خدا کي خبر ته اهو اثر ڪهڙو ٿئي. اثر جهڙو به ٿئي، پر اهو خوشگوار نه هوندو، ڇو ته جيڪا شيءِ ٿيڻ واري آهي، اها اڳ ۾ ئي لکي وئي آهي، جيڪڏهن انهيءَ ۾ اسان پنهنجي ٽنگ اڙائي ته مستقبل جي ۽ خود اسان جي زماني جي ٻيڙي ٻڏي ويندي. پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي.“

”اٺ هفتا“. ٽامس وولف چيو.

”ها، اٺ هفتا.“

”۽ مريخ ڏانهن راڪيٽ هڪ ڪلاڪ ۾ وڃڻ وارو آهي؟“

”ها.“

”مون کي ڪاغذ ۽ پينسل جي ضرورت پوندي.“

سڀ تيار آهي _ هيڏانهن ڏس.“

”ته چڱو، هاڻي مون کي تياري ڪرڻ گهرجي. خدا حافظ مسٽر فيلڊ.

”خدا حافظ“.

ڇهين بجي جڏهن سج لهي رهيو هو، آسمان تي سائي رنگ جي هڪ لهر پيدا ٿي ۽ اها بلند ٿيندي وئي. مسٽر فيلڊ پنهنجي اسٽيڊي روم ۾ پروفيسر بولٽن سان گفتگو ڪرڻ ۾ محو هو.

”بولٽن، تون ان کي هتي اڻ ڄاڻايل مدت لاءِ روڪي نٿو سگهين؟“

”نه، مسٽر فيلڊ، توهان کي خبر آهي ته هو هن زماني سان تعلق نٿو رکي. جيڪڏهن منهنجي مشين ۾ ڪا خرابي ٿي پئي يا ان جي طاقت ۾ ڪمي اچي وئي ته هو از خود ريڙجي ڇڪيل تار وانگر پنهنجي زماني ۾ واپس هليو ويندو. مان ڪوشش ڪندس ته منهنجي مشين جي قوت جيئن گهٽ نه ٿئي، ۽ جيترو وڌيڪ ان کي روڪي سگهيس ته روڪيندس، پر مان وعدو ڪري نٿو سگهان.“

”تو کي ڪجهه ڪرڻو پوندو بولٽن. ان کي روڪڻو پوندو، انهيءَ وقت تائين، جيستائين هو پنهجو ڪتاب ختم نه ڪري وٺي. توکي ڪجهه ڪرڻو پوندو.“

آڌي رات گذرڻ کان پوءِ ٿامس وولف جي نئين ڪهاڻي اچڻ شروع ٿي وئي.

مسٽر هينري فيلڊ لئبرري ۾ ويٺو هو. سندس سامهون ميز تي هڪ مشين رکيل هئي، جنهن مان آهستي آهستي هلڪو گوڙ اچي رهيو هو. پوءِ ان مان ڪاغذ جون شيٽون نڪرڻ لڳيون، جن تي پينسل سان ڪجهه لکيل هو. جيئن جيئن ٿامس وولف چنڊ جي هُن ڀر ڪٿي ڪاغذ تي ڪجهه لکيو ٿي ته اهو سڌيءَ طرح انهيءَ مشين تي مسٽر فيلڊ جي سامهون سندس اصلي تحرير ۾ ظاهر ٿيو ٿي. مسٽر فيلڊ ايترو وقت انتظار ڪيو ته جيئن ڪاغذن جون ڪجهه شيٽون گڏ ٿين ته پوءِ انهن کي ڪڍي ڏاڍيان پڙهڻ شروع ڪري. لائبرريءَ ۾ کانئس علاوه پروفيسر بولٽن ۽ ملازم به گڏ ٿيا هئا.

”پولار آڪٽوبر مهيني وانگر آهي.“ ٿامس وولف لکيو هو، ”پولار جي تاريڪي، ان جي بي انتها وسعت ۽ ان جي اڪيلائي بلڪل آڪٽوبر جي مهيني وانگر آهن.“ مشين هلندي رهي، لکيل ڪاغذ نڪرندا رهيا ۽ مسٽر فيلڊ اهي پڙهندو رهيو. ڪڏهن اڪيلو ته ڪڏهن ٻين جي سامهون. روزانو مشين ڪڏهن ڏهه ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ٻارهن ڪلاڪ هلندي رهندي هئي؛ ۽ پيلن ڪاغذن جا ڍير ٿيندا ويا، ايتري تائين جو هڪ مهيني ۾ انهن کي سنڀالڻ به مشڪل ٿي پيو. مسٽر فيلڊ ڏاڍو خوش هو، بي انتها خوش. هو انهن ڪاغذن کي هر هر پڙهندو هو. ٻين کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ بيچينيءَ سان انهن جو انتظار ڪندو هو. سندس زندگيءَ جو دائرو لائبرريءَ تائين محدود ٿي ويو هو.

پوءِ هڪڙي ڏينهن مسٽر بولٽن ڊڄندي ڊڄندي چيو:

”مون کي افسوس آهي مسٽر فيلڊ، اسان کي وولف چوڻو پوندو ته پنهنجو ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪري، ڇو ته منهنجي مشين جي قوت گهٽجي رهي آهي ۽ اها هن هفتي ڪنهن به ڏينهن تي بند ٿي سگهي ٿي.“

”پر اڃان ته صرف چار هفتا گذريا آهن؟“

”مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي مسٽر فيلڊ، ۽ اڃان به ڪري رهيو آهيان. اسان کي حقيقتن جي چشم پوشي ڪرڻ نه گهرجي.“

جيڪڏهن تون پنهنجي مشين کي بند ٿيڻ کان بچائيندي ته مان توکي ڏهه لک ڊالر ڏيندس.“

”پئسن جو سوال نه آهي جناب، مان پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پر بهتر اهو آهي ته توهان وولف کي صحيح صورتحال کان واقف ڪري ڇڏيو.“

”پر تون هن موقعي تي هن کي مون کان جدا ڪري نٿو سگهين. هيڏانهن اچ ته مان توکي ڏيکاريان. اڃان هڪ ڪلاڪ مس ٿيو آهي ته هن پنهنجي نين ڪهاڻين جا خاڪا موڪليا آهن. هن کي اهي مڪمل ڪرڻا آهن. هن کي اڃان گهڻو ڪجهه لکڻو آهي.

”مون کي افسوس آهي، جناب.“

”جيڪڏهن هو هينئر هليو وڃي ته وري ڀلا اسان ان کي گهرائي سگهنداسون؟“

”مون کي ڊپ آهي، شايد ائين ممڪن ٿي نه سگهي.“

”چڱو.“ مسٽر فيلڊ مايوسيءَ مان چيو، ”رڳو هڪڙي ڳالهه رهجي وڃي ٿي. وولف کي چئو ته هو هٿ سان لکڻ جي بجاءِ ڪنهن کي زباني طور ڊڪٽيٽ ڪرائي ڇڏي، ته جيئن انهيءَ مختصر عرصي کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهي.“

۽ پوءِ سڄي رات مشين هلندي رهي. پيلا ڪاغذ نڪرندا رهيا. مسٽر فيلڊ مشين جي سامهون ويٺو رهيو، گهڏون کائيندو، ڇرڪ ڀريندو. شايد ڪو معجزو ٿي پوي ۽ مشين بند ٿيڻ کان بچي وڃي، شايد ان جي قوت وري ٻيو ڀيرو وڌي وڃي، ۽ پوءِ گهنٽي وڳي.

”مسٽر فيلڊ، اسان مشين کي بند ٿيڻ کان بچائي نٿا سگهون. ڪنهن به وقت مشين بند ٿي سگهي ٿي.“

”ڪجهه ڪر، خدا جي واسطي ان کي بند ٿيڻ نه ڏي.“

”مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان.“

مسٽر فيلڊ جي سامهون رکيل مشين هلندي هلندي، اوچتو ئي اوچتو بيهي وئي.

”ٽام! ٽام!“ مسٽر فيلڊ رڙ ڪري چيو، ۽ سامهون رکيل مشين کي ٻنهي هٿن سان ڌونڌاڙڻ لڳو.

”اجايو آهي مسٽر فيلڊ.“ پروفيسر جو آواز آيو، ”هو وڃي چڪو آهي. مشين بند ٿي وئي آهي. مان ان جو سئچ آف ڪري رهيو آهيان.“

”نه، انهيءَ جو سوئچ بند نه ڪر.“ مسٽر فيلڊ دانهن ڪري چيو.

”پر.“

”مان چوان ٿو ته سوئج بند نه ڪر. مشين کي ائين ئي ڇڏي ڏي.“

”ٺيڪ آهي، پر انهيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ ٿي سگهي ٿو ته مشين کي ڪو نقصان پهچي.“

”پهچڻ ڏي. مان سڄو نقصان ڀريندس، پر انهيءَ کي بند نه ڪر.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com