سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :11

جناب والد صاحب جن کي ڪالهه بخار ٽُٽو هو؛ مُدي جو بخار ٿيو هوس، الله جو شڪر ڪيم، پر مون کي ٽين وڳي شام کان ٽين وڳي رات تائين، يعني ڪلاڪن مان ٻه ڪلاڪ پاڻي پيئڻ ۽ ماني کائڻ ۾ لڳا هوندا، باقي 10 ڪلاڪ پنڌ ڪيم ۽ ڪيترن هنڌن تي اوجهڙ ۾ اٽڪيو هوس، پير به سُڄي پيا هئا، ان ڪري جيئن بدن ٺريو، آهستي آهستي مون کي بخار ٿيو ۽ اهڙو ٿيو، جو مون کي خبر نه رهي ۽ نه هوش هوم. ٻئي ڏينهن صبح تائين بيهوش پيو هوس. گهر ۾ ٻڌايائون ته ڪجهه به نه کاڌو هوئي، رڳو پاڻي پئي گهريئي ۽ رڳو پاڻي پئي پيتم. ٻه ڏينهن بخار هليو، آهستي آهستي ٽئين ڏينهن بخار ڇڏيو. بابا سائين حڪيم حافظ احمدي نوشهري واري کان دوا آندي، شربت ۽ ڪو عرق هو، جو وٺندو رهيس. 18 جون تي اسڪول ويس. ماستر صاحب ساڳيو، منهنجو استاد ٽؤنرمل هو. مون کي ڏسي گهڻو خوش ٿيو. آرڊر جي ڪاپي کيس مليل هئي. مون کيس اچڻ ۽ بخار وغيره جو احوال ٻڌايو.

چيو،

”فڪر نه آهي، ست ڏينهن تياريءَ جا پورا ڪري، 22 تاريخ اچي ڊيوٽي تي چڙهجانءِ.“

ان موجب 22 تاريخ صبح جو وڃي ڊيوٽيءَ تي حاضر ٿيس. ٻيو درجو منهنجي حوالي ڪيو ويو. سيپٽمبر مهيني ۾ ديوان ڪرمچند، جيڪو ان وقت اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪڙ هو، اسڪول جو معائنو ڪرڻ آيو. هر هڪ ڪلاس وارن کان زباني سوال به ڪيائون ۽ هڪ هڪ حساب ڪرايائين، خدا جي فضل سان منهنجي ڪلاس مان ڪنهن به شاگرد غلط جواب ڪونه ڏنو، جنهن ڪري صاحب بيحد خوش ٿيو.

 

ماهوار ’تعليم‘ رسالو، جو ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان شايع ٿيندو هو، جو هر هڪ اسڪول ۾ مهيني مهيني اندر ايندو هو. جڏهن آءُ سنجهوري بيٺڪ ۾ هوس تڏهن جيڪي به پراڻا رسالا هئا، اهي پڙهندو هوس ۽ ماهوار رسالا به چڱيءَ طرح پڙهندو هوس. هڪ رسالي ۾ هڪ مضمون پڙهيو هوم ته دنيا ۾ عورتن جي ويم ۾ سڀني ملڪن جي ڀيت ۾ هندستان ۾ تمام گهڻا موت ٿا ٿين، اهڙيءَ ريت ننڍن ٻارن جو موت به هندستان ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو، بنسبت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾. ان مضمون پڙهڻ تي منهنجي ذهن ۾ اهڙا خيال پيدا ٿيا ٿي ته ڇا خداوند ڪريم هندستان جي مخلوق تي ناراض آهي! ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جڏهن ته چوڻ ۾ اچي ٿو ته هر هڪ انسان جي موت جو وقت مقرر آهي، پوءِ هندستان جي زالن ۽ ٻارن جي عمر ڇو گهٽائي ويئي آهي؟ الله پاڪ وٽ ته سڀ انسان هڪجهڙا آهن، پوءِ هندستان جي ٻارن ۽ زالن ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ وري جڏهن سال 1917ع ۾ سڄي دنيا ۾ انفلوئنزا پکڙي، ته هڪ اخبار ۾ پڙهيم، ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ موتن جي سراسري تمام گهڻي آهي؛ پر حيدرآباد جي آدمشماريءَ جي حساب مطابق موتن جي سراسري تمام گهٽ هئي. اتي به مون کي ساڳيا خيال دل ۾ پيدا ٿيا، ته غريب ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن، خدا پاڪ جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو انهن کي اها سزا ملي ٿي. انهن ٻنهي حالتن جو جائزو ٿي ورتم، ته ٻين سڌريل ملڪن ۾ تعليم آهي، اتي هر هڪ ماڻهو صحت جي اصول تي عمل ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر وغيره به گهڻا آهن، جنهن ڪري مريضن کي علاج جي سهوليت ملي ٿي، ان ڪري ماڻهو به گهٽ ٿا مرن. ساڳي حالت ۾ حيدرآباد ۾ حقي تعليم به آهي ۽ صحت وغيره جو به خيال اهي، ڊاڪٽر گهڻا آهن، جنهن ڪري موت گهٽ ٿا ٿين ۽ اهو ته ’مرڻ جو وقت مقرر آهي‘، انهيءَ جي تسلا نٿي ٿئي. ڪيترن عالمن سڳورن سان ان بنسبت بحث ڪيم، پر مطمئن نه ٿي سگهيس. ان کان سواءِ وري مون کي اسان جون ريتون رسمون، شادي وغيره ڏسي، خاص ڪري مرڻ وقت ڪاڌپوڪرڻ ۽ طهر ڪرڻ تي قرض کڻي به ڀَتُ ڪرڻ جو ڪوبه جواز ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ نه وري انهيءَ اسلامي ڪتاب قرآن پاڪ خواهه حديث مان اهڙو ڪو ثبوت ئي ملي ٿو. بابا سائينءَ ٻڌايو هو: ته ڏاڏا سائينءَ وفات ڪئي هئي، ان وقت اسان وٽ ڏاندن جو جوڙو ۽ ٻه _ ٽي ڍڪيون ڳئون هيون، ان ڪري ٻن ڏاندن مان هڪ ڏاند، جو وڌيڪ متارو هو، سو ڪُهي، چانور آڻي ڪانڌين کي کارايو ويو هو ۽ وري ڏاندن جو جوڙو پورو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڏاند واڻين کان وياج تي قرض وٺي خريد ڪيو ويو هو، انهن سڀني ڳالهين جي سوچ ويچار ڪندو هوس. آخر هڪ ڏينهن ادا حاجي محمد الياس، ماسٽر غلام محمد ۽ محمد قاسم سان ذڪر ڪيم جيئن انهن ڀائرن سان گڏجي، اجاين رسمن وغيره ڪڍڻ جو ڪو تدارڪ ڪيو وڃي. نيٺ سندن صلاح سان سڀني ڀائرن جي ميٽنگ ڪئيسون ۽ اتي اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڄ کان پوءِ ڪونه ڪانڌپي جو ڀت نه ڪندو ۽ نه طهر جو وهانءُ ڪيو ويندو، باقي مرڻ وقت ڪانڌي جڏهن مقام کان ٻاهر ختمون ڏيڻ ته کجور، کارڪون يا پتاشا، جيڪي حاضر هجن، ڪانڌين ۾ ورهائجن ۽ طهر جو ڀت ڪير نه ڪري. پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ جڏهن به دل چاهي، بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، طهر ڪرائي ڇڏي. ان کان پوءِ ڪانڌپي جو ته ڀت بلڪل بند ٿي ويو ۽ طهر جو ڀت به 90 سيڪڙو بند ٿي ويو. جيئن ته ادا حاجي محمد الياس جي فيصلي موجب ان ڏينهن کان (سال 1913ع کان) اڄ تائين طهر جو ڀت نه ٿيو آهي ۽ نه اسان جي ڪٽنب ۾ طهر جو ڀت ٿيندو آهي. ڪانڌپي جو ڀت به اسان جي ڳوٺ ۾ اسان جي برادريءَ ۾ ڪونه ٿو ٿئي، البت حيدرآباد اچڻ بعد مهاجر ڀائرن جي اچڻ کان پوءِ سندن ريتن رسمن موجب ڪانڌين کي کارايو وڃي ٿو، بلڪه هاڻي ته ٽيجهو به ڪرڻ ۾ اچي ٿو، جو اڳي ٽيجهي جو نالو به ڪونه ٻڌوسين، البت اڳي پهرين جمعي اچڻ تي جمعي رات قرآن پاڪ جو ختمو پڙهائي بخشيو ويندو هو، جنهن لاءِ ٻه چار قرآن پڙهندڙ عزيز ايندا هئا ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي قرآن پاڪ جو ختمو پورو ڪندا هئا. انهن لاءِ هڪ ديڳڙو چانورن جو رڌايو ويندو هو، جو سڀ کائيندا هئا، عزيزن جي گهرن ۾ هڪ هڪ ٿانو موڪليو ويندو هو. 12.6.1922ع کان کاهي اسڪول ۾ ماستر هئس، ان جي وچ ۾ منهنجي ڪوشش سان ڪانڌپي ۽ طهر جي رسم بند ٿي وئي.

مون کي سال 1912ع ڊسمبر مهيني ۾ الله نياڻي عطا ڪئي هئي، جنهن کي ڇٺيءَ رات سندس نانيءَ کير جي سُتي پياري هئي، پر هڪ سُتي سوڻ جي بدران ڪڪيءَ کي گهڻيون سُتيون کير جون پياري ويئي. ان ڪري ڪڪيءَ جو پيٽ جلدي ڦوڪجي ويو ۽ پيٽ ۾ سور ٿي پيو. بهرحال ٽن _ چئن ڪلاڪن بعد ننڍڙي وفات ڪري ويئي. وري الله پاڪ جي فضل سان فيبروري 1914ع ۾ فرزند عطا ٿيو، جنهن جو نالو عبدالسميع رکيو ويو هو. جولاءِ مهيني ۾ ڪنهن جي ٻڌائڻ کان سواءِ صابوءَ حجام کي سڏي سندس طهر ڪرايو ويو، هفتي کن اندر ڇُٽي ويو. انهيءَ ريت طهر جي ڀَت بند ڪرڻ جو پهرين قدم مون کنيو. سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ نورچشم عبدالسميع کي مليريا جو بخار ٿي پيو، ٻن ڏينهن بعد بخار وڌي ويو ۽ مغز تي چڙهي ويو. ڳوٺ ۾ جيڪي وڏيون مايون هيون، ٻارن جي علاج وغيره جون ماهر هيون. انهن ننڍڙي جي حالت ڏسي چيو ته ڪڪي کي سرسام ٿي ويو آهي. ٻيو ڪوبه حڪيم وغيره ويجهو ڪونه هو ان ڪير انهيءَ جي صلاح موجب گرم دوائون ڏنيون ويون ۽ مالش وغيره مغز جي ڪئي ويئي، بجا ان جي سر تي ٿڌي پاڻيءَ جي پَٽي رکجي جيئن بخار مٿي کان گهٽجي؛ پوءِ  ائين چئبو ته ٻچڙي جي عمر پوري ٿي خداوند کيس گهرائي ورتو. دل جي سوز ۽ ڏک سان نورچشم کي الله جي حوالي ڪري آياسون، 20 تاريخ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو آرڊر پهتو جنهن ۾ مون کي دولتپور ٻاويهون ميل ويسٽ برانچ ڊگهڙي سب ڊويزن ۾ 25 رپين جي پگهار سان داروغو مقرر ڪيو ويو هو. آرڊر ۾ لکيل هو ته ٽن مهينن جي ڪم ڏسڻ بعد ڪنفرم ڪري 30 رپيا پگهار ڪيو ويندو، گهوڙي جو الائونس ان کان سواءِ ملندو. ماستريءَ ۾ سنجهوري ۾ ٻارهن رپيا پگهار هو؛ 10 رپيا گهار ۽ 2 رپيا، هيڊ ماستري الائونس هو ۽ هتي کاهي ۾ ڏهه رپيا پگهار هو. آءُ 25 آڪٽوبر تي ماستريءَ جي چارج ڇڏي رات واري گاڏيءَ ۾ سوار ٿي صبح جو پنجين وڳي حيدرآباد پهتس اتان بلغار اسٽيشن، جا هاڻي سلطان آباد جي نالي سان آهي ٽڪيٽ وٺي ستين وڳي صبح واري گاڏيءَ ۾ روانو ٿي، اٺين وڳي بلغار پهتس بسترو ۽ پيتي، اسٽيشن ماسٽر وٽ رکي پيادل ٻاويهه ميل ويسٽ برانچ روانو ٿيس! اسٽيشن تي اٺ وغيره جي ڪابه سواري ڪونه هئي، اسٽيشن کان ميل کن تي ويسٽ برانچ جي سترهن ميل جي موري آٽي، موري لنگهي ويسٽ برانچ جو کاٻو طرف ڏئي ٻاويهه ميل ويسٽ برانچ پهتس. پهچڻ تي ڪئنال واٽر رستي حد جي اوور سيئر کي 32 ميل ويسٽ برانچ ۽ سب ڊويزنل آفيسر ڊگهڙيءَ کي خبر ڏنم ته حڪم نمبر سان پهتو آهيان ۽ داروغي کان چارج وٺي اچ 10_26 تي ڪم تي لڳو آهيان، اهڙيءَ طرح وري لکيل رپورٽ چارج فرد سميت اوورسيئر کي موڪليم. اهو سڄو ڪم ادا حاجي غلام النبي صاحب جن جي هدايت تي ڪيم. ادا حاجي صاحب کي جيئن منهنجي آرڊر جي خبر پئي هئي تيئن مون کي احوال ڏنو هئائين. سامان کڻڻ لاءِ هڪ بيلدار کي موڪليم، جو کڻي آيو. اهڙيءَ ريت آءُ تعليم کاتو ڇڏي ٻئي انجنيري کاتي ۾ اچي لڳس. 22 ميلن تي ڪيترن ورهين کان مسلمان داروغو نه آيل هو. ان ڪري جيئن ڀروارن ڳوٺن ۾ خبر پئي ته مسلمان داروغو آيو آهي. تيئن مون کي ملڻ لاءِ آيا. چيائون ته ورهين کان پوءِ اسان جو مسلمان ڀاءُ آيو آهين ڪوبه ڪم پوپئي ته اسان حاضر آهيون. داروغي جي ڊيوٽيءَ ۾ گهوڙو ضروري گهرجي، جنهن جو الائونس به ملندو آهي. فقير حاجي قادر بخش لغاري دولت جي ڳوٺ وارو ملڻ آيو ۽ پوءِ سواءِ ٻڌائڻ جي گهوڙي سنجن سميت ڏياري موڪليائين ۽ چوائي موڪليائين ته جيستاين پنهنجي سواري وٺو تيستائين ٻئي ڪنهن کي سوال نه ڪجو. اهڙيءَ ريت گلڻ فقير ٿيٻو جنهن جو ويسٽ برانچ جي الهندي طرف سمن شاهه جي مقام لڳ ڳوٺ هو اهو به ملڻ آيو. نهايت عزت وارو ۽ بيحد مقبول ۽ چڱو زميندار هو. ان سان گڏو وڏو مالدار هو: وٽس مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون اٺن جا وڳ هئا، مهمانواز به حد درجي جو هو ڀر پاسي ۾ ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته پوءِ پوليس جي رپورٽ ڏيڻ بجاءِ سڀڪو ڊوڙي وٽس ايندو هو. ڪابه چوري ان کان ڳجهي نه هوندي هئي! ڀاڳين سان گڏ پيرا کڻي وڃي چوري هٿ ڪندو هو. ان ڪري سدائين وٽس ڪچهريون لڳيون پيون هونديون هيون. گلڻ فقير جيئن ملڻ آيو تيئن پنهنجي ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏنائين ۽ چيائين ته سواري لاءِ وهٽ کپي ته ٻئي ڪنهن کي سوال نه ڪجو. مون کيس چيو ته اوهان جي مهرباني، في الحال ته فقير قادر بخش جي گهوڙي موڪلي آهي، ضرورت پئي ته اوهان به پري نه آهيو _ پر مهيني ڏيڍ بعد مون پنهنجي گهوڙي ورتي. ٻاويهين ميل ويسٽ برانچ جي الهندي طرف فرلانگ کن پنڌ تي ’حافظ سانڌاڻي‘ جي نالي سان وڏو مقام آهي. حافظ صاحب جي تُربت زمين جي ليول کان ڏهه ٻارهن فوٽ مٿي آهي _ ماهه پهرين سومر تي عقيديدار تمام گهڻا ماڻهو سکائون باسڻ، دعائن گهرڻ ۽ ختمي ڏيڻ لاءِ، زالون خواهه مرد موريءَ تان لنگهندا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪرامت وارو پهتل شخص هو. انهيءَ ڪري آءُ گهڻو ڪري ڪه به فجر جي نماز وڃي بزرگ جي مزار ڀران پڙهندو هوس ۽ گهٽ ۾ گهٽ قرآن شريف جو هڪ سيپارو دور ڪندو هوس. ٻاويهه ميل موريءَ وٽ ويسٽ برانچ کي ٿورو ڦيرو (وڪڙ) ڏنل آهي؛ ٻڌڻ ۾ آيو ته ويسٽ برانچ جي کوٽائيءَ جا ڪَتَ سڌائيءَ سان بزرگ جي مقام تي ٿي آيا. مزور تائين ڪت هڻي ويندا هئا ته صبح جو نشان ڪونه هوندو هو. ان ڪري ويسٽ برانچ کي ٿورو وڪڙ ڏئي مقام کان پري اُڀرندي طرف فرلانگ پري ويسٽ برانچ جي کوٽائي ٿي چوڻ ۾ اچي ٿو ته بزرگ جي اها ڪرامت هئي. والله اعلم بالصواب.

دولت پور ٻاويهه ميل جي رهڻ جي عرصي ۾ منهنجي جن بزرگن ۽ دوستن سان ملاقات ٿيندي هئي انهن ۾ فقير قادر بخش، دولت لغاري جي ڳوٺ جو ۽ مولوي صاحب جو نالو (جيڪو ياد نٿو اچيم) جنهن جو دولت لغاريءَ ۾ اسلامي مدرسو هو، جتي تعليم ڏيندو هو ۽ پيش امام جا فرائض ادا ڪندو هو. آءُ جمعي جي نماز هميشه اتي وڃي ادا ڪندو هوس ۽ مولوي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. جمعي نماز تي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي تقرير فرمائيندا هئا، جنهن مان بيحد لطف ايندو هو. جمعي نماز بعد شام تائين مولوي صاحب جي صحبت ۾ گذاريندو هوس، سندس شاگردن مان هڪ مولوي نبي بخش ولد رئيس منگهن خان ۽ ٻيو صاحب خان لغاري، جنهن پوءِ سنڌي فائينل ڏئي ٽريننگ ڪاليج مان تعليم پوري ڪري، پنهنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ماستر ٿيو هو ۽ هاڻي شايد پينشن تي آهي. مولوي نبي بخش تحصيل ڪري دستاربنديءَ بعد وري به تعليم ۾ رهيو هو ۽ پنهنجي زمين به سنڀاليندو هو. مولوي صاحب جا ٻيا به شاگرد هئا، پر تن جا نالا ياد نه اٿم. دولت لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ جن دوستن سان گهڻي محبت هئي: انهن ۾ فقير قادر بخش کان سواءِ مولوي صاحب ۽ رئيس امير بخش لغاري ۽ سندس فرزند رئيس بجر خان هئا. دولت جو ڳوٺ ويسٽ برانچ 22 ميل کان ٽن ميلن تي آهي. ويسٽ برانچ جي الهندي طرف پير جو ڳوٺ هو، جنهن جو گادي نشين پير محمد شاهه هو، جنهن جو آءُ ڪهڙي تعريف ڪه به تعريف ڪريان! جهڙو هو صورت ۾ سهڻو تهڙو هو مجلس جو مور: سندس عام ماڻهن ۾ بيحد عزت هئي آسپاس مريد به تمام گهڻا هئس، سندس محبت مون سان ته ايتري هئي جو ٻئي ٽئين ڏينهن پنهنجي گهوڙي موڪلي مون کي گهرائيندو هو. رات جو ڪچهري، مولودن جي مجلس، ڳجهارتون، نڙ بيت مطلب ته رهاڻ ڪندي آڌي رات گذري ويندي هئي. رهاڻ ۾ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ڪيترا اوس پاس جا مريد به گهڻا شريڪ ٿيندا هئا. سندس محبت ۽ قرب جو آءُ ڪهڙو بيان ڪري ڪهڙو بيان ڪريان! ويسٽ برانچ جي الهندي طرف ٻيو ڳوٺ سيد غلام حيدر شاهه جو هو، سيد غلام حيدر صاحب به مهرباني ڪري مون وٽ ايندو هو ۽ دعوت ڏئي پاڻ وٽ وٺي ويندو هو. نماز ۽ روزي جو بيحد پابند هو. سندس ڳوٺ پراڻي ميرواهه جي ڪپ تي هو ۽ ڀرسان ميرواهه تي هرلا چڙهيل هوندا هئا، هرلن ۾ گهڻو ڪري اُڍ وهندا هئا. فصل ٿورو: سنڌي ونئڻ، ٻاجهري، جوئر، تر، مڱ، سائون وغيره هوندا هئا. ان کان سواءِ محمد قاسم ٿيٻو، جنهن جو ڳوٺ به ميرواهه جي ڪپ تي هو. گهڻو ڀائيندو هو، سندس صحبت ۾ بيحد مزو ايندو هو. مون وٽ گهڻو ايندو هو، آءُ به ٻه _ٽي ڀيرا سندس ڳوٺ ويندو هوس. دولت پور شاخ جا ٻاويهه ميل ويسٽ برانچ وٽان نڪتل آهي، سندس ڊگهائي ست ميل کن آهي؛ پڇڙيءَ تي ميرپورخاص، ميرواهه روڊ پڻ آهي. جنهن تي موري ٻڌل آهي _ موريءَ ۾ لوهي دروازو آهي. جڏهن پاڻي ۾ به دروازو مٿي ڪيو ويندو آهي. اتان اسڪيپ (ڇنڊڻ آهي) جا ٻن _ ٽن ميلن بعد ڇوڙ وڃي ڍوري پراڻي ۾ ڪندي آهي. ان وقت سکر بئراج اڃا ڪونه کوٽيل هو، نڪو ڪو خواب خيال ۾ هو. ڇنڊڻ جي پڇڙيءَ کان، ٿورو پري سيد غلام حيدر شاهه جو ڳوٺ آهي.

مرحوم شاهه صاحب جن وٽ اسان جي ڳوٺ جو محمد رمضان چنو، جو پنج _ ڇهه درجا انگريزي پڙهيل هو، سو خانگي ماستر هو. سائين غلام حيدر صاحب جن جي فرزندن مرحوم شجاع محمد شاهه ۽ قائم محمد شاهه جن کي پڙهائيندو هو ۽ زمينداريءَ جو هارين وغيره جو حساب به رکندو هو. وڏو فرزند سائين وڏل شاهه، زمينداري ڪم ۽ راڄوڻي فيصلن ۾ مشغول هوندو هو. اتي انهن کي منهنجي نالي جي خبر پئي هئي ته اُترادي محمد صادق ميمڻ دولت پور تي داروغو مقرر ٿي آيو آهي. ان تي محمد رمضان کي شڪ ٿيو ته محمد صادق منهنجو ڳوٺائي آهي. متان اهو داروغو هجي ان ڪري خبر پوڻ سان هو مون وٽ آيو. مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، حال احوال ڏيندي چيائين ته ڇنڊڻ جي پڇڙيءَ ويجهو شاهه صاحبن جو ڳوٺ ۽ زمين آهي، جيترو وڌيڪ پاڻي ڇڏي سگهو اوترو ڇڏيو، اسان کي گهڻي مدد ٿيندي. مون چيس ته جيڪو وڌيڪ پاڻي ٿئي ٿو سو اسين ازخود ڇڏيون ٿا نه ته شاخ ۾ گهارا پون ٿا. هاڻ آءُ وڌيڪ خيال رکندس. مون وٽ ٻپهرو ڪري روانو ٿيو ۽ مون کي دعوت ڏنائين ته شاهه صاحب جن سان ملاقات ڪجو. آفيسرن ۾ منهنجو ان وقت اوورسيئر مسٽر چراغ الدين جو پنجاب جو هو، سندس ڀاءُ ڪرم الاهي ڪئنال اسسٽنٽ هو. شيخ بشير احمد، جو تعليم کاتي سنڌ جو ڊائريڪٽر هو رٽائر ٿيو هو. سندس فرزند ۽ شيخ بشير احمد جو فرزند شيخ نصير ڊاڪٽر آهي، جنهن جي ڪراچيءَ ۾ اسپتال آهي. پهريون سب ڊويزنل آفيسر مسٽر ٽيڪچند هو، جو مهيني اندر بدلي ٿي ويو. ان جي جاءِ تي مسٽر آر_ بي _ ڪليگ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊگهڙي سب ڊويزن جي چارج ۾ آيو. ولايت کان سڌو اچي چارج ورتي هئائين. امپيريل سروس جو هو، بيحد محنتي ۽ رحمدل آفيسر هو. آهستي آهستي، سنڌي به سکي ويو؛ ٿوري گهڻي ڳالهائيندو به هو؛ دوائون وغيره به هميشه پاڻ سان کڻندو هو. ڪنهن به بيمار کي يا ماتحت کي ڪابه تڪليف يا بيماري ٿي ته يڪدم روبرو ڏسندو هو ۽ دوا ڏيندو هو. بَلا کاڌل لاءِ انجيڪشن هوندي هيس، خبر پوڻ تي يڪدم روبرو اچي انجيڪشن لڳائيندو هو، جنهن ڪري سندس وقت ۾ سب آرڊينيٽ ته ٺهيو پر ڪير ڌاريو ماڻهو ٿي آيو ته بلا کاڌل موت جو شڪار ڪونه ٿي ٿيو. منهنجي بيلدارن مان هڪ کي هڪڙي وقت، ٻئي کي ٻي منزل وقت بلا کاڌو، يڪدم روبرو اچي انجيڪشن نيائين جنهن ڪري هو چاق ٿي ويا. اهڙي همدردي مون ڪنهن سنڌي آفيسر ۾ ڪانه ڏٺي. ڪليگ صاحب کي 1914ع واري مهاڀاري لڙائي سبب گهرايو ويو هو؛ سروس ا مهينا کن مس ڪئي هئائين. پوءِ معلوم ٿيو ته هو لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ان کان پوءِ مسٽر ڪي. اي. مسند (مسٽر کيمچند سکرامداس مسند)، جو ان وقت سب انجنيئر هو، ڊگهڙي سب ڊويزن جي چارج ورتي. مسٽر مسند صاحب بيحد آزمودگار، محنت ۽ ايماندار هو ۽ ان سان گڏ وري ويشنو هو، جنهن کاڌل جو سامان سڀ پاڻ سان آڻيندو هو. فقط کير، گيهه ۽ ڀاڄيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. جنهن جا به پورا پئسا ادا ڪندو هو. چارج وٺڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو دولت پور بنگلي تي منزل ڪئي هئائين، مقدمن ۽ بيلدارن کي به پگهار ڏيئڻو هئس ۽ مسٽرول به پيمنٽ ڪرڻو هوس، ان ڪري مون کي ٽن هزارن جو چيڪ ڏنائين ته ڊگهڙيءَ مان مٽائي اچان جنهن ڪري مون فقير قادر بخش لغاريءَ جي ڀلي گهوڙي گهرائي، صبح جو ڇهين وڳي روانو ٿيس. دولت پور بنگلو ۽ ڊگهڙي ٽيويهه ميل پنڌ پري آهي، گهوڙي تمام ڀلي هئي. نائين وڳي ڊگهڙيءَ پهتس. ڊگهڙي خزاني آفيس مان چيڪ مٽائي، تڏهن نوٽ ڪونه هئا _ چانديءَ جا روڪ رپيا مليا. مسند صاحب جي گهران، صاحب لاءِ ڪجهه ڪپڙا به مليا، جن کي ٻه حصا ڪري چادر ۾ ٻڌي ۽ پيسا ڏيڍ هزار هڪ پاسي ڏيڍ هزار ٻئي پاسي ڪپڙن ۾ وجهي ڊگهڙي کان وڃڻ لاءِ 7 بجي روانو ٿيس، روڊ سان وڃڻ ڪري هڪ ميل وڌيڪ هو، ان ڪري بنگلي جي ويجهو ديهه 380 مان سڌو رستو ڏيئي ويس، وچ ۾ ٻه ٽي واٽر ڪورس هئا ديهه 380 جا. هڪڙي واٽر ڪورس مان سولو هلي آيس. ٻئي واٽر ڪورس ۾ ٻه _ ٽي فوٽ گپ هئي، جنهن ڪري گهوڙي نڪري نه سگهي، ان ڪري آءُ گهوڙيءَ تان ٽپ ڏيئي ٻاهر لٿس. منهنجي لهڻ بعد گهوڙي به زور ڏئي نڪري آئي، پر لغام منهنجي هٿن مان ڇڏائي ويو، گهوڙي وٺي ڀڳي. الله پاڪ رحم فرمايو جو پوءِ جيئن آءُ پٺيان ويس، گهوڙي بيهي رهي ۽ آهستي آهستي وڃي لغام ۾ هٿ وڌم. الله پاڪ جا شڪرانا بجا آندم نه ته الائي ڇا ٿئي ها! جيڪڏهن ڀڄي ها ته ڪٿي پَئسا ڪرن ها ته ڪٿي ڪپڙا ڪرن ها! بهرحال خداوند ڏٺووائٺو رحم فرمايو ۽ آءُ اچي بنگلي تي پهتس؛ ڪپڙا ۽ پئسا صاحب کي ڏنم. ٻئي ڏينهن صبح جو صاحب مسٽرول جو ڪم ڏسڻ هليو. دولت پور شاخ جي کاٽي ٿيل هئي، جنهن جون ماپون ڪري اڳئين صاحب پئمنٽ ڪري ڇڏي هئي؛ باقي مٽي، جيڪا کاٽيءَ جي ٻاهر نڪتل هئي سا مزورن کان ڇنڊائي وئي هئي، جنهن جو مسٽرول تپاسڻو هو. صاحب ڪم ڏسي مون کي چيو ته هي مسٽرول سچو آهي يا ڪوڙو؟ مون دل ۾ سوچيو ته صاحب سان ڪوڙ ڇا جي لاءِ ڪيان. مون ٻڌايس ته سائين ڪم سچو ٿيل آهي جو ڏسو ٿا؛ پر مسٽرول ڪوڙو آهي. جيئين ڪيئن؟ مون چيس: جن ٺيڪيدارن کاٽي کڻائي هئي ۽ مٽي ڪنارن جي شاخ تي ڇڏي هئي. انهن سان اسان جو فيصلو ٿيل هو ته مٽي دريشي ڪري ڏيندا. هنن کاٽي سان گڏ مٽي دريش ڪري ڏني، جن جو اسٽيميٽ کان به گهٽ مسٽرول ٺاهيو ويو آهي. جنهن تي صاحب فرمايو ته هيءَ پئمينٽ مان ڪريان ٿو جو تو سچ ڳالهايو آهي؛ ٻيهر اهڙو ڪم نه ڪج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com