حڪومت تائين به سندس گهڻي دستر هئي، لوڪل بورڊ جو ميمبر پڻ هو.
آفيسر به سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. هڪ ڀيرو
زمينداري ڪم سان مون وٽ
57 ميل تي آيو. آءُ به جڏهن ٽنڊي جان محمد ويندو هئس ته سندس ملاقات
ضرور ڪندو هئس. سندس محبت ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو.
منهنجي شادي نومبر 1922ع ۾ ٿي، هڪ مهيني جي موڪل
ورتي هيم، جيئن موڪل پوري ڪري ٽنڊي جان محمد
اسٽيشن تي پهتس، ته مسٽر ڄاڃي مل سگنلر مسٽر
گهنشامداس ۽ منهنجا زيردست ۽ ڀرورا ڪيترا زميندا
جن ۾ ديهه 194 جو چوڌاري فضل الاهي ۽ سندس فرزند ۽
ٻيا دهلن ۽ شرناين سان منهنجي استقبال ڪرڻ ۽
مبارڪون ڏيڻ لاءِ حاضر هئا. وڏي جلوس سان
57 ميل تي وٺي آيا، رستي لڳ ديهه 194 تي جو ڳوٺ هو، جتي مولوي صاحب جن
جي خدمت ۾ آيس ۽ سندن حاضري ڀريم، جماعتي سڀ
مبارڪون ڏيڻ لاءِ آيا، ڪن مٺايون ورهايون. پوءِ
اجازت وٺي موريءَ تي آيس.
شادي ٿيڻ کان پوءِ ڪوشش ڪيم ته ڊگهڙيءَ يا ٻئي شهر ۾ بدلي ٿئي،
جتي فيمليءَ سان رهان. ان وقت مسٽر هريرام بدلي ٿي
ويو هو. ’مسٽر ڪرسٽيج جي‘ آءِ. سي. ايس. اسسٽنٽ
ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊگهڙي سب ڊويزن جي چارج ۾ هو.
شاديءَ جي موڪل موصوف صاحب ڏني هئي. پر پهريان
مائٽن کي موڪل ڏيڻ لاءِ استدعا ڪيم. بابا سائين ۽
امڙ خوشيءَ سان موڪل ڏني، پر پڦي صاحبه، ادا حاجي
محمد حسين جي والده صاحب مرڳو ڪاوڙجي پئي ته زال
کي ٻاهر وٺي وڃڻ جي موڪل ڪانه ملندي. ٻيا به
نوڪرين ۾ آهن. بهرحال موڪل ڪانه ملي، مون بدليءَ
لاءِ وري ڪوشش ڪانه ڪئي. قدرت جي ڳالهه الله پاڪ
جي قدرت جو پڦي صاحبه 1923ع اپريل مهيني ۾ وفات
ڪئي. انا الله وانا اليہ راجعون. ڪجهه وقت گذرڻ
کان پوءِ بابا جن جي مرضيءَ سان بدليءَ جي ڪوشش
ڪيم. مسٽر ڪرسٽيج جي تمام سخت آفيسر هو. پر واجبي
ڳالهين ۾ بلڪل فراخ دل هو، منهنجي ڪم مان بلڪل خوش
هو. مون کيس عرض ڪيو ته مون کي مهرباني ڪري
ڊگهڙيءَ بدلي ڪيو ته آءُ فيملي سان اچي رهان.
مهرباني ڪري ايس. اي. اين. کي منهنجي ڊگهڙيءَ جي
بدلي ڪرڻ جو پروپوزل موڪليو. انجنيئر صاحب مسٽر
لوئيز، جو ڪرسٽيج جي آفيسر جو دوست هو، تنهن يڪدم
منهنجي بدليءَ ڊگهڙيءَ ڪئي. آرڊر ۾ هو ته جون جا
ڪم ختم ڪرڻ بعد بدليون عمل ۾ اچن.
پهرين هفتي جولاءِ 57 ميل جي چارج ڇڏي ڊگهڙيءَ چارج وٺڻ بعد گهر
جي رهڻ لاءِ جاءِ جي ڪوشش ڪيم، جاءِ به تمام سٺي ۽
وڏي مسواڙ تي ملي ويئي، جنهن کي صفا ۽ مرمت ڪرائي
سامان وغيره رکي، ٽن ڏينهن جي موڪل تي ڳوٺ ويس.
موڪل پوري ڪري تياري ڪري گهر واريءَ ۽ همشيره صاحب
۽ سندس ڪڪيءَ کي وٺي ڊگهڙيءَ پهتس. جولاءِ 1922ع
کان فيبروري 1924ع تائين ڊگهڙيءَ ۾ رهيس. ڊگهڙيءَ
۾ مير غلام حيدر وڏو جاگيردار ۽ زميندا هو. سندس
رهائش به ڊگهڙيءَ ۾ هئي، پاڻ باقاعدي پنج ئي وقت
نماز جا مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندو هو. مون کان به
جيترو ٿي سگهندو هو، اوترو نماز جماعت سان ادا
ڪندو هوس؛ خاص طرح سانجهي، سومهڻي ۽ فجر. جنهن ڪري
مير صاحب سان صحبت ڪرڻ جو گهڻو موقعو ملندو هو.
اورسيئر مسٽر تاج محمد سکر جو ويٺل هو. اهو به
ٻارن سان رهندو هو. مسٽر چوهڙمل سب ڊويزن ڪلارڪ ۽
مسٽر سيتلداس سگنلر به ٻارن سان رهندا هئا، جنهن
ڪري ٻار به هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. انهن کي به
اڪيلائي ڪانه محسوس ٿيندي هئي. ڊگهڙي سب ڊويزن ۾
جن زميندارن سان منهنجو رستو هو، انهن ۾ مير غلام
حيدر کان سواءِ وڏيرو خاڪو خان مهر ۽ سندس فرزند
ديهه 187 ميل جا به هئا.
ديهه 170 جا چوڌري فتح محمد ۽ چوڌري محمد افضل ۽ ديهه 181 جا
حافظ علي محمد ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر نور محمد ۽ رئيس
حاجي جلال خان ابڙنگ انهن زميندارن سان به چڱو
رستو هو، جنهن ڪري ڊگهڙيءَ ۾ رهڻ وارو وقت تمام
سٺو ۽ آرام سان گذريو.
جنوري 1924ع ۾ 22 ميل جو اوورسيئر بيمار ٿي موڪل تي ويو، ان ڪري
ڊسچارج وٺڻ لاءِ 22 ميل تي اوورسيئر ڊگهڙي يا مون
کي موڪليو ويندو هو. مسٽر ڪرسٽيج جي صاحب، انجنيئر
صاحب کي لکي موڪليو ته 32 ميل جو اوورسيئر موڪل تي
آهي، هفتي هفتي 22 ميل جي ڊسچارج لاءِ اوورسيئر ٿو
وڃي يا ڊگهڙيءَ جو داروغو، جو پڻ ڊسچارج وٺندڙ
آهي. ان ڪري ڊگهڙيءَ جي داروغي کي 22 ميل بدلي ڪيو
ويو. ان موجب انجنيئر صاحب منهنجي بدلي 22 ميل
ويسٽ برانچ تي ڪئي. آءُ 22 ميل وڃن تي خوش هوس، ان
ڪري جو اڳي ئي اتي رهي آيو هوس. صاحب سان بغير
شڪايت ڪرڻ جي چارج ڇڏي ۽ ٻارن کي ڳوٺ ڇڏي، مارچ جي
مهيني ۾ 22 ميل جي چارج ورتيم. اتي اچڻ تي حد جا
زميندار ۽ ٻيا ماڻهو ۽ غريب ڀر وارا مون کي ملڻ
آيا ۽ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. پير صاحب
مير محمد سائين کي جيئن خبر پئي ته آءُ 22 ميل تي
آيو آهيان ته مهرباني ڪري يڪدم ملڻ آيو ۽ شام جو
مون کي پاڻ سان وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو. 22 ميل تان
وري آءُ ساڳيءَ ريت فجر جي نماز وڃي حافظ صاحب جي
مزار تي پڙهندو هوس ۽قرآن پاڪ جو دور به اتي ڪري
ايندو هوس. الله جي فضل سان آءُ روز جي نماز جو
بلڪل پابند هوس. فائينل جي تياريءَ جي وقت حاجي
شفيع محمد جي صحبت ۾ 1910ع کان تهجد به بلاناغي
پڙهندو هوس. 22 ميل موريءَ تي ان وقت تائين هڪ
ڪوارٽر هو. جنهن ۾ داروغو رهندو هو. هڪ ٽنڊيل هڪ
خلاصي ۽ ٽن مقدمن جو هيڊ ڪوارٽر 22 ميل هو، جن
لاءِ ڪابه پڪي جاءِ نه هئي، ڪکائن جهوپڙين يا
چؤنرن ۾ رهندا. انجنيئر صاحب هڪ ڀيري ويسٽ برانچ
جي انسپيڪشن ڪندي 22 ميل تي آيو. کيس عرض ڪيم ته
هڪ ڪوارٽر آهي، جنهن ۾ آءُ رهان ٿو. پنجن سب
آرڊينيٽن جو هيڊڪوارٽر آهي، جن جي رهڻ لاءِ ڪابه
جاءِ نه آهي، وقتي اوورسيئر صاحب منزل ڪري ٿو. ان
تي انجنيئر صاحب حڪم فرمايو ته پنج _ ڇهه ڪوارٽر
لاڳيتا ٺهرايا وڃن ۽ هڪ سيڪنڊ ڪلاس بنگلو به
اوورسيئر يا ٻئي آفيسر جي منزل جي لاءِ رکيو وڃي.
سب ڊويزن جي چارج مسٽر منگهارام اسسٽنٽ انجنيئر کي
هئي، جو اسان جي ڳوٺ کاهيءَ ۾ رهندو هو. ڏاڍو
خوبين جو مالڪ، قابل انجنيئر ۽ هر فن مولا هو. ٽن
مهينن اندر موريءَ وٽ سرن جو کورو پچرائڻ بعد ڪم
شروع ٿيو ۽ ترت ڪم ڪيو ويو. موريءَ تي اهي ڪوارٽر
منهنجي 1924ڳ جي اتي رهڻ تي ٺهيا. 22 ميل ويسٽ
برانچ منهنجي لاءِ ڄڻ پنهنجو گهر هو. آس پاس جا
زميندار، غريب هاري، ڳوٺاڻا مون کي ملڻ، دعوتون
ڏيڻ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. لاڙ
کان گلڻ فقير جي ڳوٺ مان مولوي حبيب الله صاحب
ٿيٻو آيل هو. گلڻ فقير جي دعوت تي سندس ڳوٺ ويس.
اتي مولوي صاحب سان ملاقات ٿي، مولوي صاحب پورو
موحد، پڊعتن جو ويري، قبرپرستن جو دشمن، شيرين
زبان هو. سندس صحبت مون تي اهڙو اثر ڪيو. جو کانئس
وڃڻ واري ملاقات بعد وعدو ورتم ته مهرباني ڪري
منهنجي غريب خاني تي پيا اچجو. ان موجب هڪ ڏينهن
وهٽ موڪلي گهرايومانس، پوءِ هڪ نه ٻئي ڏينهن وري
به گهرائيندو رهندو هئوسانس. شام جو ايندو هو ته
رات جو نه ڇڏيندو هوسانس، اهڙيءَ ريت جيڪو وقت اتي
رهيس. مولوي صاحب جي صحبت ۾ گهڻو وقت صرف ڪندو
هوس. سندس صحبت مان ڏاڍو سرور ۽ خوشي حاصل ٿيندي
هئي. پورو پورو عامل باعمل هو، ڪي ماڻهو چوندا هئا
ته اهو مولوي وهابي آهي.
پير علي محمد راشدي
محمد اسماعيل زونر
مون سان ته مولا سائين هميشه ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا آهن.
ساري زندگي بنا ڪوشش، بنا محنت، بنا لياقت، لِڏ
مان لعل لهندو رهيو آهيان. انهن ڏينهن ۾ عام چوڻي
هوندي هئي ته ”ميان جيئن پوءِ تيئن سڀ شئي گهٽ
آهي“، پر مون کي ته انهن ڏينهن ۾ به گهٽين ۾ به
گهمندي ناگهان، ناگمان، پاڻهر تو ماڻهپي جا ماڻڪ
ميسر ٿيندا رهيا.
مثلاً
اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ هڪ ڏينهن صبح ويلي گهاڙي واهه
جي ڀڪ واري چونڪ وٽان لنگهي رهيو هوس، هڪ ڳوٺاڻو
مهانڊو سامهون اچي ويو. قد وچولو، بت هلڪو، شهپر
ايتريقدر وڏا جو کيس غير معمولي ماڻهو سمجهي آءُ
خود بخود ڏانهنس ڇڪجي ويس. هٿ ملاياسين، خوش خير
عافيت ائين ڪئيسين جيئن ورهين جا واقف هئاسين. خوش
خير عافيت کان بعد ئي هڪٻئي جا نالا ۽ نشان پتا
پڇياسين. سندس نالو محمد اسماعيل ۽ ذات زونر هئس.
دادو اسٽيشن جي ڀر ۾ زونرن جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. ڳوٺ
جي وڏيري بلاول خان جو پٽ هو. معمولي سنڌي لِکڻ
پڙهڻ ڄاڻندو هو. ڪِرت پوک ۽ معمولي کاتيداري هئس.
آءُ ساڻس ملڻ بعد آفيسن ڏانهن رڙهڻ لڳس. هي به بنا چئي بنا
پڇئي مون سان گڏ اوڏانهن هلندو رهيو. جيترو وقت
آءُ اُت ترسيس هيءُ به ويٺو رهيو. ساڳيءَ طرح
واپسيءَ ۾ به سنگت ڪيو آياسين. بس ان ملاقات کان
پوءِ مرندي گهڙيءَ تائين محمد اسماعيل گهرٻار
وساري مون سان گڏ رهيو. هر مصيبت ۾ منهنجو ساٿي،
هر ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي، خطري جي گهڙي آئي ته
سِر تريءَ تي . نه غرض نه مطلب، نه پگهار، نه ڏيڻ
وٺڻ، محض محبت، جنهن ۾ ويهن سالن گذري وڃڻ بعد به
ماٺائي ڪانه آئي. جيڪڏهن ڪو فڪر رهيس ته اهو ته
مون سان گڏ رهي، هر وقت سامهون هجي، دم ڌار نه
ٿئي. حقيقت هيءَ هئي ته:
محبت وڌو هوس مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري؟
مون جهڙي زود رنج ۽ زبان جي تکي انسان سان ويهه سال گڏ رهڻ ۽
آخري دم تائين پل پاسي نه ٿيڻ واقعي وڏو ڪشالو هو.
اهو ڪشالو ڪڍڻ ڪنهن معمولي ماڻهوءَ لاءِ محال ڇا
ناممڪن هو، پر محمد اسماعيل معمولي انسان نه هو.
هو اهو ڪشٽ ڪڍي وڃي پار پيو ۽ ڪڏهن ٻِڙڪ نه ٻاهر
ڪڍيائين.
جيڏانهن آءُ ويندو هوس، مون سان ساڻ هوندو هو. سفر هجي يا حضر _
حضر ۾ ته لازمي طرح. هڪ اهڙو زمانو هو جنهن ۾
منهنجي جان خطري ۾ هوندي هئي. اهو زمانو پندرهن
سال هليو. محمد اسماعيل منهنجو چوڪيدار هوندو هو.
چوويهه ئي ڪلاڪ آءُ سمهي رهندو هوس ته هي بندوق
ڀريو دَ جي ٻاهران ويٺو هوندو هو. گاڏيءَ يا موٽر
۾ ويهندو هوس ته به ڀر ۾ ڀريل بندوق اُڀي ڪيو هيڏي
هوڏي نهاريندو هلندو هو. هڪ دفعي هتياربند مقابلي
جو امڪان پيدا ٿي پيو. ٻئي طرف کان گوليون وَسڻ
شروع ٿيون. پوليس پارٽي4 وارا، جيڪي محمد اسماعيل
سان گڏ ويل هئا، سي سڀ ناپ ۾ ليٽي پيا. محمد
اسماعيل ناپٽ جي ڀڪ کان مٿي مٿو ڪڍيو جوابي فائرنگ
ڪندو رهيو. سندس هٿ، ٻارهن بور جي ڇرن جي بندوق تي
هريل هو. ان ڏينهن فاصلي سبب رائفلن جو معاملو هو.
رائفل جو تجربو ڪونه هوس. ڪوشش گهڻي ڪيائين پر
سندس ڌڪ ڪنهن کي ڪونه لڳو. مقابلي ختم ٿيڻ کان
پوءِ ٻيءَ ڌر کي گاريون ڪڍندو رهيو ۽ چوندو رهيو
”هٿ سڌو ڪونه هون نه ته اڄ شهيدان ڪربلا جي ميڙن ۾
حورن جي هنج ۾ ويٺا هجون ها.“
حورن جي هنج ۾ هينئر ضرور هوندو، پر ان ڏينهن کيس ان سفر تي
سڌارجڻ جو موقعو ڪونه مليس.
شڪار جو ڏاڍو خفتي هو ۽ شينهن جي منهن ۾ به ويندي اصل ڪونه
ڊڄندو هو. مون سان گڏ وڏي شڪار جي ڳولا ۾ تقريباً
هر سال هندستان هلندو هو. ڪڏهن يو. پي، ڪڏهن سي.
پي، ڪڏهن بهار ڪڏهن ميسور. شينهن سان مقابلي ڪرڻ
جو ڏاڍو شوقين هوس. هڪ دفعي اسان ٻئي هاٿين تي
سوار ٿي يو. پي. جي جهنگن ۾، وڏي گاهه جي هڪ دڙيءَ
مان لنگهي رهيا هئاسون. شينهن ان گاهه ۾ لِڪل هو.
محمد اسماعيل کي هدايت ڪيل هئي ته ٻارهين بور جي
ڇرن جي بندوق شينهن تي نه هلائي. هاٿي، گاهه
چريندا اڳتي وڌندا رهيا. اوچتو محمد اسماعيل جي
نظر شينهن تي پئجي ويئي. نه ڪيائين هم نه تم، ڇرن
جي بندوق شينهن تي وهائي ڪڍيائين. گاهه وڏو هو،
اسان شينهن ڏسي نه ٿي سگهياسين. بندوق ڇٽڻ کان
پوءِ شينهن گاهه جي جهڳٽي ۾ گهڙي ويو ۽ محمد
اسماعيل هاٿيءَ جي پٺيءَ تي اُڀو بيهي نعرا هڻڻ
لڳو ”قادر قلندر مست! مست! قادر قلندر مست.“ ”ڪاڏي
ٿو ڀڳو وڃين گاهه ۾.“ گاريون ڏيندي للڪاريندو رهيس
ته ”مڙس آهين ته قلندر جي پانڌيڙي جو مقابلو ڪر.“
هاٿيءَ جي مهاوت کي تجربو هو، تنهن پنهنجو هاٿي
ڪري پوئتي هٽايو ۽ پاسي وارن هاٿين کي اشارو
ڏنائين ته ”آڏو شينهن اٿوَ“ محمد اسماعيل ڪاوڙ
منجهان مهاوت جي پڳ لاهي ورتي ۽ کيس گاريون ڏيندو
رهيو ته هاٿي پوئتي ڇو ٿو موٽائي. سندس هڪ هٿ ۾
بندوق ۽ ٻئي مهاوت جو پَٽڪو. هاٿيءَ جي پُٺيءَ تان
لُڙ بغاغو مچائيندي جهنگ مٿي تي کڻي ڏنائين. اسان
جا باقي ٻه هاٿي (جنهن مان هڪ تي آءُ سوار هوس ۽
ٻئي تي منهنجو ميزبان) محمد اسماعيل واري هاٿيءَ
جنهن جهنگ جي ٻوٽي ۾ شينهن وڌي وڃي ڇپيو هو، تنهن
جي وچ ۾ ڪاهي پيا. منٽن جو معاملو هو، شينهن هاٿي
ويجها ايندا ڏسي رنڀ ڪئي ۽ ٽپ ڏئي محمد اسماعيل
واري هاٿيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ سڌو اوڏانهن جو رخ
ڪيو. ٻيلائي شينهن جي رنڀ ايتريقدر خوفناڪ ٿئي ٿي
جو ائين سمجهجي ٿو ته زمين ۽ آسمان لرزش ۾ اچي
ويا. جهنگ جا ٻيا جانور خواه پکي پرنڀ جِت به
هوندا شينهن جي رڙ ٻڌي دهلجي دانهون ڪري هيڏانهن
هوڏانهن ڀڄڻ ۽ لِڪڻ لڳندا آهن ۽ اها رڙ ميلن تائين
ٻڌڻ ۾ ايندي آهي([1]).
شينهن گاهه مان نڪري اڃا ٻه ٽپ مس ڏنا هئا ته
ان وچ ۾ اسان جي ساٿي شڪارين منجهان ڪنهن جي گولي ڇُٽي جيڪا وڃي
شينهن جي ڳجيءَ ۾ لڳي ۽ ڪنڌ ٽوڙي وڌائينس. شينهن
انهن ئي پيرن تي ڪِري پيو([2])،
پر محمد اسماعيل جو بغاغو ان وچ ۾ به جاري رهيو.
مون چيس:”بڪ بند ڪر! اڄ پاڻ کي به مارايو هئي ۽
اسان کي به. هي ڪو موقعو هو قلندي جي دنبهن هڻڻ
جو.“
ورائي ڏنائين: ”پير يار، بدمگز (مغز) آهين. شينهن کي قلندر
ماريو يا تو ماريو؟“
ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به شڪار تي ويندا هئاسين ته مان محمد
اسماعيل کي پاڻ سان گڏ هاٿيءَ تي ويهاريندو هوس ۽
کيس چئي ڇڏيو هوم ته جيڪڏهن وري ڪا مستي ڪيائين ته
سندس مڇ ڏي خير ڪونه رهندو (يعني مڇ پٽي
وٺندومانس). مڇن جي دفاع جو مرحوم کي گهڻو خيال
هوندو هو ۽ اهوئي دڙڪو سندس حالت ۾ ڪارگر ٿيندو
هو.
اهو ته ٻيلائي شينهن جو موقعو، هاڻي چيتي شينهن جو قصو ٻڌو.
شڪار جي خاطر اسان جهنگ ۾ جنهن ڳوٺ ۾ رهندا
هئاسين، اُت رات وڳڙي ۾ چيتا شينهن لنگهي ايندا
هئا. چيتو شينهن ڪتن کي مارڻ ۽ ڪتن جي گوشت کائڻ
جو ڏاڍو شوقين ٿئي ٿو. ڪتن جي ڳولها ۾ اڪثر رات جو
ڳوٺن جي گهٽين ۽ گهرن ۾ رُلندي، نوسيندو رهي ٿو.
محمد اسماعيل مرحوم کي نماڻي ٻوٽيءَ پيئڻ جو ڏاڍو
شوق هوندو هو، تنهن ڪري رات جو ٻه _ ٽي ڀيرا کيس
(مڪتبن جي اصطلاح موجب) ”هڪ“ جي خيال سان اٿي ٻاهر
وڃڻو پوندو هو. عرض ڪيل هوس ته هميشه ٽارچ ۽ بندوق
پاڻ سان کڻي ٻاهر نڪري، پر هڪ رات جو ٽارچ ته کڻي
ويو پر بندوق ڇڏي ويو. مشڪل سان ”هڪ“ جي خيال پوري
ڪرڻ لاءِ ويٺو هو ته صحن جي ڪنڊ مان کيس سُرڪاٽ
ٻڌڻ ۾ آيو. ويٺي ويٺي ٽارچ هنيائين ته چيٽي شينهن
جون ٽمڪندڙ اکيون نظر آيس. شينهن ٽپو ڏيئي ديوار
تي چڙهي موٽي ڏانهن پئي واجهايو. محمد اسماعيل کي
اڳٺ ٻڌڻ جو ٽائم ڪونه مليو. بندوق کڻڻ لاءِ ڀڄندو
اندر آيو. سٿڻ پيرن ۾ ٿڦڪندي رهيس. تڪڙ ۾ بندوق
کڻي ٻاهر ڀڳو، ڀڄندي منهنجي پير کي لوڏو ڏيندو
ويو. آءُ سمجهي ويس ته چيٽي جو معاملو هوندو، تنهن
ڪري رائفل کڻي سندس ڪڍ لڳس. ان وچ ۾ شينهن ته ڀڄي
ويو. محمد اسماعيل چيو ”آءُ شينهن جي ڳولا ۾
ويندس، تون هيءَ بندوق جهل ته مان سٿڻ مٿي ڪري اڳٺ
ٻڌي وٺان.“ ان وقت ته مون زوريءَ گهلي آڻي
سمهاريس، پر سڄي رات ننڊ ڪانه ڪيائين. هر ڪلاڪ کان
پوءِ ٽارچ ۽ بندوق کڻي ٻاهر نڪري شينهن لاءِ چئني
طرف واجهائيندو ٿي رهيو.
مون مٿي لکيو آهي ته مرحوم جي نماڻيءَ ٻوٽيءَ سان دلچسپي هئي.
آءُ کيس منع ڪري ڪونه سگهندو هوس، ڇو ته نماڻي
ٻوٽي نه ملندي هئس ته چرس جا سوٽا هڻي پنهنجن ڦڦڙن
کي ڦٽيندو هو. يو _ پي ۾ ڀنگ عام ٿئي ٿي، جيئن سنڌ
۾ جهنگلي گاهه. ات جا ماڻهو ڀنگ ڪونه پيئندا هئا.
محمد اسماعيل مرحوم ڀنگ جا جهنگ ڏسي مرڪندو ٿي
رهيو. مون کي ڀؤ ٿيو ته مبادا يو_ پيءَ مان موٽندي
هيءُ صاحب ڀنگ جي ڀري ٻڌي ڪراچي نه هلي، ڇو ته سنڌ
۾ ڀنگ تي بندش هئي ۽ ڀنگ کي آبڪاريءَ جو ڏوهه هو.
مان کيس تنبيهه ڪندو رهيس ته ڀنگ ڳوٺ کڻي ناهي
هلڻي. هو ”ها _ ها“ چوندو رهيو. پر جڏهن ڪراچيءَ
پهتاسين ته ڀنگ جي گُهنڊين جي ڀري ڪڍي آڻي منهنجي
اڳيان رکيائين. مون پڇيس ته ”هيءَ ندوري ڪيئن
آندئي؟“ چيائين ته ”تو ته پنهنجي بڇڙائي ڪئي، پر
قلندر دوناليون بندوقون پاڻ سان ساڻ هيون. ڀنگ جون
گهنڊيون ڪڍي بندوقن جي نالين کي ساڻن ڀري ڇڏيوسين.
ڪير بندوقان کولي نالين ۾ نظر ڪري ها؟ هاڻي ڇهن
مهينن جو راشن مولا هڪ ئي وقت ڏياري ڇڏيو. پيا
پيئنداسين ۽ جيئنداسين _ قادر قلندر مست...“
سندس لطيفا بيشمار آهن. ڪهڙا ٻڌائي، ڪهڙا ٻڌايان؟
هڪ ڀيرو جواهر لال نهرو اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو. کيس سنڌ ۾
گشت ڪرڻو هو. پر خبر پئي هئس ته مسلمان ڪانگريس جي
خلاف آهن ۽ وڏو امڪان آهي ته ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي
مٿس خوني حملو ٿي پوي. اسان جا ڪانگريسين سان سخت
اختلاف هئا. آءُ پاڻ مسلم ليگ جو جنريل سيڪريٽري
هوس. ان هوندي به جواهر لال طرفان هڪ مقامي هندو
ليڊر مون وٽ لنگهي آيو ۽ اچي چيائين ته ”توهان
مسلمانن ۾ ايتري فراخدلي آهي ته اوهان سنڌ اندر
جواهرلال جي سلامتيءَ جو ذمو کڻو، آخر هو سنڌ جو
مهمان آهي.“ مون اختلافن جي باوجود اهو ذمو کنيو ۽
محمد اسماعيل کي بندوق ڏئي تيار ڪيم ته هو جواهر
لال سان گڏ موٽر ۾ ويهي ۽ جيڪڏهن جواهر لال تي
حملو ٿئي ته ان جي حفاظت ڪري. محمد اسماعيل بندوق
کڻي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جواهرلال سان گڏ سفر
ڪيو ۽ رستي ۾ کيس ٽوٽڪا ٻڌائي کلائيندو رهيو.
ڏينهن جو ساڻس موٽر ۾ هلندو هو ۽ رات جو سندس سمهڻ
واري ڪمري جي در جي ٻاهران ويهي پهرو ڏيندو هو.
ڪنڌڪوٽ يا ڪشمور ۾ جواهر لال کي نوٽن جي ڳوٿري
ڏنائون. جواهرلال اُها ڳوٿري تحفي طور محمد
اسماعيل کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد اسماعيل ڳوٿري
وٺڻ کان صفا انڪار ڪيو. چي: ”هم ڳوٿري ڪي واسطي
جان جوکم ۾ نهين ڊالتا. هم ڪو سائين راشدي ڪا حڪم
هي.“ جواهرلال ڏاڍو متاثر ٿيو. سندس سنڌ جو سفر
سلامتيءَ سان ختم ٿيو.
50_1949ع ۾ جڏهن پاڻ هندستان جو وزير اعظم هو، تڏهن آءُ اخبار
نويسڻ جو وفد وٺي دهلي ويس. پاڻ اسان جي اعزاز ۾
ڊنر ڏنائين. آءُ سندس ڀر ۾ ويٺل هوس. مون سان محمد
اسماعيل جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو
”بڍا بهت بهادر هي، جسم کا کمزور مگر دل کا
مضبوط.“ موڪلائيندي به محمد اسماعيل لاءِ سلام
ڏنائين.
خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي تي الله بخش مرحوم جي خون جو ڪوڙو
مقدمو ٺهيو. سياسي دشمنيءَ سببان، هو آخر بي ڏوهي
ثابت ٿيو. پر هڪ وقت اهڙو به اچي ويو جو خانبهادر
جي خلاف متل باهه ڏسي کانئس هرڪو پاسو ڪرڻ لڳو.
خانبهادر جي طرفان هڪ قسم نامو پيش ڪرڻو هو، پر
قسم نامي ڏسڻ کان ٻيا ته خير سندس ذاتي نوڪر به
نابري واري ويهي رهيا هئا. مون کي چيائين: ”هاڻي
ته هرڪو ڇڏي ويو. هڪ معمولي قسم نامي ڏيڻ لاءِ به
ماڻهو نه ٿو ملي!“ مون چيس: ”اوهان قسم نامو
لکرايو، ماڻهو آءُ ٿو پيش ڪريان. سياسي دشمنيءَ جي
حقيقت هونءَ به سچي آهي. فقط دل گهرجي. اوهان جي
دوستي وڏن ماڻهن سان رهي، جيڪي پنهنجن غرضن جا
غلام ٿين ٿا. ڪنهن غريب سان ياراڻي رکو ها ته هو
ههڙي ويل ڪانه وڃائي ها.“ مون فوراً گهر پهچي مدد
اسماعيل سان ڳالهه ڪئي، جيڪو چئلينج جهڙي ڳالهه
ٻڌي هڪدم شهپرن تي هٿ هڻي تيار ٿي بيٺو. فقط تيل
گهريائين ته هو مڇن کي لائي کين چمڪائي، جيئن
انگريز مئجسٽريٽ تي به رعب پئجي وڃي.
خانبهادر کهڙو قسم نامو لکرائي، فريئر حال وٽ پهتو ته آءُ ۽
محمد اسماعيل اڳ ۾ موجود هئاسين. ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ
جي ڪورٽ ڀر ۾ هئي. ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ هڪ انگريز مسٽر
بڊ هو، جنهن جي سخت گيريءَ جون ڳالهيون مشهور
هيون.
محمد اسماعيل سندس اڳيان وڏيءَ خُنڪيءَ سان بيان ڏنو. بيان ۾
ڪنهن نامور وزير جي دشمنيءَ جو به ذڪر هو.
ماجسٽريٽ پڇيس: ”تون انهيءَ وزير کي سڃاڻين؟“
”هائو _ مان پڻس کي به سڃاڻندو هوس. فلاڻي شهر ۾
درزڪو ڪم ڪندو هو. پهريائين واڻيو هو ۽ پوءِ
مسلمان ٿيو هو.“ ماجسٽريٽ کلي کڻي بيان جي تصديق
ڪئي.
1943ع ۾ محمد اسماعيل چوڻ لڳو ته: ”پير! اسان جي
حياتي هاڻي ٿوري آهي. مون کان پوءِ دادوءَ سان
تنهنجو واهپو ڪونه رهندو. اها ڳالهه مون کي ناپسند
آهي. تون دادوءَ ۾ زمين جو ٽڪرو وٺ.“
سندس دل رکڻ لاءِ مون زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو ۽ ان زمين سبب آءُ
اڄ تائين دادوءَ سان پيو لڙڪان.
1950ع جي وچ ڌاري پاڻ وفات ڪيائين. آءُ انهن ڏينهن ۾ لنڊن ويل
هوس. منهنجي ٽپال بانڊ اسٽريٽ ۾ ايندي هئي. سندس
قضيه جي اطلاع جو خط پڙهي منهنجون وايون وينديون
رهيون. موٽندي گهر جي خبر ڪانه رهيم. لنڊن جي رستي
تي ساري رات پنڌ ڪري وڃي شيپردش نڪتس. هوش حواس
گم هئا. پوليس واري مون کي وائڙو ڏسي پڇيو:
”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ مون جاءِ جو پتو ٻڌايس.
چيائين: ”اها ته پندرهن ميل پوئتي ڇڏي آيو آهين.“
مون کي هٿ کان وٺي ٽيڪسي ۾ ويهاريائين ۽ ٽيڪسي
واري کي منهنجي جاءِ جو پتو نشان ڏنائين. گهر پهچڻ
بعد ڏٺو ويو ته سخت بخار چڙهيل هو، جنهن پندرهن
ڏينهن به ڇڏيو. شاهي محل جي ڊاڪٽر کي اٺ پائونڊ
ڏئي مشوري لاءِ سڏايو ويو، جنهن راءِ ڏني ته ڪنهن
صدمي
(Shock)
سبب منهنجي اعصابن کي نقصان پهتو آهي. مون کي لنڊن
کان ٻاهر برائٽن ۾ وڃي ڪجهه ڏينهن رهڻ گهرجي ۽ غم
غلط ڪرڻ لاءِ هلڪو شراب
(Red Wine) واپرائڻ گهرجي. برائٽن ته ويس، پر ريڊ وائن پيئڻ جي همت ڪانه
ٿيم. تشنه ڪاميءَ جي حالت ۾ مهينو کن رهي موٽيس.
منهنجي ڪراچيءَ واري گهر جي صحن ۾ محمد اسماعيل مرحوم پنهنجي
ويهڻ لاءِ سيمنٽ جي هڪ بينچ ٺهرائي ڇڏي هئي، جت
ويهي مون ڏانهن نهاريندو رهندو هو. اها بيچ اڄ
تائين سلامت آهي، محمد اسماعيل ڪونه آهي.
سامونڊي سنڀوڙا منهنجا ويراڳي ويا،
نــڪا بـــاهه بندر تي، نڪي ڏسجن ڏيا.
جاني جنهن جهاز ۾، سي ٻيڙا ئي ٻيا.
(ڇپائي
هيٺ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (ڀاڱو 2) مان کنيل.)
()
اها رات منهنجي اک ڪانه لڳي. اڃان سمهان ته
ائين پيو سمجهان ته شينهن مون تي حملو ڪري
رهيو آهي. سندس رنڀ ساري رات منهنجن ڪنن ۾
گونجندي ۽ گجندي رهي.
()
شينهن جي حالت ۾ ڪنڌ جي گولي ئي فوراً ڪارائتي
ٿئي ٿي.
|