محترم ايم. اي. غفور پنهنجي تحقيقي ڪتاب ”ٺٽي جا خطاط“ ۾ لکي ٿو
ته سمن جي دور ۾ ”حافظ رشيد“ هڪ وڏو ماهر خطاط ٿي
گذريو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪتبا ان جي محنت جو
ثمر هجن([1]).
سمن جي زمني ۾ ”خطا تعلقي“ جا نمونا تمام گهٽ حاصل
ٿيا آهن. صرف شيخ حماد جماليءَ جي قبر تي ”خط
تعليق“ ۾ ڪتبو مليو آهي.
ڄام نظام الدين، سمن جي خانوادي جو آخرين ۽ آزاد سنڌ جو پهريون
حاڪم هو، جنهن سن 866هه کان 914هه تائين سنڌ ملڪ
تي حڪمراني ڪئي. کانئس پوءِ ڄام فيروز ۽ هن خاندان
جي حريف شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ تخت ۽ تاج
لاءِ ويڙهه هلي. سن 914هه کان 927ه تائين سنڌ مٿان
ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان فوج وٺي ٿي پهتو، ته
ڪڏهن سبي ۽ قنڌار کان ارغونن کي آڻي، فيروز ٿي اچي
ڪڙڪيو. نيٺ ان جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪتو([2]).
ارغونن نه صرف اڳ ۾ ڄام صلاح الدين کي فيروز جي
مقبلي ۾ ختم ڪيو، بلڪه ڄام فيروز کي به هميشه لاءِ
ختم ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ارغون سڌ مٿان حڪومت ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿيا، ۽ سن 1521ع کان 1563ع تائين تخت و
تاج جا مالڪ بڻيا رهيا.
ارغونن جي دور ۾ ٻاهريان لڏي ايندڙ عالمن، اديبن، شاعرن ۽ صاحبِ
فن ماڻهن جو گهڻو سيلاب جاري رهيو ۽ هو آزاديءَ
سان سنڌ جي مرڪزي شهرن جهڙوڪ: بکر، سيوهڻ، ٺٽو ۽
نصرپور ۾ اچي، محلا قائم ڪري رهيا.
ازان سواءِ خود ارغوم حاڪم شاهه بيگ پاڻ سان گڏ ڪيترائي ايراني
عالم، اديب، شاعر ۽ خطاط سنڌ ۾ آندا. هن دور جي جن
ماهر خطاطن جو احوال ملي ٿو، سي گهڻي قدر ايراني
هئا، ۽ انهن جي زبان فارسي هئي. انهن ماهر خطاطن ۽
خوش نويسن جا ڪافي يادگار سنڌ جي پراڻن شهرن
جهڙوڪ: سيوهڻ، ٺٽي، بکر ۽ نصرپور ۾ ملن ٿا. هن دور
۾ خوش نويسيءَ جي فن وڏو ڪمال حاصل ڪيو. شاهه
منصور حڪيم تبريزيءَ جي لکتين مان اهو به ظاهر ٿئي
ٿو ته سن 1542ع ۾ شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ ٺٽي
شهر ۾ خطاطيءَ جو فن عروج تي هو([3]).
سن 1554ع ۾ شاهه ارغون لاولد لاڏاڻو ڪيو. سنڌ مل
ٻن خاندانن ۾ ورهاجي ويو. اتر سنڌ وارو علائقو
سلطان محمود جي هٿ ۾ رهيو، جنهن جو تختگاهه بکر
هو، ۽ سنڌ جو هيٺاهون حصو مرزا عيسيٰ ترخان جي
قبضي ۾ رهيو ۽ اها ترخاني حڪومت سن 1951ع تائين
اڪبري فوجن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين قائم رهي.
ترخاني دور ۾ خطاطيءَ جي فن جي وڏي ترقي ٿي. هن زماني ۾ به
ڪيترائي ٻاهريان عالم ۽ هنرمند ماڻهو سنڌ ۾ آيا ۽
اچي سنڌ جي مرڪزي شهرن ۾ آباد ٿيا. اگرچه ارغوني
دور ۾ ٺٽي ۾ ڪوبه فنِ تعمير جو اهڙو نمونو ڪونه ٿو
ملي، جنهن مان ان دور جي فنِ تعمير جي باري ۾ ڪجهه
چئي سگهجي؟ پر ان هوندي به مڪلي ٽڪريءَ تي ارغوني
دور جون ڪيتريون اهڙيون قبرون ملن ٿيون، جن تي
قرآني آيتن جا ڪَتبا سهڻن خطن ۾ ملن ٿا.
جيئن ته ٺٽي ۾ ”خط نسخ“ جو رواج گهڻو هو، پر ارغوني زماني ۾
ايراني اثر هيٺ ”خط نستعليق“ جو پڻ ڪم ٿيل ڏسڻ ۾
اچي ٿو. هن شهر ۾ خطاطيءَ جي ڏِس ۾ اِهو پهريون
مثال آهي.
ترخاني دور ۾ فنِ خطاطي سنڌ ۾ عروج تي هئي. ”خطِ نسخ“ سان گڏ
”خطِ ثلث“ جو به گهڻو رواج پيو. انهيءَ فن جي
ترخاني دور ۾ احمد انصاري، عبدالرحمان ۽ حافظ
خوشنويس جهڙا ماهر خطاط ملن ٿا، جن پنهنجا ڪافي
يادگار ڇڏيا آهن. سيد حسن بن رڪن الدين مرزا محمد
باقي ترخان جي مقبري ”خط ثلث“ ۽ ”خط نسخ“ ۾ بهترين
ڪتبا لکيا آهن. سيد حسن جي خاندان ۾ اهو فن ڪافي
ورهين تائين هلندو رهيو. سندس پٽ طاهر ڀنڀو پڻ ”خط
ثلث“ ۽ ”خط نسخ“ جو وڏو باڪمال ڪاتب ۽ خوشنويس ٿي
گذريو آهي. هن شاهجهاني مسجد جي ڇت تي خطاطيءَ جو
بينظير ڪم ڪيو آهي. عبدالغفور ۽ عبدالله به ٺٽي جا
خطاط هئا، جن پٿر تي ”خط نستعليق“ ۾ خطاطي ڪئي
آهي. شيخ محمد فاضل ۽ عبدالقدوس بن سيد علي جا
تحرير ڪيل ڪتبا مسجد جي الهندي ۽ اڀرندي وارين
ديوارين تي نقش ٿيل آهن. اهي ڪتبا قرآني آيتون
آهن، جي ”خط نسخ“ ۾ لکيل آهن.
سن 999هه مطابق 1591ع اڪبر بادشاهه جي طرفان عبدالرحيم خان
خانان جي سپهه سالاريءَ هيٺ سنڌ تي فوج چاڙهي ويئي
۽ آخر ۾ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان جي پيش
پوڻ تي سنڌ مغلن جي ماتحت ٿي ويئي.
مغلن جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ خوشنويسي ۽ خطاطي جو ڪم جاري رهيو ۽
وڏا اعليٰ درجي جا ڪاتب ۽ خوشنويس پيدا ٿيا. ”خط
نسخ“، ”خط ثلث“ ۽ ”خط نستعليق“ تمام گهڻو زور
ورتو. سنڌ جي اهم شهر ٺٽي، خوشنويسيءَ جي فن ۾
سموري ايشيا ۾ مشهوري ۽ ناموري حاصل ڪئي. ان زماني
۾ ٺٽي جي حيثيت ”بين الاقوامي“ شهر واري هئي. ٺٽو،
عراق ۽ بغداد جي همعصري ڪندو هو. تاريخ ۾ اسان کي
ڪيترائي اهڙا ڪاتب ۽ خوشنويس ملن ٿا، جي سنڌ خواهه
هندستان جي حاڪمن، بادشاهن ۽ شهزادن وٽ وڏي عزت ۽
شان وارا هئا.
جڏهن عبدالرحيم خان خانا سنڌ تي ڪاهي آيو، ته ساڻس ڪيترائي خطا
۽ خوشنويس گڏجي آيا هئا. عبدالرحيم خان خانان پاڻ
به خود پنهنجي وقت جو مشهور خوشنويس ۽ خطاط هو.
سندس پٿ مرزا ايرج پڻ سٺو خوشنويس هو. مولانا غلام
محمد هفت قلم دهلوي پنهنجي تذڪري ۾ ان دور جي
ڪيترن سنڌي خطاطن جو ذڪر ڪيو آهي([4]).
مغلن جي زماني ۾ سنڌ اندر وڏا ماهر خوشنويس ۽ ڪاتب ٿي گذريا
آهن، جن جا يادگار نه صرف سنڌ بلڪه هندستان ۽
ايران ۾ به ملن ٿا. ٺٽي ۾ ان دور ۾ شجاع شيرازي،
”خط نسخ“ ۽ ”نستعليق“ جو هڪ يگانه عصر خوشنويس هو.
سندس انهيءَ فن ۾ قابليت ۽ ذهانت ڏسي، عبدالرحيم
خان خانان کيس پاڻ سان گجرات وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي
قائم ڪيل ڪتبخاني جو نگران مقرر ڪيو. ان ساڳئي
زماني ۾ مُلا عبدالرحيم هراتي ۽ مُلا محمد امين
مشهدي طلاڪاري ۽ خوشنويسيءَ ۾ بهترين استاد ٿي
گذريا آهن.
بهرحال مغلن جي زماني ۾ خطاطيءَ جي فن ۾ سنڌ گهڻو عروج حاصل
ڪيو. هن دور ۾ طغرا نويسيءَ جي فن جو به رواج پيو.
سنڌ ۾ طغرا نويسيءَ جا ڪافي نادر نمونا آثارِ
قديمه جي ماهرن کي هٿ آيا آهن. طغرا نويسيءَ جا
نمونا بادشاهن، اميرن، وزيرن ۽ مشهور ماڻهن جي
مقبرن، قبرن، رائنڪن، قبن ۽ مسجدن ۾ مليا آهن. سنڌ
۾ سيوهڻ، بکر، روهڙي، نصرپور، ٺٽو، هالا، خدا
آباد، حيدرآباد ۽ ٻين شهر ۾ اهڙا ڪافي طغرا
نويسيءَ جا بهترين شاهڪار مليا آهن([5]).
”ماثر رحيمي“ جي مصنف ڪيترن اهڙن سنڌي خطاطن جا
نالا بيان ڪيا آهن، جَنِ شاهي درٻارن ۽ اميرن جي
ڪتبخانن ۾ وڏي نيڪنامي ۽ ناموري حاصل ڪئي هئي([6]).
مغلن کان پوءِ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو دور شروع ٿيو. ميان نور
محمد خان ڪلهوڙي (1755ع) ۾ باقاعدي آزاد حڪومت جو
سنڌ ۾ بنياد رکيو. ڪلهوڙن جي حڪومت جو زمانو سنه
1196هه _ 1786ع تائين هليو.
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو زمانو تعمير جي لحاظ کان جديد دور تصور ڪيو وڃي
ٿو. سنڌ ۾ عمارت سازيءَ جي فن جي شروعات سمن جي
دور ۾ ٿي چڪي هئي، جنهن جو اسان مٿي اڳ ۾ ئي بيان
ڪري آيا آهيون. ڪلهوڙن جي دور ۾ ملڪ جي تخت گاهه
هجڻ جو شرف سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي نصيب ٿيو.
ڪلهوڙن هر هنڌ عاليشان عمارتون، قبا ۽ مقبرا تعمير
ڪرايا، جن تي نقاشي ۽ خطاطيءَ جو بهترين ڪم ٿيل
آهي. خدا آباد جي مسجد، ميان شاهل محمد جو مقبرو،
حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن جا مقبرا، سنڌ جي لافاني صوفي
شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو مقبرو ۽
مسجد توڙي ٻيون تاريخي جايون، هن دور جا بهترين
يادگار آهن. سنڌ ۾ ڪاشيءَ جو ڪم جو رواج اڳ ۾ ئي
هو، ليڪن ڪلهوڙن جي زماني ۾ ان وڌيڪ ترقي ڪئي. ڪاٺ
تي چٽساليءَ جو ڪم به ان ئي دور ۾ عروج تي پهتو.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ اندر هر ڪنهن قسم جي علم ۽ فن
ترقي حاصل ڪئي، ۽ حڪمرانن جي طرفان انهن جي
سرپرستي ڪئي ويندي هئي. هي دور علم ادب، تهذيب ۽
ثقافت جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۾ بهترين ۽ سونهري
دور ڪري سمجهيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ٻين علمن ڊ فنن
سان گڏ خطاطيءَ جي فن کي پڻ ڪافي هٿي ملي. ڪلهوڙن
جي دور جي خطاطي ۽ خوشنويسيءَ وارو رنگ مغل دور جي
اثر جو ڪافي نتيجو آهي. ڪيترا وڏا مشهور ڪاتب ۽
خوشنويس هن دور ۾ پيد اٿيا. مير علي شير ”قانع“
ٺٽوي، ”تحفة الڪام“ ۾ اهڙن ڪيترن ئي خوشنويسن جو
احوال بيان ڪيو آهي. محمد عالم بن محمد پناهه ٺٽوي
هن دور جو وڏو مشهور خطاط هو. هن جا ڪيترائي هٿ جا
لکيل ڪتاب مير علي شير ”قانع“ خود ڏٺا هئا، جي
خوشنويسيءَ جي فن جا انمول شاهڪار هئا.
ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ ۾ ٽالپرن جي بادشاهه شروع ٿي. سنه
1782ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي فيصلي ڪُن لڙائيءَ
کان پوءِ سنڌ ۾ باقاعدي ٽالپر گهراڻي جو رڄ شروع
ٿيو. هن گهراڻي جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان
ٽالپور هو.
ٽالپور حڪمران علم دوست، صاحبِ ذوق ۽ هنر نواز هئا. سندن دور ۾
سنڌ اندر ڪيترائي مدرسا ۽ خانقاهون موجود هيون.
انهن مدرسن ۽ خانقاهن ۾ وڏا ڪتبخانا قائم هئا.
”مولائي شيدائي“ لکي ٿو ته ٽالپورن جي زماني ۾ سنڌ
جي مدرسن ۾ قرات، نجوم، جعفر، تاريخ، حڪمت ۽ ”علم
الخط“ جي تربيت ڏني ويندي هئي. وڏا وڏا خطاط ۽
خوشنويس انهن مدرسن جي ڪتبخانن ۾ رهندا هئا، جتي
ڪتابن جا نسخا لکرايا ويندا هئا. ٽالپور حاڪمن جي
قدر شناسيءَ کان متاثر ٿي، ڪيترائي خطاط ايران ۽
هند کان هلي اچي درٻار ۾ رهيا. انهن خطاطن لاءِ
شاهي خزاني مان لوازمات مقرر ڪيل هوندا هئا.
جڏهن ٺٽي ننگر جو اهو اڳوڻو شان ۽ شوڪت گهٽجي ويو، ته اتان
ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ صاحبِ فن حيدرآباد جي
ٽالپور درٻار ۾ اچي ڪٺا ٿيا. سنڌ جي ٽالپور حاڪمن
جا ايران سان گَهرا تعلقات قائم هئا. انهن تعلقاتن
جي ڪري اُتان سيد علي شيرازي، مير حسن علي نقاش،
علي بابا شيرازي، غلام احمد خطاط، علي مراد خطاط ۽
سيد محمد رضا حسيني مشڪين ٽالپوري درٻار ۾ اچي جمع
ٿيا ۽ سنڌ ۾ پنهنجي فن جا ڪافي يادگار ڇڏيائون([7]).
انهيءَ ڪري سنڌ جي هر ننڍي خواهه شهر ۾ هن فن جا ماهر پيدا ٿيا.
نصرپور، هالا، بکر، سيوهڻ ۽ حيدرآباد ٽالپور دور ۾
خوشنويسيءَ جي فن جا سڀ کان وڏا، اهم ۽ مکيه مرڪز
هئا.
انهيءَ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن زماني ۾ سنڌ اندر
هن فن جو عروج هو ۽ ڪيترن ماهر خطاطن پنهنجا
ڪارناما سرانجام ڏنا. حيدرآباد شهر ۾ ٽالپورن جي
مقبرن ۽ قبن تي ڪاشي، نقاشي ۽ ان سان گڏ خطاطيءَ
جو ڪم پڻ ٿيل آهي. قرآني آيتون ۽ ڪتبا سهڻي نموني
۾ نقش
ڪيل آهن. مير محمد خان ٽالپور (المتوفي 1271هه) ۽
مير ڪرم علي خان ٽالپور (المتوفي 1244هه) جي قبن ۽
مقبرن تي خطاطيءَ ۽ خوشنويسيءَ جو نهايت عمدو ۽
نفيس ڪم ٿيل آهي.
سنه 1843ع ۾ سنڌ جي ٽالپورن ۽ انگريزن جي وچ ۾ مياڻيءَ جي ميدان
تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن جي هار ٿي ۽ سنڌ ۾
انگريزن جي حڪومت شروع ٿي. انگريزن جي دور ۾ جديد
فنن، علمن ۽ هنرن جي ڪري خوشنويسيءَ جو فن ماٺو ٿي
ويو. ملڪ ۾ ڪيترن نون سڌارن سان گڏ سنگي ۽ لوهي
ڇاپخانا وجود ۾ آيا. سنڌ ۾ مدرسن ۽ مڪتبن جو اهو
اڳيون قدر گهٽجي ويو. ماڻهو به مدرسن ۽ مڪتبن جي
تعليم ڏانهن اڳ کان گهٽ توجهه ڏيڻ لڳا ۽ ان جي
جاءِ تي حاڪماڻي ٻولي انگريزيءَ گهڻو زور ورتو.
سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو فارسيءَ کي گهٽائي
”سنڌي ٻوليءَ“ کي ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح سان هن دور
۾ مخدوم ابو الحسن ٺٽويءَ جي ايجاد ڪيل عربي _
سنڌي رسم الخط کي ٿورين ڦيرين گهيرين سان 1853ع
کان باقاعدي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ کي ”عربي _ سنڌي
خط“ ڪري سڏيو وڃي ٿو.
سنڌ جي قديم شهرن مان اهي خطاط ۽ خوشنويس، جي عربي ۽ فارسيءَ جا
وڏا ماهر هئا، تن جو اهو اڳوڻو قدر گهٽجي ويو ۽
اهي آهستي آهستي ٿي هن فاني جهان مان رحلت ڪندا
ويا. ”عربي _ سنڌي خط“ جو رواج عام ٿيو. انهيءَ خط
جا ڪيترائي نامور ڪاتبن ۽ خوشنويس پيدا ٿيا.
مسجدن، مقبرن ۽ قبرن تي عربي ۽ فارسيءَ جي بجاءِ
”عربي _ سنڌي خط“ ڪتبن ۾ لکڻ شروع ٿيو. سنڌ جا
ڪاشيگر، جي صرف ڪاشي ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا، اهي به
ڪاشيءَ تي نئين خط لکڻ جو ڪم ڪاتب ڪرڻ لڳا، ۽ اهي
ئي گهڻي قدر سنڌ جا ڪاتب هئا.
انگرين جي اوائلي دور ۾ ”ليٿو پريس“ بمبئيءَ ۾ قائم ڪئي وئي،
جتان سنڌي ٻوليءَ جا مذهبي اوائلي ڪتاب ڇپجڻ لڳا.
انهن سنڌي ڪتابن جي ڪتابت لاءِ سنڌي ڪاتب ۽
خوشنويس ڪم ڪندا هئا. انهيءَ دور جي ڪاتبن مان
ميون احمد سمي ۽ ميون محمد سمي جا نالا تمام گهڻو
مشهور آهن. انهن جي هٿ جا لکيل سنڌي ڪتاب ۽ قرآن
مجيد جا سنڌي ترجما _ ”عربي _ سنڌي خط“ ۾ ڪريمي
پريس بمبئي وارن جا ڇپايل هوندا هئا.
تبصرا
مير معصوم بکري
هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان سنڌيءَ ۾ تاريخ تي ڇپجندڙ ڪتابن جي
تعداد ۾ هڪ پيش بها ڪتاب جو اضافو ٿيو آهي.
مير معصوم کي پڙهيل لکيل طبقو سندس ڪتاب ”تاريخ معصومي“ جي نالي
سڃاڻي، پر سنڌ جو اڻ پڙهيل طبقو وري کيس ”سکر واري
مناري“ جي نسبت سان چڱيءَ طرح سڃاڻي. هن ڪتاب ۾
راشدي صاحب تقريباً مني صديءَ جي سياسي، تمدني،
تهذيبي ۽ ادبي صورتحال جو دل کولي تذڪرو ڪيو آهي
پڙهندڙ جڏهن هي ڪتاب پڙهي ٿو، تڏهن هو پاڻ کا سنڌ
جي طول ۽ عرض ۾ بند نٿو سمجهي؛ پر کيس مُني صديءَ
جي ڪشت و خون، مار ڌاڙ، جنگي تباهه ڪارين ۽ سياسي
اُٿل پُٿل جو نقشو، گجرات، ايران، جيسلمير،
بلوچستان، افغانستان کان ويندي ترڪي ۽ روس جي
سرحدن تائين پکڙيل نظر ايندو. سچ پچ راشدي صاحب جي
لکت جو اهو ئي معراج آهي، جو هو ترڪي ۽ روس جي
سرحدن کي ڇهندي به سنڌي عوام کي ڪونه ٿو وساري. ان
دور ۾ بکر نه رڳو مڪي، پر بين الاقوامي اهميت جو
مرڪز پڻ هو، جيئن هن وقت ڪراچي سنڌ جو تختگاهه
آهي، پر ساڳئي وقت هڪ بين الاقوامي مرڪز پڻ. ان
وقت بکر تي ڌارين جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ سنڌي ماڻهن
کي اتان لڏائي روهڙي وغيره ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو
پئي ويو.
راشدي صاحب ان وقت سنڌ ۾ شيخ الاسلامي جي عهدي بابت لکي ٿو ته
”ارغونن مذهبي منصبن کي پنهنجي ئي قبضي ۾ رکڻ
مناسب سمجهيو، جيئن سندن حاڪماڻي فيصلن ۽ منصوبن
کي مذهب جي پشتي بالي آسانيءَ سان ميسر ٿي سگهي.
قبضيدارن جون پنهنجون مصلحتون ٿين ٿيون ۽ اهي عالم
آشڪار آهن.“
مير معصوم جي گهڻ پهلو شخصيت تاريخ ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج
ڪانهي. هو مورخ، شاعر، سپاهي، امير ۽ ڊپلوميٽ هڪ
طرف هو، ته ٻئي طرف سنڌ ۾ بکر پرڳڻي جو مغلي نواب
۽ گورنر پڻ _ راشدي صاحب سندس نواب هجڻ واري مسئلي
کي ڪتاب ۾ بحث هيٺ آندو ته آهي، پر موضوع سان
انصاف نه ڪري سگهيو آهي. مير صاحب لکين روپيا خرچ
ڪري، سنڌ اندر عوامي ڀلائي ۽ پنهنجي ياد رکڻ لاءِ
ڪيترا يادگار ٺهرايا، جن مان ”مناري“ کي تمام گهڻي
اهميت آهي. تعجب آهي ته راشدي صاحب مير جي ڪتبن
واري فن تي ته نڪته چيني ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف مناري
بابت لکندي، رڳو سندس تعمير وارن سالن تي بحث ڪيو
اٿس؛ پر مناري جي فن تعمير تي نه لکي، تاريخ جي هڪ
وڏي تشنگيءَ جو پورائو نه ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب
لکي ٿو، ”مير جي انهيءَ تاريخي قبرستان تي هن وقت
ٽن ڌرين جو قبضو آهي. خاندان جو محڪمهء آثار قديمه
جو ۽ اوقاف جو. ڪن اڻ ڄاڻ هٿن هيٺ وقت به وقت جي
مرمت تاريخي حيثيت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.
اها رفتار ۽ طريقو قائم رهيو، ته هن گورستان جو به
ٺٽي جي جامع مسجد وارو حشر ۽ حال ٿيندو.
ديباچي ۾ مؤلف هڪ اهم نقطو اٿاريو آهي، جيڪو ڪم از ڪم سنڌ جي
مورخ کي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ وارين حالتن جو جائزو
وٺي، تنهن کي قبول ڪرڻو پوندو. راشدي صاحب جو خيال
آهي ته منزلگاهه جيڪا معصوم جي ڇڏيل يادگارن مان
هڪ آهي، اها ئي پاڪستان ٺهڻ وارين حالتن جي ڪارڻ
آهي. ديباچي ۾ مؤلف ڪتاب بابت ٿيل جاکوڙ ۽ ڪم بابت
جيڪي ڪجهه لکيو آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته ڪم نه
کٽڻ جو هو ۽ نه تڪميل جو، پر حياتيءَ جي بيوفائيءَ
کي نظر ۾ رکندي، ڪم کي نيٺ اڪلائڻ جي رٿا ڪرڻي
پيئي.
معصومي قبرستان جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. راقم کي پڻ سنڌ جي
تاريخي پيچرن، رندن ۽ نشانن سان دلچسپي آهي. اهو
ئي سبب آهي، جو چار سال کن اڳ اسان به مير جي
نشانن ۽ يادگارن جو ديدار ڪيو. واقعي عبرت انگريز
مقام آهي. اوقاف وارا ۽ ٽيڪس اوڳاڙڻ وارا ته نظر
آيا، پر قبرستان جي ڏاکڻي ڀت ٽٽڻ ڪري، هيٺاهين
قبرن تي ڪتن جو به سٺو قبضو ۽ دخل ڏسڻ ۾ آيو! خدا
سمجهائي آثار قديمه وارن کي، جو سنڌ جي هن قيمتي
ذخيري ڏي ڌيان ڏين. ان ڪتاب تي ڇپائڻ سنڌي ادبي
بورڊ پڻ کيرون لهڻيون. اميد ته علم جا قدردان
راشدي صاحب جي هن تصنيف جو دل جي گهراين سان
استقبال ڪندا.
هي ڪتاب ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاءَ ساٿ جي“، مصداق مواد سان
گڏ پيشڪش جو پڻ حسين نمونو آهي. ان کي اعليٰ سفيد
ڪاغذ تي، نهايت جاذب ٽائيپ ۾ ڇپايو ويو آهي. سرورق
ته خاص طرح سان دلڪش آهي، جنهن ۾ مير موصوف جي
دلپسند مشغلي ”ڪتبه نويسي“ کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي ڇهه سؤ صفحن تي مشتمل هن ”ڪتبه
نويسي“ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي ڇهه
سؤ صفحن تي مشتمل هن معياري ۽ شاهڪار متن سان گڏ
119 تصويرون آهن، جي آرٽ پيپر تي شايع ڪيل آهن. هي
ڪتاب پير صاحب پنهنجي برادر بزرگوار محترم پير علي
محمد راشديءَ جي نالي منسوب ڪيو آهي، جو هن صاحب
ان موضوع تي پهريون ڀيرو قلم کڻي، 1922ع ۾ ”حيات
معصوم“ نالي ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جي ٻي اهم خوبي
آهي، ڪتب آيل نالن، شهرن، ڳوٺن وغيره جي الف _ ب
وار ڏسڻي، جنهن هن معياري تاليف جي سونهن سوڀيا ۾
واڌارو ڪيو آهي.
_غلام محمد لاکو
رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ.
صفحا: 438.
مرتب: جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
قيمت: 25 رپيا.
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
فاضل محقق ۽ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جي ادبي
ڪوششن ۽ ڪاوشن کان هر ادب دوست چڱيءَ پر واقف آهي.
سندن قدر جي قابل ڪوششون سنڌي ادب جي هزارن صفحن
تي پکڙيل آهن ۽ پاڻ سنڌي لوڪ ادب جو ايترو ته
سرمايو سهيڙي سميٽي ڪتابي صورت ۾ آندو اٿن جو ٻي
صورت ۾ ايتري ادبي سرمائي کي گڏ ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ
هڪ صدي لڳي وڃي ها _ پاڻ لوڪ ادب جي سلسلي جي
چاليهن ڪتابن پيش ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي هموار ڪري جوان
همتي ۽ بلند عزم جو هڪ واضح مثال پيش ڪري ڇڏيو
اٿن.
الله کري زور قلم اور زياده.
ان سان گڏ ساراه جي لائق آهي سنڌي ادبي بورڊ جنهن هيڏي
ساري سنڌي عوامي ادب ۽ ثقافت جي ذخيري کي صحيح
انداز ۾ ڇاپرائي شايع ڪرائي انهي کي محفوظ به ڪيو
۽ سنڌ جي عوام تائين به رسايو. اهو به سچ آهي ته
جي محترم ڊاڪٽر بلوچ جن جو قلم ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جي محنت ٻئي گڏ نه هجن ها ته شايد سنڌ کي عوامي
ادب جي انهي سرمائي کي گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ ڪن
صدين جو انتظار ڪرڻو پوي ها.
هن وقت تبصري هيٺ ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو اوڻيتاليهون
ڪتاب آهي جنهن جو عنوان آهي.
رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ.
اهو ڪتاب فاضل محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جي ڪوشش جو ڦل
آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي. انهيءَ
ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾
_ اولاد لاءِ دعا _ ٻار جي سرجڻ کان ڄمڻ تائين
سنوڻ _ ٻار جي ولادت کان پوءَ بلوغت تائين رسمون _
مڱڻي کان پرڻي تائين رسمون ۽ مرڻي جون رسمون درج
آهن. ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ گهرو زندگي، روزمره جي زندگي ۽
مشاهدا، سفر، تارو، ڏينهن، تاريخون، عارضا،
بيماريون ۽ علاج، نظر، پِٽ _ پاراتو، ڊوهه، ڪامڻ،
لڳت، جن، سڀاڳ نڀاڳ، ڌنڌي وارن جا سنوڻ، فالون،
خواب ۽ خوابن جا تعبير وغيره آهن.
ڪتاب جي سٽاء مناسب ۽ زبان سادي سنڌي آهي، هر رسم جو عنوان ڏئي
ان جي هيٺان روايتون لکيون ويون آهن. مطلب ته
روايتن کي ترتيب ڏيڻ واري پنهنجي مڪمل صلاحيتن سان
ڪتاب کي امڪاني حدن تائين سينگاريو ۽ سنواريو آهي
۽ انهي ڪتاب ۾ رسمن رواجن ۽ سنوڻن سالن جو ايترو
ته مواد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميڙي سهيڙي گڏ ڪيو آهي
جو ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ واري کي سلام ڪرڻ کان دل رهي
نٿي سگهي. پر جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ جاکوڙ ڪجي ها ته
سنڌ جي جدا جدا حصن مان مختلف رسمن رواجن ۽ سنوڻن
ساٺن جو به ڏس پتو پئجي وڃي ها ۽ رهجي ويل عنوانن
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملي وڃي ها.
ڪتاب ’رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ‘ کي تبصري ڪرڻ جي لاءِ پڙهيو ويو ۽
معلوم ٿيو ته ڪٿي ڪٿي روايتون غلط به آهن ته
اگهيون ۽ نستيون به، جنهن ۾ ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ
واري جو ڏوه نظر نٿو اچي. البت روايتن موڪلڻ وارن
روايتن جي صحت تي ڌيان نه ڏنو اهي. جيڪڏهن ڪن ڳوٺ
جي وڏڙين کان رسمن رواجن ۽ سنوڻن ساٺن جي باري ۾
تصديق ڪرائجي ها ته اهي ضعف به ڪتاب ۾ نه رهجي وڃن
ها، ڇو جو اهو سارو زنانو ڌنڌو آهي ۽ اهي ئي انهن
ڳالهين مان وڌيڪ واقف آهن.
هن تبصري ۾ سرسري طور تي ڪتاب جي ترتيب مطابق ڪن ڳالهين جو ذڪر
ڪجي ٿو. ’ويم ڏکيو ٿيڻ ۽ ان جا سوڻ‘ جي عنوان هيٺ
لکيل آهي:
تڪليف جي حالت ۾ هٿ پير لهندڙ عورت کي مريم گل سونگهائين.
اها روايت اگهي ۽ نست آهي. حقيقت هيئن آهي ته جنهن زال کي ويم
جا سور لڳندا آهن ۽ ويم نه ٿيندو آهي ته زالون هڪ
ٿانوَ ۾ پاڻي وجهي ان ۾ مريم گل وجهي ڇڏينديون
آهن. جيئن جيئن پاڻيءَ ۾ مريم گل ٽڙندو ويندو اهي
تيئن تيئن ويم واري زال جا پاسا آجا ٿيندا ويندا
آهن ۽ ٻار سولائيءَ سان ڄمي پوندو اهي.
سوانجو يا ٻٽيهو ويم بعد عورت کي چاليهن يا ٻٽيهن ڏينهن تائين
سوانجو کارائين جنهن کي ٻٽيهو پڻ چوندا آهن.
اها روايت به صحتمند نه آهي. ٻٽيهو هڪ دوائن جو نسخو ٿيندو اهي.
جنهن ٻٽيهه دوائون هونديون آهن جن کي زالون زناني
طور استعمال ڪنديون آهن. هندستان جي زالن ۾ به اهو
ٻٽيهو بتيسه جي نالي سان مشهور آهي. سوانجي ۾ کنڊ،
ڳڙ، نباتون، مٺو تيل، ڦوٽا، ساٿر، مساڳ، ڪاريون
مرچون، جيرو، سرمو، باداميون وغيره ٿينديون آهن ۽
پيڪا يا ساهرا سوانجي شين سان گڏ ويم واري عورت جي
صحت لاءِ ٻٽيهي جو پڙو به موڪليندا آهن.
ڍڪڻي ڀڃڻ جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته:
عام طور تي ٺڪر جي ڍڪڻي اونڌي ڪري رکن جيڪا گهوٽ هڪ ئي لت سان
ڀڃي.
اها روايت به اڻ پوري آهي. ڍڪڻي ڀڃڻ جو سڄو سنوڻ هن ريت آهي ته،
هڪ ڏيئو ٻاري زمين تي رکن، ان جي چوڌاري ٽي ڪچا
ننڍا ڀتر رکن ۽ انهن جي مٿان ٺڪر جي ڍَڪڻي اونڌي
ڪري رکن. پوءِ گهوٽ کي چون ته هڪ ئي لت سان ڀڃ.
پوءِ گهوٽ ائين ڪندو اهي.
رانءِ جهانءِ جي رسم هيٺ هيئن لکيل آهي ته _
هيءُ ساٺ گهوٽ جي ڀيڻ سان ڪن... اها مائي گهوٽ جي ڪلهن تي هٿ
رکي بيهي، پوءِ کيس کارڪ وات ۾ وجهي، مٿان پاڻيءَ
جو ڍُڪ ڀرائين. اها رسم عام نه آهي.
اها روايت تمام ضعيف آهي. راءِ جهانءِ جي رسم سماٽن ۽ ٻروچن ۾
عام آهي، پر انهيءَ ريت سان نه. اها رسم شاديءَ جي
رسم ناهي، پر تازي ڄاول ٻار کي گهر کان پهريون
دفعو ٻاهر ڪڍڻ تي ماءُ ڪندي آهي. ماءُ ٻار کي هنج
۾ کڻي ٽي ڪَچا ڀتر به کڻندي، پوءِ گهر کان ٻاهر ٻه
_ ٽي وکون کڻي، هڪ ڀتر پنهنجي پويان اڇلائيندي ۽
چوندي ’رانءَ جهانءِ (رائين جهائين) جهنگ ۾ (ٻار
جو نالو وٺي) منهنجي هنج ۾‘. ائين ٿورو اتي هلي
ٻيو دفعو به ائين ڪندي، وري ٿورو اڳتي هلي ٽيون
دفعو به ائين ڪندي. بس_
وري ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ به روايتون ڪن ڪن هنڌن تي اسخلاف به ڪن
ٿيون ۽ ڪٿي ڪٿي غلط به آهن ۽ اڻ پوريون به. هتي ٻه
_ ٽي مثال ڏجن ٿا.
’منهن ڌوئڻ جا سنوڻ‘ جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته _
هڪڙي هٿ سان منهن نه ڌوئجي، نڀاڳ آهي.
مگر مسلمانن جو هڪڙو فرقو صرف هڪ ئي هٿ سان منهن ڌوئڻ کي صحيح
مڃيندو آهي، جيئن هڪ هٿ سان ماني کائڻ.
وري ناڙا ڇوڙ ڪرڻ جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته _
بيٺي ناڙا ڇوڙ نه ڪجي. نڀاڳ آهي.
انهيءَ روايت لاءِ ڏسڻو هو ته اسلام ڇا ٿو چوي!
وري سفر جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابيءَ جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته _
سفرڪندي جيڪڏهن ڏائي پاسي تتر ٻوليو ته پئون ٻاهر ۽ جنهن مقصد
جي لاءِ سفر اختيار ڪيو ويو هوندو، سو مقصد ته ڇا
ٿيندو، پر ان کان پوءِ به وڌيڪ فائدي پهچڻ جي اميد
آهي. ان لاءِ چوندا آهن ته _ ”ڏائو ڏياري ڀريا ساٿ
پٽن ۾“.
انهيءَ روايت جو پهريون حصو غلط آهي. سنڌ ۾ انهيءَ سنوڻ وٺڻ جو
رواج هيئن آهي ته _ جي سفر ۾ تتر ڏائي پاسي ٻوليو
ته وڏي بدسنوڻي ٿي. انهيءَ سنوڻ جي شاهديءَ ۾ سنڌي
زبان جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ
الرحمة فرمائي ٿو ته:
تتر ٿئي م تن کي ڏنگر ۾ ڏائو.
ان مان ظاهر آهي ته ڏائي تتر ٻوليو ته بدسنوڻي ٿيندي ۽ جي ساڄي
تتر ٻوليو ته سٺو سنوڻ آهي. انهيءَ سنوڻ جي ٻئي
حصي ۾ لکيل آهي ته _
ڏاتر ڏياري ڀريا ساٿ پٽن ۾.
)( M. A. Ghafur- “The Calligraphers
of Thatta”, P 28.
()
سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامه“، ص 89 _ 90.
)
(M.
A. Ghafur “The Calligraphers of Thatta”. PP
28.
()
مغل شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ آرائشي خطن مان ثلث،
توقيع، محقق، ريحان، نسخ، رقاع، ۽ غبار رواج ۾
گهڻو هو. (آئين اڪبري، ص 103).
()
مولانا غلام محمد هفت قلم: هيءُ مغل بادشاهه
اڪبر ثانيءَ ي دور ۾ مشهور خطاط ۽ ستن ئي قلمن
جو جامع ٿي گذريو آهي. اهو مغلن جي دور جو
زوال جو زمانو هو، پر تڏهن به هن فن جو عروج
هو. هُن ”تذڪره خوشنويسان“ نالي هڪ ڪتاب
خطاطيءَ تي فارسيءَ ۾ لکيو آهي. (عبدالمجيد
سالڪ: مسلم ثقافت هندستان ۾، ص 1_400)
)( M. A. Ghafur- The Callgraphers
of Thatta, PP 57.
|