(بيت 86)
جُنگيئون جوکِيئون جَتِ، ٻوهِٿَ ٻاتاڙا ٿِين،
مِهر تنهنجي تَتِ مُڪريان ڀي پارِ پَوَنِ.
ٺڪر صاحب لکي ٿو: جتي وڏيون ٻيڙيون خطرو محسوس ڪن ٿيون، ۽ جتي
ٻوهتن (ٻيڙين) جي حالت خراب ٿيو وڃي. (اي ڌڻي!)
اهڙي هنڌ تي تنهنجي ديا ٿيڻ سان ننڍيون ٻيڙيون پار
پئجيو وڃن.
جنگيون _ وڏيوون، شاهي. جوکِيوئون _ جوکي ۾ پون، خطري هيٺ اچن.
ٻوهٿ _ ٻيڙيون. ٻاتاڙا _ پريشان حال خراب حالت ۾.
ٺڪر صاحب معنيٰ نهايت سهڻي ڪري لکي آهي. اسان کي فقط هڪ لفظ
”ٻوهٿ“ جي معنيٰ تي اعتراض آهي.
’ٻوهٿ‘ جي عام طرح ”ٻيڙي“ معنيٰ ڪئي ويندي آهي، پر لغوي خيال
کان غلط آهي.
ٻوهٿ _ هندي ”بوهِت“. سنسڪرت بوهِتٿ _ جهاز، غوراب.
انگلش _ سنسڪرت ڊڪشنريون به ائين لکن ٿيون.
غوراب، جهاز _ بوهِتٿ
Ship([1]).
معنيٰ ٿيندي: جتي جُنگ ٻيڙيون ۽ جهاز (غوراب) خطري ۾ اچي،
پريشان حال ٿين ٿا.
سَڄڻ دُرَ ڄَڻ دَءِ ڪَهي، چِت نه ڪيجيءَ ڀَنگُ،
لوئي ٿيئيءَ پارچي، لاکَ نه ڇڏي رَنگُ.
ٺڪر صاحب لکي ٿو: دوست دشمن (چڱي مَٺي ماڻهوءَ) جي چوڻ تي
پنهنجي چت کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. لوئي ڀلي ليڙون
ليڙون ٿي وڃي، پر لاک (جنهن سان اها رڱيل ٿئي ٿي)
پنهنجو رنگ ڪونه ڇڏيندي.
درجڻ _ خراب ماڻهو، دشمن، ڇيڻا ڀور. ڪهي _ چوي. چت _ اندر، من،
دل.
ڀنگ _ ڀڃڻ، ٽوڙن (ڊانوانڊول ڪرڻ). لوئي ( چُنِي. پارچي _ ليڙون
ليڙون، چيٿڙا.
شري ٺڪر، معنيٰ نهايت وضاحت سان ڪئي آهي، پر هڪ لفظ ”دَءِ“ جي
معنيٰ نه آندي اٿس.
آءُ سمجهان ٿو ته اهو لفظ ”دَءِ“ (د کي زبر) پر ”دُءِ“ (د کي
پيش) آهي.
دُءِ، اصل لفظ سنسڪرت ”دوِ“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”ٻه“. تنهن
ڪري ”دُءِ“ جي معنيٰ ٿيندي: ”ٻَئي“.
ڪَبير شيو ڪون دُءِ ڀَلي، ايڪ سَنت، اِڪ رام.
(ڪبير ڀڳت)
ڪبير ڀڳت چوي ٿو ته: شيوا (خدمت) ڪرڻ جا ٻئي لائق آهن. هڪ سنت
(بزرگ _ مهاپرش) ۽ ٻيو رام.
هَلت چَلت دُءِ ليهه سوار.
(گورواڻي)
معنيٰ: هلت چلت، ٻئي سڌاري وٺ.
قاضي قادن جي بيت جي معنيٰ ٿيندي: دوست توڙي دشمن، ٻئي جيڪي چون
(تن جي چوڻ تي لڳي) مَنَ کي خراب ڪرڻ نه کپي.
(بيت 94)
مَئن ڀانيي سونُ، هي جَرَ پوسُ جَرِ ڪَڻون،
وِينِ وَرائي وَنُ، ڪَهُه لڳي ڪارو ٿئي.
ٺڪر صاحب لکي ٿو: مون هن چمڪندڙ پاڻيءَ کي، سونُ ڪري سمجهو. (هٿ
لائڻ سان) اهو مون کي ورائي ويو ۽ مٽي لڳي، ڪارو
ڪري ڇڏيائين.
مئن _ مون. ڀانيي _ سمجهو. جر _ پاڻي. جرڪڻون _ چمڪندڙ.
ٺڪر صاحب جي معنيٰ واقعي ٺيڪ آهي، پر هڪ لفظ ”پوس“ جي معنيٰ
ڪانه لکي اٿس. اهو ”پُوس“ لفظ آهي.
اهو لفظ ’پوس‘ اصل ’پُسا‘ آهي، ۽ سنسڪرت ”پُوشَن“، جنهن جي
معنيٰ آهي: ”سج“([2]).
جرپوس جرڪڻيون ( سج تي چمڪڻ وارو پاڻي.
معنيٰ ٿيندي: هي پاڻي، جيڪو سج (جي ڪرڻن) سببان چمڪي پيو، تنهن
کي (غفلت کان) سونُ ڪري سمجهيم.
”ڪهه“ لاءِ ڏسو هن مضمون جو بيت نمبر 10.
(هلندڙ)
غلام علي الانا
سنڌي ٻوليءَ جو
مزاج
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ابتي ٻوليءَ جي دعويٰ
سنڌي ادب هر دور ۾ ارتقا پذير رهيو آهي. ان جو خاص سبب هي ٿي
سگهي ٿو جو سنڌ جي سڄاڻ اديبن ۽ شاعرن هميشه
پنهنجي ماحول ۽ معاشري جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽
ماحول ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ڦيرين گهيرين جو عڪس
پنهنجي اڀياس ذريعي، نظم يا نثر ۾ پيش پئي ڪيو
آهي. انهيءِ ڪري سنڌي ادب کي هر دور ۾ ماحول جي
عڪاسي ڪندڙ، هر دور جي ترجماني ڪندڙ ۽ جديد ادب
چئي سگهجي ٿو. سومرن جي دور کان وٺي موجوده وقت
تائين نظم توڙي نثر صنفن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو،
تڏهن محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو ادب هر دور ۾
”ماڻهوءَ جو ادب“ رهيو آهي، ۽ معاشري کي متاثر
ڪندڙ تبديليون هميشه سنڌي ادب کي به متاثر ڪنديون
رهيون آهن، جنهن ڪري سنڌي ادب ۾ هميشه وقت جي
رفتار سان گڏ نوان تجربا ڪيا ويا آهن، نوان موڙ
ڏنا ويا آهن ۽ نواڻ آندي وئي آهي. هن ڏس ۾ سنڌي
ڪهاڻيءَ جو مطالعو ڪافي دلچسپ آهي.
جڏهن فقط ڪهاڻيءَ ۾ آيل تبديلين جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن اچرج ۾
پئجي وڃون ٿا، ۽ انهن نقادن کي، جن هيءَ راءِ قائم
ڪئي هئي ته ”علم ادب زندگيءَ جو تفسير آهي،
حياتيءَ جو آئينو آهي“، دل سان داد ڏيون ٿا.
يقيناً سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو سنڌ جي سماجي تاريخ
۽ سماجي قدرن جو مطالعو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي
بلڪل درست فرمايو آهي:
”ادب جو سماجي ڪارج وارو اڀياس افاديت جي خيال کان اسان لاءِ
ٻولي، سماج، ڪلچر ۽ ادب جي باري ۾ ڪيئن نقط واضح
ڪري ٿو، ڪيئن مسئلا حل ڪري ٿو، ڪيئن راهون کولي
ٿو، ۽ ڪيئن سوال اڀاري ٿو. هن طرح اسان هن قسم جي
اڀياس مان سنڌي ٻولي، سنڌي سماج جي باري ۾ وڌيڪ ڪم
ڪرڻ لاءِ وڏو مواد حاصل ڪري سگهنداسين([3]).
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نت نت نوان تجربا ڪيا ويا آهن.
اهڙن تجربن مان ٻوليءَ جي شعبي ۾ ”اُبتي ٻوليءَ“
يا اُبتي گرامر جا تجربا سرفهرست آهن. ٻوليءَ جي
مزاج ۽ سٽاء جي خيال کان هر تجربو ڪيتري قدر
ڪامياب ثابت ٿيو آهي، هن مضمون ۾ ان جو جائزو ورتو
ويو آهي. منهنجي خيال موجب سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اُبتي
ٻوليءَ يا اُبتي گرامر وارو تجربو يا ان جي دعوا
ناتجربيڪاريءَ، ٻوليءَ جي سٽاء کان اڻ ڄاڻپ،
وياڪرڻي اصولن ۽ قانون جي علم کان بي خبريءَ جي
ڪري ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل يا ڪم جيڪو
فطرت جي اصولن ۽ قانونن جي انحرافي ڪندو هجي. (هتي
اهو به ياد رکڻ کپي ته زبان جي ارتقا جو عمل به هڪ
لاڳيتو فطري عمل آهي). اها دعويٰ بنا سوچ ۽ سمجهه
جي صرف پاڻ کي درست سمجهي ڪئي ويئي هجي. سا درست
چئي نٿي سگهجي. هن ڏس ۾ 1974ع واري سوجهري رسالي ۾
ڪافي بحث ڪيل آهي. هن مقالي ۾ مثالن ۽ دليلن سان
اُبتي ٻوليءَ واري اسٽائيل واري تجربي جي دعويٰ کي
نه فقط رد ڪيو ويو آهي، پر غلط ۽ غير فطري پڻ ثابت
ڪيو ويو آهي.
(1) ٻوليءَ جو مطالعو هڪ علم آهي:
ٻوليءَ جو علم هڪ سائنس آهي. هيءَ سائنس سماجي علومن
(Social Sciences)
سان واسطو رکي ٿي. ٻولي انسانذات سان گڏ وجود آيل
آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، هڪ
اهڙو نظام آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي
مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان وهنوار
رکن ٿا، تعلق رکن ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجهن ٿا([4])،
يعني ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪٻئي سان تعاون لاءِ،
انسانذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ٻولي
سڏجي ٿو. هن ڏس ۾ لسانيت جي امريڪي ماهرن بلاڪ ۽
ٽرئگر
(Block & Trager)
جو رايو آهي ته:
”ٻولي صوتين، آوازن نشانين، اهڃاڻن ۽ علامتن جي هڪ اهڙي تنظيم
آهي، هڪ اهڙي سٽاء آهي، هڪ. اهڙو سرشتو آهي، جنهن
جي مدد سان سماجي گروهه هڪ ٻئي سان وهنوار ۽ تعلق
رکي ٿو([5]).
انهيءَ لحاظ سان چئبو ته ٻولي، سماج لاءِ ضروري آهي. ٻوليءَ
بنا، انساني سماج جو تصور ناممڪن آهي ڇو ته هر
انسان ڪنهن سماجي گروهه جو هڪ فرد آهي ۽ سماجي ۽
معاشرتي معاملن ۾ هو زبان تي ئي مدار رکندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ماهرن جو رايو آهي ته ”زبان
تهذيب ۽ ثقافت جو بنياد ۽ پاڙ آهي.“
(2) ٻولي هڪ تنظيم آهي:
جيئن هيءَ ساري ڪائنات ۽ ان جو نظام هڪ فطرتي عمل اهي،
جيئن سج جو اڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جو ڦرڻ ۽ بدلجڻ،
فصلن جو پوکجڻ ۽ لهڻ، برسات جو وسڻ ۽ هوائن جو لڳڻ
هڪ فطرتي عمل آهي، ۽ جيئن هر فطرتي عمل ۾ قدرت
ڪارفرما آهي، تيئن ٻولي به هڪ فطرتي عمل آهي،
قدرتي نظام آهي، هڪ تنظيم آهي، جنهن ۾ جيئن آوازن
جي اچارجڻ ۽ لفظن جي جوڙڻ ۾ صوتياتي سٽاء ، سرشتي
۽ تنظيم جو واسطو آهي، تيئن وري فقرن ۽ جملن ۾
لفظن جي بيهڪ ۽ انهن ۾ ڦيرڦار، جملي ۾ لاهه ۽
چاڙهه، لفظن جي ڦيرن، گردانن ۽ صيغن ۾ ويا ڪرڻي
جوڙجڪ، سرشتي، سٽاء، ترتيب ۽ تنظيم جو دخل آهي.
ٻوليءَ جي علم جي اهي شعبا ڪنهن فطرتي ۽ قدرتي
نظام ۽ تنظيم جي اصول موجب عمل
ڪن ٿا. اهي سڀ حصا ڪنهن نظام موجب جڙيل آهن، جنهن
۾ ٺاهڻ ۾ ڪنهن به انسان جو اختيار نه رهيو آهي.
قدرت جو خلقيل هر چيز لاءِ ٺاهيل هر نظام جيڪڏهن ابتو ٿي وڃي ته
جيڪر مانڌاڻ مچي وڃي. مثال طور حامله عورت جي گرڀ
۾ ٻار اتفاقاً جڏهن اوڀڙ ٿيندو آهي تڏهن ان عورت
جي گهر جو هرڀاتي يا سندس هر عزيز ٻار جي ڄمڻ تئين
فڪرمند رهندو آهي؛ غيرمندائتيون هوائون، جن کي هار
نار ”اوکڙ“ واريون هوائون سڏيندا آهن، تڏهن اهي نه
فقط پوکن لاءِ نقصانڪار سمجهيون وينديون آهن، پر
ماڻهن جي صحت کي نقصان پهچائينديون آهن. غير
مندائتي برسات تباهي مچائيندي آهي. اهڙيءَ طرح
قدرتي نظام موجب سج اوڀر کان اڀري ٿو ۽ اولهه طرف
لهي ٿو. قدرت جي انهيءَ نظام ۾ جيڪڏهن ڦيرو اچي
وڃي ته جيڪر ڪهرام مچي وڃي. اهڙيءَ طرح مندون
پنهنجي وقت تي اچن ٿيون ۽ ڦرن ٿيون، موسمن جي آڌار
تي پوکون ٿين ٿيون. ڪڻڪ سياري ۾ پوکبي آهي ۽ بهار
۾ لهندي آهي. ساريون اونهاري ۾ پوکيون آهن ۽ سياري
۾ لهنديون آهن ۽ اَنب فيبروريءَ ۾ ٻُور جهليندا
آهن ته اپريل _ مئي ڌاري فصل ڏيندا آهن، اهڙيءَ
طرح قدرت جو قانون هر ڪم ۾ ڪارفرما آهي.
ٻولي به هڪ نظام آهي، هڪ سائنس آهي، هڪ سرشتي تي ٻڌل آهي، جنهن
کي ابتو ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪوبه نظام يا تنظيم
بنا ڪنهن اصول ۽ قانون جي ابتو ڪري سگهجي ته پوءِ
ان کي تنظيم ڪيئن چئبو؟ شاعر جي ڪنهن منظوم ڪلام
کي تڏهن ته نظم چئبو آهي جڏهن اهر ڪلام چاهي اهو
هنديءَ ۾ هجي يا سنڌيءَ ۾، عربيءَ ۾ هجي يا
فارسيءَ ۾، فرينچ ۾ هجي يا انگريزيءَ ۾، پنهنجي
پنهنجي نموني ۾ منظوم هوندو آهي. هر ڪلام پنهنجي
پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ماپن، بحرن ۽ وزنن ۽
ماترائن جي علم موجب جڙيل هوندو آهي؛ پوءِ ڪي ان
کي ڇند وديا چون ته ڪي علم عروض چون، ته ڪي ان کي
ميٽر چون. مطلب ته جيئن شاعريءَ لاءِ ماهرن فطري
بنيادن تي ڪي قانون جوڙي، انهن تي پنهنجي پنهنجي
ماحول ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق نالا رکيا، تيئن خود
ٻولي به ڪن اصولن ۽ نظام جي پابند آهي. ٻولي
باقاعدي آوازن جو هڪ سرشتو آهي، جنهن موجب انسان
لاشعوري طور ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو. هو جنهن وقت به
لکي ٿو، جڏهن به لکي ٿو يا ڳالهائي ٿو تڏهن ائين
هر گز نٿو سوچي ته صفت ڪٿي ڪم آڻيان، حرف جر ڪيئن
استعمال ڪريان. هو ٻوليءَ جو اهو سڄو سرشتو پنهنجي
گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي
معاشري ۾، ننڍي هوندي کان خودبخود سکندو ويندو
آهي. کيس ڪوبه ڪونه ٿو ٻڌائي ته هيءُ لفظ هن هنڌ
ڪم آڻ، البت هر ماڻهوءَ جي سوچ جي گنجائش پنهنجي
پنهنجي آهي. ڪن جي سوچ سمنڊ وانگر اونهي آهي، ته
ڪن جي سطحي هوند آهي، ڪن وٽ لفظن جي کوٽ هوندي
آهي، ته ڪي لغت جي کاڻ هوندا آهن. انهن ڳالهين جو
واسطو ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ سرشتي سان ڪونه هوندو
آهي.
ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته وياڪرڻ يا گرامر جا قاعدا پهرين ٺهيا ۽
ٻوليون پوءِ ٺهيون انهن جي اها سوچ صحيح نه آهي.
ڪي وري چون ٿا ته ٻولي پهرئين ٺهي، گرامر يا
وياڪرڻ پوءِ ٺهيا. سندن انهيءَ سوچ ۾ لسانيات جي
علم جو عنصر گهٽ آهي. امداد حسينيءَ جو رايو آهي
ته هن ڏس ۾ ”ٻوليءَ پهرين ٺهي هئي ۽ گرامر پوءِ([6])“
وري ڪي ائين سمجهن ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي
صوتياتي يا وياڪرڻي سرشتي يا سٽاء کي پنهنجي
مرضيءَ موجب ڦيرائي يا تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهو به
ممڪن نه آهي؛ اها سوچ به غلط آهي. هر ٻوليءَ جو
سٽاء پوءِ چاهي اهو صوتياتي هجي يا وياڪرڻي، هڪ
قدرتي عمل يا ڪارنامو، جيڪو ٻوليءَ جي وجود سان گڏ
وجود ۾ آيو.
امداد حسيني صاحب سوجهرو رسالي ۾، پهرئين انٽرويو ۾، جنهن جو
حوالو ڏنو آهي، جنهن گرامر طرف اشارو ڪيو آهي، اهو
ڇهين ڪلاس واري ڪورس لاءِ لکيل گرامر آهي ۽ نه ڪه
اها وياڪرڻي سٽاء جيڪا هر ٻوليءَ لاءِ ضروري سمجهي
ويندي آهي. اسان جيڪڏهن اٺن _ نون مهينن جي ٻار جي
ٻوليءَ جو مطالعو ڪنداسين، ۽ هو جيئن جيئن پهرين
آواز پوءِ لفظ، پوءِ جملا ڳالهائڻ سکي ٿو، انهيءَ
سٽاء تي غور ڪنداسين ته اسان کي قبول ڪرڻو پوندو
ته ٻار ننڍپڻ کان ئي ڪنهن سرشتي، ڪنهن سٽاء ۽ڪنهن
تنظيم جي تربيت موجب لفظن کي اڳيان پٺيان بيهاري
ٿو. انهيءَ ڪري چئبو ته ٻولي ڪنهن سٽاء جو نالو
آهي، ڪنهن تنظيم ۽ ڪنهن سرشتي جو نالو آهي. ان
قدرتي نظام کي، ڪنهن قانون ۽ اصول کان سواءِ
ڦيرائي يا تبديل ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري ائين
چيو ويو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي سٽاء ۽ سرشتر جو
مطالعو معنيٰ ان ٻوليءَ جي صوتياتي نظام، صرفي ۽
نحوي اصولن جو مطالعو هن ڏس ۾ پروفيسر علي نواز
جتوئي فرمائي ٿو:
”ڪنهن به نظام کي سڌو سنئون ٻاهران جاچي نه ڏسبو آهي، پر ان کي
جزن ۾ ورهائي، ڇيد ڪري، ان جي عملي ڪاروائيءَ جو
جائزو ورتو ويندو آهي. ٻوليءَ جي سٽا سمجهڻ لاءِ
به هو بهو ائين ڪيو ويندو آهي. پهريائين ان جا
مختلف آواز معلوم ڪبا آهن، پوءِ انهن جو ميل ميلاپ
۽ لڳ لاڳاپو ڳولهي لهبو آهي؛ ان بعد انهن جي عملي
ڪاروائي جاچبي آهي. انهيءَ عملي ڪاروائيءَ مان
بدستور پدن جو پيدا ٿيڻ ۽ لفظن جو جڙڻ جاچي لهبو
آهي؛ آّخر ۾ جملن جي ملي ۽ ٺهڪي اچڻ وارو نظام
بيان ڪبو آهي. ٻوليءَ جو انهيءَ تنظيم جو ٻيو نالو
گرامر آهي“([7]).
پروفيسر جتوئي نوڙي ٻين ماهرن جي هن قسم جي راءِ مان ظاهر آهي
ته ٻولي علامتن (صوتياتي ۽ وياڪرڻي) جي هڪ تنظيم
آهي، هڪ سٽاء آهي، هڪ سرشتو آهي. اسان جيڪي ڪجهه
ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعلق ٻاهرين دنيا جي شين،
واقعن ۽ وهنوارن سان آهي. اسان جي هر گفتي ۽ گفتار
کي معنيٰ آهي ۽ مفهوم آهي. اسان جيڪي لفظ آکيون ٿا
تن کي ڪا معنيٰ آهي. اهي لفظ ظاهري (لفظي) ۽ معنوي
مفهوم ظاهر ڪن ٿا. پروفيسر جتوئي مثال ڏيندي لکيو
آهي: ”جڏهن اسين چئون ٿا ته ڪتو اچي ٿو، تڏهن لفظ
’ڪتو‘ هوبهو شئي نه آهي، پر ان خاص شئي جي علامت
آهي، ۽ ان علامت مان خاص معنيٰ نڪري ٿي. اهڙيءَ
طرح ’اچي ٿو‘ هوبهو واقعو نه آهي پر ان خاص واقعي
جي علامت آهي، جا هڪ خاص معنيٰ ظاهر ڪري ٿي“([8]).
انهن معنائن کي پنهنجو مقصد آهي ۽ پنهنجو مفهوم آهي.
انهن معنائن کي پنهنجو ماحول ٿيندو آهي ۽ پنهنجو
معنوي ڪارج ٿيندو آهي. ”ڪتي“ جي لفظي معنيٰ هڪڙي
آهي ته معنوي ڪارج بيو آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪڙو
لفظ آهي ”پاٽ“ انهيءَ لفظ (پاٽ) کي ڌار ڌار ڪارجن
۾ استعمال جي ڪري ”چٺ“ به چئبو آهي ته ”ڦيلهي“ به
چئبو آهي. اهڙيءَ طرح ڌار ڌار حالتن ۾ لفظ جي
معنوي حيثيت بدلجي ٿي.
هن دعوا مان هي ٿو ثابت ٿئي ته هر علامت جي معنيٰ ۾ ڪو لاڳاپو
آهي ۽ ڪو سڳنڌ آهي. جيڪڏهن اها علامت يا اهو لفظ
پنهنجي مقرر ڪيل جاءِ تان هٽائي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي
ڪم آڻبو ته ان جي اصلوڪي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ فرق اچي
ويندو. تنهن ڪري امداد حسينيءَ جي هيءَ دعوا ته:
”لفظن جو جڙاءَ، سٽ جو سٽاء اهي ٻيئي اندر مان
نڪتل آهن ۽ گرامر ٻاهرين شئي آهي“ ([9])،
فقط هڪ شاعرانه سوچ ۽ هڪ شاعر جي تخليل جو پرواز
آهي جنهن ۾ حقيقت گهٽ تصور وڌيڪ آهي؛ ڇو ته سائنس
”ڇو ۽ ڪيئن“ سوالن جا جواب ڏئي ٿو. ٻولي هڪ سائنس
آهي، جيئن مٿي چيو ويو آهي، جنهن ۾
تخيل جو پرواز ۽ تصور گهٽ، پر حقيقت کي دخل وڌيڪ آهي.
ڪنهن به تنظيم ۾ باقاعدگي ۽ تسلسل ضرور هوندو آهي، ته جيئن هڪ
حصي جو ٻئي حصي سان واسطو هجي، هڪ جز جو ٻئي جز
سان رابطو هجي، ته جيئن ان تنظيم يا نظام ۾ تسلسل
قائم رهي. ٻوليءَ جو سرشتو ۽ نظام به ائين آهي،
جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ٻولي آوازن جو هڪ سرشتو
آهي. انهن آوازن جي اچارڻ لاءِ به ڪو سرشتو آهي.
ان سرشتي جي اڀياس کي علم صوتيات نالو ڏنو ويو
آهي.
علم صوتيات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قدرت آوازن جي اُچارڻ
لاءِ ڳالهائڻ جي عضون (زبان ۽ مخرجن) کي اهڙي
نموني سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهاريو آهي، جو
انهن جي ڌار ڌار حصي جي ميلاپ سان ڌار ڌار آواز
اُچاري سگهجن ٿا. علم صوتيات جي شاگردن کي معلوم
آهي نرم تارونءَ وٽ آوازن جي اچارڻ لاءِ زبان جو
هڪڙو حصو نرم تارونءَ سان ملي ٿو؛ سخت تارونءَ وٽ
آوازن جي اچارڻ لاءِ زبان جو هڪ سخت تارونءَ سان
ملندو آهي. اهڙيءَ طرح مورڌني آوازن جي اچارڻ لاءِ
زبان ۽ وات جي ڇت جو ڪهڙو حصو پاڻ ۾ ملندا؟ اهو
سڀڪجهه مقرر ڪيل نظام موجب ٿئي ٿو. صوتيات جي علم
جي مدد سان خبر پوي ٿي ته ڪهڙي سبب جي ڪري برصغير
۾ ماڻهو عربي جا (ع،ح،ق،خ ۽ غ) عربن وانگر اچاري
نه سگهندا آهن؛ يا عرب ، سنڌي، دراوڙي ۽ ٻين ٻولين
جا آواز اچاري نه سگهندا آهن، مطلب ته ڌار ڌار
آوازن جي اچارڻ لاءِ قدرت ڳالهائڻ جي عضون جي بيهڪ
به اهڙي نموني بيهاري آهي، جو دنيا ۾، جدا جدا
ملڪن ۾، اتي جا ماڻهو، اتي جي جاگرافيائي، تهذيبي
۽ تمدني حالتن، پنهنجي زبان جا آواز اچاري سگهندا
آهن.
جهڙيءَ طرح آوازن جي اچارڻ لاءِ، ڳالهائڻ جي عضون جي طبعي بناوت
۽ بيهڪ جو هڪ نظام آهي، جنهن ڪري خاص گروهه جا
آواز، ڪنهن خاص مخرج تان ئي اچاري سگهبا آهن، ۽ ان
مخرج وارا آواز، ڳالهائڻ جو ڪو ٻيو عضوو اچاري نه
سگهندو آهي، تهڙيءَ طرح وري ڌار ڌار اچاريل آوازن
کي ملائڻ سان پدن ۽ لفظن جي ٺاهڻ لاءِ به ڪو سرشتو
۽ ڪو قانون هوندو آهي. اهڙي سرشتي ۽ اهڙي نظام کي
صوتياتي نظام يا صوتياتي سرشتو چئبو آهي. صوتياتي
نظام جي واقفيت سان خبر پوندي آهي ته ڪهڙو آواز
لفظ جي منڍ ۾ اچي سگهندو آهي ڪهڙو آواز لفظ جي وچ
۾ ايندو اهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا آواز لفظ جي آخر ۾ اچي
سگهن ٿا.
سنڌ ۾ هر پڙهيل ماڻهوءَ کي خبر آهي ته سنڌي زبان جو ڪوبه لفظ
(ڻ، ڃ، ڱ ۽ ڙ) آوازن سان شروع ڪونه ٿيندو آهي. سنڌ
جي ماڻهن کي اها به ڄاڻ آهي ته سنڌي زبان جي هر
لفظ جي آخر ۾ ڪونه ڪو سر
(Vowel)
ضرور ايندو اهي، يعني سنڌي
زبان جي هرمفرد لفظ جي آخر ۾ ساڪن وينجن
(Consananat)
نه ايندو اهي، پوءِ چاهي اهو وينجن مفرد هجي يا
مرڪب.
جهڙيءَ طرح هر ٻوليءَ جو پنهنجو صوتياتي نظام ٿيندو آهي، تهڙيءَ
طرح هر ٻوليءَ جو پنهنجو وياڪرڻي نظام به هوندو
اهي. وياڪرڻي نظام کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ
حصو اهو آهي جنهن ۾ لفظن جي ڦيرن ۽ صيغن ۽ نون
لفظن ٺاهڻ جا قانون ڏنل هوندا آهن. هن حصي کي ”علم
صرف“ چئبو آهي. ٻيو حصو اهو آهي ته، جنهن ۾ فقرن ۽
جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي سٽاء جي قانونن جي
خبر پوندي آهي. هن حصي کي ”علم نحو“ چوندا آهن.
ماهرن جو رايو آهي ته ”اها مڪمل گفتار جيڪا ٻوليءَ
جي جهيلار يا ڍار
(Intonation)
مان ڪنهن به هڪ جهيلار يا ڍار تي ختم ٿئي، اهڙيءَ
گفتار کي جملو چئبو آهي.“ ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته
جملي جي مطالعي ۽ ڇنڊڇاڻ لاءِ ”جهيلار“ جو بيان
ضروري آهي؛ تنهن ڪري ڪهاڻي، ناول يا ڊرامي ۾
ٻوليءَ واري موضوع جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جهيلار جو بيان
لازمي آهي.
علم صوتيات وانگر علم صرف ۽ علم نحو لاءِ به ڪي قانون ۽ ڪي اصول
مقرر ٿيل آهن. هن مقالي جو تعلق سنڌي ڪهاڻيءَ ۾
ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪيل نون تجربن، خاص ڪري جملن ۾
ڪيل نون تجربن، يعني جملن جي سٽاء جي مطالعي سان
آهي. ان ڪري هن مقالي ۾ انهن جملن تي بحث ڪيو ويو
آهي، جن کي اسان جي ڪهاڻيڪارن ”اُبتي ٻولي“ يا
”ابتو گرامر“ نالو ڏنو آهي، ۽ نقادن اها دعويٰ ڪئي
آهي ته ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾، ٻوليءَ جي عبارت ۽ اسلوب
واري حصي ۾ اهو نئون تجربو آهي.“
(3) ٻولي ابتي ٿي سگهي ٿي ڇا؟
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اُبتي ٻولي ڇاکي ٿا چون؟
ڪجهه سال اڳ سنڌ جي ڪن ڪهاڻيڪارن، جملن جي سٽاء ۽ جوڙجڪ ۾، جملي
جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ کان سواءِ، پنهنجي مرضيءَ
سان ڦير ڦار آندي. هنن شايد نظماڻي نثر واري صنف ۾
جملي جي سٽاء کي ڏسي ڪهاڻين ۾ ڪن ڪن جملن کي سندن
خيال موجب اثر انداز بنائڻ لاءِ، علم نحو واري
سٽاء ۽ اصولن جو خيال نه ڪري، نئين تجربي ۽ نواڻ
جي شوق ۾، ڪن جملن جي شروعات فعل سان ڪئي ته ڪن
جملن ۾ فعل ڪٿي ته وري فاعل ڪٿي، ضمير ڪٿي صفت ڪٿي
ڪم آندو. ائين نه سوچيائون ته ائين ڪرڻ سان جملي
جي معنيٰ اها ساڳي رهندي يا نه، جيڪا سندن مقصد ۽
مفهوم کي ظاهري ڪري، يا ڪو ٻوليءَ جو فطري ڍنگ
ڍڪجي معنيٰ کي به منڊو ڪري وجهندو يا نه. مثال طور
مشتاق شوري صاحب پنهنجي ڪهاڻي ”ٿڪل جذبن جو موت جي
شروعات هن جملي سان ڪئي آهي:
”اٿيو آهيان ننڊ مان. اُٿي هاڻي هلان پيو رستي تي،
ميل ڏيڍ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پهچندس بس تي.
ڪهاڻيڪار خود سوچي ته ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جملو، جنهن سان
ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي، تنهن جي معنيٰ ڇا
آهي؟ ٻوليءَ جي قانون موجب جملي ”جهيلار“ لاءِ
ڪنهن هڪ لفظ تي زور
(Stress)
ڏبو آهي. ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جملي ۾ زور ڪهڙي
لفظ تي آهي؟ انهيءَ جملي ۽ ”ننڊ مان اٿيو آهيان“
جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟ ٻنهي
جملن ۾ علم نحو جا ڪهڙا ڪم آندا ويا آهن.
دراصل مشتاق شوري صاحب جي افساني ۾ ”اٿيو آهيان ننڊ مان، اٿي
هاڻي هلان پيو رستي تي“ جملن ۾ رابطي ۾ تسلسل واري
موضوع تي بحث ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي. منهنجي بحث
جو مقصد هي آهي ته جيڪڏهن انهن جملن واريءَ سٽاء
کي ”ابتي ٻولي“ يا ”ابتي ٻوليءَ وارو نئون تجربو“
سڏبو ته مون کي هيئن چوڻو پوندو ته انهيءَ تجربي
جي دعوا ڪندڙ لساني سائنسدان، ٻوليءَ جي سائنس جي
اصولن کان واقف نه اهي، ڇو ته اهو نئون تجربو
”سنڌي زبان جي جملن جي سٽاء ۽ نحو جي قانون کان
اڻڄاڻ هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ڏئي ٿو. اُبتي ٻوليءَ
جي طرفداري ڪندي خود امداد حسيني صاحب رايو ڏنو
آهي ته: ”عام طرح ڏسجي ٿو ته سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي
اتهاس جو اڀياس سنڌي اديبن گهٽ ڪيو آهي([10]).“
(
)
انگلش _ سنسڪرت ڊڪشنري _ صفحو 737 _ مونير
وليمس _ لنڊن 1851ع.
()
هندي شبد ساگر جلد چوٿون صفحو 2378 _ ناگيري
پرچارڻي سڀا ڪاشي.
()
الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: ادب جو سماجي ڪارڻ،
مقالو، ”پرک“، سالياني مخزن، سنڌي شعبو سنڌ
يونيورسٽي، ڄامشورو، 1977ع، ص 105.
)( Sturtevant, E.H., An
Introduction to Linguistic Science, New
Haven yale University Press, 1947 P.2.
)[5](
Bloch B. & Trager, G. L. An Outline of
Linguistic Analysis, Linguistic Society of
American, 1942, P.5
()
امداد حسيني: انٽرويو ”ماهوار سوجهرو“ جلد 2،
نمبر 10، ڪراچي، جولاءِ 1972ع ص 7.
()
علي نواز جتوئي: ”علم السان ۽ سنڌي زبان،
حيدرآباد، 1968ع، ص 12.
()
علي نواز جتوئي: ”علم السان ۽ سنڌي زبان“،
حيدرآباد 1968ع، ص 12.
()
امداد حسيني: حوالو مٿي ڏنو ويو آهي.
|