فعل _ ڌاتو
Verb-root
فعل _ ٿڙن جي بناوٽ سمجهڻ کان اڳ اهو لازمي آهي ته فعل جو ڌاتو
ڳولهي ڪڍجي، ڇاڪاڻ ته فعل جو ٿڙن جو فعلن جي ڌاتن
سان گهاڻو لاڳاپو آهي. ڌاتوءَ کي جڙ يا پاڙ
(Root)
به سڏجي ٿو. ’ڌاتو‘ لفظ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو مرڪزي
روپ آهي، جنهن تي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون بيهاري ’لفظ‘
جو مانڊاڻ منڊجي ٿو. مثال طور ’بيهوشي‘ لفظ جو
ڌاتو آهي’هوش‘. ’هوش‘ هڪ صرفيو روپ آهي، جنهن کي
معنيٰ ڀرين جُزن ۾ ڀڃي نه سگهبو. منجهس /بي_/
اڳياڙي لڳائي ’بيهوش‘ لفظ جوڙيو اٿئون؛ ۽ ’بيهوش‘
لفظ ۾ وري /_اي/ پڇاڙي گڏي ’بيهوشي‘ لفظ جوڙيو ويو
آهي. سنڌيءَ م فعل جي امر واحد روپ مان سڀيئي
پڇاڙيون (گرداني توڙي اشتقاقي) ڪڍي ڇڏڻ بعد باقي
جيڪو روپ بچندو، تنهن کي انهيءَ فعل جو ڌاتو سڏبو.
مثلاً _ هيءُ خط لکاراءِ. هن جملي ۾ ’لکراء‘ فعل
امر واحد ۾ آهي. انهيءَ ۾ چار صرفيه آهن /لکه_/ +
/ _آ/+/ر/+/اِ/، جن ۾ /_اِ/ پڇاڙي امر واحد ڏيکاري
ٿي؛ /_آ/ ۽ /را/ پڇاڙيون ٻٽو بالواسطه ڏيکارين
ٿيون انهن مڙني پڇاڙين کي ڪڍي ڇڏڻ بعد /لِکه/ روپ
بچي ٿو، جو ’لکاراءِ‘ فعل جو ڌاتو آهي. ساڳيءَ طرح
’لکُه‘ فعل /_آ/ پڇاڙي صيغو امر واحد ڏيکاري ٿي،
جنهن کي ڪڍي ڇڏڻ بعد باقي /لکه _/ روپ بچندو، تنهن
کي ’لکه‘ فعل ڌاتو سڏبو.
سنڌيءَ ۾ لکڻ، پڙهڻ، کائڻ، چاهڻ، ڊاهڻ ۽ ٻين اهڙن روپن لاءِ
مصدر يا اسم مصدر
(infinitice)
([1])
نالو واهپي ۾ اچي ويو آهي. مصدر جي اشتقاقي معنيٰ
آهي اهو روپ، جنهن مان ٻيا روپ صادر ٿين يا ڦٽن
ٿا. انهيءَ اکري معنيٰ جي اثر ڪري ڪيترائي سنڌي
عالم مصدر کي فعل جو ڌاتو يا بنياد ڪري ليکين ٿا.
ميرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ فعل جو ڌاتو يا بنياد
سمجهائيندي هڪ ٻئي جي خلاف سمجهاڻيون پيش ڪيون
آهن. هو صاحب لکي ٿو ته _ ”سنڌي ٻوليءَ ۾ فعلن جو
بنياد مصدر نه آهي، تنهن ڪري مصدر کي ڌاتو يا
بنيادي ڪري لکيائين غلط آهي... ’لکڻ‘ لفظ پڇاڙيءَ
۾ ’اَڻُ‘ جو اچار آهي. ’کائڻ‘ لفظ جي پڇاڙيءَ مان
’اَڻ‘ يا ’اِڻ‘ جو اچار ڪڍي ڇڏبو ته باقي جيڪو
بچندو، سو ٿيندو ڌاتو يا بنياد.“([2])
اڳتي هلي امر جي بيان ۾ ڌاتوءَ بابت لکيو اٿس ”سڀڪنهن امر واحد
جي پڇاڙي۾ ’اُ‘ يا ’ا‘ جو اچار آهي، اهو ڪڍي ڇڏبو
ته باقي فعل جو ڌاتو بچندو([3]).
”سنڌي وياڪرڻ“ جو ڀاڱو ٽيون لکندي ميرزا قليچ بيگ
صاحب جي ويچارن ۾ ڦيرو آيو ٿو ڏسجي. اتي هو صاحب
لکي ٿ="AR-SA" style="font-size:17.0pt;
font-family:adabi">پريتم پياسي
جنهن ڏينهن تو اسان جي دل کٽي آهي،
تون ئي تون صبح شام بندگي آهي.
ويٺا سهون سڄڻ ستم اوهان جا جو،
بس! اي پرين اسان جي بيوس آهي.
مون کان مٺا نه گهر کلي اجازت تون،
محڪوم جي به ڪا ڪڏهن هلي آهي.
هو هاڻ مون کي خواب ۾ نٿوڌسجي،
ڪيڏي نه هي عجيب بي رخي آهي.
منزل ڏسي رڪي نه ويهه جانِ من،
سج جي اڃان نڪور روشني آهي.
غمگين حال تون ڏسي نه روءِ دلبر،
محشر جيان اسان جي گهر گهڙي آهي.
پوڄا ڪندي به اڄ نٿو پرين پرچي،
پٿر سان ڄڻ اسان جي دل لڳي آهي.
درشن جي لئي سڪي سدا ”پريتم“ پيو،
ڪيڏي ته بدنصيب زندگي آهي.
”اصغر“ ٽالپر
غزل
حياتي جستجو آهي،
سراپا آرزو آهي.
جوان جذبن جي جرئت سان، جهان ۾ رنگ و بُو آهي.
زمانو شاهدي ڏيندو، هو ڏاڍو خوبرو آهي.
ته سؤلي جانبازي آ، پرين جي پارکو آهي.
چوان ڇا حالِ دل هن کي، سندس ئي روبرو آهي.
ميارون ڪين ڏئي سگهبيون، هو بلڪل تندخو آهي.
اکين سان حالِ دل چئبو، ضروري گفتگو آهي.
جا خواهش ڪين ٿئي پوري، سا چئبي آرزو آهي.
سندم همت کي شابس آ، اُها ئي هوبهو آهي.
فقط ”اصغر“ ئي ڄاڻي ٿو، ته ڇو بي آبرو آهي.
شفيع چانڊيو
سپنا ساٿ نه ڏيندا آهن،
ننڊ ڦٽائي ويندا آهن.
اوسيئڙن ۾ نيڻ اسان جا، ڪنهن جي واٽ تڪيندا آهن.
تنهاين جي ريکائن ۾، دوست به وسري ويندا آهن.
پيار کان خالي خالي جيڪي، شهر سي کنڊر ٿيندا آهن.
پيار ڏئي پوءِ پور اوهان جا، ڏنڀن جيئن ڏنگيندا آهن.
جيئڻ جڳ ۾ تن کي سونهي، ٻئي جي لئه ٿيندا آهن.
منهنجا گل به تنهنجي هٿ ۾، ڪنڊا ڇا لئه ٿيندا آهن.
مرڪي ملڻ سان من جا سائين، زخم به ڀرجي ويندا آهن.
آغا سيعد
آزاد نظم
رُت ڪهڙي به هجي،
مهل ڪهڙي به هجي.
مان ڪنهن جاءِ تي،
ڪٿي به هجان.
وقت نا وقت هلي ايندي آ.
من جي ماحول ۾ مهڪار ڪري،
سارين سوچن سان سهڪار ڪري،
منهنجي جذبن کي،
لفظن جو نئون روپ ڏئي،
مون کي ڏيئي هو خواب،
۽ عذاب ويندي آ...!!
ڪوتا! مون وٽ جڏهن به ايندي آ.
ڪوتا! مون وٽ جڏهن به ايندي آـــ!!
آصف مٺياڻوي
هر گهڙيءَ پل پيار جو پرچار ٿئي،
دل ڳنڍيل ڪا دلنه دل کان ڌار ٿئي.
تيز ڏاڍو آ تکو جنهن جو اثر،
ڪنهن تي ابرن جو نه ڪڏهين وار ٿئي.
ازل کان ويندي ابد نعرو لڳو،
سونهن جي هر ساهه کي ٿي سار ٿئي.
جنهن گهٽيءَ ۾ دوست جو گهرڙو هجي،
روز وڃجي، من ڪڏهن ديدار ٿئي.
برهه جي بازار هوڪا حسن جا،
آيو ڪهي ”آصف“ ته من واپار ٿئي.
امام راشدي
آزاد نظم
تنهنجي ياد اچڻ سان،
ساٿي،
سوچن جو سيلاب اٿيو ۽،
منهنجو قلم،
هلڻ لڳو،
هلڻ لڳو،
اُبتا سُبتا،
اُڀا، پاسيرا،
ليڪا ڪاغذ جي سيني تي پائي،
ڪوتا چٽڻ لڳو،
۽ پوءِ،
هڪ تخليق جُڙي پئي،
جنهن ۾ تنهنجي،
پيار جي خوشبوءِ،
مهڪيل هئي،
جنهن سان،
منهنجي مَن جي مُکڙي ٽِڙي،
گُل ٿي پيئي،
۽ هر پاسي سونهن پکڙي وئي.
اسحاق ”راهي“
قسمت کي چوان!!
عشق و الفت جا ٽُٽا وهنوار، قسمت کيچوان!
بند ٿيا هر طرف کان ديدار، قسمت کي چوان!
راحتن جا ڏينهن گذري ويا، مگر اڄ دوستو!
نانگ ٿي آيا ڏنگن سينگار، قسمت کي چوان!
شل نه ڪو محتاج الفت ۾ ٿئي ڀاڳن سندو،
قسمتن تي ٿا ٿين ديدار، قسمت کي چوان!
منهنجي دل جي باغ ۾ آيون خزائون بار بار،
دل جو گلشن ويو سڙي اي يار، قسمت کي چوان!
مدّعا من جي وڇوڙي جو نشانو ٿي پئي،
غم نه ڪر تون اي دلِ بيمار، قسمت کي چوان!
هر خوشي دل جي جو غم سان واسطو ٿي آ ويو،
ٿي ويا پنهنجا به اڄ بيزار، قسمت کي چوان!
ڪينڪي ساحل نصيبن کي عنايت ٿي سگهيو،
منهنجي قسمت ۾ سدا منجهدار، قسمت کي چوان!
جام سان گڏ جام نظرن جو هلايو ساقي آ،
منهنجي آڏو ٿيا گهڻا سرشار، قسمت کي چوان!
منهنجي ڳوڙهن جا بڌا واپار ڏسجن ڪين ٿا،
ٿا کپن هيرا سرِ بازار قسمت کي چوان!
هر خوشي تي انتظارن جو آ قبضو ٿي ويو،
دل وئي دل جا ويا مختار قسمت کي چوان!
هرڪو منزل تي پُڄي ويو منهنجي پهچڻ کان اڳي،
راهه ۾ ”راهي“ ڇڏيو دلدار، قسمت کي چوان!
مختار گهمرو
سورج مکڙي
تنهنجي اوسيئڙي ۾ سائين،
روئي روئي آءٌ سدائين،
لڙڪن جا زنجيربنائي،
پلپل پڄري پائيندو هان!
رات ائين ئي گهاريندو هان!!
صبح ٿيڻ سان، تنهنجي رستي
پنهنجا پياسا نيڻ وڇائي،
هر پل توکي ساريندو هان!
تنهنجي راهه نهاريندو هان!
(Exceptional)
آهن. اهي امر واحد ٺاهڻ لاءِ لازمي فعل _ ٿڙن
وانگر /_اُ/ پڇاڙي کڻندا آهن. مثلاً _ کاءُ (کا /
+ /_اُ/)، لکه (/لکه / + / _ آ/)، پڙهه (/پڙهه _/
+/ _ اُ). اهي نرالا متعدي فعل _ ٿڙ ضيغو مضارع، و
رتمان ڪرتري ڪردنت (اسم حاليه) ۽ ماضي معطوفي روين
ٺاهڻ لاءِ پڻ لازمي فعل _ ٿڙن کي لڳندڙ پڇاڙيون
کڻندا آهن. مثال طور:
صيغو مضارع: هلان (لازمي)، لکان (متعدي)، ماريان (متعدي).
ورتمان ڪرتري ڪردنت هلندو (لازمي)، لکندو (متعدي،
ماريندو(متعدي).
ماضي معطوفي: هلي (لازمي)، لکي (لازمي، ماري(متعدي).
3.2 فعل _ ٿڙن جي بناوٽ ۽ سندن قسم
فعل _ ٿڙن جي بناوٽ جو سرشتو هيٺ ڏنل نقشي
جي مدد سان چٽيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويندو.
()
ايضاً، ڀاڱو ٽيون، صفحو 147.
|