شام جو مقدمن، بيلدارن ۽ مزورن جي پئمينٽ ٿي. ٻن _ ٽن مهينن بعد
وري صاحب دولت پور منزل ڪئي. هڪ ڏينهن ويهڻ بعد
ويسٽ برانچ
22 ميل کان مٿي
17 ميل تائين انسپيڪشن ڪري بلغار اسٽيشن تي منزل
ڪيائين. شام واري گاڏيءَ ۾ موڪل تي روانو ٿيو. مون
به کانئس هفتي جي موڪل ورتي. ساڳيءَ گاڏيءَ ۾
روانو ٿي حيدرآباد آٿس. صاحب لاهور ميل ۾ وڃڻو هو
_ ان ڪري مون به ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ پڊعيدن آيس. اتان
ڀريا روڊ جي ٽڪيٽ وٺي، مڪس گاڏيءَ ۾ ڀريا روڊ کان
ڳوٺ آيس. پوءِ موڪل پوري ڪري آءُ به حيدرآباد پهتس
۽ لاهور ميل آئي، گاڏيءَ تي ساڻس مليس _ مون کانئس
اچڻ جو ٽائيم پڇي ڇڏيو هو ۽ کيس سامان وغيره کڻائي
ميرپورخاص واري گاڏيءَ ۾ رکائي، ساڳئي گاڏيءَ ۾
روانو ٿي بلغار اسٽيشن تي صاحب کان موڪلائي، خير
سان ٻاويهن ميلن تي پهتس، منهنجي لاءِ گهوڙو آيل
هو. صاحب جو الله جي مهربانيءَ سان مون تي بيحد
اعتبار هو. منهنجي حد جي بيلدارن جون پگهارون مون
کي ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ڊگهڙيءَ کان دولتپور هر
مهيني اچي نه سگهندو هو. ۽ وري سندس ڏسڻ لائق ڪو
خاص ڪم به نه هو. ان وقت پگهارن تي مقدم ۽ بيلدارن
جون صحيحون ڪونه وٺندا هئا: فقط مسٽرول وانگر پيڊ
ڪري ڇڏيندا هئا. آءُ مقدمن ۽ بيلدارن کي پگهار
ڏئي، هر هڪ کان رسيد وٺي ڇڏيندو هوس.
آخر سال 1916ع اپريل مهيني منهنجي بدلي چوراسي ميل جمڙائو جيمس
آباد سب ڊويزن ۾ ٿي. حد جي ماڻهن کي جيئن منهنجي
بدلي جي خبر پئي ته ڪيترا ماڻهو ملڻ آيا ۽ گهڻن
دعوتون ڏنيون، پر آءُ ڪٿي به دعوت لاءِ وڃي ڪونه
سگهيس، البت پير صاحب مير محمد شاهه موڪلائڻ آيو ۽
آءُ به وري سندس ڳوٺ وڃي موڪلائي آيس. چوراسي ميل
جمڙائو اووسير جو هيڊڪوارٽر هو. منهنجي چارج وٺڻ
کان مهيني اندر ڀرين جو ويٺل مسٽر هريرام نچناڻي
اوورسيئر ٿي آيو، جيڪو بي _ اي گريجوئيٽ هو ۽ ايس
_ ڊي _ او مسٽر ٽهلرام ٿڌاڻي هو. ٻئي صاحب تمام
محنتي بي راءِ ڪم ڪندڙ، ڪم ڪندڙ جا دوست، هندو _
مسلم ۾ ڪوبه فرق نه رکندا هئا. انجنيئر صاحب نئون
آيو هو، جو سدرن جمڙائو ڊويزن نئين سر ٺاهي
هئائون. اڳ جمڙائو ڊويزن هڪ هئي: سدرن ۽نادرن
سيڪشن هئا. انسپيڪٽنگ اسسٽنٽ انجنيئر چارج ۾ هئا.
انجنيئر مسٽر ميگ ڊولين صاحبلوڪ هو، جو نهايت
محنتي هو ۽ قابل هو، ميرپورخاص کان جڏهن ايندو هو
ته 78 ميل کان بگيءَ تان لهي، چوراسي ميل تائين
پنڌ ايندو هو. جمڙائو جي بند ڀرسان وڻ پوکيا ويا
هئا. انهن جا کڏا انهن سان گڏ پاڻي وغيرهه جو
بندوبست ڪيل هو. هر هڪوڻ ۽ کڏو ۽ پاڻي ڏسندو، ڇهه
_ ست ميل پنڌ ڪري چورئي ميل پهچندو هو ۽ وري واهه
سان انسپيڪشن ڪرڻ ويندو هو؛ ساڳيءَ طرح ڇهه _ ست
ميل پنڌ ڪندو هو. ايس. ڊي. او، داروغو، اوورسيئر
ساڻس گڏ پنڌ ڪندا هئا. ان وقت داروغي جي نوڪري ورڪ
چارج هئي. سدرن جمڙائو ڊويزن ۾ هڪ جاءِ فرسٽ گريڊ
داروغي جي هئي، جنهن جو 45 رپيا پگهار هو. وڌيڪ ٻه
جايون چاليه رپين جي پگهار سان، ۽ ٻه پنجٽيهن رپين
جي پگهار سان، باقي ٽيهن رپين جي پگهار سان هيون.
ساڳئي سال 1916ع ۾ هڪ جاءِ پنجٽيهن رپين واري خالي
ٿي، جا انجنيئر صاحب مون کي ڏني، جيتوڻيڪ مون کان
گهڻا سينئر ويٺا هئا. اهڙيءَ طرح 1917ع ۾ چاليهن
واري جاءِ خالي ٿي، سا به انجنيئر صاحب مون کي
ڏني. انجنيئر صاحب منهنجي ڪم مان بيحد خوش هو، هڪ
ڀيري مون کي چيائين ته انگريزي سِکي وٺ ته
اوورسيئر جي جاءِ ڏيئين. تڏهن پنج سؤ رپين جا بل
ميئرمينٽ بوڪ ۾ داخل ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. ڪڏهن
به ٻئي سب ڊويزن جا مسٽرول ماپ ڪرڻ لاءِ به مون کي
موڪليو ويندو هو. اهڙي اجازت ٻئي هڪ داروغي مسٽر
آلو مل کي به ملي هئي، جو مون کان گهڻو سينئر هو.
سال 1917ع ۾ الوحيد اخبار جاري ٿي ۽ جاري ٿيڻ سان مون گهرائڻ
شروع ڪئي. ان وقت الوحيد جو ايڊيٽر قاضي
عبدالرحمان هو، جنهن کي سنڌ جو گانڌي ڪوٺيو ويندو
هو، ۽ وري حيدرآباد مان هفتيوار الامين اخبار
نڪتي، جنهن جو سرپرست رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽
ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. جيئن اخبار نڪتي
آءُ ان جو خريدار بنيو هوس. ان وقت سکر مان الحق
اخبار هفتيوار شايع ٿيندي هئي، اها به گهرائيندو
هوس.
سدرن جمڙائو 78 ميل جمڙائو کان ۽ ويسٽ برانچ جي سترهين ميل کان
شروع ٿيندي هئي. ان ڪري جمڙائو جي اٺهتر ميل وٽ
جمڙائو جي ڊسچارج وٺڻي پوندي هئي. ساڳئي ريت ويسٽ
برانچ جي ٻاويهين ميل جي ماپ پڻ يا سب ڊويزنل
آفيسر يا اووسيئر کي وٺڻي پوندي هئي، پر اٺهتر ميل
جي ڊسچارج وٺڻ لاءِ مون کي اختياري هئي. جيئن ته
هڪ ڀيرو انجنيئر صاحب ۽ ايس. ڊي. او صاحب پنهنجي
روبرو مون کان ڊسچارج وٺرائي هئي. مون ڊسچارج وٺي
حساب ڪري ماپ جا انگ ٻڌايا هئا. جي بلڪل صحيح هئا.
ان بعد اٺهتر ميل جون ڊسچارجون آءُ وٺي تيار ڪندو
هوس. وري سال 1919ع ۾ فرسٽ گريڊ 45 رپين جي جاءِ
خالي ٿي، جا به مهرباني ڪري انجنيئر صاحب مون کي
ڏني. 21_1920ع ۾ سڄي سنڌ جي داروغن کي آبدارن
وانگر ٽيمپرري لسٽ تي آندو ويو. پگهار جي اسڪيل 30
رپيا تائين مقرر ٿي. جنهن موجب جنوري 1922ع کان 1
رپيو انڪريمنٽ ڏئي منهنجو ڇائيتاليهه رپيا پگهار
ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت جيڪي داروغا 30 رپيا کڻندا
هئا تن کي 32 رپيا، جيڪي 35 رپيا کڻندا هئا، تن کي
1 رپيو ڏئي 36 رپيا، جيڪي 40 رپيا کڻندا هئا، انهن
کي 2 رپيا ڏئي ٻائيتاليهه رپيا ڪيو. 1918ع آگسٽ جي
شروعات ۾ هڪ هفتي جي موڪل تي ڳوٺ آيس، چنڊ جي
13_14 تاريخ هئي. اسان جي پراڻي جاءِ جنهن کي سرن
جي ڏاڪڻ مٿي وڃڻ لاءِ هوندي هئي، اونهاري جي
گرميءَ سبب مٿي وڃي سمهبو هو _ آءُ موڪل وارو هفتو
مٿي وڃي سمهندو هوس، موڪل اچي پوري ٿيڻ تي هئي،
پڇاڙيءَ جي رات هئي، سڀاڻي شام جو مون کي ڊيوٽي تي
وڃڻو هو. ان رات منهنجي گهر واريءَ جا الفاظ، اڃا
تائين مون کي ياد آهن _ چيائين ته ”خبر نه آهي
الائي ڇو منهنجي دل ڪالهه کان وٺي پريشان آهي ۽ ڌڪ
ڌڪ ڪري رهي آهي. ائين پئي دل چوي ته وري الائي
جيئري ملڻ ٿيندو يا نه! هن ڀيري منهنجي طبيعت ٺيڪ
نه آهي. اوهان جي وڃڻ جو جيئن وقت ويجهو ٿو ٿئي،
تيئن منهنجي دل منهنجي هٿن سان جهلجي ئي نٿي ۽
بيحد روئڻ لڳي. مون کلي دلجاءِ ڏئي چيومانس ته
الله پاڪ تي ڀروسو رک! پر ننڊ ڪانه آيس ۽ مون کي
به ٿوري ننڊ آئي. روئندي رات گذاريائين. ٻئي ڏينهن
جيئن مون کانئس موڪلايو تيئن بيحد گهڻو رنائين ۽
مون کي به رواڙي ڇڏيائين _ مون کيس روئندي دلداري
ڏني ۽ چيم ”ائين دل نه لاهه الله پاڪ تي رک!
اهڙيءَ طرح کيس روئندو ڏسي آءُ به روئندو نڪس ۽
سڀني کان موڪلائي اٺ تي چڙهي ڀريا روڊ تان اسٽيشن
ڏي روانو ٿيس. هلندي وقت امڙ ۽ بابا کي چيم ته
هوءَ روئي رهي آهي، کيس تسلي ۽ دلداري ڏجو. ٻئي
ڏينهن 10 وڳي چورائي ميل پهتس، ان ڏينهن ته منهنجي
طبيعت به بلڪل اداس هئي. ۽ سندس روئڻ ۽ موڪلائڻ
وارا آواز بار بار پئي ڪَنن تي گونجيا. ان کان
پوءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو خط ايندو هو. بابا سائين
لکندو هو ته سڀ خوش آهيون، شاهل به خوش آهي.
سيپٽمبر مهيني جي پڇاڙي هئي، هڪ خط آهيو، بابا
لکيو ته تنهن جي گهرواريءَ جي طبيعت ڪجهه ناخوش
آهي: ٿورو بخار اٿس، قاضي احمد صاحب نوشهري واري
جو علاج ڪيون ٿا. خداوند رحم ڪندو، تون ڪو انتظار
نه ڪجانءِ. ان کان پوءِ چوٿين _ پنجين ڏينهن لعل
خان لغاريءَ جي ڳوٺ جي وڏيري قائم خان لغاريءَ
پنهنجي پٽ حسين بخش جي طهر جي دعوت ڏني هئي، جنهن
۾ شريڪ ٿيس. جيتوڻيڪ طهر جي ڀَت ۾ شريڪ ٿيڻ منهنجي
طبيعت جا بالڪل برخلاف هو. پر قائم خان تمام گهڻو
ستايو هو، ان ڪري بادل ناخواسته شريڪ ٿيس. 30_2
وڳي ڌاري ماني آئي، خدا ڄاڻي، ان مان پهريون گرهه
کنيم. ائين شاهل جي يادگيري آئي ۽ منهنجي اهڙي
حالت ٿي، جو آءُ ماني کائي نه سگهيس، سڀني ويٺي
ماني کاڌي، مون انهن کان موڪل گهري. شاهه صاحب وڏل
۽ سندس ڀاءُ شجاح محمد شاهه به آيل هئا، جن به مون
کي چيو ته اهڙي تڪڙ؟ بهرحال مون سڀني کي منٿ ڪري
ڪنهن ضروري ڪم جو بهانو ڪري موڪل ورتي ۽ گهوڙي کي
تکو ڪري اسٽيشن (هاڻوڪي شهر جهلوريءَ جي سامهون
جامڙائو جي ڪپ تي هئي) آيس. دريءَ مان گهوڙيءَ
چڙهي ئي اسٽيشن ماسٽر کان پڇيم ته گاڏيءَ ۾ گهڻي
دير آهي؟ چيائين ته هينئر جيمس آباد مان ڇُٽي آهي.
پوءِ سڌو آفيس ۾ آيس. مسٽر عبدالرئوف پٺاڻ ان وقت
سنگلر به هو ۽ پوسٽ جي چارج به هئس. چڙهي گهوڙي
چيومانس ته ڪو خط پٽ آهي؟ چيائين ته ها، هڪ ڪارڊ
آهي. ڪارڊ پڙهيم. بابا سائينءَ لکرايو هو ته
’اوهان جي جاءِ تي ڪو اڃا فائدو نه ٿيو آهي علاج
هلندڙ آهي. الله رحم ڪندو! ٻئي پاسي برادرم محمد
قاسم جملو پنهنجي طرفان لکيو هو ته ’اوهان جي
گهرواري اوهان کي گهڻو ياد ٿي ڪري. خط ڏسڻ سان
اچو، جو طبيعت ٺيڪ نه آهي. اتي جو اتي گهوڙي خلاصي
جي حوالي ڪيم. مسٽر ٽهل رام ٿڌاڻي ايس. ڊي. او به
بنگلي تي منزل انداز هو، ان وٽ وڃي کيس حقيقت ڏنم
جنهن چيو ته ’هڪ هفتي جي موڪل اٿئي، ڀلي وڃ. انهن
ئي ڪپڙن سان ڊوڙندو اسٽيشن تي پهتس ۽ گاڏيءَ ۾
روانو ٿي، حيدرآباد مان پڊعيدن جي ٽڪيٽ وٺي لاهور
ميل ۾ روانو ٿيس، چئين بجي ڌاري پڊعيدن پهتس.
ڀِريا روڊ واري مِڪس گاڏي جي جاچ ڪيم، اُٺ هو جنهن
هلڻ قبول ڪيو. ان تي چڙهي روانو ٿي، نوشهري وارو
رستو وٺي، مراد واهه جي موريءَ وٽان، وري مراد
واهه جو ڪپ وٺي، ڳوٺ واري رستي تي پهتس ته منهنجو
ننڍو سالو احمد مليو، پڇيومانس ڳوٺ سڀ خير آهي؟
چيائين ته ’ادي، تنهنجي گهرواري هيئنر گذاري
ويئي.‘ پڇاڙيءَ تائين رڳو توکي پئي ياد ڪيائين.
آءُ نوشهري ڀيڻ فاطمه کي ٻڌائڻ وڃان ٿو. منهنجو
جيڪو ان وقت حال ٿيو ان جو ذڪر قلم سان ڪري نٿو
سگهان! گهر پهتس: کٽ، جنهن تي شاهل جو روح پرواز
ڪري ويو هو. ان جو چواڌاري زالن جو ميڙ هو. ماڻس،
ڀيڻس، ادي، امڙ، چاچي ۽ ٻيون زالون مون کي ڏسڻ سان
اچي روئڻ راڙي ۾ پيون ۽ دانهون ڪرڻ لڳيون. هر هڪ
جي واتان هي اکر نڪتا هئا: ته توکي ياد ڪندي ۽
ساريندي ساهه ڏنائين. ٽن _ چئن ڏينهن کان دانهون
ڪندي رهي ته ’مون کي منهنجو گهروارو گهرائي ڏيو ته
آءُ ڏسان، آءُ ڪانه بچنديس، موت مون کي سڏي رهيو
آهي!‘ مون بي اختيار کيس گلي لاتو ۽ چپن تي چمي
ڏئي چيو ته ’تو سچ چيو هو، جو جيئري ملاقات نه ٿي
سگهي! هاڻ الله کي پرتينءَ، الله سائين توکي جنت ۾
جاءِ ڏئي! تو مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه ڏنو جو
آءُ هڪ منٽ لاءِ به پاڻ کي تنها محسوس ڪيان. اي
منهنجا مولا سائين! تون شاهد آهين، تون کيس بخش ڪر
۽ بهشت ۾ جاءِ ڏينس! پوءِ ٻارهين وڳي تائين هن
ڪنوار کي غسل ڏئي ، نئين ڪنوار بنائي ابدي زندگي
بسر ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. ظهر جي نماز کان پوءِ،
مسجد شريف ۾ جنازي نماز ادا ڪري، کيس هميشه رهڻ
واري مڪان، بابل فقير جي مقام ۾، چاچي نبهندي
مرحوم جي ڀرسان سپردخاڪ ڪري آياسون _ سندس وفات،
منهنجي جيئري ملاقات نه ٿيڻ ۽ سندس پوئين وقت مون
کي ياد ڪرڻ جا واقعا، منهنجي دل کي جهوري رهيا
هئا.
موڪل جا ڏينهن بيحد ڏکيا گذريا. امڙ _ بابا سمجهائيندا هئا. پر
جيئن هو تسليون ڏيندا هئا تيئن مون کان روئڻ بند
نه ٿيندو هو. جيئن تيئن هفتو گذريو ۽ موڪل پوري
ڪري اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهس. انسان نرجو آهي! وقت
گذرڻ سان دنيا ئي ڪاروباري مشغوليءَ ۾ آهستي آهستي
ڏک به لهندا ويا. پر سڄو سال آءُ ڳوٺ وڃي نه
سگهيس. سال 1919ع ۾ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشن
ڪانفرنس خيرپور رياست ۾، رياست جي وزير شيخ محمد
ابراهيم جي زيرنگرانيءَ ۾ ٿي؛ جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ سڌو خيرپور ويس. ٻه ڏينهن تعليمي ڪانفرنس جا
اجلاس ٿيا، جنهن ۾ شرڪت ڪيم: ڳوٺ کان آخوند صاحب،
حاجي محمد حسين شاهه صاحب، مراد علي شاهه ڀرين
وارو ۽ يوسف شاهه درٻيلي کان آيل هئا. آءُ به ادا
حاجي محمد حسين شاهه صاحب، سان گڏ وڃي رهيس.
مهمانن لاءِ تنبو روانٽيون لڳل هيون. اعليٰ درجي
جو بندوبست ٿيل هو. کاڌي لاءِ وڏو پنڊال تيار ٿيل
هو. اجلاس لاءِ به نهايت وڏو بندوبست هو. ٻن _ ٽن
هزارن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بندوبست هو. آخري اجلاس
جي صدارت والي ريات مير فيض محمد ڪئي.
ان ڪانفرنس ۾ ٻه ڏينهن گذاري پوءِ ڳوٺ آيس. بابا جن شاديءَ جو
ذڪر ڪيو. پر مون صاف انڪار ڪيو ته آءُ ٻي شادي
ڪونه ڪندس، شادي جنهن سان ٿي، سا وئي، منهنجي ٻي
شادي ڪرڻ تي دل نه آهي. اهڙيءَ طرح موڪل جا ڏينهن
پورا ڪري واپسي ڊيوٽيءَ تي آيس. چوراسي ميل موريءَ
لڳ وڏو انسپيڪشن بنگلو آهي، جنهن جو ٻن ٽن چوڪڙين
۾ باغ به آهي. بنگلي جي ڪري سڀني کاتن جا آفيسر
منزل ڪندا هئا: انجنيئر، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر،
ڪليڪٽر، اسسٽنٽ ڪليڪٽر مطلب ته سڀني کاتن جا آفيسر
منزل ڪندا هئا. آفيسرن جي منزل ڪرڻ ڪري آسپاس جا
زميندا پنهنجن ڪم ڪارين لاءِ آفيسرن سان ملاقات
لاءِ ايندا هئا. ان ڪري منهنجي زمينداري سان گهڻي
واقفيت ٿي وئي. روينيو کاتي ۾ محمد بچل ميمڻ (مسٽر
محمد صالح ميمڻ جو ڀاءُ)، مسٽر محمد يوسف وستڙو
تپيدار، ٽئي نوشهري تعلقي جا ۽ مسٽر محمد طيب سمون
سيکاٽ جو تعلقي هالا جو ويٺل، ٻيا ميپور تعلقي ۾
جهلوري تڪ جا تپيدار هئا. جڏهن به ڪنهن آفيسر جي
منزل ٿيندي هئي ته مون وٽ اچي رهندا هئا. منزلن جي
ڪري هنن وٽ زميندار ايندا هئا، جنهن ڪري به گهڻن
زميندارن سان واقفيت ٿيندي هئي. خانبهادر عظيم
خان، جو ان وقت ڪو آپريٽو سوسائٽيز سنڌ جو رجسٽرار
هو. جنهن سان اڳيئي مرحوم خانصاحب دوست محمد جي
ڪري واقفيت ٿي هئي، جڏهن به ويجهين _ سوسائٽين جي
تپاس لاءِ دوري تي ايندو هو ته آءُ کيس بنگلي تي
ترسائي، چانهه وغيره پيئارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو
هوس. ان ڪري جيڪو وقت آءُ چوراسي ميل تي رهيس، سو
بلڪل سٺو گذرو. چوراسي ميل جمڙائو جي ڀرسان
خانصاحب شير شاهه صاحب جو ڳوٺ، ديهه 279 ۾ هو.
شاهه صاحب 1915ع ۾ ويسٽ برانچ جي ڍاڪن جي ٻوريءَ ۽
پلڙن جو انجنيئري کان مان مقاطعو کنيو هو. ان ڪري
22 ميل ويسٽ برانچ تي آيو هو. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ
سيد محمد حسين شاهه به هو. ٽي _ چار ڏينهن مون وٽ
رهيا، جو ويسٽ برانچ ۽ دولت پور جي ڳ وارا ٺيڪا
نيڪال ڪرڻا هئا. مون سڀ مهاڳي وارا ماڻهو گهرائي
ڏنا هئا، سندن مرضي موجب سڀ ٺيڪا نيڪال ٿيا هئا.
ڪوبه ٽڪرو رهجي ڪونه ويو هو. آءُ جڏهن 1916ع ۾
بدلي ٿي چوراسي ميل آيس ته پاڻ قرب ڪري مون وٽ آيا
۽ دعوت ڏئي پاڻ وٽ وٺي ويا. اهڙيءَ ريت ساڻن وڌيڪ
رستو ٿيندو ويو.
مسٽر محمد يوسف وستڙي جو هڪ دوست، نالي حافظ شاهه محمد جنهن سان
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سروي ڪرڻ وقت ملاقات ٿي هيس. ان جا
عزيز چوراسي ميل لڳ رهندا هئا. اهو به مسٽر محمد
يوسف سان ملڻ آيو. حافظ قرآن هو ۽ نهايت خوش الحان
قرآن تلاوت ڪندو هو. ان سان ملاقات ٿي؛ ساڻس محمد
يوسف کان به وڌيڪ منهنجي دوستي ۽ قرب ٿيو، جنهن
ڪري گهڻو وقت اچي مون وٽ رهندو هو. سندس هڪ ننڍو
ڀاءُ عبدالحق طبي ڪاليج پاس ڪري، ساڻس گڏ آيو هو.
ان سان ملاقات ٿي. مسٽر عبدالحق کي دواخاني ڪڍڻ جو
ارادو هو، پر موڙيءَ جي نه هجڻ ڪري مجبور هو. حافظ
صاحب جي ڪري مون کيس مدد ڪئي. جنهن موجب ان
دواخانو شروع ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ مسٽر محمد
يوسف ۽ محمد يعقوب جي صلاح سان، ديهه 227 ۾ ڀريجي
شاخ جي پيچ تي، 1300 ايڪڙ زمين جا _ جيڪا شادي
پليءَ جي هڪ زميندار جي هئي، ستن سالن جي لاءِ
مقاطعي تي بابا سائينءَ جي نالي تي رجسٽر ڪري کنئي
وئي. پر خانگي طرح چار آنا محمد يوسف جا، چار آنا
مسٽر محمد يعقوب جا، اَٺ آنا اسان جا ٿيل هئا. وري
اسنا جي اٺ آنن ۾ چار آنا حافظ شاهه محمد کي ڏنا
ويا، جو اتي سندن عزيز شر هاري گهڻا هئا. مسٽر
عبدالحق پوءِ اتي دواخانو شفٽ ڪيو. جناب والد صاحب
ڪم سنڀاليندو هو. سال بعد مسٽر محمد يوسف ۽ محمد
يعقوب بدلي ٿي ويا، جنهن ڪري سال جو حساب ڪري
ورتائون ۽ پنهنجو حساب اسان کي ڏنائون. هينئر
ٻارهن آنا اسان جا ۽ چار آنا حافظ شاهه محمد صاحب
جا هئا. نهايت خوش اصلوبيءَ سان مقاطعي جو وقت
پورو ٿيو ۽ والد صاحب جن کي سندن محنت جو پورو
فائدو مليو. جيئن ته سال 1921ع جي پڇاڙيءَ ۾ آءُ
به بدلي ٿي 57 ميل ويسٽ برانچ ڊگهڙي سب ڊويزن ۾
ويس، حافظ شاهه محمد صاحب منهنجي غير حاضريءَ ۾
جناب والد صاحب سان گڏ گهڻو بهرو ورتو. ڪڏهن ڪڏهن
آءُ به ويندو هوس، بابا سائين ته خاص طرح مقاطعي
جي هئڻ وقت اتي رهندو هو. حافظ شاهه محمد نهايت
ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو. ست سال مقاطعي جا پورا
ڪرڻ کان پوءِ، مسٽر عبد الحق ۽ حافظ صاحب وڃي
شهداد پور وسائي؛ جو سندن همشيرا صاحب جو رشتو پير
جهنڊي واري سان هو. انهن جي صلاح سان شهداد پور ۾
دواخانو کوليائين. مسٽر عبدالحق شهدادپور ۾ چڱو
نالو ڪڍيو. دواخاني لڳ مدرسو، مسجد شريف ۽ پنهنجي
رهڻ جو مڪان ٺهرايو اٿس. 84 ميل جيڪو وقت رهيس سو
بيحد سٺو گذريو. زميندا نهايت گهڻا ملڻ آيا، غريبن
کي ته منهنجي بدلي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. آءُ جيئن
84 ميل کن گاڏيءَ ۾ روانو ٿيس ته اسٽيشن تي تمام
گهڻا زميندار، غريب عوام مون کي الوداع ڪرڻ آيا.
بابا سائين جن منهنجي شاديءَ لاءِ مون تي گهڻو زور رکيو: ٻه _
ٽي رشتا ته منهنجا انڪار تي موٽائجي ويا، آخر
والدين جي چوڻ تي مون هائو ڪئي ۽ منهنجو رشتو
منهنجي مامي جي گهران قبول ڪيو ويو. منهنجو ايس.
ڊي. او. مسٽر هريرام نچناڻي هو. جو 84 ميل تي
منهنجو اوورسيئر ٿي رهيو هو، جو اڳي ئي گهڻو
مهربان هو. وري ٻيو ته سڀ ڪنهن آفيسر کي ڪم ٿو
وڻي، ان سان گڏ ڳوٺ جو پڻ هو. 57 ميل ويسٽ برانچ
جو هيڊڪوارٽر هو. اتي هڪ آبدار جو به هيڊڪوارٽر هو
۽ بنگلي ۾ تار آفيس به هئي، تنهنڪري هڪ سنگلر به
رهندو هو، جو ماپون وغيره به ڏيندو هو ۽ ٻيا ڪم به
ان هتان تار جي رستي ٿيندا هئا. آبدار مسٽر گهنشام
داس ٺارو شاهه جو ويٺل هو.دواخانو به هو ۽ اُتم
شڪتي نالي هڪ دوا ۽ ٻيون ڪيتريون دوائون رجسٽر ڪيل
هيس، ان جو ڀاءُ هو. سنگلر مسٽر ڄاڃي مل، جو
نوشهري تعلقي جو ويٺل هو. سڀ پرديسي ۽ وري هڪ
تعلقي جا، ان ڪري ٽئي گڏ رهندا هئاسين، ۽ ماني به
هڪ ٿيندي هئي. مسٽر ڄاڃي مل ويشنو هو، جنهن ڪري
ٽئي ويشنو کاڌو کائيندا هئاسو. هڪ ڀيرو برادر علي
محمد اتي آيو هفتو کن رهيو. ان لاءِ هڪ ٻه ڀيرا
ڪڪڙ ۽ گوشت گهرايو ويو ۽ جدا رڌيو ويو. سنگت جي
لحاظ کان مون ان سان گڏ ڪڪڙ ۽ گوشت ڪونه کاڌو.
لاڳيتو ٻارهن مهينا گوشت وغيره نه کائڻ کي مون کي
هڪ فائدو ٿيو، جو مون کي خوني بواسير جي شڪايت
هوندي هئي ۽ هڪ ٻه موڪا به هوندا هئا، اهو خون
بلڪل بند ٿي ويو ۽ موڪا به ختم ٿي ويا؛ ٿوري خارش
ٿيندي هئي اها به ويندي رهي. بواسير جي شڪايت وري
پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار کان پوءِ ظاهر ٿي، جنهن
ڪري سال 1972ع ۾ آپريشن ڪرائڻو پيو. اخبارن جو مون
کي گهڻو شوق هو ڪي اردو رسالا به ايندا هئا،
الوحيد اخبار به ايندي هئي، سنگت جي صلاح سان
”هندو“ روزانه به گهرائيسون. ٽپال ٽنڊي جان محمد
کان ايندي هئي، ٽپال جي وقت، روزانه ماڻهو ويندو
هو ۽ ٽپال پوري وقت تي ملندي هئي. ٽنڊو جان محمد
ستونجاهه ميل ويسٽ برانچ کان ٻه _ اڍائي ميلن تي
هو، ديهه 194 ۾ پنجابين جو ڳوٺ هو، جنهن ۾ سڀ
پنجابي رهندا هئا. نمبردار چوڌري حاڪم علي ۽ سندس
فرزند فضل الله نهايت مهماننواز ۽ قربدا هوندا
هئا. ڳوٺ ۾ عاليشان مسجد هئي، ڀر ۾ مڪتب هو. پيش
امام مولوي محمد حسين صاحب هو، جو نهايت قربدار ۽
عالم با عمل هو. ستونجاهه ميل جي ڀرسان ڏيڍ ميل کن
پنڌ تي اهو ئي ڳوٺ هو، جتي جمعي نماز تي ويندو
هوس. مولوي صاحب جي شخصيت ۽ سندس وعظ ۽ نصيحت اثر
ڪيو، جو روزانه شام جو خاص طرح عصر ۽ سانجهيءَ جي
نماز باجماعت وڃي پڙهندو هوس. سندس صحبت ۾ مون کي
فارسي پڙهڻ جو شوق ٿيو، جنهن موجب مولوي صاحب
پهرين ’ڪريما‘ شروع ڪرائي، ان جي پوري ڪرڻ کان
پوءِ پندنامو شروع ڪيم، ان سان گڏ مولوي صاحب ديني
رسالا وغيره ڏيندو هو، جن جو مطالعو ڪندو هوس.
مولوي محمد حسين وڏو عالم ۽ مقرر هو، خوش الحان ۽
پرهيزگار هوندو هو، سندس تقرير نهايت اثر واري
هوندي هئي؛ سندس صحبت مون تي اهڙو اثر ڪيو، جو
سرڪاري ڪم کان جيڪا به فرصت ملندي هئي، سا مولوي
صاحب جي صحبت ۾ گذاريندو هوس. ’پند نامو‘ اڃا پورو
ئي ڪونه ڪيو هوم ته سال 1923ع ۾ منهنجي بدلي
ڊگھڙيءَ ٿي، جتان به وقت ملڻ تي مولوي صاحب جي
ملاقات لاءِ ايندو هوس. سترونجاهه ميل جي سروس ۾
ٽنڊي جان محمد ۾ به وڃڻ ٿيندو هو، جو منهنجي حد ۾
هو. مير احمد خان ۽ مير قادر بخش وڏا زميندا، هن
بزرگ جا مريد هئا. انهن سان به ملاقات ٿيندي رهندي
هئي، ٻيئي صاحب نهايت قربدار مهمانواز ۽ بيحد حليم
بيعت جا هئا، جنهن ڪري وٽن ماڻهن جي ميلا لڳا پيا
هوندا هئا. جيئن منهنجو ٽنڊي جان محمد ۾ وڃڻ ٿيندو
هو ته سندن ملاقات ضروري ٿيندي هئي. ستونجاهه ميل
جي آسپاس سندن زمين هئي، جڏهن به زمين گهمڻ ايندا
هئا ته مهرباني ڪري خاص مون وٽ ضرور ايندا هئا ۽
ڪلاڪ اڌ مون وٽ ضرور ترسندا هئا. موسم پٽاندر
چانهه يا ٻيو ڪوبه مشروب نوش فرمائڻ جي عزت ڏيندا
هئا. ٽنڊي جان محمد ۽ ڊاڪٽر مسٽر نند لال اصل
پنجاب جو هو، پر ٽنڊي جان محمد لڳ زمين هيس ۽ ان ۾
عاليشان اچي سڄو ڏينهن گذاريندا هئا. ڊاڪٽريءَ ۾
سندس ڏاڍو نالو هو، غريبن کي ته مفت دوائون ڏيندو
هو پر عام ماڻهن ۾ به بيحد مقبول هو. |