نثار بزمي
گيت
مسافر وِکَ وِکَ تي تَه نَه ويهُه،
مسافر! وِکَ وکَ تي ته نه ويهه!
رات انڌاري پوري ٿيندي،
صبح جو نيٺ سنيهو ڏيندي،
سارو جڳ هي جاڳي پوندو،
باک نرالو نور ڇٽيندي،
پوندو تنهنجي ڇاتيءَ اندر ڪونه وري ڪو ڇيهه،
مسافر! وِکَ وکَ تي ته نه ويهه.
جيڪي آهي اڳتي آهي،
ڀَوَ ۽ ڀولا ڇَڏِ تون لاهي،
موڳي من سان جيئڻ ڪهڙو،
اهڙو من ڪنهن ڪم جو ناهي،
ويهڻ ۽ وڦلڻ سان پنهنجو ڪيئن تون ڏسندين ڏيهه،
مسافر! وِکَ ويکَ تي ته نه ويهه.
تتيءَ ٿڌيءَ کي ڏسبو ڪونهي،
قسمت کي ڏس پِٽبو ڪونهي،
پنهنجي سهنجي ڪر تون ساٿي!
هٿ ٿي هٿ ڏئي وِهبو ڪونهي،
پاڻيءَ تان وڃ آڏِري جوڌا! پهڻن ۾ تون پيهه،
مسافر! وِکَ وکَ تي ته نه ويهه.
هر هر ساهي پٽبي ناهي،
واٽ وِهڻ سان ڪَٽبي ناهي،
ٿِڙندو ٿاٻڙندو هل اڳتي،
منزل پنهنجي مٽبي ناهي،
قدم وڌائي پنهنجا ’بزمي‘، سک جو لهه ساڻيهه،
مسافر! وِکَ وکَ تي ته نه ويهه.
ناظم منگي
غزل
مريد حسن جو اڄ آشڪار ٿي ڏسبو،
نصيب آزمائڻ لئه تيار ٿي ڏسبو.
رضائي يار ۾ آ هر سزائي پيار قبول،
اسير عشق جو بڻجي نثار ٿي ڏسبو.
سفينو پيار جو توڙي ڪندي رَسي نه رَسي،
ته به ناخدا جي هٿن جي مهار ٿي ڏسبو.
ستم هزار حسينن جا ٻيا سٺل آهن،
نگاهِ ناز جو باقي شڪار ٿي ڏسبو.
طبيب حسن جو صاحب هجي شفا نه کپي،
دوا ڪري نه ڪري دلفگار ٿي ڏسبو.
قرار يادِ خدا ٿو کسي اڙي واعظ،
وصالِ يارليءَ ڪجهه بيقرار ٿي ڏسبو.
حياتي عشق ۾ گذري ته ڏوهه ڪهڙو ٿيو،
ڪنهين دل جو مسيحا قرار ٿي ڏسبو.
مهانگي آهي ٿي پئي پارسائي اي همدم،
نظر جو روزو ڪڏهن ٽوڙي، ٻار ٿي ڏسبو.
سڄڻ جي گهر کي اي زاهد طواف ڪرڻو آ،
اڃا ڪو ڏينهن ته ڇڏ گنهگار ٿي ڏسبو.
نوازي يا نه نوازي کڻي سڄڻ ”ناظم“،
مــگر غــلام تـــه پوري ڄمار ٿي ڏسبو.
محمد اسحاق راهي
غزل
وڃن ٿا يار اڄ محفل مان، يارن کي ته سمجهايو،
بهارون موڪلائن ٿيون، بهارن کي ته سمجهايو.
گلن جي آرزو خاطر چمن ۾ پير پاتو ٿم،
لڙن ٿا خار دامن ساڻ، خارن کي ته سمجهايو.
سهارن جي سهاري تي ٽپيس بحرِ تلاطم ۾،
ڪنارا ٿا ڪنارا ڪن، ڪنارن کي ته سمجهايو.
ڇڏي بحرِ خطر ۾ ٿي مخالف ناخدا ويو آ،
سهارا ٿا ٿين دشمن، سهارن کي ته سمجهايو.
ڪِري بجلي آ منهنجي پيارواري آشياني تي،
شرارت ڪئي شرارن آ، شرارن کي ته سمجهايو.
ٿيو وقتِ ملاقات آ ته نيڻن ننڊ جاچي آ،
محبت جي اکين وارا، خمارن کي ته سمجهايو.
غضب انداز اکڙين جا، ڪُهن ٿا نيڻ سينگاريل،
سڄي محفل ٿي تڙپي ڪجهه اشارن کي ته سمجهايو.
اڃا آ موسم _ گل ۽ قرارن موڪلايو آ،
بهارو! پاڻ ئي پنهنجن قرارن کي ته سمجهايو.
بجا ذڪر _حرم ليڪن ڪڏهن ذڪر _ صنم ڀي ٿئي،
حرم وارا! توهان ڪجهه ديندارن کي ته سمجهايو.
اسان محبوب کي پوڄيو ته ڪافر ٿو سڏي واعظ،
مزارون پوڄجن ٿيون، عشق وارن کي ته سمجهايو.
فلڪ وارا به رخنو ٿي پيا آرام ۾ آهن،
ڦٽائن ننڊ ٿا منهنجي، ستارن کي ته سمجهايو.
نوان ئي نينهن لايا اڄ اسان هڪ ٻئي سان او ”راهي“،
رقيب _ روسيه جي انتشارن کي ته سمجهايو.
مير محمد پيرزادو
نظم
من _ مندر جون ڀتيون ڀورا_
پلڪ اکين جا ڳورا ڳورا_
سارا لڱ چڪن،
سُوٽون سور ڏين،
سارو جيون، ساوڻ ۾ ڄڻ، ڪاري واري ڏينهن تتو_
توکي پيڙا جو نه پتو!
منهنجو من منڍيريءَ وانگي _
جَبَل جلي ٿو ڪنهن جي سانگي_
لُڪُن لوساٽيو،
ٻُٽُنِ ٻوساٽيو،
پوءِ به تو لئه سيج بڻايم، پيلا پيلا گل جهلي_
ڍوليا اچ به سج ڍلي!
ساريون راتيون ڪاريون ڪاريون _
ٽانڊاڻي جيئن پاڻ کي ٻاريون _
ڏيئا اجهاڻا،
پوءِ به نه ڄاڻا،
نيڻ نماڻا، اوسيئڙو ڇو ڪين ڇڏن ٿا لاهي _
ڪير به ڪنهن جو ناهي!
بردو سنڌي
ڪافي
تيڏي قدمان تون قرباني وي،
ٿِيوان مٺڙا، سَئين سيراني وي.
واهه واهه سڄڻ هَئي چال عجب،
تون ڪوجهياندا، لجپال عجب،
سُهُن، رب دي ، جوڙ جمال عجب،
ڪيتو دلڙي يار، ديواني وي.
ميڏي سر دا سَئين، شَلا خان جيوين،
آ ويڙهي ٿِي، مِهمان جِيوين،
جِند گهول گَهان، تي جان، جيوين،
تيڏي ٽور لڳم، مَستاني وي.
ٿئي سال ٻَهوڻ، سَنڀليندي ڪُون،
ٻَهه راهه تي، راهه ڀَليندي ڪون،
مئين سِڪدي، جان، ڳَليندي ڪُون،
مِل ”خان پنهل“، لاثاني وي.
ايهه هجر، وصال دا ويري اي،
”هان“ مونجها، سِر وچ ڦيري اي،
تن ڀانڀڙ، ڪولا ڪيري اي،
هِم سيني، سِڪ سُلطاني وي.
جنهان ڳليان چون، لنگهه آوين تون،
پيا عنمبر، مُشڪ کِنڊانوين تون،
هر حال دي وچ، مَن ڀاوين تون،
تيڏي ديد، مِٺي دل جاني وي.
آ يار، وَسا، وَل جهوڪين ڪُون،
ڪَرا ساوا سُنڃڙئي، جهوڪين ڪُون،
ڪيا حال شاوان، لوڪين ڪُون،
ڏُکي بردا، برهه بَياني ويا.
(سرائڪي ۾ لکيل)
بادل جمالي
ڪهاڻي
پاڙي ناهه پروڙ
سياري جي برف هاڻي رات خير سان گذري ويئي، جيڪا هن رڳو
هڪڙي رلي ۽ ان جي هيٺان کٿو اوڍي گذاري. سڄي رات
چلهه ۾ مچ نه ٻري ها ته شايد سيءُ کيس ماري وجهي
ها. اسر مهل جڏهن سيءُ ۽ کنگهه بنهه تنگ ڪيس ته هو
ٽپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي چلهه جي ڀر ۾ ويهي رهيو. ٻٻر
جي بُنڊ جو چلهه ۾ پيل حصو ٻري چڪو هو، ان جاءِ تي
رک جو ٻنوڙو ٺهي پيو هو. دکندڙ ڪاٺ جي باقي بچيل
حصي کي ٽڦڻيءَ سان ٺڙڪي ٽانڊا ڇاڻيائين ته جيئن
مزي سان ٻري سگهي. ٽانڊن جي ڳاڙاهاڻ ڪجهه تيز ٿي
ويئي: مٿان ٻه _ٽي ڦوڪون ڏنائين ته هلڪو ڄيرو ٻري
پيو، جنهن جي هلڪڙي روشنيءَ ۾ منهن ڦيرائي پوئتي
ڏٺائين، جتي سوني، ننڍڙي مَنُوءَ کي سيني سان
لڳائي، ننڊ ۾ الوٽ هئي. سندن منهن ٽپڙن مان ٻاهر
هئا. جعفر ٻه _ ٽي ريڙهيون ڏيئي اڳتي وڌيو. ٻيئي
رليون ۽ انهن جي هيٺان ڏنل سونيءَ جي گهاگهرا پات
پوتي ڇڪي، ٺاهي مٿن وڌائين. سيءُ جي شدت کي محسوس
ڪندي، چلهه جي پاسي ۾ وڇايل ڳوڻيون به کين
اوڍيائين. وري بانبڙا ڏيئي اچي چلهه جي پاسي ۾
ويٺو ئي مس ته کنگهه جو وڏو دور پئجي ويس. اهڙا
دورا جڏهن به پوندا هئس ته ساهه گهٽجي ويندو هئس،
دوڏا ڳاڙها ٿي نڪري ايندا هئس ۽ ڊڄندو هو ته متان
کنگهندي کنگهندي ساهه نڪري نه وڃيس! رت هاڻو
کانگهارو ڪڍي، چلهه جي پيرانديءَ اُڇلي، مٿان رک
جي چپٽي ٻُرڪي ڇڏيائينس ته جيئن صبح جو ان تي
مکيون اچي نه جهڻڪن، ۽ سندس بيماريءَ جا جيوڙا ٻين
کي نه چنبڙن..... ٺونٺيون گوڏن تي رکي، ٻيئي هٿ
نراڙ تي ڏيئي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين’هاءِ هاءِ‘.
اها هاءِ هاءِ پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل ’آهه‘ به
هئي ته سندس جسماني حالت جو اندروني عڪس به! نڙي
اڃا به پئي سُرڪيَسِ. اهڙيءَ صورت ۾ کنگهه جو ٻيو
دؤر پوڻ جو پڪو امڪان هئس، جنهن کان بچڻ لاءِ،
کيسي مان ڳڙ جو ذرو ڪڍي وات ۾ وجهي چوسڻ لڳو.
ٿورڙو سڪون مليس. دل ٿيس ته سمهي پوي، پر ان حالت
۾ به کنگهه جو خطرو هئس، جيڪو سندس سهپ کان ٻاهر
هو. ويٺي ويٺي ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳس ته رلي ۽ کٿو
چڱيءَ طرح ويڙهي. اوڪڙو ٿي ويهي، مٿو ڀت جي ٽيڪ تي
ڇڏي، اکيون پوري ڇڏيائين. اڃا اک مس لڳس ته ٻيهر
کنگهه اچي ورايس. اهڙيءَ طرح اک ٻوٽ ڪندي رات گذري
ويئي، خير سان صبح ٿيو. هو اڃا تائين ڀت سان مٿي
جي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو... سونيءَ رلين هيٺان ڏنل
پنهنجي پوتي ڪڍي ٻُڪل ڪئي. رليون سوليون ڪري منوءَ
تي وڌائين، ۽ سسيءَ کان ڏڪندي اچي چُلهه جي ڀر ۾
ويٺي. دکندڙ بنڊ کي ٽڦڻيءَ سان ٺڙڪي ٽانڊا ڇاڻي،
هڪ ٻه سَنهيون ڪاٺيون به ساڻس شامل ڪندي چيائين:
”توبهن توبهن... سيءُ به صفا لاهي پاهي بيٺو آهي ٻيو!“
اڻ سڌيءَ طرح سندس اهو جملو، جعفر کي گفتگوءَ ۾ شامل ٿيڻ جي
دعوت هئي، پر هو ڪونه ڪُڇيو. سونيءَ کيس ڳالهائڻ
تي پرڀائڻ خاطر ساڳئي جملي کي اينگائيندي چيو:
”جي اهڙيون ٻه راتيون ٻيون ٿيون ته آءُ ته موڪلائينديس!“
سڀڪجهه ٻڌندي ۽ محسوس ڪندي، جعفر وري به خاموش رهيو. نيٺ سونيءَ
ساڻس سنئون سڌو ڳالهايو:
”تون ته بچيو آهين؟“
هن بنا ڪنهن چر پر جي، اتان ئي ورندي ڏنيس:
”ساهه بچيو اٿم، باقي قبر ڏيکاري ڇڏيائين!“
سونيءَ بنا ڪنن واري ٻُٽي ديڳڙي کي پاڻيءَ سان اڌ ڪري چلهه تي
رکندي چيو:
”چانهن جو ڍڪ ڪاڙهي نِڙي ڪوسي ڪجي ها، پر..... ڪٿان اچن کير ۽
پتيون؟“
جعفر ڪو جواب ڪونه ڏنس.... پاڻي سڄر ڪري، ٺڪر جي ڪلراٺي ڪؤنري ۾
وجهي، هوءَ ٻاهر نڪري ويئي. ٿورڙيءَ دير کان پوءِ
پوتيءَ جي پلئه سان منهن اگهندي اچي چلهه وٽ بيٺي.
هٿ سڪيندي چيائين:
”ٻاهر تِڙڪو اٿئي جي وڃين ته.“
جعفر منهن ورائڻ کان سواءِ چيس:
”تڏو وڃي وڇاءِ ته ويهان.“
سونيءَ ڇڳل تڏو کڻي وڃي در کان ٻاهر، ڀت جي پاسي ۾ وڇايو. جعفر
کنگهندي، ڏڪندي وڃي تڏي تي ويٺو. کٿي جي گُهنڊ مان
منهنجو ٿورو ٻاهر ڪڍي ڏٺائين ته پاڙي جي گهرن جي
ڀتين توڙي، ڇتين جي ٻيڙ _ ٻنن تي ڪانوَن جا ٽولا
ويٺا هئا، جيڪي هر هر، چانورن جي ڪڻن، مانيءَ جي
ڀورن ۽ هڏين چونڊڻ لاءِ لامارا ڏيئي رهيا هئا. ڪي
دل وارا ڪانوَ ته ڏاڍيءَ حب مان پنهنجين مادين کي
چهنب ۾ چهنب ڏئي پنهنجي وات وارو کاڌو چڳائي رهيا
هئا... اهو منظر نه رڳو کيس وڻيو، پر گڏوگڏ گذريل
وقت به ياد ڏياري ويو. اهو وقت، جڏهن هو تندرست
هو. چڱو ڀلو هو، سرديون گرميون ڀوڳي، چار ڏوڪڙ
ڪمائي، انهن ڪانوَن وانگر پنهنجي زال ۽ ننڍڙي پٽ
کي کارائيندو هو! ڪيڏا نه چڱا ڏينهن هئا اهي.
ڪيڏيون نه وڻندڙ گهڙيون هيون سي... ڪڻڪ جي فصل مان
خرچ پکي لٿي پندرهن ويهه ٻوريون اَن جون ملنديون
هيس. ڦٽين جي فصل مان ٽي _ چار هزار روڪڙا ملندا
هئس. ڪُل ٽي ماڻهو ته هئا گهر ۾، جن لاءِ اها
آمدني ڪافي هئي؛ پاڻ سوڙ سڪوڙ ڪري چار ڪوڏيون
بچائي به وجهندو هو ۽ ان بچت مان سونيءَ کي
وَرڙيون ۽ نٿ به وٺي ڏنيون هئائين. ڪپڙو لٽو به
جهان کان چڱو پهرائيندو هئس. منهن مهانڊي جي به
ملوڪ هئي. ڀَتين پوتين جڏهن سهي سنڀري نڪرندي هئي
ته ڏاڍي ٺاهوڪي لڳندي هئي.... سوني ته هينئر به
اها ساڳي آهي، پر وقت ۽ حالتن ساڻس ايڏيون ته
ڏاڍيون ڪيون، جو هٿن جو پاڻي به ڪير ڪونه پئيس!!
چَتيون لڳل ۽ ڳنڍيون ڏنل ميرا ڪِڇڙا ڪپڙا، سيءُ
کان ڦُٽي ٻِرڙ ٿيل اگهاڙا پير، بک، بيماري ۽ ڳڻتين
کان ڳلن ۾ کوٻا پيل، اکيون ڏرا ڏنل.... جيتوڻيڪ
عمر ٽيهن جي لڳ ڀڳ اٿس. پر هوءَ ان کان ڏهاڪو کن
سال وڏي پئي لڳي!
ڇهه سال کن اڳ جي ڳالهه آهي، اليڪشن جو دور هو. هر طرف جلسا
جلوس پئي ٿيا. سياسي پارٽين جا جهنڊا، پوسٽر ۽
بئنر لڳڻ شروع ٿي ويا هئا. هن به کڻي گهر تي هڪ
پارٽيءَ جو جهنڊو چاڙهيو. بس، دير ئي ايتري هئي.
ٻئي ڏينهن صبح سان ئي اوطاق ۾ گهرائي، ٿُڪ لعنت
ڪرڻ کان پوءِ ڪامل خان پنهنجي هارپي مان کيس ڪڍي
ڇڏيو هو. ٻيهر هارپي لاءِ هنڌ هنڌ ڌڪا کاڌا
هئائين، پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو هو. وڏيرڪي
قانون ۾ جهڙوڪر ’بليڪ لسٽ‘ تي ٿي چڪو هو. ڳچ عرصي
تائين بيروزگار رهڻ کان پوءِ، نيٺ مايوس ٿي، ٻاهر
وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. هڪ ڏينهن زال جا سمورا ڳهه
ڳٽا وڪڻي، سنگت ساٿ کان اوڌر سوڌر وٺي، سعودي عرب
هليو ويو هو، جتي ٻارهن مهينا پٿر ڪُٽڻ کان پوءِ،
نوٽن جي ٿَهين بدران پاڻ سان سلهه جهڙو موذي مرض
کڻي موٽيو هو... ڊاڪٽر چيو هئس ته ’سخت گرميءَ ۾
پٿر ڪُٽڻ جي ڪري ڦڦڙن ۾ دز ويئي هيس. جنهن ڪري ٽي.
بيءَ جو اثر ٿي پيو هئس. جيڪي چار ڏوڪڙ ڪمائي آيو
هو، سي علاج تي خرچي ڇڏيا هئائين، پر بيماريءَ ۾
ڪو فرق ڪونه پيو هئس، هڪڙي بيماري، ٻي بيروزگاري
ٻنهي کان ڇوٽڪاري جي ڪا واهه نظر ڪانه آيس ته
هيڪاري مايوس ٿي بستري داخل ٿي ويو. جن يارن دوستن
کان اوڌر کنئي هئائين، تن اهي پئسا به سهسائي ڇڏيا
هئا، باقي اڳتي لاءِ ساڻس دعا سلام به ختم ڪري
ڇڏيائون. ڳوٺ وارا به کانئس ڏاڍو نٽائيندا آهن.
هاڻي ته شادي مراديءَ تي به ڪونه ڪوٺينس!
هڪ ڀيرو وري لامارا ڏيندڙ ڪانوَن ڏي ڏٺائين، جيڪي سڄي پاڙي جي
ڀتين ۽ ڇتين جي ٻيڙ _ ٻنن تي ٽولا ڪيو ويٺا هئا،
پر سندس گهر جي ڀتين تي ڪانوَ ته ڇا ڪو ٻيو پکي به
ڪونه هو. سو چيائين ’انسان ته ڇا، پکي پکڻ به کائڻ
جا يار آهن. هيڏانهن آسرو ڪونه اٿن ته منهن ئي
ڪونه ٿا ڪن!‘ پنهنجي بيوسيءَ تي دل جهوٻو کاڌس.
اکيون پوري ائين ڳيت ڏنائين، ڄڻ ڪنهن اُگريءَ دوا
جو ڍُڪ پيتو هجيس!
منو اکيون مهٽيندي، سندس اڳيان لنگهندي ٿَلهي کان ٿورو هيٺ لهي،
ٻاهر ڀڳو.... ماڻس پوتڙو کڻي پٺيان سڏ ڪيس:
”ابا، ڏاڍو سيءُ آهي، ٻوڪي ٻڌي وڃ، رونشو ڪم ڪونه ايندءِ.“
پر منو سندس سڏ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، ٻاهر نڪري ويو. ننڍڙو ٻالڪ
ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان بي پرواهه، وڃي هڪجيڏن سان
گڏيو... سونيءَ، جعفر جي سامهون ويهندي چيو.
”عيد سڳوريءَ جو ٻيو ويلو به هٿن مان پيو وڃي. گهر ۾ ٽڪو به
ڪونهي، ڪيئن ڪم ٿيندو!“
جعفر، گوڏا ڀاڪر ۾ جهلي، مراقبي وانگر ويهي، کيس ڏسندي چيو:
”عيدون سرنديءَ وارن لاءِ هونديون آهن سونل! اسان جهڙن لاءِ ته
سڄو سال هڪ جهڙو هوندو آهي!“
”اهڙي وائي نه وار. رب مالڪ آهي، هٿ پير هڻندين ته عيد ٿي
پوندي.“
”تنهنجو ته رڳو وات ٿو خرچ ٿئي، پر ڏوڪڙ ته ائين نٿا ملن.“
”هفتو ٿيو آهي جو توسان مٿو پئي هڻان ته عيد مٿي تي بيٺي آهي،
ڪو بِلو ڪر. پر توکي ڇا. پاڻ سڻڀ کائين ڪونه، اسان
ماءُ _ پٽن لاءِ توکي ڪهڙو لاچار جو اوڌر کڻين.“
”اوڌر به ملي ته کڻان، پراون ماڻهن کان زوريءَ کسي ته ڪونه
ايندس.“
”تون ٻاهر نڪري ڪنهن کان گهري ته ڏس، اِتان ئي ويٺو فيصلا
ڪرين.“
”ٻاهر به ويس ۽ بڇڙو ٿي موٽي به آيس.... مون کي خبر هئي ته تون
جند ڪونه ڇڏيندينءَ. لاچار کان ڪالهه وچينءَ مهل
رڙهندو رڙهندو مِٺي وٽ دوڪان تي وڃي نڪتس. ڏسندي
ئي رڙ ڪيائين ته ’يار ٻٽيهه روپيا دينا داستي کايو
ٿو وڃين، ايڏي ڪُپت چڱي ڪانهي، انسان ۾ هزارون
اميدون آهن.‘ دل ۾ چيم: ڇڏيئي ته وڄائي، پر هاڻي
ڏسجي ڀاڳ کي..... چيومانس: ’يار سچو آهين. ڏوهه
تنهنجو ڪونهي، ڏينهن به گهڻا ٿيا آهن. پر آءُ بنهه
مولائي ٿي ويو آهيان. هڙ ۾ اٿم ڪونه، نه ته هوند
اهو طعنو ڪونه ٻڌان ها. الله مالڪ آهي، ڏينهن ٻن ۾
پٽ سٽ ڪري توسان وهي ويندس. پر هينئر وڏي اميد
ساري تو وٽ آيس. سانجهيءَ عيد آهي، گهر ۾ ٻچن لاءِ
ڪجهه ڪونهي. ٿورو گهڻو عيد جو سيڌو ڏي، پوءِ جڏهن
اُٺ ترندو ته پُڇ به تري ويندو.“
”پوءِ ڇا چيائين؟“
”ٻڌايانءِ ٿو، پر دم پَٽڻ ڏي، هُڦجي پيو آهيان.“
”سوني سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ آتي هئي. جعفر اکيون پوري، ٻه _ ٽي
اونها ساهه کڻي ٻيهر شروع ٿيو:
”ڳالهه ٻڌي، ڏيڻ ته ٺهيو، مڙس ماڳهين حياءُ شرم پڻڻ لڳو.
چيومانس، ’هائو ادا، چئي وٺ جيڪي چوڻو هجيئي...
چڱو ڀلو هجان ها ته اهي اکر ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڪونه
وڃان ها.“
”مِٺي وٽ وئين ڇو؟ هو ماڻهوءَ جو ته ڦر ئي ڪونهي، هرو ڀرو وڃي
هلڪڙو ٿي آئين. ان کان هوند ڪنهن چڱي ماڻهو وٽ
وڃين ها، جنهن کي ڪجهه حياءُ ته پوي ها.“
جعفر مٿو لوڏي، سندس منهن ۾ نهاريندي چيو:
”چڱي ماڻهوءَ جي به ٿو ٻڌايانءِ.... مِٺي وٽان ٿي، ويس ٺاري خان
وٽ اوطاق ۾. ڪچهري ٺٺ لڳي پئي هجي. اها ئي ڪُتن جي
ڪچهري. ٻيو ڪم اٿن ڪونه، گهر ويئي پئسا ملن. اڃان
سلام ئي مس ڪيم ته چيائين ’يار گهر ڇڏي اوطاق اچي
وسائيسون ته به پينارن مان جند نه ڇُٽي!‘ مون کي
باهه وٺي ويئي. چيومانس ’ٺارا خان هوش ۾ ته آهين؟
زبان سنڀالي ڳالهاءِ! توکان ڪجهه گهريو ته ڪونه
اٿم جو ’پينار پينار‘ پيو ڪرين.‘ چيائين ’هاڻي
گهڻو نه ڳالهاءِ ته ساهه نڪري نه وڃي ئي.‘ دل ۾
چيم ’وڃي پؤ کڏ جي تَري ۾. اهڙي خبر هجيم ها ته
توڏي منهن ئي ڪونه ڪيان ها.‘ آءُ سور پي، ماٺڙي
ڪري موٽي آيس.“
”ٺارو خان ڳوٺ جو نئون نئون چڱو مڙس ٿيو آهي، ڪجهه ته حياءُ
پئيس ها.“
”سونل، چڱو مڙس مري ويو، پوئتي وارا ڪُتا ڌاريو ويٺا آهن، تن کي
ڪهڙي خبر ته غريبن سان ڇا ٿو وهي واپري.“
”توبهن الا توبهن...... زمانو ته ڏس، ڏسڻا واسڻا ماڻهو به ڪيڏا
ڪَٺور ٿي ويا آهن! نه خدا جو خوف، نه پاڙي جو
لحاظ!“
سوني مايوس ٿي، ڊگهو ساهه کڻي وڃي چُلهه جي ڀر ۾ ويٺي. تَس کڻي
پاٽ ۾ ڇنڊيائين. جوئر جي هڪڙي ماني به مس مس ٿي...
سج ڪافي مٿي چڙهي آيو، سيءُ جو زور به گهٽجي ويو.
جعفر کٿو کڻي، تڏو گهليندي اندر ويو. سونيءَ جوئر
جي مانيءَ جو اڌ ڀڃي، ڳڙ جي ذري سان سندس اڳيان
رکي، ۽ پاڻ جِست جي ننڍڙي ٿالهيءَ ۾ لوڻ ۽ مرچن جو
ذرو وجهي، پاڻي ۾ ملائي، چَٺڻي ٺاهي، ان سان
مانيءَ جو چوٿو کاڌائين، ۽ بچيل چوٿو، دٻڪيءَ ۾
وجهي پاٽ هيٺان رکي ڇڏيائين.
ڪيڏي مهل منو ڊوڙندو اندر آيو، ۽ ماءُ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. اٺن
_ نون سالن جو اٻالو ٻار، پير اگهاڙا مٽيءَ ۾
ڀڀوت، اڻ ڌوتل منهن، مٿو اگهاڙو، اڻڀا وارا، مليشا
جا ميرا ڪڇرا، ريڙون ريڙون ٿيل ڪپڙا! ماءُ جي گوڏي
کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو:
”امان، سڀني ٻارن نوان ڪپڙا پاتا آهن، مون کي ڇو ڪونه ڏنئي؟“
”پٽ هن ڀيري ته ڳالهه ئي وسري ويئي، اسان پنهنجي لاءِ به ڪونه
ورتا آهن. اول خير، ٻيءَ عيد تي سڀ گڏجي نوان ڪپڙا
پائينداسين. سمجهي وئين نه پٽ؟“
منوءَ جي من ۾ اڃا به ڪا ٻي ڳالهه هئي، جيڪا ٻڌائڻ لاءِ هُو آتو
هو. شايد ان ڪري ئي ماءُ جي ڳالهه کي نظر انداز
ڪندي چيائين:
”امان، ولڻ سان گڏجي سندس گهر ويس. ولڻ جي ماءُ آهي نه، حاجاڻي
چڱي، ان سيون پئي کاڌيون. ولڻ کي به سڏي پاڻ سان
ويهاريائين. ولڻ مون کي چيو ته ’تون به اچ.‘ خبر
اٿئي حاجائي چڱي ڇا پئي چويس؟ چويس پئي ’ڪٿان وٺي
آيو آهين لوسيءَ کي. ڇڏينس ته وڃي پنهنجي گهر
مري.“
منوءَ معصوميت مان ماءُ ڏي ڏسندي پڇيو:
”امان، آءُ لوسي آهيان؟“
سونيءَ سندس مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائيندي چيو:
”نه پٽ، تون منهنجو شهزادو آهين. لوسي ته اهي پاڻ آهن جيڪي توکي
ٿا چون.“ جعفر ڏي منهن ڪري چيائين!
”ٻڌين پيو مائي چڱيءَ جا حال.... ٻچڙيوال آهي ته به ٻين جي ٻچن
تي ڪهل ڪانه ٿي اچيس.“
جعفر چڙ ڪندي چيس: ”ٻين جا به اهيئي حال آهن“.
”هن جو ڏوهه ڪونهي، تون ويهي ڏس.“
منوءَ، ماءُ کي اکين ۾ نهاريندي پڇيو:
”امان، تو به سيون رڌيون آهن؟“
سونيءَ کي ائين لڳڻ ڄڻ وڏيءَ اوچائيءَ تان ڪنهن ڌِڪو ڏنو هجيس ۽
هوءَ سرينهن جي ڪڪي پن جيان وٽبي سٽبي هيٺ ڪِري
رهي هجي! منو جواب طلب نگاهن سان ٽڪ ٻڌي کيس ڏسندو
رهيو. سونيءَ، واريءَ جي ذرن جيان وکريل حوصلي کي
ميڙي چونڊي گڏ ڪري، منوءَ کي ڳراٽڙي پائي چيو:
”نه بابلا، مون جوئر جي ماني پچائي آهي.“
منوءَ جي منهن تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇائنجي ويا. هو ڪجهه به نه
چئي سگهيو.
سندس دل وٺندي سونيءَ چيو:
”توکي جوئر جي ماني وڻندي آهي نه ڳڙ سان؟“
منوءَ رڳو منهن کڻي ماءُ ڏي نهاريو. سندس ان نهار ۾ احتجاج ۽
محروميءَ جي جيڪا پيڙا هئا، تنهن سونيءَ جو سَنڌ
سَنڌ جهوري ڇڏيو...... منهن ٻئي پاسي ڪري، پوتيءَ
جي پلئه سان اکيون اگهي، پاٽ جي هيٺان رکيل ماني
ڪڍي سندس اڳيان رکيائين، ۽ جاري ۾ رکيل ٺِڪر جي
پاريءَ مان ڇٽانگ جيڏو ڳڙ جو ڳوڙهو ڪڍي مانيءَ تي
رکيائين. منوءَ دٻڪيءَ ۾ رکيل جوئر جي اڻڀي مانيءَ
جي چوٿي ءٌ ڳڙ جي ذري ڏانهن ۽ وري ماءُ ڏي ڏسندي
چيائين:
”امان، اڄ عيد آهي، تو سيون ڇو ڪونه رڌيون؟“
سونيءَ چيو: ”آخر ڪيستائين ٻار سان ڪوڙ جو ناٽڪ کيڏندي رهنديس.
اها حقيقت جا ڪڏهن نه ڪڏهن کيس سمجهه ۾ اچڻي ئي
آهي، ڇو نه اڄ ان جو اظهار ڪري ڇڏيان... ڇو نه اڄ
کيس ٻڌائي ڇڏيان ته هو اهڙن مائٽن جو اولاد آهي،
جن وٽ ٻيو ته ڇا، کائڻ لاءِ جوئر جي رُکي ماني به
ايتري ڪانهي جو پيٽ ڀري کائي سگهن!“
ماءُ کي خاموش ڏسي، منوءَ پنهنجو سوال ٻيهر پڇيو. سونيءَ چيس:
”پٽ، سيون توڙي چانور خرچ ٿا گهرن. اسين غريب آهيون، ڏوڪڙ
ڪونهي، نه ته هوند پنهنجي سڪيلڌي کي لک بسم الله
ڪري سيون کارايان ها.“
منوءَ حيرت ۽ مايوسيءَ وچان ماءُ ڏي ڏٺو ۽ لاچار ٿي منهن هيٺ
ڪري گرهه ڀڃندي پڇيائين:
”امان“.
سونيءَ مامتا سان سرشار ٿي چيو:
”جي پٽ.“
منوءَ ڳالهه پوري ڪندي پڇيس:
”ابلوءَ جن به ڀت رڌيو آهي، ڀلا اسين ابلوءَ جن کان به غريب
آهيان؟“
سونيءَ جي هانوَ ۾ ڄڻ ڪنهن بڙڇي وهائي ڪڍي. کيس توقع ڪانه هئي
ته ڪو منو ايڏو حساس هوندو! سوچڻ لڳي ته معصوم کي
ڪهڙو جواب ڏي. منوءَ وري پڇيس:
”ٻڌاءِ نه امان، اسين ابلوءَ جن کان به غريب آهيون؟“
سونيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري نٻل آواز ۾ چيس:
”پٽ، اڳي ته ڪونه هئاسين، پر هاڻي آهيون.“
منو، ماءُ جي ڳالهه سمجهي نه سگهيو. پڇيائين:
”ڇو امان؟
سونيءَ ڏاڍي نرميءَ سان سمجهائيندي چيس:
”پٽ، ان ڪري جو ابلو ويچاري جو پيءُ مري ويو آهي. هاڻي هنن کي
ڳوٺ وارا خيراتون ڏين ٿا، ان ڪري اسان کان سکيا
آهن. هُو سيون کائي سگهن ٿا، نوان ڪپڙا به پائي
سگهن ٿا.“
منو گراهه وات ۾ جهلي، حيرت ۽ معصوميت مان ماءُ ڏي ڏسندي، گهڙي
کن لاءِ ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ پوءِ گراهه چٻاڙيندي
پڇيائين:
”امان، جڏهن بابا مري ويندو، پوءِ اسان کي به خيرات ڏيندا؟“
سونيءَ پوري زور سان ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍيس. منوءَ جي وات مان
جوئر جو اڻڀو گرهه ڪِري پيو. هو ڳل کي مهٽيندي
روئڻ ۾ ٻڏي ويو.... پاسي ۾ ستل جعفر، جنهن اها
سموري گفتگو ٻڌي هئي، کٿو هٽائي، زخمي نظرن سان
منوءَ کي ڏٺو ۽ وري کٿو اوڍي ڇڏيائين... سونيءَ جي
دل مان مامتا جو جذبو سانوڻ جي سنڌوءَ جيان امالڪ
اٿلي پيو. سٽ ڏيئي، منوءَ کي ڇڪي، سيني سان لڳائي
پاڻ به سڏڪن ۾ ٻڏي ويئي! |