سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :7

ائنوٽن چيخوف

 

جني ڪاڻ مياس....

 

هي گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي. ان وقت هوءَ سهڻي ۽ جوان هئي. ’نيڪولا پيٽرولچ ڪولپاڪو‘ هن جي چاهيندڙ مان هو. هو اڪثر هن جي گهر ايندو هو. ان ڏينهن ڏاڍي هٻس ۽ گرمي هئي. ڪولپاڪو منجهند جي ماني کاڌي هئي ۽ سڄي بوتل شراب جي پيتي هئائين. هن جي طبيعت اداس هئي ۽ هو سمهڻ جي موڊ ۾ هو. ٻيئي بور پئي ٿيا. شام جو انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ نڪري وڃن. اوچتو دروازو کڙڪيو. ڪولپاڪو هلڪي قميص ۾ هو. هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ سوال ڀريل نظرن سان پاشا ڏانهن ڏٺائين.

        ”ممڪن آهي ٽپالي هجي يا ڪا منهنجي ايڪٽريس ساهيڙي هجي.“ پاشا چيو.

        ڪولپاڪو کي ٽپالي يا هن جي ايڪٽريس ساهيڙين کان نه ٿيندو هو، وري به هڪ ڪرڻ خاطر، پنهنجو ڪوٽ کڻي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ پاشا دروازو کولڻ لاءِ اڳتي وڌي.

هن کي ڏاڍي حيرت لڳي جو نه اهو ٽپالي هو ۽ نه ئي هن جي ڪا ايڪٽريس ساهيڙي هئي، پر هڪ خوبصورت عورت، جنهن کي عمدي پوشاڪ پيل هئي، ان جي اڳيان بيٺي هئي. هو معزز عورت ٿي لڳي.

اجنبي عورت جو چهرو زرد هو ۽ وڏا ساهه کڻي رهي هئي ڄڻ ڪا وڏي ڏاڪڻ چڙهي اتي پهتي هئي.

”ڪيئن آئي آهين؟“ پاشا هن کان پڇيو.

 عورت ڪوبه يڪدم جواب نه ڏنو. هوءَ ڪمري ۾ اندر هلي آئي ۽ ڪمري جي فرنيچر کي عجيب نظرن سان نهارڻ لڳي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي سور هو. ٿوري وقت کان پوءِ هوءَ ساعت ۾ آئي ۽ ڳالهائڻ لائق ٿي ۽ ڪرسيءَ تي ويٺي.

”ڇا منهنجو مڙس هتي آهي؟“ هن آخرڪار ڳالهايو ۽ اکيون مٿي ڪيائين جيڪي روئڻ سبب ڳاڙهيون هيون.

”ڪنهن جو مڙس؟“ پاشا پڇيو. اوچتو هوءَ ابترو هراسجي ويئي جو هن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. ”ڪنهن جو مڙس.“ هن جوش مان ڏڪندي چيو.

”منهنجو مڙ سنڪولائي پيٽرولچ ڪولپاڪو“.

”نه... مئڊم... مون کي ان جو ڪوبه پتو ڪونهي.“

ٿورو وقت خاموش ٿي ويئي. عورت وري وري رومال سان پنهنجون اکيون اُگهي رهي هئي. پاشا کي همت ئي نه ٿي ته ڪرسي تي ويهي. هوءَ پاڻ آيل مهمان کي خوف ۽ هراس مان نهاري رهئي هئي.

”تنهنجو مطلب آهي ته هو هتي نه آهي. ”ڪريل عورت...!“ عورت چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ پاشا ڏانهن حقارت ۽ نفرت مان نهاريائين ۽ وري چوڻ لڳي.

”ها، ها... تون ڪِريل عورت آهين ۽ مون کي خوشي آهي جو آخر مون کي موقعو مليو آهي، جو مان توکي تنهنجي منهن تي اهو ٻڌايان.“

پاشا محسوس ڪيو جيڪڏهن هن کي بازاري پائوڊر لڳل ۽ وارن جي وگ نه هجي ها ته هوءَ پنهنجي ڪِريل حالت کي لِڪائي سگهي ها ۽ هن عورت سان سامهون ويهي ڳالهائي سگهي ها.

”منهنجو مڙس ڪاٿي آهي؟“ عورت وري چيو. ”پر مون کي ان جي پرواهه نه آهي ته هو هتي آهي يا نه. مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته غبن  ظاهر ٿي پيو آهي ۽ هو نڪولا کي ڳولي رهيا آهن. اهي هن کي گرفتار ڪندا، ۽ اهو تنهنجو ڪم آهي.“

عورت اٿي ۽ پريشانيءَ مان ڪمري ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳي. پاشا هن ڏانهن حيرت مان نهارڻ لڳي ۽ هوءَ اهو سمجهي نٿي سگهي ته ان جو مطلب ڇا هو.

”اڄ هن کي ڳولي گرفتار ڪيو ويندو.“ عورت چيو ۽ پوءِ روئڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. ”مان ڄاڻان ٿي ته ان کي ان منزل تي ڪنهن پهچايو آهي ۽ بدصوت بازاري عورت!“ هن جي چهري مان اها حقارت ظاهر ٿي رهي هئي، جيڪا هن جي اندر ۾ پاشا لاءِ هئي. ائين ٿي لڳو جو هوءَ پاشا جي منهن تي ٿڪ اڇلائيندي. ”مان ڪمزور آهيان... ٻڌين ٿي؟ وحشي عورت....! مان مجبور آهيان... تون مون کان وڌيڪ طاقت ٿي رکين، ڪير آهي جيڪو منهنجي ٻارن جي سنڀال ڪندو. خدا سڀ ڏسي ٿو! هو انصاف وارو آهي. هو توکان منهنجي ڳوڙهن ۽ اوجاڳن وارين راتين جو حساب وٺندو. اهو وقت ايندو جڏهن تون مون کي ياد ڪندينءَ.“

ٻيهر خاموشي ڇانئجي ويئي ”مون کي ان جو ڪوبه پتو ڪونهي، مئڊم‘“ پاشا چيو ۽ ڏک وچان روئڻ لڳي.

”ڪوڙي“. عورت رڙ ڪئي. مان سڀ ڄاڻان ٿي. مون کي تنهنجو گهڻي وقت کان پتو آهي. مون کي اهو به معلوم آهي ته هن چئن مهينن ۾، هو هر روز تو وٽ ايندو رهيو آهي.“

”ها، پوءِ ڇا ٿيو؟ ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ گهڻائي ماڻهو مون سان ملڻ لاءِ ايندا آهن. مان انهن کي ڪونه چوندي آهيان ته اهي مون وٽ اچن. اهي پنهنجي مرضيءَ سان ايندا آهن.“

”مون توکي ٻڌايان ٿي ته هنن غبن لڌو آهي. هن پنهنجي آفيس مان پئسا چورايا آهن. تنهنجي لاءِ...... اهڙي عورت لاءِ جهڙي تون آهين هن ڏوهه ڪيو آهي، ٻڌ.“ عورت پاشا جي اڳيان بيهندي چيو ”توهان جو ڪوبه اصول ڪونهي، اوهان، جن جو گذرئي ٻين کي ٺڳڻ آهي. پر مان نٿي سمجهان ته تون ايتريقدر ڪِريل عورت آهين جو تو ۾ انسانيت جو ذرو به نه رهيو آهي. هن کي زال آهي. هن کي ٻار آهن... جيڪڏهن هو هن کي سزا ڏيندا ۽ سائبيريا موڪليندا ته مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي بکون ڪاٽڻيون پونديون... سمجهڻ جي ڪوشش ڪر! پر اڃا به هڪ رستو آهي جو تون اسنا کي تباهيءَ ۽ بيعزتيءَ کان بچائي سگهين ٿي.جيڪڏهن مان اڄ ڪنهن نموني نوَ سؤ روبل جمع ڪريان ته هن تي مقدمو نه هلندو. فقط نوَ سؤ روبل!“

”نوَ سؤ روبل“ پاشا پڇيو. ”مون کي نوَ سؤ روبلن جي ڪا خبر ڪانهي. مون کي ڪونه ڏنا اٿائين.“

”مان توکان نوَ سؤ روبل ڪين ٿي پينان. توکي پئسا ڪونهن ۽ مون کي تنهنجن پئسن جي ضرورت ڪانهي.مان توکان بلڪل الڳ شئي ٿي گهران........ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته تو جهڙين عورتن کي زيور ڏيندا آهن. مون کي اهي شيون موٽائي ڏي جيڪي منهنجي مڙس توکي ڏنيون آهن.“

”مئڊم! هن مون کي ڪوبه زيور ڪونه ڏنو آهي.“ پاشا رڙ ڪئي جيڪا هاڻي معاملي کي سمجهي ويئي هئي.

 ”پئسا ڪٿي آهن؟ هن پنهنجا، منهنجا ۽ ٻين جا پئسا اڏائي ڇڏيا. ٻڌ؛ مان توکي عرض ٿي ڪريان! مان هاڻي هوش ۾ آئي آهيان، مان توکي گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. پر مان توکي منٿ ٿي ڪريان ته ان کي وساري ڇڏ. تون مون کي ڌڪاريندي هوندينءَ. مان سمجهان ٿي؛ پر جيڪڏهن تو ۾ رحم ڪرڻ جي سگهه آهي ته منهنجي حالت ۾ پاڻ کي وجهي ڏس. مان توکي گذارش ٿي ڪريان، مون کي اهي شيون موٽائي ڏي.“

”ها.........“ پنهنجا ڪُلها لوڏي پاشا چيو ”مان ائين خوشيءَ سان ڪيان ها، پر خدا جي مون تي مار پوي جيڪڏهن هن ڪڏهن به مون کي ڪو تحفو ڏنو هوندو. مهرباني ڪري مون تي اعتبار ڪر. پر تون صحيح آهين.“ ايڪٽريس پاڻ کي سنڀاليندي چيو. ”هڪ ڀيري هن منهنجي لاءِ ته ٻه شيون آنديون هيون _ مان اهي توکي، جيڪڏهن تون چاهين، ته خوشيءَ سان واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

پاشا پنهنجي ميز جو خانو کوليو ۽ ان مان هڪ هلڪو سونو ڪنگڻ ۽ هڪ ڳاڙهي پٿر واري منڊي ڪڍي هن کي ڏني.

عورت جي منهنجي جو رنگ ئي ڦري ويو ڄڻ هن جي گهٽتائي ڪئي ويئي هئي.

”مون کي ڇا ڏئي رهي آهين؟ مان توکان خيرات نه گهري هئي پر اهو جيڪو تنهنجو نه آهي، جيڪو تو منهنجي غريب مڙس کي لالچائي حاصل ڪيو هو، توکي اهڙين حالتن جو پوري فائدي وٺڻ جو پتو آهي. خميس جي ڏينهن جڏهن رستي تي مان توکي پنهنجي مڙس سان ڏٺو هو ته توکي هيرن جو هار ۽ قيمتي منڊي پيل هئي. مان توکي قرباني ڏيڻ لاءِ نٿي چوان پر توکي آخري ڀيرو چوان ٿي ته ڇا تون اهي شيون مون کي موٽائي ڏين ٿي يا نه؟“

”تون ڪيتري نه کل جهڙي ٿي لڳين.....“ پاشا چيو. جنهن ڏک محسوس ڪيو هو. مان توکي يقين ٿي ڏياريان ته هن مون کي سواءِ انهيءَ ڪنگڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. هن رڳو ڪيڪ......“

”ڪيڪ..........!“ ٽوڪ واري لهجي ۾ کلندي چيو. ”گهر ۾ ٻارن جي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي ۽ هتي تون ڪيڪ ٿي کائين. چئبو ته انهن شين ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪرين؟“

هن کي جواب نه مليو. هوءَ هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ ڪنهن خاص نڪتي تي ڌيان سان سوچي رهي هئي. هوءَ سوچي رهي هئي ته ”مان ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن نو سؤ روبل نه مليا ته هو ختم ٿي ويندو ۽ ان سان گڏ مان ۽ منهنجا ٻار. مان هن جانور کي مارايان يا پاڻ کي هن ايڪٽريسياڻي جي قدمن تي جهڪايان.“ عورت منهن تي رومال ڏنو ۽ روئڻ لڳي.

”مان توکي منٿ ٿي ڪريان“ هن چيو ”تو منهنجي مڙس کي برباد ڪيو آهي ۽ هن جي زندگي تباهه ڪئي آهي........ هاڻي هن کي بچاءِ........ مان سمجهان ٿي توکي هن تي رحم نٿو اچي، پر ٻارن جو خيال ڪر..... انهن معصومن کي ڇو سزا ملڻ کپي!“

پاشا انهن ٻارن بابت سوچڻ لڳي،اجيڪي گهٽيءَ تي ڪنڊ تي بک کان روئي رهيا هئا. تباهه ڪيو آهي؛ پر مان خدا جو قسم کڻي ٿي چوان ته مان وحشي آهيان ۽ مان هن کي حاصل نه ڪيو آهي؛ مون سان گڏ ٿيٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين ۾ رڳو موجا نالي ڇوڪري آهي جنهن جو پيار ڪندڙ پئسي وارو آهي، باقي اسان سڀ اڌ بک ٿيون مرون. نڪولائي شڪل جو سهڻو ۽ ڪپڙي لَٽي ۾ سٺو آهي تنهن ڪري منهنجا هن سان تعلقات آهن.“

”مان توکي انهن شين لاءِ چئي رهي آهيان مون کي ڏي. مان روئي رهي آهيان... مان پاڻ کي نيچ بنايو آهي، جي تون چوين ته تنهنجي پيرين پوان. مهرباني ڪري....... مهرباني ڪري!“

پاشا خوف مان رڙ ڪئي. هن محسوس ڪيو ته هوءَ خوبصورت عورت جيڪا ڊرامي جي مرڪزي ڪردار وانگر ڳالهائي رهي هئي، پنهنجي عزت ۽ وقار جو خيال ڦِٽو ڪري هن جي پيرن تي جهڪڻ لاءِ تيار هئي.

”چڱو مان توکي شيون ڏيان ٿي.“ هن ڳوڙها اگهندي چيو. ”اچي وٺ پر اهي مون کي نڪولائي نه ڏنيون آهن. اهي مون کي ٻين ماڻهن کان مليون آهن. جن لاءِ تون به چوين ٿي.....!“

پاشا ميز جو خانو کوليو ۽ هن کي هيرن جو هار ۽ ڪجهه مُنڊيون ۽ ڪجهه ٻيا هار ڏنائين.

”هي وٺ، هي به وٺ، جيتوڻيڪ تنهنجي مڙس کان مون کي ڪجهه به نه مليو آهي. اچي هي سڀ وٺ، تون ئي شاهوڪار ٿيءُ.“ هن عورت جي قدمن تي ڪِرڻ سبب ڏک مان پاشا چيو.

”پر جيئن ته تون سهڻي عورت آهين...... ۽ هن جي زال. بهتر آهي ته هن کي پاڻ سان ٻڌل رک. مان توکي پڪ ڏيان ٿي ته مان هن کي نه سڏيندي آهيان، هو پاڻ ايندو آهي.“

عورت ڳوڙهن ڀريل اکين سان ميز تي پکڙيل زيورن ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ”بس اهي آهن........ انهن جي ته پنج سؤ روبل قميت به نه ٿيندي!“

پاشا وري خاني ڏانهن ويئي ۽ هڪڙي سوني واچ، سگريٽ ڪيس، ٻانهن جا بَٽڻ ۽ ٻيون شيون ميز ڏانهن ڦِٽيون ڪيائين. ”مون وٽ ٻيو ڪجهه به نه آهي، تون پاڻ ڏسي سگهين ٿي.“

عورت ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان شيون رومال ۾ گڏ ڪيائين ۽ ٻاهر هلي ويئي.

ٻئي ڪمري جو دروازو کليو، نڪولا ٻاهر نڪتو. هو پِيلو ٿي ويو هو ۽ هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا، ڄڻ گهڻو شراب پيتو هئائين. هن جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا.

”تون مون کي ڪهڙيون شيون ڏنيون هيون؟“ پاشا هن ڏانهن مُڙندي چيو ”مان پڇان ٿي ڪڏهن تو مون کي اهي شيون ڏنيون هيون؟“

”شيون...... واهيات!“ نڪولا ڪنڌ ڌوڏيندي چيو ”منهنجا خداٰ! هوءَ تنهنجي اڳيان اچي رُني آهي ۽ پاڻ کي گهٽ ڪيو اٿائين..........!“

”مان پڇان ٿي اُهي ڪهڙيون شيون آهن جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته تو مون کي ڏنيون آهن ....“ پاشا رڙ ڪئي.

”منهنجا خدا، هن عزت واري، شريف ۽ خاندان عورت....... پاڻ کي تنهنجي پيرن تي ڪيرايو! اها سڀ منهنجي ڪريئي آهي. منهنجي ڪري ائين ٿيو آهي!“ هو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.

”مان پاڻ کي ڪڏهن معاف نه ڪندس. هتان پري ٿيءُ.“ هن پاشا ڏانهن حقارت مان نهاريو، ۽ پنهنجن ڏڪندڙ هٿن سان هن کي پاڻ کان پري ڌڪيائين، ”هن پاڻ کي تنهنجي پيرن تي اُڇلايو......... تنهنجي پيرن تي! او منهنجا خدا!“

هن جلدي ڪپڙا پاتا. هو ڄاڻي واڻي پاشا کان پاسو ڪري هليو ويو.

پاشا ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ ڏاڍيان روئڻ لڳي. هن کي ڏک هو ته هن پنهنجا سڀ زيور ڏئي ڇڏيا هئا. سمورو منظر ڏک ڏيندڙ هو. هن کي ياد آيو ته ڪيئن هڪڙي سيٺ ٽي سال اڳ هن کي سواءِ ڪنهن سبب جي مار ڪڍي هئي پوءِ هو اڃا به وڌيڪ رڙيون ڪري روئڻ لڳي.

ترجمو: ڄام وقار حسين قادري

Sindhi Translation of Anotion Chekhov’s short story ‘The Chorns-Girl’.

 

اي برئڊبري

(آمريڪي سائنسي ڪهاڻي)

 

وقت جي واپسي

 

        ستر سالن تائين اهڙيون مختصر ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ، جيڪي ڪٿي به ڇپجي نه سگهيون، مسٽر هينري وليم فيلڊ هڪڙيءَ رات ساڍي يارهين وڳي پنهنجي بستي تان اٿيو ۽ پنهنجي تحرير جا هڪ ڪروڙ لفظ ساڙي ڇڏيائين. هن سڀئي مسودا گڏ ڪيا ۽ انهن کي آتشدان ۾ ڦٽو ڪيائين.

”مون 2257ع جي دنيا جي تصوير ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بنيادي غلطي ڪئي آهي. انهيءَ وقت جي تصوير ڪشي، جنهن ۾ مان رهان ٿو، جو ايٽم، راڪيٽ ۽ گرن جي وچ ۾ سفر ۽ ٻن سجن جي دنيا آهي.“ مسٽر فيلڊ وري بستري تي سمهندي سوچيو. ”اهو ڪم ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي، سڀ ناڪام ٿي چڪا آهن. سڀئي لکڻ وارا مون سميت. خلا ۽ ان جون وسعتون اٿاهه آهن. راڪيت تمام تيز رفتار، ايٽمي سائنس ۽ نين ڳولائن جو سج، علم جي اُفق تي ايڏي ته تيزيءَ سان اڀري ٿو، جو ڏسندڙ جون اکيون پورجي وڃن ٿيون. مون پنهنجي زندگيءَ جي ويرانيءَ جي پٺيان ڀڄندي گذاري ڇڏي، جڏهن ته ٻين مصنفن جون ڪوششون سٺيون نه سهي، پر شايع ضرور ٿيون.“

هو پورو ڪلاڪ انهن ئي خيالن ۾ گم رهيو. پوءِ هن بتي ٻاري ۽ پنهنجي لئبرريءَ ۾ اهڙن ڪتابن ڏانهن هٿ وڌايو، جن کي هن گذريل پنجاهه سالن کان ڪنهن به قت هٿ نه لاتو هو. هينئر سندس هٿ ۾ هڪڙو ڪتاب هو. ٽي صديون اڳ ڇپيل ڪتاب، جنهن جا ورق پيلا ۽ ڪمزور ٿي چڪا هئا. هو ويهين صديءَ ۾ ڇپيل انهيءَ ڪتاب کي پڙهڻ لڳو، ايستائين جو صبح ٿي ويو.

صبح جو نوين بجي مسٽر فيلڊ ڊوڙندو پنهنجي لئبرريءَ مان نڪتو، نوڪرن کي سڏيائين ۽ هڪ ٽيليويزن اسڪرين جي ذريعي پنهنجي سڀني دوستن سان رابطو قائم ڪيائين، جن ۾ وڪيل، دوست، ڊاڪٽر، سائنسدان ۽ مصنف سڀئي شامل هئا.

”هتي اچو، يڪدم“ هن رڙ ڪري چيو.

هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر مسٽر فيلڊ جي اسٽڊي روم ۾ اٽڪل ڊزن کن ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ ان کي منجهيل نظرن سان ڏسڻ لڳا، ڇو ته ان جي ڏاڙهي وڌيل هئي، اکيون اوجاڳي جو اطلاع ڏئي رهيون هيون. منهن پُرجوش هو، چپ خاموش هئا ۽ سندس هنج ۾ هڪ تمام پراڻو ڪتاب هو. جڏهن سڀ گڏ ٿي ويا تڏهن هن انهيءَ ڪتابن کي هڪ هٿ ۾ مٿي کڻي ۽ زور سان ٽهڪ ڏئي چيو:

”هن ڪتاب کي ڏسو. هي ڪتاب 1900ع ۾ ڇپيو هو، هن جو مصنف هڪ انسان هو، جنهن جو قد ذهني اعتبار کان گهٽ نه هو. هن چار ضخيم ناول لکيا، جي سندس زندگيءَ ۾ ئي ڇپجي ويا هئا. جڏهن هو 1938ع ۾ فوت ٿيو ته ان جي ملڪيت ۾ هڪ اهڙي صندوق به هئي جيڪا مسودن سان ڀريل هئي. سندس موت انهيءَ سال سيپٽمبر تي هڪ رواجي بيماريءَ سبب ٿيو هو، جنهن جو انهيءَ زماني ۾ علاج ڳولي نه ڪڍيو ويو هو.“

سڀني انهيءَ ڪتاب کي ڏٺو.

مسٽر فيلڊ ٻيا ٽي ٿلها ڪتاب، ڪتابن جي ڍير مان ڪڍي کين ڏيکاريا. اهي سڀئي سائنس فڪشن متعلق هئا.

”هنن ڪتابن جي مصنف جو نالو ٿامس وولف آهي، جيڪو ٽي صديون اڳ ۾ نارٿ ڪيرولينا جي سرزمين تي زنده هو.“

”ڇا تو اسان کي هي چار ڪتاب ڏيکارڻ لاءِ سڏايو هو، جنهن جو مصنف مري چڪو آهي؟“ سندس دوستن احتجاج ڪيو.

”مون توهان کي انهيءَ لاءِ سڏايو آهي ته مان محسوس ڪيان ٿو ته ٿامس وولف ئي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو خلا، وقت گرهن جي وچ ۾ جنگ جي باري ۾ ڄاڻندو هو، ۽ اهي سڀئي وڏيون شيون جن سان سندس صحبت هئي ۽ جن کي هن ڪاغذن تي پکيڙيو، هو انهن سڀني شين جي باري ۾ لکي سگهيو ٿي، پر انهن کي هو ڪڏهن به زمين تي حاصل ڪري نه سگهيو؛ ان کي اڄ صبح جو پيدا ٿيڻ گهربو هو. هو غلط وقت ۾ پيدا ٿيو.

”مون کي ڊپ آهي مسٽر فيلڊ، توهان کي ڪجهه دير ٿي وئي آهي.“ پروفيسر بولٽن چيو.

”نه، مان وقت جي پٺيان هلڻ نٿو چاهيان.“ مسٽر فيلڊ چيو، ”مان حقيقتن کان چشم پوشي ڪندس. تو پروفيسر، وقت سان سفر ڪرڻ جا ڪجهه تجربا ڪيا آهن. مان چاهيان ته تون پنهنجي ٽائيم مشين هن مهيني مڪمل ڪري وٺ. هي وٺ هڪ اڇو ۽ خالي چيڪ، هن ۾ جيڪا رقم به وڻئي سا لک. جيڪڏهن بعد ۾ توکي رقم جي ضرورت پوي ته مون کي ٻڌائجانءِ. تو ته وقت سان گڏ شايد سفر به ڪيو آهي. ائين آهي نه؟“

”ها، ڪجهه سال، پر مان اڃا صدين ۾ سفر ڪرڻ جي قابل نه ٿيو آهيان.“

”هاڻي اسان صديون اڳتي ۽ صديون پوئتي سفر ڪرڻ جي جدوجهد ڪنداسون. چند سال اڳتي پوئتي سفر ڪرڻ، اسان جو مقصد نه آهي. توهان سڀ“. مسٽر فيلڊ چمڪندڙ اکيون ۽ ٻهڪندڙ منهن سان سڀني چيو، ”توهان سڀ گڏجي پروفيسر بولٽن سان ڪم ڪيو. مان ٿامس وولن کي هر قيمت تي هن صديءَ ۽ هن زماني ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.“

”ڇا!“ عجب مان انهن سڀني جا وات ڦاٽي ويا.

”ها“، هن چيو، ”اهو ئي منهنجو پلان آهي. وولف کي ويهين صديءَ مان نڪري مون وٽ اچڻو پوندو. اسان ان جي مدد ڪنداسون. ۽ هو انسان جي زمين کان مريخ تائين سفر جي ڪهاڻي لکندو، ڇو نه صرف اهو ئي هڪڙو انهيءَ جي لائق آهي.“

هو سڀ ان کي لئبرريءَ ۾ ڪتابن جي وچ ۾ ويٺل ڇڏي هليا ويا.

*      *      *      *

ڏينهن گذرندا ويا، ايتري تائين جو مهينو پورو ٿي ويو. پوءِ هڪ رات مسٽر فيلڊ جي اک گهنٽيءَ جي آواز تي کلي وئي. هن اوندهه ۾ هڪ طرف هٿ ڊگهيريو.

”هلو“.

”مان پروفيسر بولٽن ڳالهائي رهيو آهيان.“

”ڪهڙي ڳالهه آهي بولٽن؟“

”مان ڪلاڪ کن جي اندر وڃي رهيو آهيان.“

”ڇا چيوَ؟ وڃي رهيا آهيو! ڪم اڌ ۾ ڦٽو ڪري؟“

”نه، مسٽر فيلڊ، مان پنهنجي سفر تي وڃي رهيو آهيان.“

”انهيءَ جو مطلب آهي ته تون ٿامس وولف کي وٺڻ لاءِ 1938ع ۾ وڃي رهيو آهين؟“

”ها.“

”پروفيسر توکي پڪ آهي نه ته تو صحيح تاريخ نوٽ ڪئي آهي؟ پندرهين سيپٽمبر؟ ۽ توکي سندس موت کان اڳ ۾ پهچڻو آهي. منهنجو خيال آهي توکي سندس موت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ پهچي وڃ گهرجي ته جيئن غلطيءَ جو ڪو انديشو نه رهي.“

”ٺيڪ آهي، مان ڪلاڪ اڳ ۾ پهچي ويندس.“

”پروفيسر تو تمام سٺي خبر ڏني آهي. مان ڏاڍو خوش آهيان. تنهنجو مان بيچينيءَ سان انتظار ڪندس. ان کي حفاظت سان آڻجانءِ، ڏاڍي احتياط جي ضرورت آهي. مان تنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعا گهران ٿو.“

”مهرباني، جناب! خدا حافظ“.

مسٽر فيلڊ گهڻي دير تائين اوندهه ۾ بستري تي ليٽيو رهيو. سندس ذهن پولار جي وسعتن ۾ اڏامي رهيو هو. ”ٿامس وولف اسان کي تنهنجي ڏاڍي ضرورت آهي. اسان سڀ تنهنجي مدد ڪنداسين، انهيءَ ناول لکڻ ۾ جو اڄ ڏينهن تائين نه لکيو ويو آهي. جنهن کي صرف تون ئي لکي سگهين ٿو. تارن جي باري ۾، سفر جي باري ۾، پولار جي باري ۾. ۽ ڪهڙيءَ طرح انسان زمين جي رهائش ترڪ ڪري مريخ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. انهن جنگين جي باري ۾ مختلف گرهن جي وچ ۾ وڙهيون ويون. مان توکي هڪڙو موقعو ڏئي رهيو آهيان. توکي موت جي منهن مان ڪڍي، هڪ عظيم ترين ناول لکڻ جو موقعو. صبح جو جڏهن مان سجاڳ ٿيندس، ته تون هتي مون وٽ موجود هوندين. ٿامس، مون کي تنهنجو بيچينيءَ سان انتظار آهي.“

اڌ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن دروازن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز ٻڌا. پوءِ هن کي قدمن جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پوءِ سندس خوابگاهه ۾ ٻه ماڻهو داخل ٿيا. هو اکيون بند ڪري سمهيو رهيو. هو سندن ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌي سگهيو ٿي.

”ٽام.“ هن زور سان دانهن ڪئي. سندس اکيون بند هيون.

”بيس.“ آواز آيو.

مسٽر فيلڊ هٿ وڌائي خوابگاه ۾ روشني ڪئي ۽ اکيون کوليائين.

”ٽام وولف، ٽام وولف! اهو تون آهين. پروفيسر، روشني ڪجهه گهٽ ڪر، مان ٽام کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“ ٿامس وولف حيرت مان ڪمري کي ڏٺو، آس پاس جي ماحول کي جاچيو. سندس جسم ۽ قد پروفيسر ۽ مسٽر فيلڊ جي وچ ۾ هڪ ديوار وانگر هو.

 ”تون ته بلڪل اهڙو ئي آهين جهڙو تنهنجي باري ۾ ٻڌو هوم.“

ٿامس وولف کِلڻ لڳو، ڏاڍيان، هسٽيريائي انداز ۾، هن مسٽر فيلڊ کي هٿ لائي ڏٺو. پوءِ پروفيسر کي ڌونڌاڙي ڏٺو. پوءِ تجربي طور کنگهيائين ۽ پنهنجي ڀِرن کي هٿ لائي ڏٺائين.

”منهنجو بخار لهي ويو آهي.“ هن چيو، ”مان هينئر بيمار نه آهيان. اُف، ڪهڙي رات آهي! مان ڏاڍو سخت بيمار هوس، پوءِ مون محسوس ڪيو ته جيئن مان پولار ۾ ترندو هجان. مون سوچيو ته اهو بخار جي سبب آهي. مرڻ محسوس ڪيو ته جيئن مان سفر ڪري رهيو آهيان. ۽ مان سمجهي ويس ته مان مري ويو آهيان. منهنجو روح منهنجي جسم مان نڪري رهيو آهي. پوءِ مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو ۽ مان سمجهي ويس ته اهو فرشتو آهي، جنهن کي خدا موڪليو آهي. هن مون کي هٿ کان پڪڙيو ۽ منهنجي بدن ۾ بجليءَ جون لهرون ڊوڙڻ لڳيون. مان هڪدم مٿي اٿيس ۽ پوءِ مون هڪڙو شهر ڏٺو، جيڪو ٽامي جو ٺهيل هو. مان سمجهي ويس ته مان جنت ۾ پهچي ويو آهيان، پر هينئر مان هتي آهيان. منهنجو ذهن ڪم نٿو ڪري. ڇا تون خدا آهين؟ تون خدا ته ٿي نٿو سگهين، خدا وانگر ڏسڻ ۾ به نٿو اچين؟“

”نه، نه ٽام“ مسٽر فيلڊ کلندي چيو، ”منهنجو نالو فيلڊ آهي، هينري فيلڊ. مون هن پراجيڪٽ کي فنانس ڪيو آهي، ڇو ته مون کي تنهنجون تحريرون ڏاڍيون پسند آهن ۽ مون ئي توکي هتي گهرايو آهي. هيڏانهن اچ.“

مسٽر فيلڊ هڪڙو بٽن دٻايو ۽ دريءَ جو هڪڙو اونداهو شيشو هڪدم اڇو ٿي ويو ۽ انهيءَ مان ٻاهريون ڏيک صاف نظر اچڻ لڳو.

”ڏس ٽام، ٻاهر آسمان تي. ڇا توکي روشنيون نظر اچن ٿيون؟“

”ها.“

 ”هيءُ ڪنهن به قسم جو جشن ڪونه پيو ملهايو وڃي، بلڪه اهي راڪيٽ هي آهن. اهو سائي روشنيءَ وارو راڪيٽ مريخ ڏانهن وڃي رهيو آهي. ۽ هو ڳاڙهي روشنيءَ وارو وينس ڏانهن ۽ هو ٻيا پيلي ۽ نيري رنگ وارا به راڪيٽ آهن.“

ٿامس وولف هڪ ٻار وانگر حيرت مان اهو منظر ڏسندو رهيو. روشنين ۽ رنگن واري راند. آخر هن پڇيو:

”هي ڪهڙو سال آهي؟“

”هن کي راڪيٽن جو سال چوندا آهن. اسان کي تنهنجي ضرورت آهي ٽام. توکي سج جي باري ۾ لکڻو آهي، ۽ هر انهيءَ شيءِ جي باري ۾ لکڻو آهي، جا هتان کان مريخ تائين سفر جي وچ ۾ تنهنجي اڳيان اچي.“

”مريخ؟“ ٿامس وولف  اعتبار جوڳين نظرن سان انهيءَ عمر رسيده شخص کي ڏٺو.

”ها، سڀاڻي رات ڇهين بجي تون مريخ جي سفر تي روانو ٿي رهيو آهين.“

*      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com