مشتاق ڪاملاڻي
ڪهاڻي
هُـــو
جنهن ويل هُو کٽ تان هيٺ لٿو، سڀ اگهور ننڊ ۾ هئا پير
پير ۾ وجهندو، هُو نازان جي کٽ وٽ اچي بيٺو. بتيءَ
جي روشنيءَ ۾ نازان جو کليل منهن، مهاريءَ مان چٽو
ڏسڻ ۾ پئي آيو. باقي بت ڪڪرائين اجرڪ پيل هيس.
چتائي ڏٺائين ته ٻيئي هٿ سيرانديءَ ڪيو هوءَ ننڊ ۾
الوٽ هئي. من ۾ ڄڻ ڪاني جي ڪا ڇيت چڀي ويس. ڪنبندڙ
چپن جي ڪُنڊن وٽ به ڳوڙها ڳڙي اچي بيٺا.
ٻاهر اڱڻ وٽ نڪري آيو. مٽيءَ جي ٺهيل ڪٽهڙي تي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي،
آليون اکيون تارن ۾ کپائي ڇڏيائين.
هٿ ۾ ڪهاڙي ۽ ڪڇ ۾ پنج _ ڇهه گوٻاٽا، اجرڪ ۽ جهنُڊ ۾ منهن لڪل،
ڪاٺ جو دروازو ٽپي، هو ڪنهن گهر ۾ گهڙي آيو. در جي
ڀر ۾ بيهي، ستلن جي ننڊ ڪنائي، سڄو گهر ننڊ ۾
نهوڙيو پيو هو. بانبڙا وجهندو اڳتي وڌيو. هڪ کٽ
هيٺان لنگهيو، ٻي کٽ لنگهيو، ٽي کٽ هيٺان رڙهي هو
اُڀو ٿيو. ٻيئي هٿ مٿي کان ڏيو هوءَ ستي پئي هئي.
ٻانهن کان لوڏيائينس. هن اکيون پٽيون ۽ وري پوري
ٿي ڇڏيون. ڌونڌاڙيس ٿو. آيل کي چتائي ٿي ڏسي.
سڃاڻي ٿي، چپن تي مرڪ تري ٿي اچيس.
اکيون سانوڻي جون ڪڪريون ٿي پيس. اندر ۾ چُڀيل ڇيت جو چُڀڪو اڃا
به تيز ٿي ويو. مٿي تي هٿ ڏئي هو هيٺ ويهي رهيو:
مانگهه جي رات آهي. سياري جا سيءَ اڃا جانمڙد آهن. مَنهه ۾ ٻٻر
جو بنڊ ڌڳائي پاڻ ۽ وڏو ڀاڻس چلهه تي ويٺا آهن.
ننڍو ڀاءُ چوي ٿو:
تون انڪار ڪري ڇڏ.
ڇو!؟
هوءَ کريل آهي.
ڪير ٿو چوي؟
ماڻهو ٿا چون.
ڪوڙا آهن.
ماڻهو ڪوڙا ڪونهن. اها سچي ڳالهه آهي.
تون رهين سدائين ٻاهر، ڪڏهن ڪڏهن اچين ڳوٺ، اسين جو اٺئي پهر
هتي ويٺا آهيون، اسان ته هن ۾ نه ڪا اهڙي ڪچائي
ڏٺي آهي، نه ڪا ٻڌي آهي.
اها پڪي خبر آهي ته هوءَ کريل آهي. مون وٽ ثابتي آهي.
ڀلا ڪنهن سان کريل آهي؟ ٻڌائي ٻڌائي!
اهو تڏهن ٻڌائيندوسئين، جڏهن تون انڪار ڪري ڇڏيندين.
بڪواس پيو ڪرين. اٿي مٿي، متان هڻائين نه پادر.
چپ ڀڪوڙيندي هو مٿي اٿيو. وري مَنهه ۾ لنگهي آيو، ساڳي مهاريءَ
وٽ اچي بيٺو.
آءُ ادا ٻاهر ڪم سانگي پيو وڃان، گهر جي پارت اٿئي.
دل چڪ چڪ ٿي ويس. هو هٽي بيهي رهيو. نراڙ تي پگهر جون بوندون
مڙي اچي بيٺيون.
پيار ٻن دلين جي وچ ۾ اڻ مِٽ ناتو آهي.“ هن جو اندر ڀڻڪڻ لڳو.
هڪ ڊگهو ساهه کڻي سامهون کٽ تي نظر وڌائين. ”پنهنجو پيار به
موهن جي دڙي جي ان ناچوءَ ناري جي مورتيءَ جيان
امر آهي، نازان!“
هن مهاريءَ ڏانهن هٿ وڌايو. مهاري پٽيائين. کٽ جي ايس تي چڙهي
ويٺو. نازان جي تسيل ڳٽن تان وارن جي لٽ هٽائي، هٿ
ترڪائڻ لڳو.
”تون........ تون........“
”ها.“
”ڇو آيو آهيان!؟ خدا جي واسطي هتان وڃ هليو.“
”جهٽ ايترو بدلجي ويندينءَ مون کي خواب خيال ۾ به نه هو.“
”چريائپ جون ڳالهيون نه ڪر.“ سنئين ٿيندي چيائين. ”تون ڀلجي ويو
آهين ته تنهنجو هينئر مون سان رشتو ڪهڙو آهي.“
”ظاهري رشتو کڻي ڪهڙو به هجي، آءُ هينئر تو وٽ نينهن جي رشتي
سان آيو آهيان.“
”تقدير کان اسين بازي کٽي نه سگهياسين. هينئر آءُ اها نازان نه
رهي آهيان، جنهن کي تون مومل سڏيندو هئين.“
”پريت جو رشتو دلين مان ڪير به نٿو مٽائي سگهي.“
”پر آءُ ته هينئر تنهنجي ڀاڄائي آهيان، وڏي ڀا جي لَڄ“.
”ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟“
نازان حيرت جي علامت بڻي ڏانهنس تڪڻ لڳي: ”شرم ڪر، مهذب کي مڃڻ
ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟“
”ڪير ٿو چوي ته آءُ مذهب جو انڪاري آهيان.“
”انڪاري ناهين ته پوءِ اهي ڳالهيون ڪيئن پيو ڪرين؟“
”دنيا جا سڀ مذهب ميٺ ۽ ميلاپ جا آهن.“ ڳل تي هلڪي ٿڦي هڻندي
چيائينس ”ڦڏي، فراق ۽ ڦوڙائيءَ جا نه.“
”تو سوير چيو... تو سوير چيو... پيار جي رشتي کي دلين مان ڪير
نٿو ڪڍي سگهي. پيار تنهنجي به دل ۾ آهي ۽ منهنجي
به دل ۾ آهي، پر هيئن ملڻ هروڀرو ضروري ته ناهي.“
”پر جڏهن هيئن پاڻ ڪئين ڀيرا مليا آهيون ته هينئر ملڻ سان نه ڪو
ڪارونجهر ڦاٽي پوندو ۽ نه ڪا لاڙ لوڏن ۾ اچي
ويندي.“
”ڇا تون چاهين ٿو ته آءُ اڄ ورهايل عورت بڻجان ۽ ڄمار ڀر
پيڙجندي رهان.“
”آءُ توکان هڪڙو سوال پڇان ٿو، ان جو جواب ڏي. ڇا توکي هن وقت
مون سان ساڳيو ئي پيار آهي، جيڪو ان وقت هو، جڏهن
پاڻ اڳ ۾ ملندا هئاسين؟“
”ها، ساڳيو پيار، پر هاڻي ڪڏهين به ملي نه سگهنداسون.“
”ته پوءِ تون مون سان نه ملي پاڻ کي ڄمار ڀر پيڙا ۾
پيڙيندينءَ.“ وري چوڻ لڳو ”تون ورهائجي اڳ چڪي
آهين، آءُ توکي ورهائڻ ڪونه آيو آهيان. تون
ورهائجي ان ويل وئي هئينءَ جڏهن تنهنجو نڪاح
منهنجي ڀاءُ سان پيو هو، پر هن تنهنجو جسم مُٺ
نوٽن ۾ خريد ڪيو آهي ۽ مون گهڻو اڳ پيار ڏيئي.“
نازان جا ڳل آلا ٿي وڃن ٿا. ٻئي هٿ پيرن تي ٿي رکيس.
بادشاهه پير جو اِسم ٿي وجهئين...وڃ هليو... مون کان اهو ڪنو ڪم
ڪونه ٿيندو.“
دٻيل سُڏڪن سڄي کٽ لوڏي ڇڏي.
هو ڪجهه وقت نازان کي ماٺ ڪري تڪڻ لڳو ۽ پوءِ ڪجهه سوچي کٽ تان
هيٺ لٿو. کٽ کان ٿورو هٽي هو بيهي رهيو. هٿ روالور
ڏي وڌيو ۽ پوءِ ٺڪائن تي سڄو گهر ڀيڀاڪجي اٿيو. سڀ
ڀاتي سجاڳ ٿيا. مَنهه جي ٿنڀ وٽ اچي بيٺا. سڀني
جون اکيون منجهس وڃي کُتيون. هو نازان جي کٽ ڀرسان
ٻُندي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو.
”هو ڀڄي ويو امان! باقي هوءَ ڪتي پريان کٽ تي پئي اٿئي.“
ماڻس نازان جي مهاريءَ ڏانهن ڏٺو. مهاريءَ ۾ نازان جو رتو رت
لاش پيو هو. اجرڪ جون اڇيون ڦلڙيون هاڻي ريٽيون ٿي
ويون هيون.
غلام نبي ڏيپر
ننڍڙي ڪهاڻي
دوا ۽ درمــل
مٿو اگهاڙو، اڌ وار اڇا اڌ ڪارا، بي ترتيب، وکريل، پريشان اڻڀا.
ڏاڙهي وڏي. ان ۾ به اڌ کان گهڻا پَرِيا.
اکيون سايون، نماڻا نيڻ، غم سان ڀرپور! چهرو هيڊو، لوندڙين کان
هيڏا ٻاهر نڪتل. گيڙو قميص ڪالرن وٽان ڪَٽيل ۽ ڇڳل
ڄڻ ڀونڊا ڏيندي هجي. قميص کي کيسو وڏو، جنهن ۾
اڌوراڻي پين پيل، اُڀ ساهي. ائين پيو لڳي ڄڻ دم جو
مريض هجي.
سندس هنج ۾ پنجن سالن جو صغير پٽ آهي! پٽ جي حالت پيءُ کان به
ابتر آهي! سنهڙو جهڙو ليک، منهن تي سوڄ، ٻانهون
ڪمزور، کيس وٺيو وڃي پيو ٿو ڊاڪٽر ڏانهن. شهر جي
مشهور ڊاڪٽر ڏانهن، جنهن وٽ راڄ ڍرندا آهن. قابل
آهي، تجربيڪار آهي. ملڪان ملڪ مشهور آهي.
هو سندس آفيس ۾ اندر وڃي ٿو ”سائين مون مسڪين جو عرض آهي.“
ڊاڪٽر جون نظرون برابر ڪتاب ۾ کُتل آهن. نرڙ ۾ گهنج وجهي کيس
ورندي ڏئي ٿو ”جي... بابا... چئه!“
هو نماڻو ٿي کيس چوي ٿو ”سائين منهنجو ٻچڙو ٻن مهينن کان بيمار
آهي. اسپتالن مان ڌڪا کائي اوهان جي هاڪ ٻڌي پهتو
آهيان. توهان کي ڌڻيءَ سڃاتو آهي، ڪا دوا درمل لکي
ڏيو.“
ڊاڪٽر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان چوي ٿو ”نه.... با...... نه، منهنجو وقت
ضايع نه ڪر. مان هتي مريض ڪونه ڏسندو آهيان او.
پي. ڊي. ۾ اچ سڀاڻي.“
”پر سائين....“
”نه بابلا هينئر منهنجي اسٽڊيءَ جو ٽائيم آهي، ته پوءِ سام جو
ڪلينڪ تي وٺي اچوس.“ سندس نماڻن نيڻن جا ڪٽورا پُر
ٿي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر زور سان گهنٽي وڄائي ٿو. ”حاضر صاحب“ پٽيوالو اندر آفيس ۾
پهچي ٿو. ڊاڪٽر هٿ جي اِشاري سان ”گل بابا، هن کي
ٻاهر وٺي ٻڌاءِ ته شام جو ڪلينڪ تي اچي، مريضن کي
اندر نه موڪل، پڙهائيءَ ۾ رخنو ٿو پوي.“
”جي... بهتر“.
پٽيوالو سندس قميص جي پلاند ۾ هٿ وجهي ڊوهي آفيس کان ٻاهر ڪڍي
ٿو، ۽ کيس ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ جو پتو ٻڌائي
ٿو.
اڃا اتيئي آفيس جي ٻاهران بيٺو آ! سوچن ۾ ٻڏل، غمن ۾ غلطان ۽
غرق! ته مٿان ٻه سوٽيل بوٽيل اڇن لَٽن وارا اچن
ٿا، ۽ پٽيوالي کان پڇن ٿا:
”ابا، ڊاڪٽر صاحب آهي اندر؟“
پٽيوالي وراڻيو ”ها، سائين ها... بلڪل.... بلاشڪ!“
هو ذري پٽيوالي ڏي ۽ ذري انهن اڇن ڪپڙن وارن ڏانهن ڏسي ٿو. سندس
دل مان هڪڙي آهه نڪري ٿي! کيس غربت تي جڪ اچڻ لڳن
ٿا. ٻاهر گهڙي کن ترسي ٿو.
اندر کل ۽ ٽهڪڙن جا آواز ٻڌڻ ۾ اڇن ٿا. پٽيوالي کي اندر سڏ ٿئي
ٿو ۽ پٽيوالو وري ٻاهر نڪري ڪيڏانهن وڃي ٿو. پر
هُو اڃا اتيئي بيٺو آهي. پٽيوالو ڳرين وکن سان
ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو، ۽ ٻاٽليون کڻي ڊاڪٽر جي آفيس
ڏانهن ويندي هن جي سامهون لنگهي وڃي ٿو.
پوءِ لڙکڙائيندو، ٽنگون گهليندو، مٿي کي هٿ ڏيئي گهر پهچي ٿو.
ساڳيا سور، ساڳيا پور، ساڳيون ڳڻتيون، ساڳيا
اوسيئڙا! پٽ جي حالت رحم جوڳي، بخار ۾ شدت!
شام جو هو وري پٽ کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي
پهچي ٿو. سندس دل جي رفتار تيز ٿي ويل آ. پٽيوالي
کان اجازت وٺي اندر صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو.
سندس هٿ ڏڪڻ شروع ڪن ٿا. بت ۾ سرديءَ جي لهر ڊوڙي
ٿي وڃيس.
”سائين هن کي ڏسو، ٻن مهينن کان بيمار آهي.“
ڊاڪٽر جو لهجو ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ نرم آهي. ”نه بابا نه، ڪو فڪر
نه ڪر، دوائون لکي ڏيان ٿو، الله رحم ڪندو!“ گهڙي
پلڪ لاءِ هو ڊاڪٽر کي انسانيت جو علمبردار، فرشتو
تصور ڪرڻ لڳي ٿو. ۽ خوش ٿي دوائن لکيل پرچي هٿ ۾
کڻي جيئن ٻاهر نڪري ٿو، پٽيوالو سندس ڪلهي ۾ هٿ
وجهي چوي ٿو:
”چاليهه رپيا......“ هو خاموش ڏسندو ئي رهجي وڃي ٿو، دوڏا ٻاهر
نڪري ٿا اچنس. پرچي وارو هٿ ڏڪڻ لڳيس ٿو، پٽيوالو
هڪ ڀيرو وري ساڳيو سوال ورجائڻ کان پوءِ جهڙپ ڏيئي
سندس هٿ مان پرچي ڦري، ان جا چار ٽڪر ڪري ٿو ڇڏي.
۽ چويس ٿو. ”ڪونه اٿئي چاليهه رپيا _ ته پوءِ
جيترا هجن اوترا ڪڍ.“
هو سڄو کيسو هٿ سان ٻهاري ڪجهه نوٽ پٽيوالي جي هٿ تي رکي ٿو، ۽
سوچڻ لڳي ٿو ”هاڻي دوائون ڪٿان وٺندو!“
حبيب الله رحيم بخش مرزا
ڳالهه
حيدرآباد وارو ستين جو آستان
هندن ۾ هڪ رسم آهي، جا جيتوڻيڪ هاڻي بلڪل ختم ٿي وئي
آهي، ته به اها گهٽ ۾ گهٽ سندن ڌرمي ڪتابن ۾ موجود
آهي، جنهن کي ”ستي لڪڙي“ يا فقط ”ستي“ جي رسم ڪري
چوندا آهن. هن رسم جي مطابق اها هندو عورت، جنهن
جو پتي يا شوهر، سندس زندگيءَ ۾ گذاري ويو هجي، ان
کي مڙسس جي ”چکيا“ سان گڏ سڙڻو پوندو هو. هاڻي
سوال ته ائين ڇو ۽ ڇا جي ڪري ٿيندو هو؟ هڪ پتني
پنهنجي پتيءَ جي چِکيا (مُردي) سان گڏ ڇا جي لاءِ
پاڻ کي ساڙي ڇڏي ”خود سوزي“ جو مظاهرو ڪندي هئي؟
جڏهن ت سندس ان ۾ ڪوبه قصور نه هو، جو سندس پتي
سنسار ۾ نه تڳيو ۽ گذاري ويو.
هن سوال جي جواب لاءِ اسان کي قديم زماني جي تاريخ کي پنهنجي
اڳيان رکي سوچڻو پوندو، يعني ته ان نقطهءِ نگاهه
کان ڏسڻو پوندو. قديم زماني کان: بلڪل وچين زماني
تائين: هڪ هندو استري پنهنجي سرڳواسي (مئل) مڙس جي
سڙندڙ ڪانيءَ سان گڏ خود کي ان لاءِ نذر آتش ڪندي
هئي، جو _ جنهن نموني ۾ هن دنيا ۾ هوءَ پنهنجي
پتيءَ جي هڪ ”پتورتا“ استري ٿي رهي هئي، ان نموني
۾ سندس مرتئي (وفات) کان پوءِ ٻيءَ دنيا ۾ به سندس
پتني ٿي رهي.
ٻين لفظن ۾، ته جنهن کي ”ستيءَ“ جي رسم چئجي، ان جو تعلق ”ٻيءَ
دنيا“ سان آهي: ڪم ازم ڪم ان ۾ يقين رکڻ سان آهي.
”ٻي دنيا“ يا اخرت ۾ يقين ته دنيا جا تقريباً سڀ
مذهب رکن ٿا. اسلام، نصرانيت، يهود وغيره سڀ ان
ڳالهه تي متفق آهن، پر سواءِ هندن جي، ٻئي ڪنهن به
مذهب ۾ ”ستي“ يا ”ستي لڪڙي“ جهڙي ڪنهن رسم جو وجود
ناهي. هندن ۾ به اها رسم اڳي هوندي هئي. هاڻي ته
قانوني طور ستي جي رسم تي پابندي پيل آهي. هينئر
ڪابه هندو عورت ستي نٿي ٿئي. ٿِي نٿي سگهي.
ميرن جي دور ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڏيوڪي ۽ سوني نالي ٻه هندو
اِستريون رهنديون هيون، جن کي گذرئي جيتوڻيڪ ڪافي
وقت ٿي ويو آهي، تڏهن به سندن ياد هن شهر جي ماڻهن
جي دلين تي بيٺي آهي.
جن کي حيدرآباد جا هندو _ خاص طرح برهمڻ _ ڏاڍي احترام سان ياد
ڪندا آهن، يعني ڏيوڪي ۽ سوني، سي ڇا هيون؟ ان جي
پوري خبر ڪانهي: پر انهن خود کي پنهنجن نوجوان مڙس
جي چکيا سان گڏ ساڙي ”امرتا“ جو مقام حاصل ڪيو هو.
هو هندو استرايون ڪير هيون؟ يقيناً هو برهمڻ
استريون هيون. هندن ۾ برهمڻ سڀني کان اوچ سڏيندا
آهن. ڏيوڪي ۽ سوني ٻئي نوجوان استريون هيون. ٻئي
نهايت سندر زالون هيون. هنن جنهن هنڌ خود کي
پنهنجن مڙسن تان قربان ڪيو هو اُها جاءِ حيدرابد
جي اوڀر طرف آهي. هندو ماڻهو ان جاءِ يا هنڌ کي
ڏاڍي عزت ڏيندا آهن. اهو هڪ هنڌ ”جادوَ“ نالي هڪ
ننڍي ڳوٺ وٽ آهي. اتي باقاعدي هڪ اسٿان ٺهيل آهي،
جنهن کي ڳوٺاڻا ماڻهو ”ستين جو آستان“ ڪري چوندا
آهن. هي اسٿان حيدرآباد کان 30 ميل اوڀر طرف آهي.
هن هنڌ حيدرآباد جا برهمڻ، خاص ڪري وياس نک سان
تعلق رکندڙ، مرد توڻي مايون اچي سکائون باسيندا
آهن. پنهنجن ٻارن، ننڍي عمر جي ڪڪن جي جهنڊ به وڃي
اتي ڏين ۽ ٻيا اهڙا ڪم وڃي اتي ڪندا آهن. سنڌ جي
هندن ۾ سکائون ۽ باسيون گهڻي قدر هونديون آهن، سي
اتي وڃي پوريون ڪندا آهن.
حيدرآباد جي هندن ۾ هڪ ڳالهه جو چوٻول ڏاڍو گهڻو ٻڌبو آهي. اها
ڳالهه نه آهي، پر حقيقت آهي. چون ٿا ته هڪ ڀيري
ميرن واري دور ۾ حيدرآباد جي اڀرندي ڏي ٿرپارڪر
واري خطي ڏانهن، ٻن نوجوان ۽ خوبصورت هندو ڀائرن
جون شاديون ٿي رهيون هيون. هندن جي شادي ٻانڀڻ
(برهمڻ) جي ويڌي (نڪاح) پڙهڻ سان ٿيندي آهي. پر
شادي تڏهن پوري يا مڪمل ٿيندي آهي، جڏهن گهوٽ ۽
ڪنوار ”پلئه پلي“ ٻڌي اگني ماتا جا ست چڪر هڻندا
آهن. اگني يعني پاڪ باهه: جا ان مهل ٻاري ويندي
آهي: جي گرد _ اڳيان گهوٽ پٺيان ڪنوار _ آهستگيءَ
سان هلندا پورا ست چڪر ڏيندا آهن. جيسين چڪر پورا
نه ٿين تيسين ڪابه ڌر شاديءَ کان نابري ڪري سگهي
ٿي. بهرحال جڏهن مذڪور نوجوان گهوٽ اگني کي چڪر
ڏئي رهيا هئا ته ان مهل سندن ڳوٺ تي ڌاڙيلن حملو
ڪيو هو. پوءِ شاديءَ مان بربادي ٿي ويئي هئي.
ماڻهو ڇيڻو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ لڳا هئا. هنن جوان
گهوٽن ان مهل، پنهنجين ترارن سان آهي پلئه وڍي ڌار
ڪيا، جن جي ڪري هو پنهنجين ڪنوارين سان ٻڌل هئا.
هڪ گهوٽ کي شاديءَ جي رسم مهل ترار پنهنجي ڪمر سان
ٻڌڻي پوندي آهي، سو انهن ٻنهي ڀائرن ترارن سان پاڻ
کي پنهنجين ونين کان آجو ڪيو ۽ ڌاڙيلن جي پويان
ڪاهي پيا. وڙهندي وڙهندي ٻئي ڳڀرو مارجي ويا. جنهن
مهل انهن جي ”ڪائيءَ“ کي سندن مائٽ باهه ڏئي ساڙي
رهيا هئا، تنهن مهل سندن نوجوان ڪنوارين کان رهيو
نه ٿيو ۽ انهن به شاديءَ جي وڳي سان، خود کي باهه
۾ اڇلائي پنهنجن گهوٽن سان وصال حاصل ڪيو.
هيءُ واقعو اسان کي ڏيوڪي ۽ سونيءَ واري واقعي کي سمجهڻ ۾ مدد
ڪندو. اهو واقعو تقريباً اهڙو ئي هو. منهنجو هن
ڳالهه جي ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته جڏهن اهڙو ڪو
اڻمٽ واقعو ٿئي، جنهن ڪري انسان خود کي ضابطي ۾
رکي نه سگهي ۽ پنهنجي هيري جهڙي زندگيءَ کي به
قربان ڪرڻ لاءِ نه گُسي، تڏهن ”ستيءَ“ جي صحيح
معنيٰ کي سمجهي سگهبو. ورنه سَتيءَ جي رسم اهڙي
آهي، جنهن کي قانون جي ٻوليءَ ۾ ”خون ناحق“ سڏيو
ٿو وڃي.
هند ۽ پاڪستان ننڍي کنڊ ۾ هن پراڻي رسم کي انگريزن ان لاءِ ختم
ڪيو هو جو ان مان اصليت الوپ ٿي ويئي هئي. جو
اعليٰ ڪارج ستيءَ جي رسم مان حاصل ٿئي ٿو ان جو
مذاق ڪيو ويو هو. اهو هن طرح سان جو پوءِ هر هندو
استريءَ کي مجبور ڪيو ويو هو ته پنهنجي پتيءَ جي
ڪائيءَ سان گڏ خود کي به ساڙي ڀسم ڪري. سندس
مرضيءَ جو ڪو لحاظ نه رکيو ويندو هو. پر جيڪڏهن ڪا
هندو عورت سَتي ٿيڻ نه چاهيندي هئي، ته ان کي به
زبردستي پڪڙي باهه ۾ اڇليو ويندو هو. جا ڳالهه
مذهب جي منافي ۽ قانون جي ابتڙ آهي. اهو ئي سبب هو
جو ننڍي کنڊ جي برک شخصيتن، شهنشاهه اڪبر کان وٺي
لارڊ وليم بينٽڪ تائين، هن رسم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي هئي. جيئن ته هن رسم جي هندن جي ڌرمي عقيدن
سان وابستگي آهي، تنهن ڪري ان کي ختم ڪرڻ ڪا سولي
ڳالهه ڪين هئي. اهو ئي سبب هو جو شهنشاهه اڪبر ان
کي ختم ڪري ڪين سگهيو هو، اگرچ هن چاهيو ته اها
ختم ٿئي. جنهن انگريز جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. يعني
لارڊ وليم بينٽڪ، ڏاڍي حڪمت عمليءَ کان ڪم ورتو
هو. هن ننڍي کنڊ جي هندن وڏن وڏن پنڊتن ۽
مهمهوپاڌين کي گڏ ڪري، انهن کان هن مشڪل مسئلي تي
راءِ ورتي هئي. سڀ هندو و دوان ۽ پنڊت ان ڳالهه تي
متفق هئا ته ته ”هڪ هندو عورت ان حالت ۾ سَتي ٿي
سگهي ٿي جڏهن هوءَ خود ائين چاهي، ۽ ان حالت ۾ جو
کيس زبردستي پڪڙي باهه ۾ اُڇلجي.“ ڇاڪاڻ ته هاڻي
اهڙو زمانو اچي ويو هو، جو پنهنجي خوشيءَ سان ڪابه
هندو عوت سَتي ٿيڻ پسند نٿي ڪيو. هندستان جي ڪورٽن
۾ اهڙي قسم جي مقدما وڌي ويا هئا، جو ڪنهن بيگناهه
استري کي پڪڙي باهه ۾ ٿي اُڇليو ويو. بهانو اهو ته
هوءَ سَتي ٿي ٿئي يا ته سَتي ٿيڻ ٿي گهري. تنهن
ڪري ان قانون کي ٺهڻ ۾ هٿي ملي ويئي ته ”ڪابه هندو
زال ڪنهن به طرح سان، ڪنهن به هنڌ، پنهنجي مڙس جي
چکيا سان نه سڙي.“ ان کان پوءِ ”ستي“ جي رسم صحيح
معنيٰ ۾ ختم ٿي آهي.
هندن جي تاريخ جي ورق گرداني ڪئي وڃي ته سَتي جي رسم کي نه فقط
وڏي اهميت ڏنل آهي، پر ان کي ڏاڍو سرهايو ويو آهي.
هندو شاعرن ۽ ڊراما نويسن، مثلاً ٻاڻ ڀٽ، پنهنجن
ڪارنامن ۾ سَتيءَ کي خوب ساراهيو آهي. بيشڪ هڪ
عورت پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجي زندگي مڙس تان
قربان ڪري پنهنجي پريم جو ثبوت ڏئي، ان جي جيتري
به عزت ڪجي اوتري گهٽ آهي. پر اها استري اهڙي هجي
جنهن کي ”پتورتا“ استري سڏجي، جهڙي سَتي سلوچنا
هئي، جهڙي سَتي مدلسا هئي. هندن جي ڪتابن ۾ اهڙيون
ڪيتريون اُتم استريون موجود آهن، جن پنهنجي سچائي،
پريم ۽ ايثار جو مظاهرو ڪيو هجي. جيڪڏهن ”ويدن
واري دور“ کي ڇڏي ”وچين دور“ کي ڏسجي تڏهن به اسان
کي اهڙا اڪيچار مثال ملن ٿا، جي هڪ عورت جي سچائي،
پيار ۽ قربانيءَ جو ثبوت آهن. وچين دور جي هڪ
ڳالهه اها به آهي ته چتور جي راجا ڀيم سين جي راڻي
”پدمڻي ديوي“ خود کي سَتي ڪيو هو. هن استريءَ جي
حسن جي هاڪ ٻڌي علاودين خلجي جهڙي زبردست حاڪم جي
دل سرڪي هئي: جو دنيا کي فتح ڪرڻ واري مهم کي ڇڏي
پدمڻيءَ سان پرڻجڻ لاءِ متوالو ٿيو هو. هن چتور جي
قلعي تي حملو ڪيو. ڀيم سين جي فوج، سندس ڏهه جوان
پٽ ۽ هو پاڻ به ان حملي ۾ مارجي چڪا هئا. پر جڏهن
علاو الدين چتور جي قلعي ۾ داخل ٿيو هو ته هن ڏٺو
هو ته خوبصورت پدمڻي ۽ ٻيون سڀ مايون ”سَتيون“ ٿي
چڪيون هيون. علاوالدين نااميد ٿي واپس ويو هو.
سچ ته هڪ اهڙي عورت، جا پنهنجي خاوند تان خود کي قربان ڪري، عزت
جي مستحق آهي. پر ان عزت کي حاصل ڪرڻ لاءِ مٿس
زوربار نه آندو وڃي. هندن ۾ هن ڳالهه جو چوٻول
ٻڌبو آهي ته ”جا استري سُتي ٿيڻ چاهيندي آهي، ان
کي سندس ان فعل کان ڪير روڪي ڪين سگهندو آهي. اهڙي
استريءَ کي اگرچ گَهر جي چوديواريءَ ۾ قيد ڪجي
تڏهن به هوءَ پنهنجي ”پريم اگني“ ۾ سڙي سَتيءَ جو
مرتبو حاصل ٿي ڪري.“ ٻين لفظن ۾ هڪ ته پتورتا
استريءَ کي سَٿي ٿيڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي
نٿي سگهي.
مسلمان جي عقيدي موجب به ائين آهي ته ”جيڪي نيڪ بندا آهن، اهي
آخرت ۾ پنهنجي عيال (زال) سان گڏ هوندا.“
جيڪڏهن مرد ۽ زال آخرت ۾ به گڏ رهن ٿا، بشرطيڪ هو نيڪ انسان
آهن، ته پوءِ پنهنجي پتيءَ جي محبت ۾ پنهنجي
زندگيءَ کي ختم ڪرڻ، اگر ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو
نه آهي، خوڪشي آهي. جنهن سبب کان اهڙي رسم کي
ننديو ويو آهي. نه ته جيڪو فلسفو هن رسم ۾ موجود
آهي، سو آهي ”آخرت جي زندگي“ کي هن دنيا جي زندگي
کان بهتر سمجهڻ.
مون پهرين به چيو هو ته هندستان ۾ اهڙا ڪيترا مثال ملندا، پر
سنڌ ۾ اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا. بهرحال انهن
۾ ”ڏيوڪي ۽ سوني“ جو نالو سڀني کان اُتم آهي. |