عبدالله خواب
نظم
ادبي تنقيد
ادب جو پاسبان بي ننگ ٿي جيندو ته ڇا ٿيندو،
ملوڪن کي مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪو ڪهندو ته ڇا ٿيندو.
نچوڙي نور جن پنهنجو عطا ڪيو علم انڌن کي،
انهن جو آيندو اونداهو ٿي رهندو ته ڇا ٿيندو.
ادب جي زندگيءَ جي ضمانت ناهه ڏيندڙ ڪو،
جڏِن کي جنهن جيارو، سو مئل رهندو ته ڇا ٿيندو.
ڪٿي بيمار بي درمان، ويا در گور ٿي دانا،
ضميرن جو رِگ احساس جي مرندو ته ڇا ٿيندو.
اديبن شاعرن جو فڪر تازه تشنه لب آهي،
انهن کي آب اجرت جو پيو ملندو ته ڇا ٿيندو.
ڏنا ها حاڪمن جن کي، سڪ سونا ٿي سٽ سٽ تي،
انهن يادن، انهن قدرن کي ڪو رئندو ته ڇا ٿيندو.
لِکن جيڪي لَکن جي مٽ، ملي ڪوڏي نٿي ڪنهن کي،
اجاره داري وارو انگ جي رهندو ته ڇا ٿيندو.
ڏسو اهلِ قلم کي غير ملڪي ڪيئن ٿا ورسائين،
اسان جو مرڪزي ڪردار، جي ڪرندو ته ڇا ٿيندو.
ڪتابِ دهر جا اوراق، جن جا مداح خوان آهن،
انهن جي پيروئن ڪو انقلاب آندو ته ڇا ٿيندو.
رسالا جن جي شهپارن سندا اڄ ڀي گواءِ آهن،
انهن کي داد جو سکڻو صِلو ملندو ته ڇا ٿيندو.
ڪنڊن کي جن بهارِ زندگي وارو قلم بخشيو،
انهن جي تازگي جو ماحصل ٻڏندو ته ڇا ٿيندو.
ڀري بيتن جا گل، دامن ادب ۾ مون ڀري خوشبو،
منجهس ڪو بغض جي بدبو کڻي وجهندو ته ڇا ٿيندو.
ثقافت جي گلن کي خون پنهنجي سان ڏنم سرخي،
انهن گلڙن کي مالهي ڪو وڃي لُڻندو ته ڇا ٿيندو.
بهاني باز ڪي آهن ادارا سرپرستي جا،
انهن جي ٽَڪَ مان وَرُ لاهڻ لئي ڪو ورندو ته ڇا ٿيندو.
ڪنڊن کي گلن کي خار، ڏينهن کي رات، شب کي روز،
تجاهل عارفانه عقل جي مڃيندو ته ڇا ٿيندو.
ڪنن، اکڙين، زبان ۽ ذهن، دل توڻي دماغن تي،
اثر هر هڪ تي هن جي، حرف جو پوندو ته ڇا ٿيندو.
هزارين هنر، بي هنريءَ جا پيا آهن تصادم ۾،
قلندر وقت جو وچ ۾ کڻي پوندو ته ڇا ٿيندو.
نڌڻڪا ٿي رهيا گهوڙا، ته غيباڻا ٿيا هسوار،
ٿيا ڇڙواڳ ڇورا، ڪو جهلي وٺندو ته ڇا ٿيندو.
رُسي رب، مت کسي، وائي توائي ٿو ڪري تنهنجي،
گهري جنهن کي، اهو عالي قدر ڪڇندو ته ڇا ٿيندو.
ٿي گهرجي باهمي تنظيم، ۽ تحريڪ ٿي تُر تئون،
جي ويلو ويو هٿن مان، پوءِ جي ورندو ته ڇا ٿيندو.
ڏسڻ جو ’خواب‘ پر تعبير جا آهن منجهس نڪتا،
مڃيندو آ مڙن کي، کيس ڪو مڃيندو ته ڇا ٿيندو.
رحيم بخش قمر
نظم
مارئي جو خواب
گهڙا پُر ڪندي پاڻياريون ڏٺيون مون،
ستيون سيل واريون سنگهاريون ڏٺيون مون،
حيا، شرم، لڄ لهيه واريون ڏٺيون مون،
پَٽن تي پنوهاريون پياريون ڏٺيون مون،
سنجهي ساڻ سانگي سياڻا ڏٺا مون،
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
سنگهارين کي سنڱريون سٽيندي ڏٺو مون،
پڪا، پيرون، پُسيون پَٽيندي ڏٺو مون،
۽ ڏؤنرن سان ٽٻڻا ڏٽيندي ڏٺو مون،
پلائن کان مُنهنڙو مَٽيندي ڏٺو مون،
لُلر، لنب، لوڻڪ ۽ لاڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
امڙ کي ڏسي رات، روئي ڏنو مون،
ڪندي ان سان ڪا بات، روئي ڏنو مون،
ٻڌائيندي حالات، روئي ڏنو مون،
ڏسي سوٽِ، ماساتِ، روئي ڏنو مون،
نِڌرا لئي رُنا ٿي نماڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
سکان کي، سگهڙ کي، ستڻ کي ڏٺو مون،
مِٺڻ کي ۽ مريم، مکڻ کي ڏٺو مون،
رحيمان ۽ رحمت، رکڻ کي ڏٺو مون،
سڀاڳي ۽ ساران، سَڄڻ کي ڏٺو مون،
ڪندي خود کي مارن سان ماڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
پَٽن تي پپيهن جا پيرا ڏٺا مون،
ڇپر، چونرڙا، گهر گهڻيرا، ڏٺا مون،
۽ جهانگين جا جهوپا ججهيرا ڏٺا مون،
دڙن تي دلارن جا ديرا ڏٺا مون،
پنوهارن جا پکڙا پراڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
ڌراڙن ۽ ڍورن، ڍڳن کي ڏٺو مون،
ڳَئُن توڙي ڏاندن بگن کي ڏٺو مون،
مليرن ۽ ساون، ڪڪن کي ڏٺو مون،
ڦرن کي ۽ ٻڪرين، رڍن کي ڏٺو مون،
ڀٽن تي ڀٽارن جا ڀاڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
ڳنڍيرن ۽ ڳوٺن ۾ ڳيرا ڏٺا مون،
چتون، جهرڪ، هيڙا ججهيرا ڏٺا مون،
۽ ڦلڙين تي ڀؤنرن جا ڀيرا ڏٺا مون،
۽ ماکيءَ جا گلڙن تي گهيرا ڏٺا مون،
پَنن تي ڪي پوپٽ پٺاڻا لاٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
ٿرين کي ڏسي شاد ٿي، مان چُڪيس اڄ،
ملي جيءَ جيارن سان جي، مان چُڪيس اڄ،
کٿيرين سان گڏ کير پي، مان چُڪيس اڄ،
ڏسي ڏيهه ڏوٿين جو هي، مان چُڪيس اڃ،
کنڀون، ٻوهه، ٽوهن جا ٽاڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
جي جاڳان ”قمر“ ڏور جهانگي ٿيا ڙي،
ڪٿي مان، ڪٿي سيڻ، سانگي ٿيا ڙي،
۽ وڇڙي وطن ويڙهه وانگر ويا ڙي،
اکين مان عيان لُڙڪ لاکا ٿيا ڙي،
ٿڌا ٿر ۾ ٿرين جا ٿاڻا ڏٺا مون!
اڃا اک لڳي مس اباڻا ڏٺا مون!
عبدالڪريم پلي
غزل
وَرَڻ جون وَري وار، وايُون وَري آ،
نٿيون اِئين جُڳائِن جُدايوُن، وري آ.
چُڪيءَ کي چکي ڪي، وَيا سال گذري،
اچي ڏي ڪي سُرڪيون سوايُون وَري آ.
وَسي ڪيئي ساوڻ، وَيا موسِمَن تي،
رَهيون پو به اکيون اُڃايون وَري آ.
اڱڻ ويئي ويڙهي، اميدن جو اونده،
کَڻي پاڻ سان ڪي، سُهايون وَري آ.
اسين پيار ۾ هارَ پنهنجي مَڃون ٿا،
چِئي ڪَهڙو هَر هَر ٻُڌايون وَري آ.
’ڪريم‘ آهي تنهنجو، نه توکي ڇڏيندو،
نه ڪر تَنهن سان ناحق بِيايون وري آ.
آه زاري ۾، رات گذري ٿِي،
بي قراري ۾، رات گذري ٿي.
جي ملڻ ٿو ٿئي ته هڪ ٻي جي،
غم گُساري ۾، رات گذري ٿي.
ڪو اسان کان پُڇي ته ڪهڙي طرح،
انتظاري ۾، رات گذري ٿي.
نوح خواني ۾ ڏينهن ٿو ٿي پُورو،
عز عداري ۾، رات گذري ٿي.
راهَ ڪنهن جي ’ڪريم‘ ڏسندي روز،
رات ڪاري ۾، رات گذري ٿي.
عنايت بلوچ
غزل
ڪا خبر ڪانه پئي، ڪيئن ڪهڙي طرح ۽ ڪٿا شروع پيار جا سلسلا،
جيئن جلدي ويون اکڙيون اٽڪجي، تيئن تڪڙا نبيريا دلين فيصلا.
جيئن ڏٺم پيار ٿيو، ٿي نه جرئت مگر، هو به بيچين ٿيو پر حجابن ۾ هو،
نيٺ اڳتي وڌيس، هُو به اوري سُريو، ختم ٿيندا ويا فرق ۽ فاصلا.
پيار جا پيچرا ها ڏنگا ۽ ڏکيا، پر خبر ناهي ڪيئن پار پهچي ويس،
ڪيئن ويون مشڪلون ميٽجي ريٽجي، ڪيئن طئي ٿي ويا منزلون مرحلا.
ڪين تنهنجي اي ناصح نصيحت کپي، عشق سان عقل جو ناهي ڪو واسطو،
توکي تسبيح مُصلو سلامت هجي، تون نه ڄاڻين محبت سندا معاملا.
هن جي هڪڙي نظر ئي هٿيڪو ڪيو، پوءِ ڦٿڪيس مگر ڦاسندو ئي ويس،
هُئي ڪا جادوگري ورنه نظرن اڳيان، ڪيئي گذريا حسينن سندا قافلا.
هن جي وارن جي وڪڙن وڪوڙي ڇڏيو، هن جي پلڪن جي پاڇن ۾ پئجي رهيس،
هن جي نيڻن ۾ نرمل نظارا ڏٺم، هن جي مکڙي ۾ ڳولي لڌم مشغلا.
سرد آهون نه ڀر، روءِ رڙ ڪين ڪي عشق جي هيءَ ادنيٰ عنايت اٿئي،
ناهي هر گز نئين ڳالهه، توکان اڳي، ڪيئي مِٽجي ويا داناءَ ۽ دادلا.
نواز علي شوق
گيت
هيءَ حياتي ساري سُور،
ڪيئن گذاريان توکان ڏور.
پيار تي آهن پهرا هردم،
ڪونه ملي ٿو راز جو محرم،
دل هروقت ڪري ٿي ماتم،
سينو غم کان ٿي ويو چُور.
......
چاهت جو آ ويري هر ڪو،
ٻن دلين کي گڏ نه سهي ڪو،
پاڪ محبت ڪو جو ڪري ٿو،
سا به نه دنيا کي منظور.
......
يا ڪرڻ سان ياد نه ڪي ٿين،
ڪي ته وسارڻ سان به نه وسرن،
جيءَ ۾ جايون جهٽ پٽ جوڙن،
پلپل آهن تن جا پُور.
......
منهنجي سڄڻ جو ناهه ڪو ثاني،
دلڙي جنهن لئه آهي ديواني،
پنهنجو ٿيندو شل سو جاني،
گهائي وڌو آ جنهن جي گهور......
غزل
پرين پلپل پيو توکي پڪاريان مان،
سدائين سِڪ منجهان ساريان سنڀاريان مان،
وفا جو ڪيئن يقين توکي ڏياريان مان،
هي دل چيري سڄڻ توکي ڏيکاريان مان.
حياتي هن جي ڀل آرام سان گذري،
ڏکن ۾ ڏينهن ۽ راتيون گذاريان مان.
ٿئين تون بيوفا، ڇا مان به ٿيان اهڙو؟
وسارين تون ته ڇا توکي وساريان مان؟
سڄڻ، سهڻا، مٺا، محبوب، دل جاني،
پرين توکي چئي ڇا ڇا پڪاريان مان.
هي دل تنهنجي، هي جان تنهنجي، هي سر تنهنجو،
اکين ۾ اچ پرين توکي ويهاريان مان.
سندم اکڙيون ٿين شل کاڄ ڪانگن جو،
ڏسي توکي، جي ٻئي ڪنهن ڏي نهاريان مان.
شيخ عبدالرزاق راز
غزل
حيران آهيون تنهنجي حقيقت کي ڇا چئون
توکي صنم سڏي وري توکي خدا چئون
آهي عجيب رنگ محل هي زماني جو
ڪنهن کي دغا سڏيون وري ڪنهن کيوفا چئون
دنيا کي من وتو جي منجهايو آهه سلسلي
ڪنهن کي قضا سڏيون وري ڪنهن کي بقا چئون
رخ تنهنجي نقاب پنهنجي هٽائي جي هو صنم
هي بار حيا ننگ حيا کي حيا چئون
تنهنجي حجاب تان اسان قربان هزار بار
تون رهنما ۽ راهبر توکي خدا چئون
در تي زماني تنهنجي ڪئي آهه گداگري
ڪنهن کي غني سڏيون وري ڪنهن کي گدا چئون
هن گلستان جي بند و سلاسل جا سلسلا
ڪنهن کي جفا سڏيون وري ڪنهن کي سزا چئون
دل هي وياڪل پنهنجي آهي دل جي آس پڄائي ڪير
آس پڄائي پياس ٻجهائي من جي پيار ٻجهائي ڪير
ڇو ٿا پنهنجو وقت وڃايو، وقت جو اصراف ڪريو ٿا
ڪارج آهه دنيا ساري، ماڻهن کي سمجهائي ڪير
بادل جي نيڻن ۾ ڄڻ ڪنهن برکا رُت ٿي ناچ ڪيو
من جي آشا اجڙيل آهي، من جي آڳ وسائي ڪير
آنڌي آئي طوفان آيو، تيل سندا ڪي ديپ جلايو
تون گهٻرائين مان گهٻرايان، ڏسجي ٻيو گهٻرائي ڪير
وقت جي نبض هلي ٿي هوريان، وقت گهڻو سمجهايو آهه
ڏسجي ڪير ٻڌي ٿو دانهون، منهنجي دل پرچائي ڪير
غم جي ڳالهه ڪريو ڇو ٿا، هي سوز لڳايو سيني سان
ڪهڙو شڪوو يارن جو آهه، يارن کي ورجائي ڪير. |