اهو ڏائو مرد ماڻهوءَ جي ڏائي ڪلهي جي ڦرڪڻ جي لاءِ چيل آهي. نه
تتر جي ٻولڻ جي لاءِ.
تيرهين تيزين جي عنوان هيٺ لکيل آهي ته _
صفر مهيني جون ڪي تاريخون، جنهن ۾ لکت ساڳئي برج ۾ اچن، جنهن
ڪري اهي تاريخون نحوست واريون ٿين.
اها روايت، راويءَ مشڪوڪ ٿي لکي آهي. اها روايت حقيقت ۾ هن ريت
آهي ته، صفر مهيني جون پهريون تيرهن تاريخون نحس
ليکبيون آهن، ان ڪري انهن کي تيرهن تيزيون چئبو
آهي. انهن تاريخ ۾، جي گهر ۾ جهڙو ٿيو يا ڪو ٺڪر
ڀڳو ته وري وري پيو ائين ٿيندو.
وري راتين ۽ تاريخن جي عنوان هيٺ تاري جو سفر به اڻ پورو لکيل
اهي. تاري (رجال الغيب) جو سفر مهيني جي پوين
تاريخن جو لکيل نه آهي.
اهي ته هئا غلطين جا مختصر مثال. غلطين ۽ ضعيف روايتن کان سواءِ
ڪتاب ۾ سنڌ جي رسمن رواجن ۽ سنوڻن ساٺن جي ڪافي
ڪمي به محسوس ٿئي ٿي. مثال ۾_
اکا وجهڻ _ جنهن جو ذڪر حضرت شاهه لطيف به ڪيو آهي. قلندر جي
ڪيوٽي باسڻ _ گرهڻ ۾ پيٽ واري عورت جو سينگار ڪري،
سرميداڻي جي سرائي اُبداڻي ۾ وجهي سمهڻ_ گرهڻ ۾
ٻار جي ماءُ _ پيءُ ۽ مامي جو ڪم نه ڪرڻ _ زال جي
هٿ پير لهڻ تي گڏهه جو ليڏوڻون ۽ بصر پوئي در ۾
ٻڌڻ _ ڀتين تي نيرا منڌيئڙا ڪڍڻ _ در تي هر رکڻ _
چانئٺ تي واهي کوٽي، ان ۾ پاڻي وجهڻ _ ٻار کي ڏندن
نه اچڻ جو سنوڻ_ ٻار کي پهرين مٿيان ڏند اچن ته ان
جو سنوڻ _ شاديءَ ۾ باقي ڪئي سنوڻ _ پڳ ٻڌرائڻ،
جيڪا به سنڌ جي قديم رسم آهي _ گهرن ۾ ننهن لاهي
ڇڏڻ _ مينهن جا ٻيا سنوڻ _ رات جو چٻري يا ٽيٽيهر
جي ٻولڻ جا سنوڻ ۽ ٻيا به انيڪ ساٺ سنوڻ ۽ رسمون
رواج آهن، جن جو به ذڪر ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
بهرحال ڪتاب ’رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ‘ موجوده شڪل ۾ به هڪ سٺو
ڪتاب آهي، جنهن جي لکڻي شائسته ۽ ڇپائي شسته _
سائيز موزون ۽ ٻاهريون ڏيک وڻندڙ آهي. انهيءَ ڪتاب
جي ترتيب ڏيڻ ۽ ڇاپرائڻ لاءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ اداري سنڌي ادبي بورڊ کيرون لهڻيون.
سيد منظور نقوي
”سنڌي نثر جي تاريخ“.
سنڌي ساهت جي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته هن وقت
تائين سنڌي ادب جي ڪا جامع، مڪمل ۽ مستند تاريخ
ڪانه لکي ويئي آهي. هن ڏس ۾ ڪن اديبن جون ڪوششون
ساراهه جوڳيون آهن. پر اڃا وڌيڪ ڪوشش ۽ محنت جي
ضرورت آهي. ادبي تاريخ لکندڙن سنڌي شاعريءَ بابت
ته گهڻو ڪجهه لکيو آهي، پر سنڌي نثر بابت تمام
ٿورو لکيو اٿن. ان کوٽ جي پورائي لاءِ سخت محنت جي
ضرورت آهي. هن ڏس ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وڏي محنت ڪري ’سنڌي نثر
جي تاريخ‘ لکي آهي. جنهن لاءِ ٻئي اديب مبارڪن جا
مستحق آهن. پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ڪتاب هندستان ۾
ڇپيو هو جيڪو پوءِ وري سنڌ جي هڪ پبلشر پڻ ڇپرايو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘
پهريون ڀيرو 1966ع ۾ شايع ٿيو هو، جيڪو ڊيمي سائيز
جي 256 صفحن تي مشتمل آهي. ان جو ٻيو ڇاپو (سڌاريل
۽ وڌايل) يارهن سالن بعد ساڳي سائيز ۾ 221 صفحن تي
پکڙيل آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب آهي، هن سنڌي نثر
۾ اٽڪل هڪ درجن کن ڪتاب لکيا آهن. ان کان علاوه
ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا اٿس، جي مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. اهڙيءَ ريت الانا
صاحب سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. پر ’سنڌي نثر
جي تاريخ‘ لکي هڪ وڏي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي پوري
ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ جهونو استاد آهي، هو
سالن جا سال سنڌي نثر پڙهندو ۽ پڙهائيندو رهيو
آهي. تبصره هيٺ آيل ڪتاب سندس وسيع مطالعي ۽ وڏي
تجربي ۽ تحقيق ڪتاب ’داستان سي افساني تک‘
پڙهيائين. هن ڪتاب لکڻ جو هڪ سبب هيءُ به هو ته
1958ع ۾ ڪن هوشيار شاگردن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي
شعبي ۾ داخلا ورتي، جنهن ڪري ’سوانح حيات‘ نمبر
سال 1957ع ۾ ڪيترن ئي مشهور عالمن ۽ اديبن کي ان
نمبر ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ سنڌي نثر
جي تاريخ بابت ڪو جامع ڪتاب ڪونه لکيو ويو هو.
انهن مڙني ڳالهين کيس تبصري هيٺ آيل ڪتاب لکڻ تي
مجبور ڪيو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ جي
اڀياس مان معلوم ٿيندو ته الانا صاحب سنڌي نثر
بابت گڏ ڪيل پنهنجي نوٽيس سوڌي سنواري پنهنجي هڪ
شاگرد شمشير الحيدريءَ جي حوالي ڪيا. ”جنهن پنهنجي
هميشه جي هير موجب سندس ڪتاب ۾ نه صرف ڪٿي ڪٿي
درستيون ڪيون، پر سڄو ڪتاب کيس ايڊٽ به ڪري ڏنو([1])“.
تبصرو هيٺ آيل ڪتاب ۾ سنڌي نثر جي اوسر بابت ڊاڪٽر صاحب جيڪو
مقدمو لکيو آهي. تنهن مان سنڌي نثر جي اوسر تي چڱي
معلومات ملي ٿي. اهو مقدمو واقعي وڏي محنت سان
لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر جا مختلف دور ۽
انهن جون خوبيون ۽ خصوصيتون پڻ نروار ڪيون ويون
آهن. نه صرف ايترو بلڪه سنڌي نثر جا مختلف دور
بيان ڪري انهن تي سهڻي نموني روشني وڌي ويئي آهي.
ان کان علاوه سنڌي نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون
خصوصيتون موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم
بيان ڪيا ويا آهن. هونئن ته مانَ واري محقق هر دور
۽ هر عنوان تي وڏي محنت ڪئي آهي ۽ ڪيتروئي قيمتي
مواد ڪَٺو ڪري پڙهندڙن تائين پهچايو اٿس، پر خاص
طور ’سنڌي نثر جون خصوصيتون‘ واري حصي تي ڊاڪٽر
صاحب وڌيڪ محنت ڪئي آهي. ان حصي مدلل عبارت واقعي
لک لهي، سچ ته اهو حصو هن ڪتاب جو روح آهي.
مانَ واري محقق هن ڪتاب ۾ 28 مشهور نثر نويسن جي حياتيءَ جو
احوال ڏيئي، سندن ادبي خدمتن تي روشني وڌي آهي. ان
کان علاوه هر هڪ نثر نگار جي ڪنهن هڪ ڪتاب تان
نموني طور عبارت ۾ نقل ڪري ڏني آهي، جيئن پڙهندڙ
نثر نگار جي حياتيءَ جي احوال، سندس ادبي خدمتن ۽
عبارت کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وڃي. مطلب ته ڪتاب ۾
ڪيتريون ئي خوبيون نظر اينديون.
مانَ واري محقق پيش لفظ جي آخر ۾ لکيو آهي ته ”سنڌي نثر جي هيءَ
پهرين ۽ ابتدائي تاريخ آهي. ان ۾ ڪيتريون ئي
اوڻايون رهجي ويون هوندوين. اگر سندم سڄڻ مون کي
انهن اوڻاين کان واقف ڪندو ته آءُ سندس شڪر گذار
رهندس“([2]).
جيئن ته هيءُ ڪتاب خاص طور شاگردن لاءِ لکيو ويو آهي ۽ شاگردن
جا ڪَچڙا ذهن ٿين ٿا، اهي ڪٿي الانا صاحب جي عهدي
۽ ادبي حيثيت کان مرعوب ٿي دوکي ۾ اچي، سندس تحرير
کي مستند ۽ معتبر سمجهي ويهن، تنهن ڪري اهو لازمي
آهي ته سندس ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وڃي.
اهو دستور آهي ته جڏهن به ڪنهن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپرايو ويندو
آهي ته ان ڪتاب جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪري ان جون
اوڻايون دور ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
پر، سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو، ڇو
جو هتي قصو ئي ابتو آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب ۾ اڃا
به اوڻايون رهجي ويون آهن. مانَ وارو محقق جيڪڏهن
انهن تي ٻيهر نظر وجهي ها ته شايد سندس ڪتاب ۾
ايتريون اوڻايون رهجي نه وڃن ها. بهرحال، هن هيٺ
ان ڪتاب جون ڪي اوڻايون پيش ڪري رهيو آهيان جن تي
پڙهندڙ خاص طور مانَ وارو محقق ضرور غور ڪندو.
سنڌي اخبارن جو ذڪر ڪندي، هڪ هنڌ لکيو اٿس ”... ساڳي طرح هن دور
۾ پرڀات (1891)، جوت (1896) ۽ الحق (1900) جهڙا
رسالا ۽ اخبارون نڪتون([3]).“
هتي مانَ واري ليکڪ کي چٽيءَ ريت لکڻ کپندو هو ته
ڪهڙا رسالا هئا؟ ۽ ڪهڙيون اخبارون؟ نه ته پڙهندڙ
مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو. ٻي ڳالهه ته الحق اخبار
جي جاري ٿيڻ جو سن غلط ڄاڻايل آهي اها اخبار 1895ع
۾ جاري ٿي هئي.
ڊاڪٽر صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”.... هن سياسي بيداريءَ واري
زماني ۾ ’ماتا‘، ’بهار اخلاق‘ (1906) ۽ ٻيون
اخبارون نڪتيون، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي([4])“.
مٿين عبارت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ’بهار
اخلاق‘ کي به اخبار سمجهي ٿو. جا سندس وڏي ڀُل
آهي. ذرا هيءَ عبارت به پڙهي ڏسو، ”ڪانگريس جي
حمايت ۾ سموريون هندو اخبارون هيون...“ ([5])
ڊاڪٽر صاحب جي وڏي مهرباني جو هن پڙهندڙن کي نئين
معلومات ڏني آهي ته اخبار جو به ڪو مذهب ٿيندو
آهي: ڪي اخبارون هندو هونديون آهن ته ڪي وري
مسلمان!
مانواري ليکڪ جميعت الشعراء جي مشهور رسالي ’اديب سنڌ‘ بابت به
صحيح معلومات ڪانه ڏني آهي. اهڙيءَ طرح اخبارن ۽
رسالن جو ذڪر ڪندي ڪجهه ٻيون غلطيون به ڪيون اٿس.
مٿين مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي ادب ۽ صحافت بابت
معلومات اڌڪي ۽ اڻ پوري آهي. ڪٿي ڪٿي هو ڌُڪي بازي
کان به ڪم وٺي ٿو. مثال طور حبيب پبليڪيشن سکر جو
تعارف ڪرائيندي لکي ٿو ته، ”هيءُ ادارو 1948ع کان
1959ع تائين ٻه اڍائي سال هلي ختم ٿي ويو. پر ان
وچ ۾ ڪي چڱا ڪتاب شايع ڪري سگهيو. جهڙوڪ شيخ اياز
جا افسانا ۽ شيخ اياز جا نظم وغيره. حبيب پبليڪيشن
پاران شيخ اياز جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ’پنهل کان پوءِ‘
برابر شايع ٿيو هو، پر اياز صاحب جو ڪو شعري ڳٽڪو
ان اداري پاران ڪونه ڇپيو هو. ٻي ڳالهه ته ادبي
ادارن جو احوال سنه وار ڏيڻ گهربو هو. ان حصي ۾
سنڌي جي مشهور پبلشرس هريسنگ، پوڪرداس ۽ هيمنداس
جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري هو. ڇاڪاڻ ته انهن سنڌي ادب
جي وڏي خدمت ڪئي آهي. جيڪا ڪڏهن به وساري نٿي
سگهجي. جڏهن به سنڌي پبلشرس جو ذڪر ٿيندو، تڏهن
مٿين ادب دوست ادارن جو ذڪر سڀ کان پهرين ڪرڻو
پوندو.
ڊاڪٽر الانا صاحب جون ڪي عبارتون پڙهي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو. مثال
هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”ڪرست جي پيروي“ (ڪتاب) ۾ ڪم
آندل زبان تمام سليس ۽ وڻندر آهي. البت ڪٿي ڪٿي
سنسڪرت جا ڏکيا لفظ به استعمال ٿيل آهن، پر هي
آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا.
هينئر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪي لفظ آسانيءَ سان سمجهه
۾ اچي سگهن ٿا ته پوءِ اهي ڏکيا ڪيئن چئبا؟ ڏکيا
لفظ ته اهي چئبا جيڪي آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه اچي
سگهن.
معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي سولي ۽ ڏکي عبارت
جو فرق معلوم نه آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو مثال پيش
ڪري سگهجي ٿو. الانا صاحب راسيلاس ناول جي عبارت ۽
ٻوليءَ جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو ته، ”....
البت ڪٿي ڪٿي سنسڪرت ۽ عربي ٻوليءَ جا ڏکيا لفظ به
ڪم آندل آهن. مثال لاءِ هڪڙو ٽڪرو هتي پيش ڪجي ٿو:
”مون ڏٺو ته ويهن مهينن تائين سج پئي اڀريو ۽ لٿو ۽ سوجهري
هوندي به ڪو فائدو ڪونه پرايم. انهيءَ وقت ۾ پکي
پنهنجي مائرن جا آکيرا ڇڏي وڃي جهنگ ۽ اُڀ ۾ اڏامڻ
لڳا ۽ ڇيلا ڌائڻ ڇڏي، پنهنجي روءِ سوءِ چرڻ لاءِ
جبلن ۽ ٽڪرن تي چڙهڻ سکيا آهن. رڳو منهنجو ئي
واڌارو ڪونه ٿيو آهي ۽ اڃا تائين اڄاڻ ۽ نرمل رهيو
آهيان. چنڊ ويهن گهمرن کان به وڌيڪ گهمرا ڦرڻ ڪري،
مون کي پروڙ ڏني آهي ته حياتي ڪيئن ئي گذري.
منهنجي پيرن اڳيان جا ندي وهي رهي آهي، تنهن
منهنجي سُستيءَ تي کلي طعنا هنيا آهن. ڌرتيءَ جيڪي
نصيحتون ڏنيون _ ۽ گرهن جيڪي فهمائشون ڏنيون، تن
تي ڌيان ڏيڻ ڌاران ويچار ڪرڻ جي مزن ۾ آءُ ڏاڍو
محو ٿي ويس([6]).“
ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن هن عبارت مان ڏکيا لفظ چونڊي ڌار ڪري ها، ته
پوءِ اهو سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ته ڪهڙا لفظ ڏکيا آهن.
باقي مون کي ته ان عبارت ۾ ڪو هڪ لفظ به ڏکيو نه
ٿو اچي. بهرحال پڙهندڙن تي ڇڏيو وڃي ٿو ته مانَ
واري محقق جو هڪ اديب جو سولي ۽ سهڻي عبارت تي
اجايو الزام آهي يا ان ۾ ڪا حقيقت به آهي.
هن ڪتاب پڙهڻ بعد اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيترن هنڌن تي
غلط ٻولي استعمال ڪئي آهي. هتي هڪ مثال پيش ڪيو
وڃي ٿو، جنهن مان مانَ واري محقق جي لغت داني ۽
گرامر جي مهارت جو پڙهندڙ کي پتو پئجي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب آخوند لطف الله جي وڏن جي ڄاڻ سڃاڻ
ڪرائيندي لکي ٿو ته، ”.....انهيءَ وقت کان وٺي اهي
آخوند مير صاحب جي ٻارن کي تعليم ڏيندا آيا، ۽
سندن اهل النساؤري مير صاحبن جي ديرن کي پڙهائيندا
رهيا([7]).“
ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر صاحب اهڙي عبارت لکي آهي، جيڪا اڻ ڀاوڻي لڳي ٿي.
هتي مثال خاطر هڪ پيراگراف پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾
لفظ ’مقالا‘ جي تڪرار عبارت کي بدزيبو بڻائي ڇڏيو
آهي. لکي ٿو ته، ”.... اهڙيءَ طرح لطف الله بدويءَ
مرحوم جا مقالا، احسان احمد بدوي مرحوم جا مقالا،
مولانا غلام محمد گراميءَ جا مقالا، ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جا مقالا، سراج جا مقالا، محرم خان جا
مقالا، عبدالجبار جوڻيجي جا مقالا، ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جا مقالا، سراج جا مقالا، محرم خان جا
مقالا، عبدالجبار جوڻيجي جا مقالا، مير حاجي محمد
بخش جا مقالا، حاجي شير محمد نظاماڻيءَ جا مقالا،
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا مقالا، حامد علي
خانائيءَ جا مقالا، شمس الدين عرساڻيءَ جا مقالا،
ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جا مقالا، مرزا اجمل بيگ
جا مقالا ۽ الهه داد ٻوهيي جا مقالا _ هن دور جا
معياري مقالا آهن([8]).“
مٿين عبارت ۾ ’جا مقالا‘ جي ڌُم لڳي پيئي آهي، جيڪا
پڙهندڙن کي بور ڪري ٿي. انهيءَ عبارت ۾ ايترا ڀيرا
’جا مقالا‘ الفاظ آڻڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي، صرف
هڪ ڀيرو لکڻ ڪافي هو. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته
مانَ واري محقق عبارت جي خوبصورتي طرف گهٽ توجهه
ڏنو آهي.
هر ادبي تخليق ۾ خوبين سان گڏ ڪي خاميون به ضرور هونديون آهن.
ڪن ۾ گهڻيون ته ڪن ۾ ٿوريون، پر خامين کان پاڪ
ڪابه ادبي تخليق ڪانه هوندي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي
ته الانا صاحب هيءُ ڪتاب وڏي محنت سان تيار ڪيو
آهي ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون نظر اينديون. پر ان
سان گڏوگڏ ان ۾ ڪي خاميون به آهن _ پر مجموعي طرح
هيءُ ڪتاب سنڌي نثر بابت هڪ چڱو ڪتاب آهي، جو ادب
شاگردن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
_ڊاڪٽر نواز علي شوق
”مرد قلندر“
مصنف: مولوي عبدالڪريم لغاري
مهاڳ: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
آمريڪا جي مشهور شهر سيئاٽل جو انجنيئر ڊينز برئڊاڪ مون
وٽ 1964ع ۾ آيو هو. چيائين آءُ هتي جون تاريخون
جايون ۽ اهم ادارا ڏسڻ ۽ اهم شخصيتن سان ملڻ
چاهيان ٿو. چيم اهڙي جڳهه جتي اهي ٽيئي ڳالهيون هڪ
ئي هنڌ تي موجود آهن. ڊينز وٽ جيپ هئي اسين روانا
ٿياسون.
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل.
ميرپورخاص کان پڪو رستو وٺي مکڻ سمي جي ڳوٺ تائين
وياسون جتان اڍائي ميل ڪَچو رستو وٺي ڏولي ڪولهي
جي ڳوٺ پهتاسون. ڳوٺ ۾ ڪولهين جا ڪکانوا گهر
جهوپڙيون هيون. اتي ٻه ڪمرا ڪَچا اوڏڪي مِٽي سان
ٺهيل هئا. ڀرسان پاڻي جي پَل لڳ هڪ پراڻو ٻٻر جو
وڻ بيٺل هو. جتي مِٽيءَ جو ڪارو گارو ٿيل هو. هڪ
سفيد رِيش بزرگ بيٺو هو. مٿي تي اَڇو پَٽڪو ٻڌل،
قميص لٿل اگهاڙين پُٺين هو. هيٺ سلوار جا وَر مٿي
کنيل هئا. پراڻي جُتي پيرن ۾ هئس. سياري جي شروع
جا ڏينهن هئا، اتي ان بزرگ سان گڏ ويهاررو کن ننڍا
ٻار هئا جن جي عمر 5 کان 10 سالن جي اندر هئي.
انهن ۾ اڌ ٻار بنهه اگهاڙا هئا. سمورا سندن انهي
ٻن ڪمرن واري ڪَچي اڏاوت واري اسڪول جي مرامت ۽
راڳي ۾ لڳل هئا. پوڙهو پڻ اڇو تن سان گڏ قرب ۽
پاٻوهه وچان پنهنجي پيار جي پورهئي ۾ لڳل هو. اهو
هو سائين صاحب خان لغاري، سندس اسڪول، ان جا
شاگرد، سندن محنت ۽ اسڪول سان محبت جو نظارو. ڊينز
انهي روح پرور نظاري کان ڏاڍو متاثر ٿيو.
سائين صاحب خان اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو باغ بهار ۽ سَرهو ٿيو.
هو ايڏو ته سخي قربدار ۽ فراخدل مهمان نواز هو جو
مهمان اچي ويندو هو ته ڪنهن به حالت ۾ مايوس ته نه
ٿيندو هو پر تمام گهڻو سَرهو ٿيندو هو ۽ ٽِڙي
پوندو هو. ڊينز چيو ايڏي لياقت ۽ صداقت ڀريو مڙس
مون عمر ۾ ڪونه ڏٺو آهي.
1969ع ۾ ايوب خان کي لاهي يحيٰ خان مرشل لا ذريعي حاڪم بنجي
ويو هو. ڪيترائي قومي ڪارڪن جيل ۾ هئا. آءُ به هڪ
دوست انهن سان ملڻ لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد
وياسون. اتي جيل جي ٻاهرين گيٽ تي اسان کي سائين
صاحب خان مليو، هو پڻ ورڪرن سان جيل تي ملاقات ڪرڻ
لاءِ آيل هو. اسين هاڻي ٽي ڄڻا ڏ ٿياسون. جيل وارن
چيو سڀني سان ملاقات ممڪن ڪونهي، صرف هڪ ڄڻي سان
ملاقات ڪرڻ ڏبي. سو به صرف ٻن ڄڻن کي. اسان مان هر
هڪ چئي توهان ٻه وڃو آءُ ٻاهر ٿو ترسان، نيٺ سائين
صاحب خان کٽيو. هو ٻاهر ترسيو، اسين اندر وياسون
مٿي ماڙي تي سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾. اسان ساري جيل
جي قيدين مان مولانا عبدالحق رباني چونڊيو. سائين
صاحب خان اسان کي سندس اسڪول جي شاگردن طرفان هڪ
هَڙَ ڪمند جي ڏني ته اندر ڏجو. ان وقت جيل ۾ مير
علي احمد (هن وقت وزير دفاع) پڻ بند هو. تنهن جيل
مان ڇُٽڻ بعد ڳالهه ڪئي ته توهان جو موڪليل ڪمند
سموري ساٿ بيحد پسند ڪيو. ڇاڪاڻ ته اهو حد کان
وڌيڪ مِٺو هو، چيم مير صاحب، اهو سائين صاحب خان
آندو هو سندن شاگردن طرفان. قرب واري ۽ مِٺي ماڻهو
جي هر شئي ۾ ميٺاج مڙيئي سَرس ٿيندو آهي.
هڪ ڀيري جمڙائو پار سياسي جلسو هو، 1970ع جي ڳالهه آهي جلسن ۾
غريب ماڻهو ۽ هاري ناري گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا.
سائين صاحب خان لغاري، اسڪول جي شاگردن سميت شريڪ
ٿيو. جلسو شام جو هو سائين جا شاگرد سٺا شعر نصيحت
آموز لکي کڻي آيا هئا. اهي ڪولهي ڪيترو نه خوش
نصيب هئا جن کي سائين صاحب خان پنهنجي هڙان خرچ
ڪري سندن ڳوٺ ۾ پيرين پيادو هلي اچي سنڌي ۽ فارسي
پڙهائيندو هو، پر انهن جو سياسي شعور وڌائڻ، انهن
جو حوصلو بند ڪرڻ لاءِ ڪيڏي نه تڪليف وٺندو هو.
اتان موٽندي اوندهه ٿي ويئي. هڪ شاگرد ڪکجي پيو ۽
مري ويو، وڏو سانحو ٿيو. عام طرح مائٽ ايڏو ته
ماستر تي ناراض ٿين ها جو اسڪول بند ڪرائي ڇڏين ها
۽ انهي ماستر کي جواب ڏيئي ڇڏين ها. پر هڪ هڪ
ڪولهي تي سائين جي شرافت، نيڪي ۽ انسان دوستي جو
ايترو ته اثر ويٺل هو، جو انهن انهي واقعي کي
جذباتي رنگ ۾ کڻڻ بدران قدرت جو ڀاڻو مٺو ڪري ڏک
برداشت ڪيو، اسڪول ۽ ان جي هلچل قائم رهي.
مولانا رباني هڪ ڀيري سائين جي اسڪول جي جلسي ۾ تقرير ڪندي
اسڪول جي مقصدن کي سمجهائيندي شاگردن ۽ ڳوٺ جي
ڪولهين کي چيو ته سائين صاحب خان جو اسڪول تعليم
جي انساني ۽ اعليٰ مقصدن واسطي آهي ۽ اوهان ڪڏهين
به ڊپ نه ڪجو ته سائين صاحب خان مسلمان مولوي آهي
۽ هو ڪو اوهان کي مسلمان بڻائڻ جي لالچ لاءِ تڪليف
وٺي ٿو. ڏولي ڪولهي وارن پوءِ مون سان ڳالهه ڪئي
ته مولانا عبدالحق رباني جي تقرير کان اڳ ۾ ئي
اسان کي سائين صاحب خان تي اعتبار هو ۽ اهو اوليا
صفت انسان اسان لاءِ هڪ رحمت آهي.
انهن ڪولهين ۽ سندن عزيزن ۾ ڪا شادي يا ست سنگ يا ڀڄن ٿيندو هو
ته سائين جي چوڻ تي هو مون کي گهرائيندا هئا. ڍڳا
گاڏي ٻڌي ايندا هئا، منهنجي صلاح تي هو اسٽيج
ٺاهيندا هئا، لائوڊ اسپيڪر جو بندوبست ڪندا هئا.
اسين اتي فلاحي تقريرون ڪري انهيءَ ميڙ کي سيمينار
بڻائي ڇڏيندا هئاسون ۽ سائين اتي موجود انهن اڇوتن
کي خوش ڏسي ٻهڪندو هو.
سائين صاحب خان لغاري جي سوانح عمري مولانا عبدالڪريم لغاري
مهتمم مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي واري لکي آهي. ڪتاب
جو نالو ”مرد قلندر“ رکيو اٿس ۽ انجمن اشاعت
العلوم مسڻ وڏي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيل آهي. 120
صفحن جي ڪتاب جي قيمت 10 رپيا آهي.
هن ڪتاب ”مرد قلندر“ جو مصنف مولانا عبدالڪريم لغاري خود وڏو
اُستاد ۽ عالم شخص آهي، سندس علمي لياقت ۽ ادبي
فضيلت مڃيل حقيقت آهي. مولانا عبدالڪريم ديوبند جي
جڳ مشهور درسگاهه جو فاضل آهي ۽ علم تدريس جا
فرائض سالن کان انجام ڏيئي رهيو آهي ۽ سندس سوين
شاگرد آهن. اهو مولوي صاحب جو جگر آهي جو هن دور ۾
جتي جاهل اميرن ۽ نڪمن سياستدانن جي فضول ۽ بيڪار
ڪارنامن تي قلمڪار لکن ٿا اتي هن هڪ غريب ڳوٺاڻي
پرائمري ماستري جي زندگي تي لکيو آهي. مولانا
عبدالڪريم اهو ڪتاب لکي بيشڪ جس کٽيو آهي.
سائين صاحب خان جي سوانح عمري مولانا عبدالڪريم پنهنجي مخصوص
انوکي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکي آهي. ڪتاب جا اوائلي 35
صفحا ته فاضل مصنف تعارفي ۽ رڳو پنهنجي ذاتي زندگي
۽ سياسي علمي حالات، سنڌ ۽ هند جي سياسي علمي
معاشي ۽ تدريسي ڳالهين تي لکندي قدرداني جي عدم
موجودگي، سچار نيڪ ۽ خدمت خلق ڪندڙن جي قحط تي
لکندي، پڙهندڙ کي اشتياق ڏياريندي 36 صفحي تي اچي
لکيو اٿس. ”هڪ ڏينهن گهر ويٺي اچانڪ هڪ پيرسن عمر
رسيده ازغيبي اچي سهڙيو ۽ چوڻ لڳو. ’مون پنهنجي
طويل زندگي ۾ گهڻيئي قطب ۽ قلندر ٻڌا آهن، مگر هن
دور ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي هڪ ديهاتي بستي ۾ هڪ موتي
ماڻڪ گوشهء گمنامي ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي، جنهن
جي پهرين ملاقات سان دک درد دور ٿيو وڃن‘. اهو
اشارو دولت پور جي ڪنهن ڳوٺاڻي شخص ڏانهن هو وڌيڪ
چي: ’قومي خادم، وطن جو سچو سپاهي، درد دل وارو،
نئڙت جو مجسمو ۽ مثالي ڪردار جو انسان آهي.‘“
مولوي عبدالڪريم ايئن انهي اڻ سڃاتل شخص جي ڏس ڏنل ماڻهو جي
ڳولا ۾ نڪري ٿو ۽ وڃي ڏولا رام ڪولهي جي ڳوٺ ۾ هڪ
ٻٻر جي وڻ هيٺ نيلي آسمان هيٺ سفيد سونهاري واري
سائين صاحب خان لغاري کي زمين تي ڪولهين جا ٻار
پڙهائيندي، کي وڃي ٿو ملي ۽ ان بعد هن سان سندس
ناتو، جنهن گَهري صورت اختيار ڪئي 1976ع ۾ صاحب
خان جي وفات ٿيڻ تائين قائم رهيو.
ڪتاب دلچسپ به آهي ۽ سبق آموز به ڪيئن نه هڪ ديهاتي ۽ غريب
ڳوٺاڻو علم پڙهي ٿو ۽ ڪهڙي نه شوق سان علم ونڊي ٿو
۽ پڙهائي ٿو.
صاحب خان 2_ جولاءِ 1902ع تي ڳوٺ دولت لغاري تعلقه ميرپور خاص
سنڌ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو حاجي اميد علي خان
علياڻي لغاري هو. ڇهن سالن جي عمر ۾ حافظ ... وٽ
درس قرآن لاءِ ڳوٺ جي مسجد جي مدرسي ۾ پڙهڻ سان
شروعات ڪيائين. اوائلي وقت ۾ پڙهڻ طرف شوق گهٽ
هئس. پوءِ ڳوٺ ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول کليو، ان ۾
داخل ٿيو. اکر شروع کان ئي سهڻا هئس. زندگيءَ جي
آخر تائين تمام سهڻو خوشخط هو. تنهن بعد آرڙي
ڀرڳڙي تعلقي جيمس آباد جي ديني مدرسي ۾ مولانا
سليمان وٽ تعليم جاري رکي، جتي فارسي پڙهيو. اتان
موٽي جهنڊي جي مدرسه اسلام ۾ پڙهڻ جو ارادو
ڪيائين. والد صاحب جي انڪار ڪرڻ تي اوڏانهن ڪونه
ويو ۽ اچي ڳوٺ ۾ ريزڪي جو دڪان کوليائين ۽ پوءِ
آبداري پڙهيو. پر مائٽن جو انگريزن خلاف رخ هو،
نوڪري ڪرڻ ڪونه ڏنائونس ڳوٺ ۾ ملا مڪتب کليو، تنهن
۾ اڻ تربيت يافته ماستر ٿي، 9 رپيا پگهار تي نائب
ماستري ڪيائين ۽ پوءِ ان اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو.
1932ع ۾، خانگي طرح عمر ڪوٽ ۾ سنڌي فائينل پاس
ڪيائين. تنهن بعد مولوي عمر محمد صالح ميمڻ
نصرپوري وٽ سڪندر نامي تائين وڌيڪ پارسي پڙهيو ۽
عربي پڙهيو. ٻن سالن جو پرائمري ماستريي جو تربيتي
ڪورس پڻ پاس ڪيائين. انهيءَ علائقي جا سوين هزارين
شاگرد ۽ پڙهيل ماڻهو سائين صاحب خان جي ڪوشش سان،
علم جي زيور سان سينگاريل آهن.
_روچيرام.
|