محمد صادق (آتم ڪهاڻي)
تان ڪي ڏونگر ڏوريان
محمد صادق ميمڻ فيبروري 1895ع ۾ ڪنڍن
تعلقو نوشهرو فيروز نوابشاهه ضلع ۾ پيدا ٿيو.
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرايائين. نوشهرو
فيروز مدرسي ۾ انگريزيءَ جي پهرئين درجي تائين
پڙهيو ۽ ان کان پوءِ هوند نه هجڻ ڪري انگريزي پڙهڻ
ڇڏي ڪاميٽيءَ جو امتحان ڏنائين. ڪجهه ڏينهن پوليس
۾ نوڪري ڪيائين. پر پوءِ پوليس ڇڏي ماستري ڪيائين.
پهرين مهاڀاري جنگ جي شروع وقت 1914ع ۾ ماستري ڇڏي
اريگيشن جي کاتي ۾ داروغو ٿيو. 1928ع ۾ آبدار ۽
1932ع۾ ڪئنال اسسٽنٽ جي عهدي تي ترقي پاتائين ۽
1949ع ۾ اتن رٽائرمنٽ ورتائين. پاڻ سنڌ جي اهڙي
گهر جو وڏو آهي جنهن جي ڌيءُ سنڌ جي پهرين پڙهندڙ
ڇوڪرين مان هڪ آهي.37_ 1935۾ ڌين کي پڙهائڻ جي
سوال تان مخالفن جي ڪري ڳوٺ ڇڏي اچي شهرواسي ٿيو.
ميمڻ صاحب جن انجمن حمائيت الاسلام (سچل ڪاليج، حمائيت الاسلام
هاءِ اسڪول) جامعه عربيه اسڪول ۽ سنڌ اورينٽل
انجمن جي باني ڪارڪن ۽ عهديدارن مان هڪ آهن. سندن
تعليم ڏي شوق جي نتيجي ۾ سندس ڏهه ئي ڌيون ۽ چار
پٽ اعليٰ تعليم يافته آهن. جن مان چار ڌيون ۽ ٻه
پٽ ڊاڪٽر آهن.
اڄڪلهه پاڻ حيدرآباد رهندا آهن، هي خود نوشت سوانح سندن جستجو
۽محنت جي عڪاسي ڪري ٿي.
ادي حاجي صاحب روزنامچه جي ڪتاب تي کاتو يعني دوڪان جا
قاعدا، نفعو نقصان وغيره بابت لکيا ٻنهي صحيح ڪئي.
خاص ڳالهه هئي ته دوڪان جو نفعو نقصان ٽن حصن ۾
ورهايو: هڪ ڀاڱي ٽيون حصو موڙيءَ واري جو، ٻه ڀاڱي
ٽيون حصو ڪم ڪرڻ واري جو. اوڌر جي جوابداري ڪم ڪرڻ
وارن تي. ان ريت سال کن دوڪان هليو پوءِ پوتاميل
ڪيو ويو ته هڪ هزار رپيا کن نفعو ٿيو. اهو حساب
صاف ڪري موڙي ۽ نفعي جي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو ادا حاجي
محمد حسين کي ادا ڪري، پوءِ نجو دڪان پنهنجي حوالي
ڪيم. سروس جا ته ڏهه _ يارهن رپيا ماهوار هئا، پر
دڪان مان پنجاهه کن رپيا ماهوار پئي مليا.
سال 1914ع مارچ جو پهريون هفتو هو، منهنجي دڪان کي ٻه _ ٽي
مهينا مس ٿيا هئا صبح جي مهل هئي ته پري کان سيٺ
گيهي مل جنهن جي ڪپڙي جي ڪوٺي هئي _ هن کان ڪپڙو،
ڪجهه روڪڙ ڪجهه اوڌر تي آڻيندو هوس _ نوشهري ويندي
منهنجي دوڪان تي آيو. چيائين ”بابا، ڪهڙي اٿئي؟“
”دڪان تي ترسيو ته آءُ گهران ٿي ٿو اچان“. مون کيس چيو.
”آءُ شام جو موٽند پوءِ اچي کڻندس، هٿ ڪري رکج.“ ائين چئي هو
هليو ويو. بابا سائين به ان وقت حاضر هو، پڇيائين
”ڪيترا پئسا سيٺ جا آهن ۽ ڇو رهيا آهن؟“ ”ڳوٺ ۾
اوڌر ٿي ويئي آهي ان ڪري رهجي ويا آهن.“ مون چيو.
ان ڪري ڪجهه ڪاوڙ مان چيائين ته
”لهڻي واري کي اوڌر تي ڏنل قرض ڏيئي ڪونه سگهبو. آڻجي اڌارو،
وري اهو ڏجي به اوڌر تي ته دڪان ڪيئن هلندو. ڪارپت
ڪيئن رکي سگهبي!“ هن ڀيري ڪاوڙ ۾ ڳالهايائين.
”هن بعد اوڌر ڪانه ڪندس. اها اوڌر وصول ڪري قرض لاهيندس.“ مون
زبان ڏني.
سيٺ گيهي مل شام جو وري آيو، جيڪي ڏوڪڙ حاضر هئا ۽ ٻي جيڪا
وصولي ڪيم، سا ڏنيماس. ان بعد نئين اوڌر بلڪل بند
ڪيم ۽ وصولي کي لڳي ويس. جيڪا به دوڪان تي پيٺ
هئي، سا 3 مارچ تائين ادا ڪري ڇڏيم، پر اوڌر سو
سيڪڙو وصول ڪانه ٿي. خيال ڪيم ته دوڪان ته اوڌر
کان سواءِ هلي نه سگهندو ۽ اوڌر وقت تي ملي نٿي
سگهي. بابا سائينءَ جي نصيحت به ياد آيم. اِن سوچ
ويچار ۾ فيصلو ڪيم ته دوڪان مون کان ڪونه هلندو.
سنڌي فائينل پاس ڪيل اٿم، وري ڪنهن ماستري يا ڪنهن
ٻي نوڪريءَ جي ڪوشش ڪريان. اهو ارادو ڪري 12 اپريل
1914ع صبح جو سويل دوڪان جون چاٻيون گهر وارن جي
حوالي ڪري، مون کي جيڪي ڪپڙا پيل هئا، انهن سان ۽
هڪ اجرڪ کڻي گهران روانو ٿيس. رڳو گهرواريءَ کي
ٻڌايم ته هينئر فقير فتح محمد صاحب وٽ فجر جي نماز
اادا ڪري ۽ دعا گهري، حيدرآباد ويندس ۽ ماستريءَ
لاءِ ڪوشش ڪندس ۽ پوءِ احوال لکندس، برادرم علي
محمد چوٿون درجو پڙهندو هو، اهو به اسڪول جي ٽائيم
کان پوءِ دڪان ۾ ڪم ڪندو هو، ان ڪري دوڪان جو
انتظار ڪونه هئم. پوءِ سڌو فقير صاحب جن وٽ پهتس.
فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪيم. فقير صاحب جن کي
عرض ڪيم ته ”دعا فرمايو ته جنهن ارادي سان
حيدرآباد وڃان ٿو، ان ۾ الله پاڪ ڪامياب فرمائي.“
پاڻ هٿ ڊگها ڪري دعا فرمايائون ۽ ان بعد فرمايائون
ته ”بابا، نيرن ڪري، پوءِ وڃجو.“ جلدي نيرن آئي.
نيرن ڪري، موڪلائي سڌو پڊعيدن پهتس. مڪس گاڏي 11
وڳي ڌاري آئي، ان ۾ روانو ٿي 2 وڳي ڌاري حيدرآباد
۾ پهتس. حيدرآباد هن کان اڳ هڪ ڀيرو فائنيل جو
امتحان ڏيڻ آيو هوس، وري سال 1911ع کان خان بهادر
الهندي شاهه صاحب جو هڪ دستي خط کڻي مرحوم غلام
محمد ڀرڳڙي وٽ آيو هوس، ان وقت ڀرڳڙي صاحب جي آفيس
هن وقت جنهن بلڊنگ مرڪنٽائيل بئنڪ آهي، ان جي مٿان
هئي. خط جو جواب وٺي ساڳئي ڏينهن رات واري مڪس
ٽرين ۾ واپس آيو هوس. حيدرآباد پهچڻ تي، سڌو گاڏي
کاتي ۾ مرحوم قاضي عبدالقيوم جي دواخانه تي آيس.
مرحوم قاضي صاحب جن جڏهن نوشهري مدرسه ۾ ماستر
هئا، آءُ سندن شاگرد هوس. اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ به
ساڻن گهڻا ڀيرا ملاقات جو شرف نصيب ٿيو هو. هڪ
ڀيري درٻيلي ۾ مولوي حڪيم فتح محمد صاحب سان ملڻ
آيا هئا، اتي به ملاقات نصيب ٿي هئي. قاضي صاحب جن
نهايت محبت سان مليا ۽ حال احوال ورتائون. مون کي
خبر هئي ته مسٽر ميراني صاحب، جو ان وقت ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع نواب شاهه جو هو، حڪيم
صاحب جن جو خاص معتقد هو. ان ڪري قاضي صاحب جن کي
عرض ڪيم ته ”ميراني صاحب کي چئو ته مون کي کاهي
راهو ۾ ماستريءَ جي جاءِ ڏئي.“ قاضي صاحب فرمايو
ته مسٽر ميراني شام جو مون وٽ ايندو پوءِ کيس
روبرو چوندس. شام جو 7 وڳي ڌاري ميراني صاحب آيو،
مون کي روبرو ڪري چيائين ”هيءُ منهنجو شاگرد آهي،
نوشهري مان هلي آيو آهي، ماستريءَ جي جاءِ کپيس.
سنڌي فائينل ۾ سڄي حيدرآباد ۽ نواب شاهه ضلعي ۾
مسلمانن ۾ فرسٽ نمبر آيل آهي _ کاهي راهو ۾ سندس
ڳوٺ جي اسڪول جي جاءِ ڏيوس.“
”حال في الحال ”سنجهرو بيٺڪ“ ۾ جاءِ خالي آهي اتي آرڊر ڏيانس
ٿو، هڪواري وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهي، پوءِ مهيني کن
اندر کيس کاهي بدلي ڪندس.“
مون قبول ڪيو. ٻئي ڏينهن 3_ اپريل آرڊر ورتم ۽ 4_ اپريل صبح
واري گاڏي ۾ سنجهوري جي ٽڪيٽ وٺي، ميرپور خاص واري
گاڏيءَ ۾ روانو ٿي، سنجهوري پهتس. حيدرآباد جيڪو
وقت هوس 2_ اپريل شام کان 4_ اپريل صبح تائين،
قاضي صاحب جن پنهنجي دواخاني تي رهايو ۽ ان مون کي
ٻئي هنڌ رهڻ نه ڏنو؛ ماني وغيره به پنهنجي
دسترخاني تان موڪليندا هئا.
مان سنجهوري پهتس، سڌو سنجهورو اسڪول جي هيڊ ماسٽر صاحب وٽ حاضر
ٿي ڊيوٽي تي چڙهڻ جي رپورٽ ڏنم ۽ ڪاپي سڌي صاحب کي
موڪليم، ان کان پوءِ ”سنجهوري بيٺڪ“ تي پهتس.
سنجهورو، بيٺڪ کان ميل کن پنڌ تي هو. بيٺڪ جتي حرن
جو وڌل لوڙهو هو. جنهن ۾ ٻن سون کان مٿي حرن جا
گهر هئا. دروازي کان ٻاهر پوليس جو ڪچو ٿاڻو هو،
جنهن ۾ پنج _ ڇهه پوليس وارا ۽ ٻه جمعدار ڊيوٽيءَ
تي هئا. حُر صبح جو حاضري ڀرائي ٻاهر ويندا ۽ شام
جو وري 8 بجي اندر اچي حاضري ڀرائيندا هئا.
سنجهوري جو صوبيدار ٽهلرام هو ؛جنهن جو ڏاڍو دٻدٻو
هو. جو پوءِ ايس _ پي به ٿيو هو ٿاڻي جي ڀرسان
ڪَچو اسڪول هو جنهن ۾ ويهارو کن شاگرد پڙهندا هئا.
ماستر لاءِ به ٿاڻي لڳ هڪ ڪچي جهوپڙي هئي. پوليس
وارن مون کي پنهنجي ماني ڪرڻ نه ڏني. رات جو ٻاهر
ميدان ۾ سڀ گڏ رهندا ۽ سمهندا هئاسين، ڏينهن جو
موڪل کان پوءِ جيڪو وقت بچندو هو سو سڀيئي گڏ
هوندا هئاسين.
ادا حاجي غلام نبي جيڪو هن وقت ڪئنال اسسٽنٽ هو ۽ کيس کڏڙي سب
ڊويزن جي چارج هئي، ڳوٺ موڪل تي ويو هو. مون لاءِ
ڳوٺان هڪ ننڍي پيتي، هڪ وڳو ڪپڙن جو؛ اونهاري جي
ڪري فراسي، هڪ رلي ۽ وهاڻو مليو هوس، اجرڪ مٿان
لاءِ اڳئي مون وٽ هئي. جيئن سنجهوري لڳ راوتياڻي
بنگلي تي منزل ڪيائين، تيئن مون کي اهو سامان
موڪلي ڏنائين ۽ مون کي به گهرائڻ لاءِ وهٽ
موڪليائين. آءُ به وٽس ٻه ڏينهن هئس پر ٻئي ڏينهن
مون کي موڪل نه ڏنائين ۽ سندس صلاح سان داروغي جي
ڪم سکڻ لاءِ انجنيئر صاحب جي نالي درخواست لکي
ڏنيمانس: ته مون کي داروغي سکڻ جي کڏڙي سب ڊويزن ۾
اجازت ملي، ان موجب هفتي کن ۾ مون کي ڪم سکڻ لاءِ
آرڊر مليو. حسابن ۾ آءُ به فضل خدا اڳئي سنڌي
فائينل ۾ سؤ سيڪڙو مارڪون کڻي چڪو هوس. ڪو خاص ڪم
سکڻ لاءِ ڪونه هو.
مهيني ڏيڍ بعد کڏڙي ويس، ايس _ ڊي _ او ديوان پيسومل نالي هو.
ادا حاجي غلام نبيءَ مون کي ديوان صاحب وٽ پيش
ڪيو. مون کان ديوان صاحب خاص طرح پيمائشي حسابن جا
سوال پڇيا ۽ ڦِيٿ ڏني ته هن روم جي وائيٽ واش ڪرڻي
آهي ڇتين وغيره جي ماپ ڪري شايد اگهه 1،25 سيڪڙو
ٻڌايائين ته حساب ڪري پئسا ٻڌاءِ. مون کانئس
پٽيوالو وٺي ڀِتين جي ماپ ڪئي ۽ دروازن وغيره جي
ڪَٽ ڪري پوءِ حساب ڪري پئسا ٻڌايا جي بلڪل صحيح
هئا. وري باغ ۾ هڪ ٻه کامان ماپ ڪرايائين. انهن جو
ماپ ڪري ٻڌائيم، جا بلڪل صحيح هئي.
ادا حاجي صاحب کي چيائين ”هي ڇوڪرو سرويري جو لائق آهي، افسوس
جو انگريزي ڪانه ٿي اچيس.“
مون کي اهڙو سرٽيفڪيٽ ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري ڏنائين ۽ چيائين
”انجنيئر صاحب کي نالو رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ لاءِ
موڪليان ٿو، جاءِ خالي ٿيندي ته پهرين توکي ملندي،
مون تنهنجي لاءِ تمام سٺو ريمارڪ ڏنو آهي.“
اپريل ۽ مئي مهينو گذريو، مون کي پنهنجي ماني ڪڏهن به ڪرڻي ڪانه
پئي، گهڻو ڪري شاگرد واري وٽيءَ سان ماني گهران
آڻيندا هئا. حرن کي شاديءَ وغيره ۾ وڃڻ لاءِ موڪل
وٺڻي پوندي هئي، جنهن لاءِ درخواستون لکائڻيون
پونديون هيون. آءُ بنا ڪنهن لکاڻي وٺڻ جي بلڪل مفت
درخواست لکي ڏيندو هوسانِ، پئسن جي آڇ ڪندا هئا پر
مون ڪڏهن به نه ورتا، ان ڪري حر فقير به مون کي
گهڻو ڀائيندا هئا. جون مهيني جي شروعات کان وٺي
گهڻن حرن کي سڪرنڊ، جتي نئون لوڙهو حرن لاءِ ٺهيو
هو _موڪليائون ۽ ڪن کي سنڌ کان ٻاهر بمبئيءَ جي
طرف ويساپور موڪليائون، جنهن ڪري اسڪول ۾ وڃي چار
_ پنج شاگرد بچيا. ان وقت حد جو ڊپٽي ڪليڪٽ شيخ
محمد يعقوب هو _ اهو به ان لڏپلاڻ جي وقت اتي منزل
انداز هو. مون کيس عرض ڪيو ”هاڻي هن اسڪول جي
ضرورت ڪانه رهي آهي چار _ پنج شاگرد آهن، جي
سنجهوري وڃي سگهن ٿا. مهرباني ڪري وزيٽرس بوڪ تي
اهڙو نوٽ لکي ڏيو.“ صاحب وزيٽرس بوڪ تي اهڙو نوٽ
لکي ڏنو، جنهن جي ڪاپي ڪرائي يڪدم ميراني صاحب
ڊپٽي ايجوڪيشنل کي رجسٽر ڪري موڪليم، ٽئين يا
چوٿين ڏينهن هيڊ ماستر سنجهوري جي معرفت ليٽر مليو
ته اسڪول جو فرنيچر هيڊماستر سنجهوري جي حوالي ڪيو
وڃي ۽ مون کي کاهي بدليءَ جو آرڊر مليو _ صاحب
جيئن وعدو ڪيو هو تيئن پورو ڪيو.
قدرت خدا جي ان ڏينهن ڳوٺان خط آيو ته بابا جن جي طبيعت ٺيڪ به
آهي خط ملڻ سان انهيءَ ڏينهن مون اسڪول جي چارج
وغيره ڏني، تيستائين کڏڙي کان هلندڙ گاڏي ڇٽي
ويئي، تنهن ڪري سوچيم ته مان سڀاڻي لاءِ ترسان يا
پنڌ ڪري شهدادپور وڃي، گاڏي ڪئچ ڪريان. بهرحال
آرام نه آيو ننڍي پيتي ۽ بسترو کڻي حرن ۽ پوليس
وارن کان موڪلئي نڪتس ته هڪ شاگرد، جو عمر ۾ وڏو
هو ۽ پنجون ڇهون درجو پڙهندو هو، سندس نالو ننگر
هو چيائين، ”آءُ سامان کڻي جيستائين هلي سگهيس
تيستائين اوهان سان گڏجي هلان ٿو.“ جون مهيني جي
14_ تاريخ هئي گرمي به پنهنجي طاقت ۾ هئي، اٽڪل
ٽين بجي ڌاري روانا ٿياسون واٽ تي ڪٿي ڪي گهر
ڀرسان هئا ته ٻٽي ڀيرا پاڻي گهري پيتوسين. اٽڪل
ڇهين بجي جو ٽائيم هو. واچ مون وٽ ڪانه هئي
اندازاً چوان ٿو. رستي سان لڳ ساڄي پاسي هڪ کوهي
کنيل هئي، اتي ٿورو ترسي پاڻي پيتوسين، پوءِ مون
ننگر کي موڪل ڏني ۽ آءُ سامان کڻي روانو ٿيس. ٻه
ميل کن پنڌ ڪيم ته اچي اُڃ لڳي ڪوبه ڳوٺ ويجهو نه
هو نڪو گهر، جتان پاڻي گهري پيئان. هلندي رستي جي
ڏکڻ پاسي هڪڙو نئون مَنهه ٺهيل هو ۽ اتي ٻه چار
ماڻهو هئا، هرلو پئي چاڙهيائون. پيتي ۽ بسترو رستي
جي پاسي تي رکي _ ان منهه ڏانهن ويس سلام ورائي
چيم: ”ادا، پاڻي پيارو وات سڪي ويو اٿم.“
”يار، پاڻي هينئر اسان وٽ به ڪونه آهي، اسين به هينئر ڪم لاهي
گهر وڃڻ وارا آهيون.“
جمڙائو واهه اڌ ميل کن پنڌ تي آهي، اتي وڃي پاڻي پيءُ؛ وچ ۾ ٻيو
ڪٿي به ڪونه ملندءِ!“
اڃ سخت ماندو ڪيو، هلڻ جي به طاقت نه هئي پر جيئن تيئن اچي
جمڙائو ’ڪنگ _ پٽي‘ موريءَ تي پهتس، خشڪيءَ ڪري چپ
سڪي ويا هجن، وات ۾ خشڪيءَ سبب کرنڊ ٿي ويا هجن،
ڪجهه وقت ته وات جي کرنڊ لاهڻ ۾ لڳو. پوءِ آهستي
آهستي ٿورو ڪري پاڻي پيتم، اڌ ڪلاڪ کن لڳو. سج به
اچي لهڻ کي ويجهو ٿيو. پيتي ۽ بسترو کڻي روانو
ٿيس، ڳچ پنڌ ڪيم ته اوچتو رستي جي اتر طرف کان
هڪڙو وڏو ڪتو رومڙ ڪري پهتو، جيئن ويجهو آيو الله
مت ڏنيم، جو بچائڻو به هوس _ پيتي ۽ بسترو کڻي ڪتي
جي آڏو اڇلايم؛ ڪتو ان تي چڙهي ويو ۽ ڀر ۾ کٻڙ جو
وڻ هو _ آءُ ان تي چڙهي ويس ۽ دانهن ڪيم همراهه
هڪلون ڪندو ڀڄندو آيو. چيائين.
”ادا، توکي خدا بچايو آهي، ائين نه ڪري ها ته الائجي ڇا ٿئي
ها!“
همراهه پنهنجي پٽڪي جو ور لاهي ڪتي کي ٻڌو. مون کي اُڃ به ڏاڍي
لڳي هئي، چيومانس ”ادا، ڪا لسي پيار!“
هو ويو ۽ وڏو وٽو لسي جو ڀري آيو. آهستي آهستي ڪري سڄو لسيءَ جو
وٽو پيتم. پوءِ همراهه ڏس ڏنو. ”اها واٽ وٺيو وڃ
ته ٻن ميلن تي شير خان لغاريءَ جو ڳوٺ آهي، اتي
وڃي ترس.“
ان موجب روانو ٿي ڪلاڪ ڏيڍ بعد شير خان لغاريءَ جي ڳوٺ پهتس.
واٽ سڌي هئي ۽ وڃي وڏيري صاحب جي اوطاق تي پهتس.
رات جو وقت هو، اوطاق جي آڏو ٿلهو هو، ٿلهي تي پنج
_ ڇهه کٽون پيل هيون. هيٺ نک وڇايل هئي جنهن تي
پنج _ ڇهه همراهه ويٺل هئا. سامهون کٽ تي وڏيرو
صاحب ويٺل هو، ڪچهري پئي هلي. مون سلام ورايو؛
جنهن تي وڏيري سلام جو جواب ڏنو ۽ مون کي هڪ کٽ تي
ويهڻ لاءِ چيائين، ويهڻ بعد دستور موجب هن حال
احوال ورتو. جنهن کي ات اچڻ ۽ شهداد پور وڃڻ جو
احوال ڏنم.
”بابا، رات جو وقت آهي هتان پنڌ به چڱو آهي. ميل به ٻڌايائين پر
ياد نه اٿم هينئر رات هتي رهو ۽ آرام ڪيو صبح جو
ڏينهن ڏٺي وڃج.“ وڏيري صلاح ڏني.
مون سندس مهرباني مڃي، احوال ڪيم ۽ ٻڌايومانس ”منهنجو والد صاحب
بي خوش آهي. هينئر ايترو پنڌ ڪري پهتو آهيان، آرام
ڪونه ايندو، ان ڪري ڪلاڪ کن ترسي روانو ٿيس.“
وڏيري صاحب گهڻو چيو پر مون سندس مهرباني مڃي ۽ چيو ”دعا ڪريو
ته آءُ والد صاحب کي خير سان وڃي ملان!“ ان تي
وڏيري صاحب نوڪر کي حڪم ڪيو ته مهمان کي جلد ماني
کارائي وڃي. 15 منٽن جي اندر نوڪر پسيءَ جي
ٿالهيءَ ۾ چانور، کير ۽ کنڊ جدا کڻي آيو. چانورن
تي کنڊ وجهي کير سان کاڌم ۽ ضرورت مطابق کير پيتم،
ان بعد اڌ ڪلاڪ ترسي، مون وڏيري صاحب کان اجازت
ورتي. هڪ ماڻهو ڏنائين جنهن مون کي شهدادپور جو گس
ڏيکاريو، جو وٺي روانو ٿيس.
مال جا گس هئا هلندي هلندي، شهدادپور وارو گس ڇڏائجي ويو ۽ ٻيو
گس مال جو وٺي وڃي هڪ ٻٻرن جي ههڙيءَ تي پهتس.
نهايت حيران ٿيس ته ڪيڏانهن! وڃان ٿوري وقت بيهڻ
بعد پريان هڪ لال ٽين جي روشنيءَ تي نظر پيم، پوءِ
سڌو ان روشني تي روانو ٿيس ۽ آخر وڃي اتي پهتس جتي
لالٽين منهه جي وَري ۾ ٽنگيل هو، کرو هو جتي پنج_
ڇهه همراهه ويٺا هئا، سلام ورائي حالي احوالي ٿيس،
جڏهن مون پنهنجي ڳوٺ جو نالو ورتو ته هڪ همراهه
يڪدم منهنجي والد صاحب جو نالو ورتو.
”اهو منهنجو والد صاحب آهي.“
مون کيس ٻڌايو:
”هن وقت هتي ڪيئن پهتو آهين شهدادپور ته گهڻو پري آهي!“
سڄو احوال ڏنم ۽ چيومانس. ”ادا، مون کي مهرباني ڪري شهدادپور
پهچايو. اهو همراهه ذات جو مري، اسان جي ڳوٺ ڀرسان
پير سخيرو جو ويٺل هو، الهه بخش نالو هوس، اُٺن تي
بار کڻي ڪمائيندو هو. کري تي هڪ هندو سيٺ به هو،
جنهن وٽ گهوڙو هو ان کي چيائين.
”مهمان کي پهچائڻو آهي مهرباني ڪري پهچائينس.“
چيائين ته ”آءُ رئيس الهه بخش جي ڳوٺ تائين وٺي ويندوسانس، جو
مون کي اتي وڃڻو آهي. اتي شادي آهي ان ۾ شريڪ ٿيڻو
آهي، پوءِ اتان شهدادپور ڏيڍ ميل پنڌ آهي.“
هندو سيٺ چيو
”اها به مهرباني!“ مون چيو.
بهرحال گهوڙي تي سوار ٿي، پيتي ۽ بسترو وچ ۾ رکي روانا ٿياسين.
ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ هو، گهوڙي تي هنو ڪونه هو. ٻني
هئي، جنهن سان سولائيءَ سان ويهي روانا ٿياسين.
مون کي ان ڳوٺ وٽ ڇڏيائين، اتان روانو ٿي ڪلاڪ کن
۾ شهداد پور جي اسٽيشن تي پهتس. وچ ۾ ساڱرو واهه
هو، جو هاڻ ته پراڻو ڀڏو هوندو. ان ۾ اڃان پاڻي
وهي ڪونه آيو هو. اسٽيشن اتر طرف هئي ۽ آءُ ڏکڻ
طرف آيس. ريل جي پٽڙيءَ ٽپندي پڊعيدن جي ٽڪيٽ
ورتم. پڊعيدن پهتس، ته مڪس گاڏي ڪوٽ لالوءَ وٽ
بيٺل هئي. الله پاڪ به ان جي مدد ڪري ٿو؛ جيڪو
پنهنجو مدد پاڻ ڪري ٿو. منهنجي شهدادپور اچڻ جو ڪو
معجزو هيءُ آهي ته الله پاڪ تي ڀروسو رکي روانو
ٿيس ۽ ڪشالا ڪٽي گاڏيءَ تي عين ٽائيم تي پهتس.
پنجين وڳي ڀريا روڊ پهتس، اتان اُٺ روانو ٿي، سج
اڀري ڌاري گهر پهتس. |