مير عبدالرسول ”مير“
متان هاريو هينئڙو (بيت)
وتم ڄاڻ وجود مان، آهين تون ئي تون،
ماريم جڏهن ”مون“، جَرڪي پيو جيئڙو.
وتم ڄاڻ وجود مان، مهڪي پيو مَنُ،
مليو ”مير“ وطن، آئيندي جو آجپو.
•
مون کي ياد ڪجو، مُئي پڄاڻان ماڻهؤ،
سُرهي سندم سار کي، ڪفن مان ڪڍجو،
منهنجي اُجري عڪس کي، پنن ۾ پَسجو،
مڙئي ڳڻ ڳڻجو، اکر پَسي اُجرا.
واڪا منهنجي وس، ٻڌڻ ڪم ڪوهيار جو،
ڪڏهن ڪئي ڪينڪي، مون من ماندي بس،
ملندي ”مير“ اَوس، موٽ ڪٿان ڪنهن اوٽ مان.
پنهنجو اُهو پار، جيڪو پار پناهه جو،
سمجهان ”مير“ سلامتي، ڏاڍن ۾ ڏهڪارُ،
منهنجا گيت گُڙي ڪندا، ڌارين ۾ ڌڌڪارُ،
باندي وجهندا بند کي، ڏسندي ڏسندي ڏارُ،
آزاديءَ کان عارُ، مور نه ڪبو مورکئو!
جهڙو يا تهڙو، پوءِ به سانڍيم ساهه ۾،
ماڻهو منهنجي ملڪ جو، ڪوهه پڇين ڪهڙو،
پُر
جهي ڏٺم پارَ سڀ، ”مير“ نه ڪو اهڙو،
جيجل! تو جهڙرو،
ديس نه دنيا ۾ ڪٿي!
•
نيٺ ته ڪاري رات کي، ملي ويندي مات،
ايندي آخر اوچتو، پڌري ٿي پرڀاتِ،
ملندي ”مير“ نجاتِ، اوندهه انڌوڪار کان.
اڃا اوري آءٌ، سائين! منهنجي سوچ ۾،
متان وجهي مونجهه ۾، ڏاڍن جو ڏهڪاءُ،
ويرين جي ورتاءُ سان، آهي مون اَٽڪاءُ،
سيني منجهه سڀاءُ، تنهنجا ڳڻ ۽ ڳالهيون.
متان موٽبور
ميرَ! متان هاريو هينئڙو،
متان لوءِ لڄائيو، متان ٿيو دلگيرَ،
ٿيندي سوڀَ سريرَ، وڌندا رهو واٽ تي.
ڪهڙو تنهن جو ڳُڻُ؟ جيڪو ويري ڀونءَءِ
جو،
ڀائو، جنهن جو بُڻُ، ڄڻ ڪي سيلهه سرير ۾.
توري سمنڊ اَجهاڳ، آهي اسان جي اڳيان،
پوءِ به سندءِ ساٿ سينن،
ملي ويندو ماڳُ،
ڀيڙو ٿيندو ڀاڳُ، ڀٽ ڌڻي! هن ڀونءَ کي.
•
اَڄ به اڳرايون، ساڳيون آهن سنڌ ۾،
اَڄ به آهن اوتريون، اڳ جئن ارڏايون،
ڪيڏيون ”مير“ مصيبتون، اسان تي آيون،
اڃا پَـرَ اوڳايون، ڏٺم ساري ڏيهه ۾.
ڪيڏو آهه ڪلورُ، ڌارين ڌرتيءَ سان ڪيو،
سانڍيو هن ساڻيهه آ، ”مير“ نئون نا
سورُ،
ماٽيلي ڪنهن ماءُ جو، ديسين سان دستور،
آنءُ نه مڃان مورُ، اهڙي ڏمر ڏاڍ کي.
متان ڏين ميارَ، جيجل! منهنجي جُوڻِ تي،
آڏو دشمن ديس جي، ”مير“ نه مڃي هارَ،
ويئي سڀ ڄمار، وڙهندي وڙهندي واسجي!
مورُ مَ ڀانئج ”مير“، آرڻ کي اتفاق تون،
هي جو ڌاريا ديس ۾، تاڻن ويٺا تيرَ،
ڏين پيا ڏيهه جي، ساري جُسي جهيرَ،
ڪُسجن پيا ڪيترا، ويچارا هي ويرو،
آهن سڀ اَسير، آزادي جي آسري.
ارجن حاسد جا غزل
•
نهاريندو لنگهين ٿو،
ڏکوئيندو وڃين ٿو.
حياتي رَهنڊ وانگر،
دلاسو ٿي پوين ٿو.
وڄوُن بادل هوائون،
ائين ڦُڙ ڦُڙ وسين ٿو!
گلن جي مُند آهين،
جڏهن چُپ چُپ هجين ٿو!
سُڃو ڪو پيچرو ڄڻ،
تڏهن ڏاڍو وڻين ٿو!
ڪلهي تي بار ايڏو،
رڳو رُلندو وتين ٿو!
پڇين مون کان ٿو ”حاسد“،
ته ڪنهن جهڙو لڳين ٿو!
•
وري ڪنهن ڪنهن کي ڏوراپو ڏجي ها،
اهو سڀ ايترو، ڪنهنکان پُڄي ها!
اَجايون، ڪيتريون ڳالهيون اجايون،
ٻڌائي ها، ڪڏهن منهنجيون ٻُڌي ها!
الائي ڇو رُسڻ تي من ٿئي ٿو،
اچي ڀر ۾ ڪوئي ويهي رهي
ها!
هوائن ڏي ۽ ڪڪرين ڏي نهاري،
ڀري هوءَ جهول خوشبو سان اچي ها!
اَنبن جي مُند، واچوڙا لڳن ٿا،
هجي ها گڏ ته اَجرڪ ۾ وڻي ها!
’پَسينو، ڌرتتي، رُلندو وتين ٿو‘،
ڪري ڪاوڙ، اکر هڪ اڌ چوي ها!
گهٽيءَ جي موڙ وٽ گڏجي ها ”حاسد“،
گهڙي پل ترسي ها، سُڏڪي پوي ها!
•
لفظ ڪو چپ تي آڻي لڪائي ڇڏيم،
ڪنهن کي ڳولي لهي پڻ وڃائي ڇڏيم.
ڪوئي سُس پُس ڪري، سو بُرو ٿو لڳي،
من ته چاهيو ٿي مُرڪڻ، نٽائي ڇڏيم.
ڪو مٽيءَ جو گهڙو ڪئن ڀُري ٿو پوي،
نيڪ تنهنجن ارادن ٻڌائي ڇڏيم.
وقت کي گڏ وِهاري
ٿعي
وِڃڻو هنيئه،
ڌرتتي، توکي اڄ آزمائي ڇڏيم.
ڳڙ لڳل ٺونٺ تي هوءِءَ،
چو
سيئه پَئي،
اِن پروليءَ ته ويتر مُنجهائي ڇڏيم.
تو ته اٽڪل سان نالو تريءَ تي لکيو،
ڪئن ته ميندي رچائي، مـِٽائي ڇڏيم.
ڪنهن تصور ته ڏاڍو هو جَڪڙري
ڇڏيو،
پاڻ کي قيد اُن مان ڇڏائي ڇڏيم.
هو جو آيو ٿي ”حاسد“ گهٽيءَ کان مُڙي،
وڻ اڱڻ مان ٻٻر جو ڪپائي ڇڏيم.
•
ڪلهه ڪوٺي تان چنڊ ڪـِري پيو،
ڪنهن ته ڪيو هوندو سوَ چرچو!
ڪهڙريون
ڪهڙيون رمزون ڄاڻن،
رنگُ ٽهڪ جو ڳاڙهو پـِيلو.
چٻي چٿي ڳالهائيندو آ،
سوني
پچڃري
وارو طوطو.
وڻ هيٺان ويهي ساهي پَٽ،
ڇانوَ عڪس ماڻي، تَن مَن جو.
سُڃيون سُڃيون راتيون رڻ پٽ جون،
جيئن پاڻيءَ تي چنڊ جو پاڇو.
هر هڪ پل جو الڳ الڳ مُلهه،
هر ڪوئي عينڪ پائي ٿو،
جتي وڃي، ڪجهه وسري ويندس،
ڏاڍو لڳندو آهه اُٻهرو.
”حاسد“ جهٽ پٽ گِگ ڳڙئي ٿي،
ڦري ويئه، نڪ چَپَ جو نقشو!
مايا راهي
چڪر وِيوهه
سنساري ڪرو کيتر ۾
اڄ جي
ڪوروَن جا رچيل
چڪر وِيوهه
هري
قدم کي
اڳتي وڌڻ کان
روڪين ٿا.
۽ چڪر وِيوهه
سامونڊي لهرن وانگر
هڪ پٺيان ٻيو
آهي ئي آهي.
منهجي من جو اَڀمنيو
اُنهن سان
وڙهي وڙهي
ساڻو ٿي پيو آهي.
مهاڀارت جو اَڀمنيو
هڪ چڪر وِيوهه سان لڙندي
جنم جنماترن لاءِ
اَمر ٿي ويو.
۽ مان؟
سوين چڪر وِيوهه ڪاٽي
هڪڙو جنم به
سک سان
جـِي نه سگهي آهيان.
حميد ”شهيد“ هالائي
غزل
پيرين اُگهاڙي آيو آهيان،
پريَن پاڙي آيو آهيان!
مَڙهه مُقام هتي آ هاڻي،
ٻيڙا ساڙي آيو آهيان.
وارن جا واسينگ چُمڻ لئه،
نانگ لتاڙي آيو آهيان.
انڌن، ٻوڙن، گونگن سان گڏ،
سُورَ سلهاڙي آيو آهيان.
ماٺ ڪرڻ ڇا سورکو
ڪم
آ!؟
شيشا چٻاڙي آيو آهيان.
سنڌوءَ مون کان رَت گهريو پئي،
ڳوڙها ڳاڙري
آيو آهيان!
ٺاههَ ته نڪتا ڪنهن به نه ڪم جا،
ڦاڙي، ساڙي، آيو آهيان،
توسان پويون پاڻي ڪرڻ لئه،
ڀڄ نه ڀَلاڙي ! آيو آهيان!
فراق هاليپوٽو
هيلِ
هيل ڇو
پيرُون نه چُونڊڻ آئيين؟
ڏار کٻڙن جا، جهنجهيل، تنهنجو پُڇن،
ساٿ تنهنجو سرتيون سارينِ ٿيون،
تون پري آهين وئي ڪٿ پرڻجي؟
ٽهڪ تنهنجا کُوه تي ناهن ٽـِڙيا،
تنهنجا ڌاريل مُورپڻ ڪن
ٿتا
رڙيون!
اياز گل جا غزل
•
هي چنڊ ٿڙندو پيو، هوش ۾ ئي ايندو ڪو
نه،
اوهان جي وارَ نه ويڙهيا، ته ڏينهن ٿيندو ڪو
نه.
ڪو درد، ڪائي جدائي، ڪو يارَ جو طعنو!
ائين ته ناهه ڪوئي، ڀورَ ڀورَ ٿيندو ڪو
نه.
سڄي زماني کي، هُن جا هـِي لُڙڪ ڏِسڻا هـِن،
اکين جي قبر ۾ لاشا ته هو لٽيندو ڪو
نه.
ڪڏهن وِڇوڙو به مرهم ٿئي ٿو زخمن جو،
ڪڏهن وِصال به آهي مـِٺا! ڏنگيندو ڪونه،
سڀيئي رستا اسان جا، انهيءَ تي دنگ ڪندا،
خُدا ڪندو ته ڪڏهن هو به منهن مَٽيندو ڪو
نه.
هَٿن ۾ باهه کڻي، ڪير تاءُ کان بچندو؟
سو پيار ڪيئن پو وٺندو، جو پيار ڏيندو ڪو
نه.
سوال سنڌ جو آهي ۽ ويڙهه جيئڻ جي،
ڪڏهن به آڻ صفا هو ائين مڃيندو ڪونه.
•
ڌُوڙ وڏڙن
جو
نيڪ نام نه ڪر،
هر نئين سـِجَ کي سلام نه ڪر.
نوڪريءَ سان نڀاءُ ڪر بيشڪ،
سوچ پنهنجي مگر غلام نه ڪر.
پيارَ کي ڪر نه، چونڪَ جو رَونشو،
دل جي رستي کي راهه عام نه ڪر.
آدمي! ماڻهپي ۾ رهه
ٿورو،
ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر.
خود ڪشي حلُ، نه ماڳ ئي پيارا،
زندگي رُڃَ ۾ تمام نه ڪر.
جيڪي سَچ آهه سو ته چوندا سي،
تنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر.
ادل سومرو
تاريخ جي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر
ڪو به نظم
ڪٿان کان به شروع ٿي سگهي ٿو
ڪاڳر تي ظاهر ٿيڻ کان پهريان
نظم ڪٿي پناهه ورتي هئي
مون کي ڪا به خبر ڪانهي.
پابندين جي سماج ۾
ڪنهن جلاوطن آزاد نظم
کي
پناهه ڏيڻ به ڏوهه آهي.
ڏوهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي
۽ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه
جنگين ۽ عدالتن ۾ ٿيا آهن.
جنگ ۾ تلوارون چمڪنديون آهن
ڪتبخانا جلندا آهن
۽ عورتن جي بي حرمتي ٿيندي آهي
مان، هڪ تاريخي نظم
لکڻ ٿو چاهيان
جيڪي جنگ ۾
ڪنهن جي به ڌُر ڪو نه هئا
۽ بيگناهه ماريا ويا.
جن جي فصلن کي ساڙيو ويو
جن جي عورتن کي
مالِ غنيمت وانگر ورهايو ويو
اُنهن ڏوهن ۾ شامل،
سڀني سپهه سالَارن ۽ جرنيلن خلاف
مان تاريخ جي عدالت ۾
هن نظم وسيلي
مقدمو درج ڪرڻ چاهيان ٿو
منهنجو هي نظم
تاريخ جي ٿاڻي ۾
ايف آءِ آر طور رکيو وڃي.
نصير مرزا
باغ
اُهو باغ
جتان هاڻ دريا وَهي پيو
اُتان روز باغن ۾ ويندو هئس مان.
۽ ابلق
تي بابا جي پويان وِهي
چيلهه ۾ کيس ٻانهون وجهي
ڌُڌڙ ڌوُڙ ڌُنڌلن نظارن کي ڏسندو
۽ آيلَ جون بابا سان ڳالهيون ڪندو مُرڪندو،
مَرڪندو
اُهو باغُ!
اڄ خواب وانگر لڳي ٿو
نه ڪووَل
نه ڪُو ڪُو
نه بُبل
نه خوشبو
رڳو بس سڌي لهر ڌاڳي جي دريا
۽ اُن جي ڪپر سان
عجب رنگ بنگلن جي جهر
مر قطار
۽ اُن کان اڳيان پوءِ ويران بَنُ،
ازل ۽ ابد جو ڀيانڪ ميلاپ
۽ آڪاش ۽ سمنڊ جي سرد سنگم جو منظر
خلائي خلا!
ڪڏهن شام جو
ريل جي بندن تان، ياڪ درياءُ جي پُل تان،
گهنٽي وڄائيندو
سائيڪل جي....
اڻ جاڻ ڳوٺن ڏي نڪري پوندوو
آهيان مان،
ته گهنٽيءَ جي ٽـِڻ ٽـِڻ
۽ دل جي رِدم تي
چپن منجهه چوندو پيو آهيان مان.
سدا ديس منهنجي تي،
سورج جو پرڪاش قائم رهي
هوائن ڏِسائن ۾
دريا جي دَم سان
هي سُرهاڻ دائم رهي،
فصل ۽ نسل
مَهڪندا جُهومندائي رهن سڀ سدا.
پُراڻي اُنهيءَ باغ جان پو
کڻي مان
هجان نه هجان.
طارق عالم
مان وڃي چڪو آهيان!
رات پويون پهر آهي
۽ گلاب ٻوٽي تي
پرهه موتي برسائي
پنکڙين کي ڌوئي ٿي.
هي گلاب جي خوشبو
ٿي اچي پري تائين
۽ سنڏي پئي مون کي
سمنڊ جي تري تائين.
مان وڃي چڪو آهيان
ڇو ٿي مون کي ڀنڀلائي
پيارَ سان ڳلي لائي!
هيءَ گلاب جي خوشبو....؟
تو جڏهن کنيو هٿ هو
منهنجي هٿ مٿان اي دِل
مان تڏهن ئي سوچيو هو
زهر ۾ لائي مَڌُ
لُڙڪ پيئڻو آهي
خاڪ جيئڻو آهي....؟
خاڪ آهه کستوري
جا لڱن کي لائي مان
اڄ وڃان پيو ٿو دُور
جا ٿي منهنجو اوسيئڙو
پَرُ کان ڪري ٿو پُور.
پُور منهنجو سنگي هو
سُور منهنجو
ساٿي هو
لڙڪ منهنجي نيڻن جي
باغَ جا مٺا ڦل ها
ڪيڏا پيارا سي پَلَ ها
مان جڏهن اڪيلو هوس
پنهنجو پاڻ ميلو هوس.
ڪو مياڻي ٻيلو هوس
جنهن ۾ آس-ٽانڊاڻا
۽ خيالَ جا پوپٽ
هر ڏسان اُڏرندا ها
مان اَنهي ئي ٻيلي جو
ڪو هَرَڻَ هٺيلو هوس.
پر جڏهن ملينءَ مون کي
پُور مون کان وڇڙي ويو
سُورَ مُنهن مَٽيو
مون کان
لُڙڪ جيڪي نيڻن جي
باغَ جا مـِٺا ڦل ها
سي الاءِ ڪاڏي ويا!
تنهنجي پيار جي چاهت
منهنجي دل مسافر کي
ڇا الاءِ سمجهايو
۽ سنگهائي ساهن کي
پنهنجي روپ جو عنبر
منهنجو روپ بدلايو.
وقت ايئن گذريو پئي
راهه ۾ هلياسين پئي
هَٿ ۾ ڏئي هٿ کي
گيت گنگنائيندا
شاعريءَ کي ڳائيندا.
پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو
تو هو پاڻ بدلايو
۽ وجود تنهنجي مان
ازدها جيان ڪوئي
اجنبي اُٿيو پاڇو
ڦيريون پائي گم ٿيو هو
بڻجي تيز
واچوڙو
تون هئينءَ نه ڪا ٿي ڀي
هو ته
ٻانهن ۾
چُوڙو....
جيڪو پيار سان هو تو
منهنجي ٻانهن ۾ پاتو.
لَکَ ڀيرا چاهيو هوم
جنهن کي يار لاهڻ لاءِ
ڪو نه هو لٿو سو جو
تنهنجي ياد جو رستو
منهنجي ٻانهن جو چوڙو.
ٿي ڏٺم جڏهن چُوڙو
مون کي ايئن لڳندو هو
ڄڻ ڪو واعدو ڪوڙو.
رات پويون پهر آهي
۽ گلاب ٻوٽي تي
پرهه موتي برسائي
پنکڙين کي ڌوئي ٿي.
هيءَ گلاب جي خوشبو
ٿي اچي پري تائين
سمنڊ جي تري تائين.
مان وڃي چڪو آهيان
نئون جهان تورڻ لاءِ
۽ سپن کي سورڻ لاءِ.
ڪير سمنڊ لهرن تي
پيو گلاب برسائي
منهنجا سَڏ ورنائي....!
ڪو به ناهه ساگر ۾
دُور چنڊ گهاگهر ۾
چاندني چٽي آهي
هر طرف هندوري
جان
ٿيون لُڏن پيون لهرون
جن ۾ خواب جاڳن ٿا
اڻ چٽن سوالن جا
سڀ جواب جاڳن ٿا
مان سمهي پيو آهيان
۽ عذاب جاڳن ٿا!
”راشد“ مورائي
ڪافيون
[1]
واهه عشق اڪابر تنهنجي گَهت،
هـِت عقل وارن جي مُوڙهي مَتِ.
جيڪو عشق جي آيو هوندو اَري
تنهن کان هوش ڀڄي ٿيو هوندو پري
سگهيو وقت جو حاڪم ڪجهه نه ڪري
بس ڪنهن جي هلي ڪا ڳالهه نه ڳَتِ.
ڪئين عالم فاضل ڌاڄ ڌڻي
هليا حڪمت وارا هام هڻي
توتن کي چکائي چوٽ کڻي
ٿي سڀني جي وئي وائکي پَتِ.
ڪوئي دولت وارو دم پيو ڀري
ڪوئي حشمت وارو هوڏ ڪري
ڪوئي ماهر منجهه حساب ذري
وئي وسري ضرب ۽ ونڊ اُپَتِ.
هت واٽ مسافر جي به مليا
هن راهه تي راشد جي به هليا
ڏٺا ڏسندڙ تن جا پير ڇليا
پئي راهه تي آهه ڄڱر¨
جي جهَتِ.*
[2]
عشق بڻايو بي
پرواهه، سر گهورڻ
ڪو سولو ناهي
سـِڪ سهڻيءَ کي سير ۾ آندو، دهشت وارو هو درياهه
سرگهورڻ ڪو سولو ناهي.
سوريءَ تي منصور چڙهي ويو، چت ۾ پيدا ٿيڙس چاهه
سر گهورڻ ڪو سولو ناهي.
سرمد پنهنجو سيسُ ڪَٽايو، پر نه چيائين الا الله
سر گهورڻ ڪو سولو ناهي.
ڏس ته بلاول گهاڻي پيڙيو، نينهن
سان ڪيئين نيٺ نباهه
سر گهورڻ ڪو سولو ناهي.
ڊپ ۽ لالچ سڙيا راشد، عشق اچي ٻاريو آڙاهه
سوگهورڻ ڪو سولو ناهي.
[3]
ترسي پؤ تون،
رات،
ريجهي ڪرو
روح رهاڻيون
روح رهاڻيون، قرب ڪهاڻيون.
آنءُ ته توکي وڃڻ نه ڏيندس، جلدي واپس ورڻ نه
ڏيندس
جَهلَ نه ڏئي جذبات، ريجهي ڪر روح رهاڻيون.
تُنهنجي محبت آهه عبادت، سـِڪَ وارن لئه آهه سعادت
مشڪل ٿيندا مات، ريجهي ڪر روح رهاڻيون.
جانب پنهنجي جيءَ ۾ جايون، راشد تنهنجي لئه
جوڙايون
من ۾ آ محلات، ريجهي ڪر روح رهاڻيون
[4]
عشق اسان کي خوب گُهمايو، هر هر وارا کڻي کڻي
اسان به ان سان ساٿ نڀايو، نينهن جا نعرا هڻي
هڻي.
ڪيئي فاضل عالم ها پر، ڪيئي سهڻا سالم ها پر
برهه اسان کي باهه لئه چونڊيو، ٽـِمڪون ٽانڊا بڻي
بڻي.
پهريان پهريان گهورن گهايو، پوءِ وري رمزن
ريجهايو
نيٺ پُڳاسون پار پرين
کي،
حب جا هٿڙا هڻي هڻي
غرض گناهه ڪري ڄاتوسين، دنيا عقبيٰ کي پاتوسين.
ٻئي سان مطلب ناهي راشد، دل ۾ رهيو ڌڻي ڌڻي.
*
حبيب الله صديقي جا غزل
•
ڌرتيءَ کان ٿي جان جدا،
سورج گرهڻ منٽ سوا.
مقناطيسي طوفانن،
تيز ڪيو جو قطب نما.
ڏينهن لڳو ٿي رات جيان،
رات ڪُجا ۽ ڏينهن ڪُجا.
سج جي گرمي گُهرجي ٿي،
چيز اِها آ
بيش
بها،
فطرت رهندي صاف صفا.
تابع آهن قدرت جي،
شمس قمر ۽ ارض سما.
جيتر آدم آ يار ”حبيب“،
ڏسبي رهبي ڪارِ اِها.
•
چري دل چڙهي آ، عجب گوڪ تي،
چوي ٿي وجهو روڪ هر روڪ تي.
حياتيءَ جي گاڏي کٽاري مثال،
وڃي بيهجي ٿي، چُري چوڪ تي.
سگهاري حياتي، هوا جي مثال،
هلي زور سان ٿي، نه ٺَڪَ ٺوڪَ تي.
اصل راز آخر کُلي
ٿو پوي،
چڙهي جي وڃي ٿو قلم نوڪَ تي.
فصل ٻوڏ ۾ جي لُڙهي ٿا وڃن،
ڦُٽي ڪين سگهندا، صفا سوڪ تي.
ٻڌي ايڪتا ۾ هلي جي سگهن،
وڙهن ڪين هاري ٻني موڪ تي.
جياپي جي خاطر ڏنو سـِرُ وڃي،
ڏنو جئن عنايت اَڏي جهوڪ تي.
اُها دِل عنايت ٿئي جا ”حبيب“،
وڌي سوڀ ڏي ۽ مچي روڪ تي.
ڇَـرَ مَنڇـرَ
ڪوهن ۾ ٿي ڪاهي ڇَرَ،
ڌيءُ سنڌوءَ جي ڇَرَ منڇرَ.
سانڍ قصابن جي آهي،
هاڻي مالڪ جي آڌرَ.
ڪونجون وريون ڪيچ وري،
مارين پَٽيا پنهنجا گهر.
حالَ مهاڻن جا هيڻا،
آهون دانهون ۽ ڌمچرَ،
کسجي ويا مسڪينن کان،
لوڙهه مڇي جَلَ ٿَلَ اَنڇرَ.
زهريلو پاڻي اوتي،
نانگن واسيا واهُڙو وَرَ.
مُرشد جي دَر دانهن ڏبي،
برپا ٿيندا هُل حشر.
لعل قلندر جي دَرَ تي.
ڀير
وڄي مست قلندرَ.
هي قوم حبيب جي اُسري،
نسل ڪندا ٻيهر اوسرَ.
بيدل مسرور
منهنجا يار....!
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو قوم پرستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾.
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو پنهنجيءَ هستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾،
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو گوڙ گر
هگستيءَ
۾،
پنهنجي مستيءَ ۾.
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو ڪوڙ جي بستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾،
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو شهرت سستيءَ ۾
پنهنجي مستيءَ ۾.
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو وهم جي وستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾.
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو دولت دستيءَ ۾
پنهنجي مستيءَ ۾.
هڪڙو يار اسان جو بيدل،
گُم ٿيو راڳ الستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾.
اسان اُنهن جا، اُهي اسان جا،
هلون ڦرون سڀ هستيءَ ۾،
هُو ڀي پنهنجي مستيءَ ۾.
مان ڀي پنهنجيءَ مستيءَ ۾.
اصل/نقل
[شعر لکڻ جو هڪ آسان طريقو اهو به آهي ته مختلف
شاعرن جون سـِٽون کڻي پاڻ ۾ ملائي ’نئون ڪلام‘
جوڙي وٺجي. اهڙي ئي هڪڙي ڪوشش مون به ڪئي آهي، پر
هن ڪلام جي ’نقل‘ هجڻ کي ثابت ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم
به آهي! ائين جيئن ڪنهن سنڌي نقل گاني کي نقل ثابت
ڪرڻ ڏکيو آهي. بهرحال، مان مڃان ٿو ته مون ’نقل‘
ڪيو آهي، پر شاعرن جا نالا ٻڌائيندڙ کي مان جَس
ڏيندس. – ب. م]
سَکي پـِيا کي ملين ته چئجان- هاءِ جيون جهوني وڻ
جان،
هاڻ انبن ۾ ٻور پوي ٿو-ڳوڙها اُگهه تون پنهنجي ڳل
تان.
ڏات ڏکن جو ڏيهه اٿئي ڙي –سينڌ سينڌ ٿي اَڻڀي
ويئي،
وقت سُمهڻ جو هاڻ نه آهي _سچ ٿو آءٌ چوان.
ڏُور گذارڻ اوکو آهي _ٻُور سان گڏ ڪو پُور ڇني
ٿو،
ساجن جو سينگار ڏسي _ ڪڏهن ته لَوَندو ڪان.
ڏيهه سُمهي پيو ڏات اُڏاڻي _ڏات لڪائڻ ڏوهه ٿو
سمجهان،
جنهن جو رشتو روز ازل جو _ صاف سُڻائي ويندس مان.
ڌرتي منهنجي سرتي توسان _آءٌ جڳن کان جاڳيو آهيان،
ڪاڪ ڪوماڻي ويل وهاڻي _هرڻ هٺيلو منهنجو هان.
مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي _ڏيهه مبارڪ ڏيو واڌاائي،
سورج هيٺان پاڻ رهياسي _ڦول ورهائي ويندس مان.
اسحاق سميجو
پل اجرو- پل ميرو
(غزل – گيت)
سانوڻ جهڙا سيڻَ نديءَ جا،
ڀرجي آيا نيڻَ نديءَ جا.
رُڃَ به، اُڃَ به، سُڃَ به ساڳي،
واريءَ تي ڪُن ويڻَ نديءَ جا.
پٿر کي به پگهاري ڄاڻن،
هي جي ماڻهو ميڻَ نديءَ جا.
سيرَ سُڃيءَ تي، ٽٽل ٻيڙي،
ڦاٽل سڙهه ئي سيڻَ نديءَ جا.
زخمي ٻُلهڻ وانگي ڦٿڪن،
لوڏ لهر جي نيڻَ نديءَ جا.
•
اڌ اُگهاڙو انگَ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي،
باقي هاريل رنگَ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
گونگا گونگا منظر ها ڪجهه لاتين جا،
آوازن جا جهنگَ هيا ڪجهه ڪاڳر تي.
هڪڙي پاسي بُکَ ڏٺو پئي وحشت مان،
هڪڙي پاسي سنگَ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
آيو پئي آواز نوکو ”ٽپ ٽپ“ جو،
برسي پيا سارنگ هُيا ڪجهه ڪرڳر تي.
ڇُلندو ڇُلندو سمنڊ
لکهي
ويو نيڻن ۾،
ٻاهر خالي ڪنگَ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
•
پل اُجرو، پل ميرو هو،
دل کي غم جو گهيرو هو.
مون وٽ هڪڙي سپني لهءِ،
اکڙين ۾ آکيرو هو.
دل جي هيءَ سراءِ سُڃي،
آيو ڪير اَويرو هو؟
پوپٽ_مند، نديءَ تي شام،
پَل تي ڪنهن جو پيرو هو!
لڄ ۾ ويڙهيل وصل گهڙي،
پهريون پهريون ڀيرو هو!
سولو سُلجهي ڪئن اسحاق؟
عشق ته اُلجهيل ڍيرو هو!
گيت
ڏيئا اکين ۾،
ليئا ڳلين ۾،
ساجن جي لهءِ!
بادل بنن تي،
شبنم پنن تي،
ساجن جي لهءِ!
پکيڙو
نه، پيرو،
دل ۾ ته ديرو،
ساجن جي لهءِ!
چارا به گُم سُم،
تارا به گُم سُم،
ساجن جي لهءِ!
وسيم سومرو
گيت
ٿيون هوائون چُمن يا اکيون هي ڀُليون،
صوف جي ڏارَ تي ڏس گلابي ڦُليون،
ڏس گلابي ڦُليون.
ٽُڪَ ڪڪرين جي آڪاس آ،
ڇا ته رنگين احساس آ،
پوپٽي پيارَ تي ڏس گلابي ڦُليون.
راهه تي بي حجابن جيان،
ڪنهن رڱيندڙ جي خوابن جيان،
ٿيون سُڪن تارَ تي ڏس گلابي ڦُليون.
جي لپيٽي لياڪي ڇڏيون،
مون سنڀارن ۾ ٽاڪي ڇڏيون،
هاڻ هي سارَ تي ڏس گلابي ڦُليون.
شام جي لـِيڪ ڳاڙهي مَٽي،
ٿي ستارا ستارا ڇَٽي،
سانجهه سنسار تي ڏس گلابي ڦُليون.
ياسين چانڊيو
غزل
سڄڻ جي سارَ مان نڪتس ته مان مري ويندس!
انهيءَ خمارَ مان نڪتس ته مان مري وريندس!
سَکي! تون پنهنجي ئي نيڻن ۾ ڏي رهڻ مون کي،
اگر نهار مان نڪتس ته مان مري ويندس!
اوهان جي پيار جو ڀاڪر بهار جهڙو آ،
انهيءَ بهار مان نڪتس ته مان مري ويندس!
ڇُهڻ ڏي پنهنجي چپن کي ته ڪو سڪون ملي!
انهيءَ قرار مان نڪتس ته مان مري ويندس!
بخشل باغي
غزل
غور سان آرسي سَکي، ڏسجان،
سونهن پنهنجي هرڻ-اَکي ڏسجان،
زندگيءَ جو سواد ايندءِ پوءِ،
درد جو ذائقو چکي ڏسجان.
عشق جو رنگ آسماني آ،
ڪنهن جي ٻانهن ۾ تون ٻکي ڏسجان.
دل وڇوڙن ۾ ڪيئن ڦٿڪي ٿي،
تون وِڌل سير ڪو پکي ڏسجان.
سارو عالم ڀنل، ڀنل هوندو،
لُڙڪ نيڻن ۾ تون رکي ڏسجان.
زهر ديوانگيءَ جو ڪيئن ٿو چڙهي،
ڪنهن کي نظرن سان ئي ڪکي ڏسجان.
ننڊ منهنجي سُنهري ٿي پوندي،
چَپَ نيڻن مٿان رکي ڏسجان.
ثمينه ميمڻ
جيئڻ جو ساهس!
ڏينهن پُڄاڻان
تو وٽ آيس
ڪيڏي آس کڻي
پر
در تان ئي نراس
هو موٽڻُ پيو
توکي
ٻئي ڪنهن سان ڏسي!
|