لفظ نه آهن کيڏوڻا!
مشتاق ڀرڳڙي
سخت بوريت واري ڪيفيت ۾ منهنجا ٻه محبوب
مشغلا هوندا آهن: هڪڙو لکڻ ۽ ٻيو پڙهڻ. اُن ڏينهن
منهنجو لکڻ تي موڊ نه هو ۽ مون پڙهڻ پئي چاهيو.
مون وٽ تازا ڪتاب ڪهڙا آهن؟
انتظار حسين جو ”چراغون کاڌوان“، اياز جي غزلن جو
[جي!] ڪليات ”گيڙو ويس غزل“، منور سراج جو ”رنگن
وکرڻ کان پوءِ“ ۽ ميلان ڪنڊيرا جي ناول
Identity"" جو اردو ترجمنو ”شناخت“. پر اِهي ته پڙهي چڪو آهيان!
پوءِ ڇا ڪجي؟ لکجي؟ ها، اهو ٺيڪ آهي.
مون لکڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو ته ڪيترن ڏينهن کان
ذهن ۾ ڦرندڙ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سُجهيو، جنهن کي ٻئي
ڀيري چئي ٽاريم. پوءِ اوطاق ۾ مختصر لئبريريءَ آڏو
اچي بيٺس. ڪتابن مُرڪي منهنجي آجيان ڪئي.
”مان ڪائنات آهيان“ کان وٺي ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“،
”اکر اکر ۾ اٿاهه الفت“ ۽ وفا ناٿنشاهيءَ جي ”وفا“
تائين ڪيترائي ڪتاب هٿن ۾ اچڻ لاءِ اُتاولا نظر
آيم. سڀني ڪتابن کي
Excuse
ڪيم ۽ پوءِ اسحاق سميجي جي
ڪتاب ”صدا بي چين آهي“ کي شيلف مان کڻي ورتم.
(جنهن تي مون ڪيتري عرصي کان لکڻ پئي چاهيو، پر
موڊ نه پئي جُڙيو.)
ٿوري دير اڳ لکڻ جي خواهش من مان ڦُٽي نڪتي هئي،
اُن تي ويچاريم ته ٻين سببن سان گڏ اُن لکڻ واري
خواهش پٺيان هڪڙو سبب اِهو به نطر آيم ته سنڌي
ادب هاڻ سينواريل تلاءَ جيان ٿي ويو آهي، جنهن ۾
ڪو به اديب، شاعر بحث جا پٿر اُڇلائي، صحيح معنيٰ
۾ لکڻين جي ڇنڊڇاڻ ۽ تجويز ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿو
اچي ۽ سنجيدگيءَ سان لکڻ وارو لاڙو موڪلائي ويو
آهي.
طارق عالم ابڙي کي به لکڻ لاءِ جڏهن ڪهاڻين جو
مسودو ڏجي ٿو ته هو ڪهاڻين تي سنجيدگيءَ سان لکڻ
بجاءِ، ”ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي کان وڌيڪ ڪردار ۽ ماحول
اهم آهي“ جي سري هيٺ مضمون لکي جان ڇڏائي ٿو وٺي.
نه رڳو اهو پر ڪيترين ئي رهاڻين، ڪتابن تي اڀياسي
ويهڪن ۽ مهورتي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ اها
ڳالهه عالم آشڪار ٿيو وڃي ته سنجيده ٿي لکڻ لاءِ
ڪير به تيار ناهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌي ادب،
شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
اُن جوڪاٿو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جي ڏسجي وائسجي،
سوچجي، سمجهجي ۽ پرکجي پروڙجي ته سنڌي علم ۽ ادب
لاءِ اهڙي ماٺار ۽ غير سنجيدگيءَ وارو رويو سچ پچ
ڪنهن المئي کان گهٽ ناهي.
اُنهن ڳالهين کي ڳڻي اسحاق سميجي جي ڪتاب ”صدا بي
چين آهي“ تي لکڻ لاءِ قلم کنيو اٿم.
1990ع کان وٺي جا ٽهي شاعريءَ جي ڏکين رستن تي
هلي رهي آهي، اُنهيءَ جي چڱي موچاري لسٽ آهي. پر
اُنهن مان جن شاعريءَ کي شاعري سمجهي سنجيدگيءَ جو
مظاهرو ڪيو، پنهنجي شعري صلاحيتن کي نکار بخشڻ
لاءِ شاعريءَ جي فن تي دسترس حاصل ڪئي، پنهنجي
مطالعي ۽ مشاهدي جي وسعت لاءِ مسلسل پتوڙيندا رهيا
۽ مختلف، جدا ۽ منفرد شعري شاهراهن جي تلاش ۾
مسلسل سرگرم عمل رهيا، اُنهن جو تعداد بنهه ٿورو،
ٻن هٿن جي آڱرين جيترو مس آهي!
اهڙن شاعرن ۾ اسحاق سميجو به آهي. هن وٽ شاعري شوق
يا فئشن نه آهي، نه ئي وري اڪثر شاعرن جيان شهرت
جي خسيس حاصلات واري تمنا لاءِ ئي سطحي نه پر
اعليٰ ۽ ارفع تصور آهن ۽ هو شاعريءَ کي
واندڪائيءَ جي وندر نه پر ’ڪم‘ سمجهي کڻي ٿو.
هڪ سچو ڪلاڪار جڏهن ڪلاکي ’ڪم‘ سمجهي کڻندو آهي ته
مشڪلاتون سندس سامهون اينديون رهنديون آهن، پر هو
پنهنجي ڪمال ڪاريگري ۽ هنر سان مشڪلاتن کي منهن
ڏيندو، خوبصورت شعر رچيندو رهندو آهي.
اسحاق سميجو به اهڙوئي ڪوي آهي جيڪو لفظن کي سٽن ۾
سموئڻ جو هنر ڄاڻي ٿو ۽ لفظن کي سٽن ۾ سموئڻ سان
جيڪي معنائن جي موتي پلئه پون ٿا اُنهن جي قيمت جو
به کيس پورو پورو ادراڪ آهي:
ٿورو ڳالهايو
لفظ به موتي ٿا ٿين
ائين نه اُڇلايو!
شعر پڙهڻ کان پوءِ الاءِ ڇو اسان جو ڌيان امداد
حسينيءَ جي هن شعر ڏانهن ٿو وڃي:
موتي ائين نه رول، تون موتي ائين نه رول،
آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول.
توڙي جو خيال ۽ مفهوم جي حوالي سان ٻنهي شعرن ۾
سَنڌو آهي، پوءِ به هڪڙي خوبصورت شعر پڙهڻ سان ٻئي
خوبصورت شعر جو هانوَ تي هُرڻ ڄڻ فطري آهي.
هر عام ماڻهوءَ کان وٺي شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ تائين،
هر ڪنهن وٽ شعر کي پرکڻ جا پنهنجا پنهنجا تصور،
ماڻ ۽ ماپا پيمانا هوندا آهن. مون وٽ سٺي شعر جي
پرک جو پيمانو اهو آهي ته، ”شعر جي پهرين سٽ سوال
هوندي آهي ۽ ٻي سٽ اُن جو جواب- اهڙو جواب، جيڪو
ماڻهوءَ کي لاجواب ڪري ڇڏي.“
ائين امداد حسينيءَ وٽ ”شاعري، فن ۽ مقصد جي سنگم
جو نالو آهي“ ۽ بقول امداد، ”اُهو سنگم ٻوليءَ
ذريعي ٿئي ٿو. (حوالو: اُڏام“ مئگزن ۾ امداد جو
انٽرويو، ص 13)
اسحاق سميجي وٽ شاعريءَ جو معيار ”سٽ کي صدمي
وانگر ڀوڳڻ ۽جشن وانگر ماڻڻ آهي.“ (حوالو: ”صدا بي
چين آهي“ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکيل، ص 28).
شيخ اياز وٽ سٺي شاعريءَ لاءِ ڪهڙو تصور آهي:
شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.
(حوالو: ”گيڙو ويس غزل“ ص 231)
۽ جي شاعري، جنهن کي اصل شاعري چئجي (ڇو ته شاعري
رڳو وزن بحر ۽ رديف قافئي جو نالو ناهي)، اُن جي
صحيح، تز، بامقصد ۽ فطري تشريح ڪبي ته اُها اياز
جي مٿئين شعر جهڙي ئي ٿيندي، ۽ سچ پچ ته جنهن
شاعريءَ ۾ روح گرمائڻ جي شڪتي ناهي. اُها شاعري
ناهي.
اُنهيءَ ڪسوٽيءَ تي جڏهن اسحاق جي شاعريءَ جي
ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي ته اُها گهڻي ڀاڱي اُن تي پوري
لهندي محسوس ٿئي ٿي-ڇاڪاڻ ته اسحاق جي شاعريءَ ۾
اهڙا ڪيترا شعر آهن، جيڪي روح کي گرمائڻ جي سگهه
رکن ٿا:
چَپَ ٺاهي مڪائين ڪاغذ تي،
درد جي زندگي وڌي وئي آ.
هجر جون رونقون ويون اسحاق،
واقفيت ايتري وڌي وئي آ.
اڇي ڪاعذ جيان آهي حياتي،
اوهان جو غم اُنهيءَ تي مَس ڦڙو آ.
ڪتاب عشق جو، جيڪو اڃا لکيوسين پئي،
اُنهيءَ جي لاءِ وڇوڙو مهاڳ ڏئي ويو آ.
ڌوڙ ۾ ڌڙ، سـِسي سوا نيزي،
عشق ۾ ڪو کٽي ته ڪاريءَ کان.
چپن جو ڪاغذ تي ٺاهي موڪلڻ ۽ درد جي زندگيءَ جو
وڌي وڃڻ، واقفيت جي وڌي وڃڻ سبب هجر جي رونقن کان
محروم ٿيڻ، زندگيءَ جو اڇي ڪاغذ ۾ تبديل ٿيڻ ۽
ڪنهن محبوب شخصيت جي غم جو اُن ڪاعذ مٿان مس ڦڙو
ٿيڻ، عشق جي ڪتاب جو لکجڻ جيڪو اڃا پوروئي نه ٿئي،
اُن لاءِ ڪنهن جو وڇوڙو مهاڳ طور ملڻ، ڌوڙ ۾ ڌڙ
سـِسي سوا نيزي هئڻ ۽ عشق ۾ سڀني کان ڪاريءَ جو
کٽي وڃڻ- اِهي اهڙا منفرد احساس آهن، جي شعرن جي
مالها ۾ پوئجي روح کي سچ پچ گرمائي ٿا ڇڏين.
موجوده وقت ۾ نئين ٽهيءَ جي حوالي سان ٿيندڙ اڪثر
شاعري گٺل پيٺل تشبيهن جي ور چڙهيل آهي. شعر جي
ٻولي، لفظن جو واهپو، خيال جي رنگيني، نازڪ خيالي،
بي ساختگيءَ جي اڻاٺ، روايتي رديف قافئي جو
استعمال، موضوع، معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان سطحيت
۽ رواجي ترڪيبن، استعارن جي سمنڊ ۾ جا شاعري ڇُلي
رهي آهي، اُن کي پڙهي دل ڪچي ڪچي ٿيڻ لڳندي آهي.
زبان جو ذائقو ٽوهه جيان ڪڙو ٿي ويندو آهي ۽ حواسن
تي هڪ غبار ڇانئجڻ لڳندو آهي.
اهڙي ماحول ۾ جي عبدالحميد آس ٻٻر، اقبال رند،
شبير هاليپوٽي، جاني اسحاق ملاح، حاجي ساند، ميڪش
سومري، معصوم بخاري، ابل اداس ٻٻر ۽ هڪ اڌ ٻين
شاعرن سان گڏ (ياد رکڻ کپي ته آءٌ جڏهن اِهي نالا
ڳڻائي رهيو آهيان ته مون وٽ 1990ع ۽ اُن کان
ٿورڙو پوءِ ٿيندڙ شاعريءَ جو پس منظر آهي) اسحاق
جي شاعري پڙهڻ لاءِ نه ملي ته سچ پچ شاعري پڙهڻ
تان ئي ارواح کڄي وڃي. مٿين شاعرن وانگر اسحاق
سميجي جون شاعراڻيون خوبيون هي آهن ته هو شاعريءَ
کي سهل پسنديءَ طور نٿو کڻي، جنهن جي ڪري هن جي
شاعريءَ ۾ جتي موضوعاتي وسعت آهي، اُتي فڪري حوالي
سان انيڪ خوبيون پڻ آهن.
اُن کان علاوه سندس تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا
منفرد آهن. رديف قافيا مختلف، جدا ۽ اڇوتا هئڻ سان
گڏو گڏ ڏکيا پڻ آهن ۽ اسحاق اُنهن کي نڀائڻ ۾ به
گهڻي قدر ڪامياب وڃي ٿو.
ٻيو ته سندس ٻولي تز، سـِٽن ۾ نديءَ جهڙي رواني،
ججهي مقدار ۾ جماليات جو عنصر ۽ فني توڙي فڪري
حوالي سان گهڻي ڀاڱي سندس شاعري جدت جو مظهر آهي:
نگاهن گنگنايو پئي،
هوا سُرندو وڄايو پئي.
وئي پئي ڦهلبي خوشبو،
اوهان جو مُسڪرايو پئي.
-
اُڀ هر هر جُهڪي ڪنائي ٿو،
ٿو وئي آ زمين سرگوشي.
بند تحفي کُلڻ کان اڳ ۾ ئي،
ڪئي گلابي ربين سرگوشي.
-
سانت تي زنگ وڃي ٿو چڙهندو،
ٽهڪ جي ريگمال سان لاهيو.
چنڊ شايد خدا جو ڳوڙهو آ،
اُن کي دل جي رومال سان لاهيو.
-
هوائون ٿي اچين ٿيون يادگيريون،
ردي ڪاغذ جيان اُڏري وڃان ٿو.
ٺهيل آهي ته بگڙيل ٿو رهان مان،
رٺل آهي ته ڪجهه سڌري وڃان ٿو.
-
گهري هيءَ ڪنهن دعا بي چين آهي،
اگهائڻ لئه خدا بي چين آهي.
الائي چنڊ ڇا چئي ويو سکيءَ کي،
سندس هر هڪ ادا بي چين آهي.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسحاق جي شاعري فني ۽
فڪري حوالي سان رڳو خوبين جي ئي کاڻ آهي؟ سندس
شاعري حسن، جمال، درد، وڇوڙي، تنهائي، خوشي ۽ ڏاڍ
خلاف آواز جوئي سرچشمو آهي؟ ڇا حسين شاعري ئي
اسحاق جو مَرڪ آهي؟ ۽ ڇا سندس شاعري فني، فڪري ۽
ٻوليءَ جي لحاظ کان خامين کان پاڪ صاف آهي؟ ۽
اُنهن سڀني سوالن جو جواب ”نه“ ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو
انسان خوبين ۽ خامين جو مرڪب آهي- ۽ ساڳي ڳالهه
فنڪار جي آرٽ سان به لاڳو ٿئي ٿي. اُهي تمام ٿورڙا
آرٽسٽ هوندا آهن، جن جي آرٽ ۾ خوبيون ڪائناتي
وسعتن جيتريون هونديون آهن ۽ خاميون بنهه ٿورڙيون
(اَٽي ۾ لوڻ برابر) هونديون آهن ۽ اُهو ڪائناتي
وسعتن جي خوبين وارو ڦهلاءُ ئي اُنهن کي ’جينئس‘
بڻائيندو آهي.
پاڻ ڳالهه پئي ڪئي اسحاق جي شاعريءَ ۾ فني، فڪري ۽
ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪمزور پاسن جي-اُهي ڪمزور پاسا
ڪهڙا آهن؟ اچو ته ڏسون.
اسحاق جي شعري مجموعي جي شروعات نطم ”دل جي
اسٽيشن“ سان ٿئي ٿي، جيڪو صفحي نمبر 32 تي پنهنجو
ڪئنواس هيئن ٿو رکي:
ڪيڏي ويران دل جي اسٽيشن
ڪو به فانوس، ڪا بتي ناهي
انڌ اوندهه لڳي پئي آهي
خالي پڙڀانگ ساريون آفيسون
ڄاري ورتل سموريون ديواريون
ڪو مسافر ڪڏهن نه آيو آ
۽ نه ئي ڪو ٽڪيٽ گهر آهي
هر طرف ٿي وسي پئي ويراني
سخت سيراف، سُڃ، حيراني
پوءِ به هر روز درد جي گاڏي
ايندي-بيهندي-۽ گذري ويندي آ!
ٿورو غور ڪريو ته دل جي اسٽيشن ڪيتري نه ويران
آهي، جتي ڪو فانوس، ڪا بتي نٿي ٻري. اونداهه جو
راڄ آهي، آفيسون خالي ۽ ديوارون ڄاري ورتل آهن. ڪو
ٽڪيٽ گهر به ڪونهي. سُڃ، ويراني چؤطرف وسي پئي ۽
ڪو مسافر به نٿو اچي. اُن کان پوءِ به درد جي
گاڏيءَ جو اچڻ ۽ وڃڻ ته درست آهي پر گاڏيءَ جو
”بيهڻ“ غلط آهي ۽ پوري نظم تي منڌيئڙو ڦيرائڻ کاءِ
ڪافي آهي.
ڇاڪاڻ ته شاعري پورو ڌيان ۽ گيان گهري ٿي. ”لفظ
کان سٽ ۽ سٽ کان شعر بنجڻ ۾ پوري سچائيءَ سان ڪيل
ڪمائيءَ جي ڪري ئي شعر دل جي نهور ڌرتيءَ کي ريج
ڏئي ۽ حواسين تي خوشبو بنجي ڇانئجي وڃڻ جو رتبو
ماڻيندو آهي.“ نتيجي ۾ ڪجهه گهاٽين واڌين جي ڪري
سندن شعر جو حسن نه صرف متاثر ٿئي ٿو، پر مرڪزي
خيال کي به ڇيهو رسي ٿو، جيئن اسحاق جي مٿئين نظم
سان ٿيو آهي.
توڙي جو اسحاق جا نظم: ”هوءَ“، ”ماءُ“، سائين جي.
ايم. سيد جي وفات تي لکيل ”هوا اڄ نوحه گر آهي“ ۽
”غلاميءَ کان وڏي ڪا گار ناهي“ (جنهن تي آءٌ آخر ۾
ايندس) خوبصورت ۽ ميچرئر نظم آهن، پر ”مان اڃان
جيئرو هان!“ روايتي نظم آهي ۽ اُن کان وڌيڪ روايتي
خيال اسحاق ”نئين غلامي“ نظم ۾ ڏنو آهي:
ڪجهه پشاور کان ته ڪجهه قنڌار کان
وَر ۾ بندوق هڻي
۽ وجهي ڪپڙي ۾ هيروئن جا مڻ
سنڌ ڏي ڪاهن پيا
روز ڌارين جا ڪٽڪ-
ڇا ڪجي پر دوست پنهنجيءَ سنڌ کي
پئجي ويئي آهي غلاميءَ جي گندي عادت جو
کيس
اِنڪري چپ چاپ ۾
نئين غلاميءَ جي ڪري پئي آجيان!
هڪ ته ور ۾ بندوقون نه پـِسٽل هڻبا آهن (هاڻ
پنهنجي بچاءُ لاءِ اصطلاحي معنيٰ جو سهارو ورتو
وڃي ته ٻي ڳالهه آهي)، ٻيو ته شاعر کي نئين
غلاميءَ لاءِ اڃا به ٻيو ڪو پاور فل خيال ۽ جواز
ڄاڻائڻ گهرجي ها، جنهن سان نئين غلاميءَ جو تصور
چٽو ٿي پوي ها ۽ پڙهندڙ تي نئين غلاميءَ جو انڪشاف
حيرت بنجي ظاهر ٿئي ها ۽ پوءِ ئي نظم فڪري حوالي
سان جامع ۽ ڀرپور به ٿي وڃي ها. هونئن به ”غلاميءَ
کان وڏي ڪا گار ناهي“ جهڙي نظم کان پوءِ ”نئين
غلامي“ جهڙي سطحي خيال واري نظم کي ڪتاب ۾ جڳهه
ڏيڻ جي ضرورت به نه هئي (پر ڇاهي جو جسٽيفاءِ ته
ڪرڻو هو. ڇاکي، اُن بابت اڳتي لکبو).
اسحاق جي هڪڙي ٻئي نظم ”پهرين ملاقات جي نشاني“ جو
خيال به واضح ناهي ۽ اسحاق نظم لکڻ کان پوءِ اُن
تي نظرثاني به ناهي ڪئي، جنهنڪري نظم بي اثر ٿي
ويو آهي ۽ ائين اسان جا اڪثر شاعر ڪندا رهن ٿا.
شاعريءَ ڏانهن اهڙا ورتاءُ غير سنجيدگيءَ جو مظهر
آهي. اِنهيءَ غير سنجيدگيءَ جي ڪري اسان جي مجموعي
شاعريءَ کي جيڪو نقصان رسي رهيو آهي، اُن جو
اندازو ۽ ازالو ڪرڻ ڏکيو آهي. اچو ته اُنهن ڳالهين
جي پس منظر ۾ مٿي ذڪر ڪيل عنوان وارو نظم پڙهون:
اسان ٻنهي
پنهنجي پهرين ملاقات جي نشاني
هڪ ٻئي وٽ ڇڏڻ
ضروري سمجهي
پوءِ اُن مهل
جيڪو جنهن وٽ هو
تنهن سو ڏنو
مون هن کي پنهنجي ڪنوارپ ڏئي ڇڏي
۽ هن پنهنجي پهرئين ٻار لاءِ اُڻيل
نئون سوئيٽر!
هاڻ جيڪڏهن سوچجي ته ڪنوارپ ڏيڻ وارو مرد آهي ته
موٽ ۾ عورت کي پنهنجي ئي ”پهرئين ٻار لاءِ“ اُڻيل
سوئيٽر مرد کي ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪو
ڪنواري هجڻ سبب مرد جي ڪم جو به نه هو ۽ جي ڪنوارپ
ڏيڻ واري عورت آهي ته پوءِ مرد جيڪو يقينن شادي
شده آهي (نه ته ڪنوارپ ڏيڻ جي ڳالهه ئي نه ٿئي ها)
ته پوءِ مرد پنهنجي هٿن سان اُڻيل سوئيٽر ڏيڻ ڇو
ٿو ڏئي ۽ اُن وقت ڏيڻ لاءِ وٽس سوئيٽر ئي موجود ڇو
هو!
اُنهن ڳالهين جي لاءِ جيڪڏهن جواز اهو ڏجي ته ”اُن
وقت جيڪو جنهن وٽ موجود هو تنهن سو ڏنو“، ته پوءِ
شاعر جي ذميواري ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ اُن تي ذميواري
ڪهڙي آهي؟ جيڪو پنهنجي تخليق ڏانهن ايتروئي ذميوار
آهي، جيترو هڪ ماءُ/پيءُ پنهنجي ٻار ڏانهن. اسحاق
جي مجموعي ۾ ٽيڙو/ٽه سٽا به شامل آهن ۽ اسحاق جتي
ڪجهه ههڙا ٽڙيل گلابن جهڙا خيال قلمبند ڪيا آهن:
درد جو ڊگهو رستو
پهچندو ٽڪر ڪنهن تي-
بعد ۾ قبر ڪنهن تي!
يا
پاڻ ٻئي جدا ٿياسين
درد دل جو حصو ٿيو-
عشق لوڪ قصو ٿيو!
اُتي هُن مرجهايل گلن جهڙا يا اڃا به ائين چئون ته
ڪنڊي جيان چُڀي پوڻ جهڙا انتهائي روايتي خيال به
قلمبند ڪيا آهن، جيڪي روح کي گرمائڻ بجاءِ رنجائڻ/
ايذائڻ جو باعث بنجن ٿا:
زهر پئي، گولي هڻي؟
هوءَ ٻئي سان وئي ڀڄي-
هيءُ ڪهڙو مُنهن کڻي!
غور سان شعر پڙهو ۽ پوءِ انتهائي سطحي ۽ روايتي
خيال واري شعر پيش ڪرڻ سبب، شاعر جي فڪري غربت تي،
مون جيان الاس چئي گذري اچو ته پاڻ اسحاق جي ڪجهه
خوبصورت دوهن ڏانهن هلون:
مُرڪي ڳالهائي ملي، رُت جو روح رَڄي،
هن جا ٽهڪ ٽڙن ته ڄڻ جر ۾ جهانءِ وَڄي.
تنهنجي مٽي ڳوهيل ڪئين خوشبوئن سان،
ويندي ڀي رهجي وڃين، گذرين جنهن به هنڌان.
اِتي هُن وٽ ههڙا روايتي خيال به ملن ٿا:
تون به نه بدلينءَ مان به نه بدليس، تڙپ به بدلي
ناهه،
بدلي عمر ۽ مند، ٻي منهنجي بدلي ٿي وئي آهه.
”شاعر اُها مخلوق آهي، جيڪا پنهنجي شعر ۾ ڪٿي به ۽
ڪجهه به فرض ڪري سگهي ٿي.“ اِن بنياد تي جيڪڏهن
شاعريءَ کي مبالغو چئجي ته ڪجهه غلط به نه ٿيندو،
پر مبالغي لاءِ اِهو ضروري آهي ته اُهو شعري حسن ۽
شعري خوبين کان وانجهو نه هجي. اُن کان علاوه
اظهار مبهم ۽ سمجهه کان ٻاهر/مٿانهون نه هجي. جيئن
اسحاق جا هي شعر:
ڪهڙو ٿيندو آ اسحاق؟
مون ته نه ماڻيو سُک.
هيءَ اسحاق ڇا ته ماڻهو آ،
درد کائي اناج جي پاران.
اِنهن شعرن ۾ ته مبالغو هلي ٿو وڃي، پر هي شعر:
گل پٽيندي ڪري وڌا زخمي،
ساڙ مان هڪ گلاب هٿ هن جا.
پهرين ته اِهو خيال ذهن تي هٿوڙا بنجي لڳي ٿو ته
گلاب پٽيندي ساڙ مان هڪ گلاب ڪيئن ٿو هٿ زخمي ڪري
سگهي؟ جڏهن ته اُهو ڪم ڪنڊي/ ڪنڊن جو آهي. پر پوءِ
جڏهن مبالغي ڏانهن خيال وڃي ٿو ته پوءِ شعر جي
معنيٰ هن ريت ٿي واضح ٿئي ته، ”شاعر جي تصور وارو
محبوب ايترو ته نازڪ ۽ نفيس آهي جو هڪ گلاب به هن
جي ”هٿُ“ بدران هن جا ”هَٿَ“ زخمي ڪري ٿو وجهي.“
ائين اهو تصور جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ ته ڪافي آهي، پر
جي حقيقت جي اک سان ڏسجي ته اهو تصور غلط آهي،
ڇاڪاڻ ته هڪڙي حد ٽپي مبالغو شعرجي حسن، خوبي ۽
صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي ۽ ساڳئي وقت
اجايو ۽ بي معنيٰ بنجي طبيعت ۾ خوشگوار تاثر بدران
ناگوار تاثر پيدا ڪرڻ جو باعث بنجندو آهي.
ساڳئي غزل جو هڪ ٻيو شعر ”فرشتن جي نيڻن وارو“
آهي:
پهرين ڳالهه ته شعر مان معنيٰ واضح ئي نه ٿي ٿئي.
ٻنهي سٽن ۾ ٻن الڳ تشبيهن جو استعمال ڪيو ويو آهي
۽ خيال جي لحاظ کان ٻنهي سٽن جو پاڻ ۾ ڪو ربط ئي
ڪونهي. پر جي شعر مان زوري ڇڪي تاڻي معنيٰ ڪڍڻي
پوندي. پوءِ توهان کي ڪجهه پلئه پوي ته مون کي به
سمجهايو ته آخر شاعر چوڻ ڇا ٿو چاهي!
ائين اسحاق جا کوڙ شعر آهن، جن مان ڪي ته مبهم
آهن، ته ڪي وري معنيٰ ۽ طلب جي حوالي سان غلط ۽
اجايا ڀاسن ٿا ۽ شعر جي سٽن جو پاڻ ۾ ڪو ربط نظر
نٿو اچي. جيئن هي شعر:
لڪا کڙکٻيتا گلابن اندر،
کڻي مشعلون چنڊ ڳولين پيو.
امداد حسينيءَ مهاڳ ۾ اُن شعر جي تعريف ڪندي لکيو
آهي. ”گهڻن شاعرن کي ته اِها به خبر ڪونهي ته جگنو
کي سنڌيءَ ۾ ڇا چئبو آهي.“
هتي آءٌ معذرت سان امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ
کي رد ٿو ڪريان ته ائين ڪونهي ۽ اسان جي سنڌي زبان
ايتري ته وسيع آهي جو ساڳئي لفظ جي معنيٰ وارا هڪ
کان وڌيڪ الاءِ ڪيترا لفظ اسان وٽ موجود آهن. جيئن
”کڙکٻيتي“ لاءِ سنڌيءَ ۾ ”ڪوهه ٽنڊڻي“ کان علاوه
”ٽانڊاڻو“ لفظ به اسان وٽ موجود آهي ۽ اُنهن لفظن
بابت هڪ شاعر ته ٺهيو پر عام ماڻهو به ڀليءَ ڀت
واقف آهي.
خير، اِهي ته ساڳي معنيٰ وارا مختلف نالا ٿيا. پر
اِن شعر جي فڪري پس منظر بابت ته امداد لکيوئي
ڪونهي ته شاعر ڇا ٿو چوڻ چاهي. ”چنڊ کي مشعلون کڻي
ڳولڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿئي؟“ ۽ استعاري طور
”مشعلون“ ڇا لاءِ ڪتب آندو ويو آهي، اُن بابت به
کيس ڪجهه لکڻ کپندو هو. صرف ”جگنو“ کي سنڌيءَ ۾
”کڙکٻيتو“ چيو ويندو آهي، شاعر جي ايترڙي ناليج
تان امداد جو گهور وڃڻ ڪافي ناهي.
هڪڙي ذميوار شاعر کي قافئي جي حوالي سان انتهائي
خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. کيس اُنهن ڳالهين جو
پورو پورو ادراڪ هئڻ کپي ته ڪٿي قافئي جي چڪر ۾
ٻولي، ساختگي، شعري نفاست ۽ خيال جو ستياناس ته ڪو
نه پيو ٿئي؟
اهڙيون غلطيون اسحاق به ڪيون آهن. جيئن سندس هي
شعر:
ٻيو ڪراچيءَ ۾ اسان جو ڪير هوندو؟
هڪڙوئي احباب نيرو سمنڊ آهي.
هن غزل جا
قافيا
”خواب“، ”سدباب“، ”بيتاب“ ۽ ”احباب“ آهن. پهرين
ڳالهه ته مٿي ذڪر ڪيل شعر ۾ ”احباب“ لفظ ڌاري
ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي معنيٰ هڪ کان وڌيڪ دوست
واري آهي. يعني جمع جي صيغي ۾ اِهو لفظ استعمال
ٿيندو آهي، جڏهن ته اسحاق شعر ۾ ”احباب“ کي واحد
جي صيغي ۾ استعمال ڪيو آهي، جيڪو غلف آهي. ائين
قافئي جي چڪر ۾ خيال جي نڙيءَ تي ننهن اچي ٿو
وڃي. ساڳي غلطي اسحاق ٻئي شعر ۾ به ڪئي آهي، شعر
آهي:
ڏاڍو ياد اچي ٿو ديس!
پرديسن ۾ رڻ جي رات!
جڏهن اسين ”پرديسن“ جي ڳالهه ڪنداسين ته اُها ديس
کان ٻاهر ”گهڻن ديسن“ جي هوندي،پر جي ”پرديس“ جي
ڳالهه ڪنداسين ته پوءِ پنهنجي ديس کان ٻاهر ڪنهن
هڪ ديس جي ٿيندي. هونئن به ”پرديسن“ لفظ جي پس
منظر ۾ شعر جي خيال کي ڏسنداسين ته هڪ ئي وقت هڪڙو
ماڻهو ”گهڻن پرديسن“ ۾ ڪيئن ٿو موجود رهي سگهي!
اصل ۾ هن شعر ۾ به ساڳيو مسئلو قافئي جو آهي، يعني
”پرديسن“ قافيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن غزل ۾ ته
اِنهيءَ مسئلي کان بچي سگهجي پيو. اِنڪري جو مطلع
سميت هن غزل ۾ ڇهه شعر آهن ۽ جي اِهو شعر غزل مان
ڪڍي ڇڏجي ها ته ڪو فرق به نه پوي ها. اسحاق جي هڪ
نظم جون سٽون آهن:
تون ملين ٿي ته وسان آءٌ وسندين وانگر،
جي ڇڄين ٿي ته ڪران آءٌ بلندين وانگر.
اسحاق جي نظم جي پوئين سٽ ۾ (نظم ڊگهو آهي، هتي
صرف ٻه سٽون ڏجن ٿيون) ٻوليءَ جو غلط استعمال آهي.
ڇاڪاڻ جو ”بلندين تان“ يا ”بلندين کان“ ڪربو آهي،
نه ڪي ”بلندين وانگر“ ڪربو آهي. شاعر ٻوليءَ جو
سونهون هوندو آهي، تنهنڪري ٻوليءَ جي، (هينئر ته
اسحاق ”سنڌيءَ“ جو استاد به آهي. اِن حوالي سان ته
سندس ذميواري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي).
فضول لفظي شعري حسن کي ڌڪ رسائيندي آهي، ۽ بقول
اسحاق ”ٿورو ڳالهايو، لفظ به موتي ٿا ٿين، ائين نه
اُڇلايو!“ پر موتيءَ جهڙن لفظن کي ڪٿي ڪٿي اسحاق
به سٽن ۾ بيدرديءَ سان ٽُنبيءَ/سَٽي ويو آهي. جيئن
سندس هي شعر:
سدائين ڪا اُڻ تڻ، سدائين ڪو ٻڏتر،
ڦري ڪا نه ٿي ڪا به موسم سدائين.
هتي پهرين سٽ ۾ ”سدائين ڪا اُڻ تڻ، سدائين ڪو
ٻڏتر“ (حالانڪ سدائين ’ڪو‘ ٻڏتر جي بدران سدائين
’ڪا‘ ٻڏتر هجڻ کپي ها) ۾ لفظن جو فضول استعمال ڪيو
ويو آهي، ڇا ڪاڻ جو ”اُڻ تڻ، ۽ ”ٻڏتر“ ٻئي ساڳي
معنيٰ وارا لفظ آهن. يا وري هي شعر:
اسان جا نيڻ آوارا، اسين خود پاڻ آوارا،
زماني ساز هوندي تون رهئين ڇاڪاڻ آوارا؟
”اسان جا نيڻ آوارا“ تائين ته ٺيڪ آهي، پر اُن بعد
”اسين، خود، پاڻ“ ساڳي معنيٰ وارا ٽي لفظ اجايا
آهن. صفا اهڙي ڳالهه هئي ته ”اسين“ سان ”خود“
گڏائي يا وري ”اسين سان ”پاڻ“ گڏائي يعني ”اسين
خود“ يا ”اسين پاڻ“ مان به ڪم هلي پئي سگهيو. ٻين
معاملن ۾ ته ائين ڪري ڪم هلائي سگهجي ٿو، پر
شاعريءَ واري معاملي ۾ نه!
اسحاق جا ڪجهه شعر اهڙا آهن جن کي جيڪڏهن هو ٿورڙو
تبديل ڪري ها ته اُهي معنيٰ، مفهوم ۽ خيال جي
لحاظ کان چٽا ٿي پون ٿا، ڪو ابهام به نه رهي ها،
شعري حسن به متاثر نه ٿئي ها، وزن ۾ به ڦيرڦار نه
اچي ها ته اُنهن جي رواني به برقرار رهي ها ۽گڏو
گڏ اُهي فڪري لحاظ کان وڌيڪ ڀرپور، جامع ۽ اثر
انگيز ٿي پون ها. مثال طور اسحاق جو هي شعر:
ڏک جا ڏينهن نرالا ڙي!
ڪپڙا، ڳلڙا آلا ڙي.
اِنهي شعر ۾ ڏکن جي نرالن ڏينهن جو ذڪر آهي. اُن
بعد ٻيءَ سٽ ۾ ڪپڙن جي آلي ٿيڻ جو ذڪر اڳ ۾ ٿئي ٿو
۽ ڳلڙن جو وري پوءِ- جيڪو غلط آهي. ائين ڪرڻ سان
شعر ابهام جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن شعر کي هيئن
ڪجي:
ڏک جا ڏينهن نرالا ڙي!
ڳلڙا، ڪپڙا آلا ڙي.
ته پوءِ ڳوڙهن جي ڳلڙن تان ڳڙي ڪپڙن کي پسائڻ يا
آلي ڪرڻ وار تصور چٽو ٿي پوي ٿو.
هي ٻيو شعر:
جنهن جي صدقي اگهامنديون آهن،
سو مون کان ٿو پڇي، دعا ڇا هي!
هاڻ ڪڏهن مٿينءَ سٽ ۾ ”اگهامنديون“ ڪتب آندو ويو
آهي ته پوءِ هيٺينءَ سٽ ۾ ”دعا“ جي بدران ”دعائون“
ڪتب اچڻ کپي ها. پر ڇاهي ته شعر ۾ ”دعا“ قافيو
آهي، تنهنڪري اُن سان ته ڇيڙڇاڙ نٿي ڪري سگهجي. ها
باقي مٿينءَ سٽ ۾ جيڪڏهن ”اگهامنديون“ جي پاران
”اگهامندي“ ۽ ”آهن“ کي ”آهي“ ڪري لکجي ته پوءِ سڄو
مسئلو حل ٿي ويندو.
جنهن جي صدقي اگهامندي آهي،
سو مون کان ٿو پڇي، دعا ڇاهي!
هڪ ٻيو شعر:
پئسا ماڻي پيار وڃائي، موٽي آيا آهيون،
ڏس ته اسان پرديس ڪمائي، موٽي آيا آهيون.
شعر جي مٿينءَ سٽ ۾ لفظ ”ماڻي“ کي تبديل ڪري
جيڪڏهن اُتي ”پائي“ لکجي ته شعر جي حسن ۾ وڌيڪ
نکار اچي ويندو. ڇاڪاڻ ته ”پئسا پائي“ هجڻ سان هڪ
ته تجنيس جو واڌارو ٿيندو ٻيو ته ”پائي“ جي ڪري
اندروني قافئي سبب شعر وڌيڪ وڻندڙ ٿي پوندو. اِن
حوالي سان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اهڙا شعر ججهي
مقدار ۾ ملن ٿا. (اندروني قافئي ۽ تجنيس حرفي جي
حوالي سان).
هاڻ اچون ٿا اسحاق جي غزلن ۾ شامل قافين ڏانهن.
امداد حسينيءَ مطابق ”صحيح قافئي جو تعين اعراب
ڪري ٿي ۽ سنڌي لفظ جي پڇاڙي ساڪن نه پر متحرڪ
هوندي آهي.“ (حوالو: ڏهن شاعرن جي شاعريءَ تي لکيل
مهاڳ مان). اُن بنياد تي پاڻ اسحاق جي غزلن جا
قافيا جاچيون ٿا.
اسحاق جي هڪڙي غزل جا قافيا آهن:
پاڳَل، بادَل، ساحـِل، دلِ، دلِ، ڄاتَلُ.
اِنهيءَ غزل جا پهريان ٻه قافيا ”زبر“ سان آهن،
پويان ٻه قافيا ”زير“ سان آهن ۽ هڪڙو قافيو وري
”پيش“ سان آهي. اسحاق جي ٻئي غزل جا قافيا هن ريت
آهن:
جوتِ، هوتَ، موتُ، ڳوتِ، اوڌوتُ.
هن غزل جا ٻه قافيا ”زير“ سان ٻه ”پيش“ سان جڏهن
ته هڪ قافيو ”زبر“ سان آهي. ائين: شمعدان، مهمانَ،
انسانَ، نقصانَ، سنسانَ، سان گڏ ”آسانُ“ قافيو غلط
آهي.
اسحاق جي هڪ ٻئي غزل جي مطلع جي پهرين سـِٽ جو
قافيو ”ڳترَ“ (جيڪو اصل ۾ لفظ ڳترا کي بگاڙي لکيو
ويو آهي)، ”زبر“ سان آهي، جڏهن ته مطلع جي پوئين
سٽ وارو قافيو (”معتبرُ“) ”پيش“ سان، جڏهن ته ٻين
شعرن ۾ ”عمرِ“ زير سان ۽”جبرُ“، ”پڌرُ“، ”سفرُ“
قافيا وري ”پيش“ سان آهن.
ائين هڪ ٻئي غزل ۾ ”بنواسَ“، ”وشواسَ“، ”احساسَ“،
”اتهاسَ“ زبر وارن قافين سان گڏ ”راسِ“ ۽ ”پاسِ“
زير وارا قافيا غلط آهن.
نه صرف اِهو پر اسحاق قافين لاءِ ڪجهه لفظن جي
اصلي صورت بگاڙي ٻوليءَ سان به هٿ چراند ڪري ٿو.
مثال طور: ناوَ، تلاوَ، گهاوَ ۽ تاوَ سان گڏ ”
پڇتاءُ“ کي بگاڙي ”پڇتاوَ“ طور استعمال ڪرڻ- جيڪو
به ڪنهن حد تائين هلي ٿو وڃي،پر ’ها‘، ’هاءُ‘ يا
’هائو‘ کي بگاڙي ”هاوَ“ ۽ حيا، حياءُ کي بگاڙي
”حياوَ“ قافئي لاءِ استعمال ڪرڻ غلط آهي. ائين
ٻوليءَ جو بگاڙ سندس هن شعر مان به پسي سگهجي ٿو.
شعر آهي:
محبت حادثو آهي،
نتيجو حادثا آهي.
جڏهن گهڻن معاملن، واقعن، لقائن ۽ حادثن جو ذڪر
ٿيندو ته پوءِ ٻولي ۽ گرامر جي لحاظ کان ”ٿي“ ۽
”ٿيو“ جي جاءِ تي ”ٿيون“ ۽ ”ٿا“، ”آهين“ ۽ ”آهي“
جي جاءِ تي وري ”آهيون“ ۽ ”آهن“ استعمال ٿيندو.
تنهنڪري شعر جي هيٺئين سٽ غلط آهي. درست سـِٽ
ٿيندي ”نتيجو حادثا آهن“ –محض رديف جي ڪري ٻوليءَ
گهرجن تان هٿ کڻڻ هڪ سٺي شاعر کي نٿو جڳائي.
مٿي پاڻ قافين جو ذڪر پئي ڪيو، سو اسحاق جي
شاعريءَ ۾ ٻيا به ڪجهه غلط قافيا آهن، پر مضمون جي
ڊيگهه سبب اُنهن کي ڇڏيون ٿا ۽ اچون ٿا اسحاق جي
شاعريءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن ڏانهن، جيڪي هن
پنهنجي شاعريءَ ۾ ججهي مقدار ۾ ڪتب آندا آهن. مثال
طور: اول اول، جهونڪو، احباب، سرگوشي، الميي،
گنگنايو، آدمي، پاڳل، نهرون، مدفعون، بستي، سناٽو،
مڪان، جانان، زندگاني، الجهن، مهڪ، آوارا ۽ ٻيا
الائي ڪيترا لفظ هن ٻين ٻولين جا استعمال ڪيا آهن،
پر اُنهن لفظن تي پاڻ کي اعتراض ڪونهي، اِنڪري جو
ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين تقريباً سمورن شاعرن
فارسي، عربي، هندي/اردو توڙي ٻين ڪيترين ئي ٻولين
جا لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب پئي آندا آهن ۽ اِهو
سلسلو اڳتي به هلندو رهندو، ڇاڪاڻ جو ٻولي ٻين
ٻولين جا اثر قبوليندي رهندي آهي. اهوئي سبب آهي
جو ٻوليءَ جي ماهرن جي چوڻ مطابق هر پنجاهه سالن
کان پوءِ ٻوليءَ جي شڪل تبديل ٿيندي رهندي آهي.
اِن حوالي سان رڳو ڀٽائيءَ جو مثال وٺون ته ڀٽائي
جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اُها اڄ استعمال ڪٿي
ٿي ٿئي ۽ جي استعمال ٿئي به ته ڪير سمجهندو اُن
کي؟ (اُن هوندي به ٻوليءَ جي مخصوص گهرجن، اُن جي
واڌ ويجهه، ڦهلاءُ سان گڏ بچاءُ جي ذميواري به
محققن، ٻوليءَ جي گهڻگهرن ۽ خاص طور تي اديبن ۽
شاعرن تي عائد ضرور ٿئي ٿي). پوءِ به الائي ڇو
ٻوليءَ جي معاملي تي امداد حسيني جهڙا شاعر ڳنڍ
ڏئي بيهي ٿا رهن ”ٻولي، ٻولي ۽ بس ٻولي“. توڙي جو
امداد جي پنهنجي شاعريءَ ۾ به ٻين ٻولين جا ههڙا
لفظ ملن ٿا:
سفاڪ، ، ريپ، سواگت (سواڳت)، سرخ، گداز، زرد، بيش
قيمت، شگوفا، اوراق، مڌ، بلبل، برپا، گلشن، پتنگ
(لغڙ)، جام، صبا، سيہ، طلوع، برپا، چمن، مدت،
ڪُوچي، صنم. (حوالو: ”هوا جي سامهون“ امداد
حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو).
امداد جڏهن ڏهن شاعرن جي شاعريءَ واري ڪتاب (جيڪو
ڇپائي جي مرحلن ۾ آهي) تي مهاڳ لکي ٿو ته برتريءَ
جي احساس منجهان ٻين ٻولين جي لفظن سان گڏ
صورتخطيءَ جي معمولي چُڪ کي به ڳڻائڻ ضروري سمجهي
ٿو، جڏهن ته اسحاق جي شاعريءَ تي مهاڳ لکندي ڌارين
ٻولين جي لفظن تي لکڻ ضروري نٿو سمجهي. نه صرف
ايترو پر مهاڳ ۾ فارسي ٻوليءَ جي هي سـِٽ ڏيڻ به
ضروري سمجهي ٿو:
”قومي فروختند چه ارزان فروختند“
(حوالو: ”صدا بي چين آهي“ جو مهاڳ، ص 17)
نه فقط اهو پر اسحاق، جنهن جي شاعريءَ جو هيءُ
پهريون مجموعو منظر عام تي آيو آهي، جنهن جي
شاعريءَ ۾ ڪمزور قافيا آهن، فڪري حوالي سان
ڪيتريون ئي ڪچايون آهن، فضول لفظيءَ کان وٺي
ٻوليءَ جون انيڪ خاميون سندس شاعري ۾ آهن (جن جو
ذڪر پاڻ تفصيل سان مٿي ڪري آيا آهيون)، تي لکندي
اُنهن جي نشاندهي اشارن، ڪناين ۾ به ڪرڻ ضروري نٿو
سمجهي ۽ حد کان وڌيڪ واکاڻ ڪرڻ تي ئي اڪتفا ڪري
ٿو. اُن سان هاڻ ٿيندو ائين ته اسحاق وڌيڪ
لاپرواهه ٿي ويندو ۽ بي فڪر پڻ- جنهن سان نه صرف
هو ساڳين غلطين جو ورجاءُ ڪرڻ لڳندو، پر بي
فڪريءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب اڳي کان به وڌيڪ غلطيون
ڪندو رهندو. اسحاق جي شاعريءَ تي مهاڳ لکندي
امداد حسينيءَ جيڪي ٻيون غلطيون ڪيون آهن، اُنهن
جي نشاندهي ڪرڻ به آءٌ ضروري ٿو سمجهان ته جيئن
مهاڳ لکڻ وقت اسان جا شاعر ۽ اديب آئندي احتياط
کان ڪم وٺن ۽ درست تاريخ سهيڙڻ ۾ (ڇاڪاڻ جو مهاڳ
ڪنهن به ريت تاريخي دستاويز کان گهٽ اهميت ناهن
رکندا) کين ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.
خواب جيڪي پاڻ ننڍپڻ ۾ ڏٺا،
ساڀيا تن جي الائي ڇو نه ٿي!
اِنهيءَ شعر جي پس منظر ۾ امداد حسيني لکي ٿو،
”اِنهيءَ غزل جا سڀئي شعر مون ليڪيا آهن، پر اُهي
پرهندڙن لاءِ ڇڏيان ٿو.“
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته سمورا شعر ليڪڻ جهڙا ڇو
ٿيندا آهن؟ ان جو جواب امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ هي
ٿيندو ته، ”شاعري، فن، ۽ فڪر جي حسين سنگم جو نالو
آهي“ (هتي ”حسين“ لفظ جو اضافو مون ڪيو آهي.) اياز
جي لفظن ۾ سٺي شاعري جي تشريح هي آهي ته، ”اُها
شاعري جا روح گرمائڻ جي شڪتي رکي.“
اُنهن راين کي ذهن ۾ رکي اچو ته ڏسون ته مٿي ذڪر
ڪيل شعر واري غزل جا ٻيا ڪهڙا بند آهن:
منهنجي بيتابي کٽائي ڇو نه ٿي!
راهه ڪا تو سان ملائي ڇو نه ٿي؟
نيڻ اُڏريا ۽ هوا ٿي باهه وئي،
پر اُنهن جا پَــرَ جلائي ڇو نه ٿي!
ڳالهه جيڪا هن جي اُڻ تڻ ٿي ڏسي،
ڇوڪري سا خود ٻڌائي ڇو نه ٿي!
مان جنوني هن کان ڇا رکندس ڀلا،
هوءَ مون کي آزمائي ڇو نه ٿي؟
سانحو توسان شناسائيءَ جو مَن،
هيءَ پاڳل دل ڀُلائي ڇو نه ٿي!
جڏهن امداد ۽ اياز جي سٺي شاعري لاءِ ڏنل راين جي
روشنيءَ ۾ اسحاق جي شاعريءَ کي پڙهجي ٿو ته پوءِ
امداد جي ڏنل غزل کان اصل ۾ ڪوٽ ڪرڻ يا سمورو ليڪڻ
جهڙو غزل هي ٿو لڳي:
پئسا ماڻي پيار وڃائي، موٽي آيا آهيون،
ڏس ته اسان پرديس ڪمائي، موٽي آيا آهيون.
ويندي نيڻن جون خرزينون خوابن ساڻ ڀريونسين،
ڪيڏا در پلئه ۾ پائي، موٽي آيا آهيون.
نڪتا هئاسين ڀاڳ سنوارڻ پنهنجا، پنهنجي گهر جا،
۽ رستن ۾ عمر لٽائي، موٽي آيا آهيون.
جڏهن جڏهن تون دل ۾ آئين ٽوڙي سڀ دروازا،
تڏهن تڏهن سڀ سُک ٺڪرائي، موٽي آيا آهيون.
ساري ڳولا بي معنيٰ آ، منزل سکڻو خواب،
دل کي ڳالهه اها سمجهائي، موٽي آيا آهيون.
امداد حسيني ليڪڻ واري ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي لکي
ٿو، ”جڏهن غزل جا سڀئي شعر ليڪڻ جهڙا هجن ته اها
ڳالهه شاعر ۽ پڙهندڙ جي حق ۾ ته وڃي ٿي، پر خود
شاعريءَ جي حق ۾ نٿي وڃي.“
مون کي امداد حسينيءَ جي اِنهيءَ ڳالهه سان اختلاف
آهي. مون کي ڇا بلڪه هر اُن ماڻهوءَ کي سندس
اُنهيءَ ڳالهه سان اختلاف ٿيندو، جيڪو شاعريءَ
متعلق ٿورڙي به ڄاڻ رکندڙ هوندو. ڇاڪاڻ جو شاعر،
پڙهندڙ ۽ خود شاعريءَ لاءِ اِن کان وڌيڪ ٻي اهم ۽
سٺي ڳالهه ٿي ئي نه ٿي سگهي ته اُن جا سمورا شعر
ليڪڻ يا ڪوٽ ڪرڻ جهڙا هجن!
آخر ۾ اسحاق جي نظم ”غلاميءَ کان وڏي ڪاگار ناهي“
تي اچڻ کان اڳ ۾ اچون ٿا اسحاق جي غزل جي هڪ سـِٽ
ڏانهن:
ساجن! سيلانيءَ جي منزل سيلاني.
سـِٽ پڙهڻ کان پوءِ اياز جو هڪڙو شعر هانوَ تي هري
ٿو اچي، جنهن کان متاثر ٿي اسحاق مٿي ڄاڻايل سـِٽ
سرجي آهي،جيڪو ”گيڙو ويس غزل“ ۾ صفحي 176 تي
پنهنجو ڪئنواس هيئن ٿو رکي:
سيلانيءَ جو سنگ اياز،
توسان آهي ڏينهن ٻه ٽي.
پر امداد حسينيءَ جهڙو شاعر اُن کان به آگاهه
ناهي- جنهن مان لڳي ٿو ته امداد حسيني شيخ اياز
کي چڱيءَ طرح پڙهيوئي ناهي. اُن شڪ کي هٿي تڏهن
ملي ٿي جڏهن دادوءَ مان نڪرندڙ ”اُڏام“ مئگزن جي
جولاءِ 2004ع واري شماري ۾ امداد جو انٽرويو پڙهجي
ٿو (هن انٽرويو لاءِ امداد کي سوال لکي ڏنا ويا
هئا، جنهن جا جواب هن پنهنجي هٿ اکرن سان لکي ڏنا
هئا، جيڪي اداري وٽ محفوظ آهن)، جنهن ۾ امداد اياز
جو شعر لکت ۾ هيئن ڏنو آهي:
خدا خوش رکيئي، سڃاتئه نه سائل،
ڪري ٿا وڃون ديس توکي دعائون.
جيڪو غلط آهي- جڏهن ته اصل ۾ درست شهر ”وڄون وسڻ
آئيون“ ڪتاب ۾ ص 44 تي هيٺينءَ ريت موجود آهي:
سڃاتئه نه سائل، خدا خوش رکيئي،
وڃون ٿا ڪري ديس توکي دعائون!
اياز کي چڱيءَ طرح نه پڙهڻ وارو شڪ پڪ ۾ تڏهن ٿو
بدلجي، جڏهن امداد حسينيءَ مهاڳ لکندي، اسحاق جي
نظم ”غلامي کان وڏي ڪاگار ناهي“ جي پس منظر ۾ هيئن
ٿو لکي، ”نظم تي گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهجي ٿو- پنجن
سٽن ۽ ڪل 20 لفظن جي اُنهيءَ نظم جي معنيٰ گهري
آهي، غلاميءَ جيتري گهري…اسان جي حال ۽ صورتحال تي
اِهو هڪ ڳنڀير ۽ ڀرپور نظم آهي.“
اِنهيءَ نظم تي تقرير ۾ عبدالواحد آريسر صاحب ۽
ادبي حلقن وٽان اسحاق کي ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ نظم
کي حد کان وڌيڪ واکاڻيو ويو آهي. اُن کان پهرين جو
نظم جي اصل حقيقت تان پردو کڻي توهان کي حيرت ۾
مبتلا ڪجي، اچو ته پهرين نظم پڙهون:
ماءُ تي ۽ ڀيڻ تي
ايڏو چڙين ٿو!
ڪجهه غلاميءَ تي به چڙ
جو
غلاميءَ کان وڏي ڪا گار ناهي!
هاڻ نظم جي اصل حقيقت تان پردو ٿا کڻون:
توتي ڪاوڙ ڪوهه غلامَ!
ناهه غلاميءَ جهڙي گار.
مٿيون شعر شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي
ص 86 تي موجود آهي، جنهن تان سڄو خيال کڻي اسحاق
”غلامي کان وڏي ڪا گار ناهي“ نظم جي روپ ۾ آڻي
”پنهنجي“ ملڪيت بڻايو آهي-(وڏي افسوس ۽ حيرت جوڳي
ڳالهه اِها آهي ته امداد حسينيءَ جهڙو شاعر اُن
کان به آگاهه ناهي!)
مضمون کي سهيڙيندي هڪ خيال منهنجي ذهن جو ڪڙو اچي
ٿو کڙڪائي ته، ”ڇا اسحاق جي ٻي شاعري به…؟“
”نه نه…“ ڪندي انڪار ۾ آءٌ ڪنڌ لوڏيان ٿو ۽ کن پل
کان پوءِ اسحاق جو هڪ خوبصورت شعر هانوَ تي هُري
ٿو اچي:
تصور ۾ آندا سندس نيڻ مون،
۽ آڪاس جو رنگ بدلجي ويو!
اختلاف راءِ حق آهي- ناحق نه!
اختلاف راءِ رکڻ ۽ اظهارڻ هر ڪنهن جو حق آهي،
مشتاق ڀرڳڙيءَ به اُن جو فائدو ورتو آهي. ٻين
ڳالهين کي ڇڏي هتي رڳو ڪجهه ڳالهين بابت عرض ڪرڻ
ضروري ٿوسمجهان:
[1]هن، ڏهن شاعرن تي لکيل منهنجي مهاڳ[جيڪو اڃا
ڇپيو به ناهي] تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. مون کي
ياد آهي ته اُن ۾ ”مڙئي“ ۽ ”مڙيئي“ تي لکيو هوم.
”مڙئي“ ۽ ”مڙيئي“ ۾ چُڪ ناهي، پر ان سان وزن کي
چُڪ پئي ٿي.
[2]اُن مهاڳ ۾ مون مشتاق جي ئي ڪتب آندل لفظ ”سجني
”لاءِ لکيو هو ته اُن کي ”سڄڻي“ لکڻ کپي. اُها
ننڍڙي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ نه آئي آهي ۽ هو لکي ٿو
ته ”الائي ڇو امداد حسيني“ ’ٻولي، ٻولي ۽ بس
ٻولي‘ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو رهي“، هن کي ان ڏس ۾
منهنجو مضمون ”شاهه لطيف- ٻوليءَ جو خالق ۽ محافظ“
[”ڪلاچي“ ۾ ڇپيل] پڙهڻ گهرجي.
[3] مشتاق، جن شاعرن [هن جي آڏو] سچ پچ به شاعري
ڪئي آهي، (1990 کان پوءِ) تن جو ”تعداد هٿن جي
آڱرين جيترو مس“ ٿئي ٿو- ۽ پوءِ اٺن شاعرن جا پاڻ
ئي نالا کڻي ٿو ۽ ”هڪ اڌ ٻيو“! انهن ۾ اسحاق يا
پاڻ ڪائون نمبر آهي؟ پهريون يا-!
[4] مشتاق ڀرڳڙي ”اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ته وسيع
آهي“ به چئي ٿو ته لاکيڻي لطيف جي ٻوليءَ کي متروڪ
پڻ قرار ڏئي ٿو. ”ڀٽائيءَ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي
آهي، اُها اڄ استعمال ڪٿي ٿي ٿئي ۽ جي استعمال ٿئي
به ته ڪير سمجهندو اُن کي.“ ڇا ”ڪير“ ۾ هو پاڻ به
شامل آهي! ان ڏس ۾ کيس منهنجو مضمون ”شاهه لطيف-
ٻوليءَ جو خالق ۽ محافظ“ پڙهڻ گهرجي.
[5] ”شاعريءَ جي حق ۾ نه ٿي وڃي.“ پروف جي چڪ آهي
۽ ”به“ کي ”نه“ ڪيو ويو آهي.
[6]ان ريت مشتاق ڀرڳڙيءَ پاڻ کي ڪيترن هنڌن تي پاڻ
ئي رد ڪيو آهي، مثلاً هو مضمون سهيڙيندي پڄاڻي
جنهن شعر تي ڪري ٿو، اُن کي ”خوبصورت“ سڏي ٿو- ڇو
ٿو سڏي؟ سو نه ٿوٻڌائي! شعر جي ٻي سٽ ۾ وزن ته
وڃي کڏ ۾ پئي، پر ”آسمان جي رنگ بدلجڻ“ مان ڇا
مراد آهي؟ سو نٿو ٻڌائي!
[ا-ح] |