مگر شيطان اعتراف ٿو ڪري ته هو خدا نه آهي ۽ چوي
ٿو:
تنهنجي اداس نگاهن جي مدعا آهيان مان،
خاموش ڪيئن رهندس ڪو خدا آهيان مان!
ان ترجمي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جي پهچ مون ۾ بنهه
ڪانهي. ڪاش سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌ جو ڪو ٻيو
پبليشنگ ادارو منهنجي اُن محنت کي ڇپائي پڌرو ڪري.
رحيم خان جوکيو ”جرس“
[مڪلي، ٺٽو]
* * * * *
[9]اڄ سنڌ کان هزارين ڪلو ميٽر پري آزاد ڪشمير جي
پهاڙن تي سخت برفباري ۽ اڻ کٽ مينهوڳيءَ ۾ به
اوهان منهنجي ساهن ۾ سمايل آهيو. سامهون بارڊر
لائين آهي، جيڪاالائجي ڪيترن انسانن جي دل تي
اُڪريل آهي، بس ڇا ڪجي! اڄ آچر آهي، موڪل آهي، هر
ڪو سُتل آهي. آءٌ خود ستو پيو هئس، هاڻي ناشتي تي
اُٿيس. اُن بعد ويهي ”هالار“، ”سنڌ رنگ“ ۽
”بختاور“ پڙهڻ لڳس. ”مهراڻ“ ياد آيو، ”گل ڦل“ ياد
آيو ۽ ”سرتيون“ ياد آيو، جيڪي رسالا هاڻي وقت سر
شايع ٿي رهيا آهن. هڪ ڏينهن پراڻي اخبار اسلام
آباد مان ڇپيل ”خبرون“ هتي ملندي آهي، جا پڙهي پاڻ
کي ”گهر“ ۾ محسوس ڪندو آهيان. هي ”فارورڊ ڪهوٽه“
سيڪٽر باغ ضلعي ۾ آهي. موڪل تي آيس ته اوهان جي
جواب جو تبرڪ پڙهي اکيون ٿڌيون ٿينديون ۽ روح کي
راحت رسندي.
لانس نائيڪ پير بخش گاد
[آزاد ڪشمير]
* * * * *
[10] مهراڻ بهار 2005ع پڙهي چڪو آهيان. بيحد
خوبصورت ۽ من موهيندڙ آهي. اهو سڀ محنت جو نتيجو
آهي. لاڙڪاڻي ۾ پرچو اڃا نه پهتو هو شايد! ڪنهن ڪم
سانگي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيو، ريگل چوڪ صدر ۾ هڪ جهونڙو
ننڍي ڪئبن تي ڪتاب رکيو ويٺو هوندو آهي، اڪثر سنڌي
ڪتاب ۽ رسالا رکندو آهي. مهراڻ جو تازو پرچو به
اُن وٽ ڏٺم. جهونڙي ٻڌايو ته هن مهراڻ پهريون
ڀيرو گهرايو آهي ۽ تيزيءَ سان وڪرو ٿي رهيو آهي.
مهراڻ بهار ۾ ”سوچ-لوچ“ ۾ اهم مسئلا کنيل هوندا
آهن. هن پرچي ۾ ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي خطن تائين
ڪا به شيءِ ڀرتيءَ جي نه لڳي. سحر امداد جو ليک
”شعور-شعر ۽ شاعر“ وقتائتو آهي. نصير مرزا جو ليک
”مان ۽ منهنجا ڪتاب“ سندس زندگيءَ جي هڪ اهم حصي
بابت اثرائتو آرٽيڪل آهي. ڪهاڻين ۾ ”سنڌي ٻولي امر
آهي“، ”مون مطالع سپرين“ ۽ ”پاڻي“ بهترين آهن.
ابرار ابڙو
[ڳيريلو، سنڌ]
* * * * *
[11] بدقسمتيءَ سان آءٌ ”مفتي“ ڪونه آهيان، توڙي
جو مولوين جي خاندان ۾ ڄائو نپنو آهيان ۽ خوشي
قسمتيءَ سان منهنجن وڏن به ڪڏهن فتويٰ سازيءَ جو
ڪاروبار ڪو نه ڪيو!
ڏک ٿئي ٿو، جڏهن هاڻي ”مهراڻ“ هيڏي خوبصورتيءَ سان
باقاعدي شايع ٿئي پيو ۽ اُن جو چيف ايڊيٽر امداد
حسيني ڪيڏي نه محنت سان اهڙو مثالي ۽ معياري جريدو
شايع ڪري ٿو ۽ ان تي ”اقرباپروري“ جهڙو سنگين
الزام، هڪ اخبار ۾ شايع ڪري، بورڊ ۽ مهراڻ کي
بدنام ڪرڻ جي ”ڪاوش“ ڪئي ٿي وڃي! آءٌ پڇان ٿو ته
آخر اهي اڻوڻندڙ ”اقربا“ آهن ڪير، جن کي نوازيو
وڃي ٿو؟ امداد ته بذاتِ خود هڪ وڏو ۽ خوبصورت شاعر
آهي. هن جون نڪور ڪوتائون مهراڻ ۾ شاعريءَ جي ڀاڱي
۾ سڀ کان آخري صفحي شايع ٿين ٿيون. اُنهن ڪوتائن
جي شايع ٿيڻ سان امداد جي عزت ۾ ڪو اضافو ڪو نه ٿو
ٿئي، مئگزين مهراڻ جي وقار ۾ واڌارو ضرور ٿئي ٿو.
امداد جي رچنائن کي ته سنڌ ۽ هند جي هر سنڌي رسالي
هر دور ۾ آب تاب سان شايع ڪري آبرو پئي حاصل ڪئي
آهي ۽ آئندي پڻ اهو سلسلو جاري رهندو. ”سحر
امداد“ به هڪ اهم باشعور شاعرِ آهي، مگر شايد
امداد جي گهر واري هئڻ باعث امداد جي ”اقربا“ ۾
شمار ٿئي ٿي، جڏهن ته سحر جي پنهنجي مڪمل الڳ
حيثيت آهي. تازو جيڪا سامونڊي زلزلي انڊونيشيا ۽
سري لنڪا، هـِند…۾ تباهي مچائي ۽ چئن لکن کان وڌيڪ
انسان سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ويا ۽ جنهن واقعي سڄي
دنيا جي ضمير کي ڌوڏي ڇڏيو. مون کي ياد نه ٿو اچي
ته اسان جي سنڌي شاعرن، هن قدرتي آفت جي زد ۾ آيل
بيڪس انسانن جي همدرديءَ ۾ ڪي ٻه سٽون به لکيون
هجن، شايد انڪري جو اُنهن جو رنگ، نسل،ٻولي، مذهب
۽ تهذيب، اسان سنڌين کان مختلف آهي. مانواري سحر
امداد ”سرنامي“ تي اثرائتو نظم لکي اسان جي ضمير
کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مهراڻ ۾ ان نظم کي ان جي
ميرٽ تي شايع ڪري ڪهڙي اقربا پروري ڪئي وئي آهي؟
اسين دنيا جي ٻين ڏتڙيل انسانن کان ائين لاتعلق
رهي، اها اميد ڪيئن ٿا رکون ته دنيا جا اديب ۽
شاعر، ٿر جي ڏڪاريل انسانن ۽ بدين ۽ ٺٽي جي طوفان
۾ تباهه ٿيلن جي همدرديءَ ۾ ڪي ٻه لفظ ئي لکن!
امداد جي ”اقربا“ ۾ شايد شبير ”هاتف“ به اچي سگهي
ٿو، جيڪو هڪ خوبصورت جمالياتي شاعر آهي. مگر شبير
”هاتف“ ته گذريل 50 سالن کان لکندو اچي ٿو ۽ سالن
کان مهراڻ ۾ شايع ٿيندو اچي ٿو، ته پوءِ ”اقربا
پروري“ ته مهراڻ جي اڳين ايڊيٽرن جي سمجهڻ گهرجي.
مون کي هنن سٽن لکڻ جي ضرورت انڪري پيش آئي جو
فاضل مڪتوب نگار پنهنجي الزام تراشيءَ ۾ مون کي
شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ ڇڪي آندو آهي، توڻي جو منهنجو به
ڪجهه مواد مهراڻ ۾ ڇپجڻ جي انتظار ۾ سڙي رهيو آهي.
يقيناً ان ۾ ڪجهه خاميون يا ڪجهه حوالا وغيره
هوندا يا مهراڻ جي معيار مطابق نه هوندو، انڪري
مون کي ته شڪايت جو ڪو به سبب ڪو نه ٿو سُجهي.
حميد شهيد هالائي
[هالا، سنڌ]
* * * * *
[12] مانورا چيف ايڊيٽر/ ۽ سيڪريٽري صاحب اسلام
عليڪم!
ڪالهه جڏهن سنڌ جا مانوارا شاعر امداد حسيني ۽ سحر
امداد اسان جي گهر تي آيا ته سندن هٿن ۾ مهراڻ
بهار 2005ع جو پرچو هو، ڏيندي چيائين ته اسين
ڪراچي آياسين پئي ته تولاءِ پرچو به آندوسين. مون
سندس شڪريو ادا ڪيو ته چوڻ لڳو ”ادبي بورڊ جي
طرفان آهي، منهنجي نه!“ بهرحال مون لاءِ هڪڙي
خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ادبي بورڊ اعزازي
رسالو موڪليو هو، جڏهن ته گذريل ڀيري مون اعزازي
ڪاپي نه ڏيڻ جي حوالي سان امداد حسينيءَ سان ڪي
تکيون مٺيون ڳالهيون به ڪيون هيون، جنهن تي چيو
هئين ته اهي ڳالهيون لکي موڪل.
اصل ۾ ڪي ڳالهيون چئبيون آهن، ڪي لکبيون آهن.
مثال طور چوڻ جون ڳالهيون اُهي ئي هيون ته جن
ليکڪن جي لکڻين سان رسالو شايع ٿي بازار ۾ وڪامي
ٿو، اُن جي ليکڪن کي اعزازي ڪاپي نه ڏيڻ سنڌي
اديبن جي توهين آهي، حالانڪ سنڌي اديبن وٽ ملڪ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان شايع ٿيندڙ سرڪاري رسالا اعزازي نه
هوندو آهي. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته ادبي بورڊ وٽ
ايترا فنڊز نه آهن ته پوءِ رسالو ڪڍڻ ئي ضروري ڇو
ٿو سمجهيو وڃي! سو به اهڙو رسالو جنهن ۾ پراڻن
وقتن سان وابستا لکڻين کي ئي شايع ڪيو ٿو وڃي، ۽
جيڪو نئون به ڇپجي ٿو ته اُهو به غير معياري!
(ڏسو! پرچو توهان جي سامهون ئي رکيو آهي. پاڻ
مصنف ٿي فيصلو ڪريو!)
مان ڪجهه لکڻ نه ٿي چاهيو، پر جڏهن هن پرچي جي
صفحي 171 تي سنڌي ٻولي بچايو جي عنوان هيٺ اهي اکر
پڙهيم ته ”ڪتاب مفت ڏيڻ/ وٺڻ تي نه هرو، نه
هيرايو!“ ته مون کي خوشي ٿي ته سرڪاري خرچ تي شايع
ٿيندڙ رسالي تي ڪجهه لکڻ لاءِ ڪو بهانو ته مليو
آهي. سرڪار! توهان پاڻ به ڄاڻو ٿا ته تحفي ۾ ٻين
شين سان گڏ ڪتابن جو تحفو نهايت وڏو تحفو ليکيو
ويندو آهي. اُهو ڏيڻ واري لاءِ نيڪي ۽ وٺڻ واري
لاءِ اعزاز جي حيثيت رکي ٿو. ها، البت گذريل ڀيري
مون ئي امداد حسينيءَ کي چيو هو ته جنهن ليکڪ جو
مواد شايع ٿئي ٿو ته اُن کي هڪ اعزازي ڪاپي ضرور
ملڻ گهرجي. شايد اهو جملو منهنجي ان ڳالهه جي رد
عمل طور شايع ڪيو اٿوَ، سٺو ڪيو اٿوَ.
شايد توهان جي ذهن ۾ اڃا 1970ع وارو زمانو آهي، جو
جڏهن ڪو سنڌي ڪتاب شايع ٿيندو هو ته قومي ٻوليءَ
جي جذبي هيٺ هر ڪو پيو دڪانن جا لامارا ڏيندو هو.
پر منهنجا سائين! هي 2005ع آهي، ۽ ڪراچيءَ جي شهر
مان مهراڻ خريد ڪري اچڻ لاءِ سارو ڏينهن گهرجي، جو
پئراڊائيز ڪارنر، انڊس ڪتاب گهر، ڪاٺياواڙ بوڪ
اسٽال يا حيدرآباد اچي مهراڻ جو سڳورو رسالو خريد
ڪجي. پر، اُهو به وقت تي اچي ۽ معياري هجي ته
ماڻهو ايڏي جاکوڙ به ڪري!
سالياني چندي لاءِ، رسالي جا ٽي سَو رپيا ڀرڻ ڪا
ايڏي وڏي ڳالهه نه آهي، پر جيئن ته اهو رسالو
باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندڙ نه آهي ۽ نه ئي اُن ۾
سانڍي رکڻ جهڙو ڪو مواد شايع ٿيندو آهي. هن بهار
جي پرچي کي ئي ڏسو! ان ۾ پڙهڻ لاءِ ڇاهي؟ گهٽ ۾
گهٽ اُنهن جي افاديت متعلق ٻه اکر به لکي ڇڏيو ها
ته اسان جهڙن بي عقلن کي پڙهڻ ۾ لطف به اچي ها! پر
اوهان پنهنجي شايع ٿيل پرچي تي وري به هڪ طائرانه
نظر وجهو. ڏسو! اٽڪل ايڪهتر صفحن تائين پراڻو مواد
شايع ٿيل آهي! ”سنڌي ادب جو ڪارج“ جيڪو 1970ع کان
پيا پڙهندا اچون، اُن ۾ رڳو شبنم گل جو حوالو ڏئي
اُن کي نئون قرار ڏئي شايع ڪيو ويو آهي يا اهو هڪ
مڃيل اُستاد جو لکيل آهي، انڪري شايع ٿيو آهي!
مهراڻ رسالي جي پهرين دَور جي متعلق اڀياس به پنن
جو زيان آهي. وڏي ڳالهه ته ”1819ع کان وٺي ڇپيل
سنڌي ڪتابن جو جائزو“ شايع ڪري ادبي بورڊ ڪهڙو وڏو
ڪارنامو ڪيو آهي؟ ”سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ“ ۾
ڇا اُنهن ڪتابن جو ذڪر ٿيل نه آهي؟ جيڪڏهن نه آهي
ته شايع ڪندڙن جي خلاف فوٽ نوٽ هجڻ گهرجي ها ته
”سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ“ ۾ هن ڪتابن جو ذڪر
نه آهي! وري سون ۾ مَٺ جي ملاوٽ ضروري سمجهي مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ تي لکيل مضمون به شايع ڪيو اٿوَ.
واهه سائين واهه! ڄڻ مخدوم صاحب لاءِ اها به ڪا
نئين دريافت آهي!
وري اچو نثر جي حصي تي! افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته
ستن ليکڪن مان آخر ڪنهن جي ڪهاڻي معياري آهي؟
يا پياري نصير مرزا جي ليک: ”مان ۽ منهنجا ڪتاب“ ۾
اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي پڙهي ماڻهو واهه
واهه ڪري سگهي! جيڪڏهن اهڙا شخصي مضمون شايع ڪرڻا
اٿوَ ته سنڌ ۾ الائي ڪيترن ماڻهن وٽ انمول ترين
ڪتاب رکيا آهن، جن کان اڄ جا لکين ماڻهو بيخبر
آهن، پر شايد اُهي اسان جا واقفڪار نه آهن ۽ نه
ئي اهي اهڙا مضمون لکي پاڻ پڏائڻ وارو ڪم ڪري
سگهن ٿا.
شاعريءَ واري حصي ۾ پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته
ڪهڙو شعر معياري آهي؟ شبير هاتف، عنايت بلوچ،
ڪي.ڊي.سومري، ابرار ابڙي، شبير هاليپوٽي، اختر
درگاهي، خليل عارف سومري جا غزل جيڪڏهن پندرهن
روزه ”عبرت“ ۾ يا ”ادب“ جي ڪنهن پرچي ۾ شايع ٿيل
هجن ته اوهان جي ڪهڙي راءِ هجي ها؟
مهراڻ جي وقت تي شايع نه ٿيڻ ۽ ادارتي هڪ هٽيءَ جي
ڪري اسان جهڙن ڪيترن ئي ليکڪن مهراڻ ۾ مواد شايع
ڪرائڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. منهنجو ڪو ليک جيڪڏهن
مهراڻ ۾ شايع نه ٿيو آهي ته اُهو به ڪنهن جي گهرڻ
تي ڏنو هوندم يا جڏهن رسالي جي ادارت جو ڪم ڪنهن
سڄاڻ شخص جي هٿ ۾ هوندو تڏهن دل سان موڪليو هوندم.
مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ منهنجي شاعري به امداد حسيني
کڻي ويو آهي، جڏهن ته اُن کي خبر آهي ته مان
پنهنجو ليک مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ سٺو نه سمجهندو
آهيان، جنهن جا ڪجهه سبب مٿي ڄاڻائي آيو آهيان.
ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تنقيد اوهان جي ذهن تي بار
ڪري بيهي، ان ڪري منهنجو نماڻو عرض اهو آهي ته
مهراڻ کي 1970ع وارو پرچو ڪري ٽريٽ نه ڪريو. نئين
دور جون تقاضائون اوهان سڄاڻن کان گهڻو ايڪسپيٽ
ٿيون ڪن.
بيدل مسرور
[ڪراچي، سنڌ]
سائين منهنجا! هر پڙهندڙ کي مهراڻ ۾ ڇپيل مواد تي
راءِ رکڻ/ڏيڻ جو حق آهي. اسين اهڙي راءِ جي آجيان
ڪنداسين، پوءِ اُها راءِ اسان جي خلاف ئي ڇو نه
هجي. پڙهندڙ جي ان ’حق‘ لاءِ اسين تيسيتائين
وڙهنداسين، جيسيتائين اهو ’ناحق‘ نٿو ٿئي. هونئن
ته توهان جي هن خط (نمبر 12) جو ڪنهن حد تائين
جواب خود مهراڻ جي مانوارن پرهندڙن جا خط آهن، پر
ان ڏس ۾ ڪجهه وضاحتون ضروري آهن: (1) نه رڳو مهراڻ
پر سرتيون ۽ گل ڦل به ”وقت سر“ / باقاعدگيءَ سان
شايع ٿي رهيا آهن. (2)”تحفي، اعزازي ۽ مفت“ ۾ هڪ
واضح فرق آهي. سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ، وڪري ۽
اڀياس جي مجموعي صورتحال تي اهو مثبت ۽ بامقصد
نعرو ڏنو ويو آهي. اُن کي پاڻ ڏانهن سمجهڻ ڏاڍائي
آهي. (3) بنيادي طرح اسين ته نه رڳو اعزازي ڪاپي،
بلڪ اجوري ڏيڻ جي به اصولي طور تي حمايت ڪريون ٿا.
(4) توهان جي شاعري آءٌ ’کڻي‘ نه ويو هئس، پر
’گهري‘ ورتي هئم، جيڪا اونهارو، سرءُ ۽ سيارو 2004
۽ بهار 2005 جي مهراڻ ۾ مسلسل چپي وئي آهي. جيڪڏهن
توهين ”مهراڻ ۾ ڇپجڻ کي سُٺي نه سمجهڻ“ بابت رڳو
ڀُڻڪو ئي ڪريو ها ته ظاهر آهي ته اسين نه ڇپيون
ها! (5)”ڪهڙو شعر معياري آهي؟“ لکي توهان شاهه
سائينءَ جي ”سُر سارنگ“ کان وٺي منهنجي نظم
”شوگران جا اي شهيدو“ تائين سموري ڇپيل شاعريءَ کي
غير معياري قرار ڏنو آهي، پر انهيءَ شاعريءَ جي
نه ته ٻوليءَ تي، نه لهجي تي، نه هيئت تي ۽ نه
وري خيال تي ڪجهه لکيو اٿوَ! (”ڪهاڻين“ سان به
توهان ساڳي ڪار ڪئي آهي!) اُن کان پوءِ ڪجهه شاعرن
جا نالا کڻڻ ضروري سمجهيا اٿوَ! سائين منهنجا!
’غير معمولي‘ سٽن کي ’معمولي‘ سڏڻ سان اُنهن جي
اهميت تي ڪو به اثر نٿو پئي! شبير هاتف جي غزل جي
مطلع ملڪي توڙي عالمي سطح تي ٿيندڙ منافقتن کي
وائکو ڪري ٿي:
ڪنهن سان لائي ياري دل؟
اُجرا چهرا ڪاري دل!
(6) توهان، ان ڏس ۾، ”پندرهن روزه عبرت (مئگزين)“
۽ ”ادب“ رسالي جا نالا لکيا آهن. اهي به سنڌي
ٻوليءَ جا رسالا آهن ۽ پنهنجي وس آهر سنڌي ٻوليءَ،
ادب ثقافت ۽ سماج جي خدمت ڪري رهيا آهن. (7) ڊاڪٽر
ٻُٽ جو ليک ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو
جائزو“ آهي، جيئن عنوان مان پڌرو آهي. جڏهن ته
”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“ 1947-1937 جي
ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي آهي ۽ اُهي سال
ڪتاب جي ٽائيٽل تي به موجود آهن. (8) ”ادارتي هڪ
هٽيءَ“ واري ڳالهه به ”مهراڻ جي وقت تي شايع نه
ٿيڻ“ واري ڳالهه وانگر صحيح نه آهي. (9)ان ڏس ۾،
توهان ”ڪجهه سبب“ ڄاڻايا آهن، جڏهن ته ”اصل سبب“
توهان به ڄاڻايو آهي، انڪري اسين به نٿا ڄاڻايون.
(10) مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ تي مضمون نه پر ان
عنوان سان ڇپيل ٿيسز تي هڪ صفحي جو تبصرو آهي.
(11) ڪي. ڊي. سومري جو غزل نه پر نظم آهي. (12)
توهان اسان کي ياد ڏياريو آهي ته هي 1970 نه پر
2005 ۽ ”نئين دور جون تقاضائون، اوهان سڄاڻن کان
گهڻو ڪجهه ايڪسپيڪٽ ٿيون ڪن.“ اهو ”گهڻو ڪجهه“ ڇا
آهي؟ اهو به لکو ها ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، عالمن
۽ اسان جي به رهنمائي ٿئي ها! پر جيڪڏهن اُن مان
مراد توهان جون اُهي لکڻيون آهن، جيڪي اسان نه
ڇپيون آهن ۽ توهان جي سوچ مطابق جديد دور جي
تقاضائن سان ٺهڪندڙ آهن، ته اها توهان جي ”پنهنجي“
سوچ آهي. اُنهن مان به هڪ ڪالم ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ
اخبار ۾ ڇپجي چڪي آهي ۽ ٻي مهراڻ جي ڏانءُ وٽان نه
آهي. اهو به ضروري ناهي ته هر تحرير مهراڻ ۾ ڇپجي!
خود منهنجون ڪيتريون تحريرون مهراڻ جي ڏانءُ جون
ناهن ۽ اُن ۾ نه ٿيون ڇپجي سگهن! پر اهو ته ڪنهن
بهاني سٺو ئي ٿيو، جو توهان جون اُهي تحريرون
مهراڻ ۾ نه ڇپيون، ڇو ته مهراڻ ۾ ڇپجڻ سٺو نٿو
لڳيوَ! ۽ جيڪا ڳالهه توهان کي سٺي نٿي لڳي، سا
اسان کي سٺي ڪيئن لڳندي ڀلا؟ توهان جي تنقيد [؟]
سان اسان جي ذهن تي ڪو بار بلڪل ئي نه آهي، بلڪ
توهان جي ذهن تان بار جهڪو ٿيو، ان جي اسان کي
خوشي آهي. شال خوش رهو [قلم تازو]
سائين منهنجا! سچ چوڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ گهرجي. ائين
تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسين ذاتي اَنا کي تياڳي،
علمي بحث ڪنداسين. رڳو ائين لکي ڇڏڻ ته ”ستن ليکڪن
مان ڪنهن جي ڪهاڻي معياري آهي؟“ سان ڪو به ڪارج
نٿو سَري. توهان نه ته ڪهاڻيءَ جي معياري ڪهاڻيءَ
جي ڪامروج تشريح ڪئي آهي، ۽ نه ئي ڪو جواز، ثبوت،
دليل يا شاهدي پيش ڪئي آهي. بس هڪ سوال تي ئي
اڪتفا ڪئي اٿوَ! جيڪا اسين ائين چئون ته اهي ست ئي
ڪهاڻيون، اصلوڪيون توڙي ترجمو، معياري آهن ته ڇا
توهين پنهنجيءَ راءِ تي نظر ثاني ڪندؤ؟ اهي
ڪهاڻيون توهان جي دل کي ڇهي نه سگهيون آهن ته ڇا
انهيءَ ۾ ڏوهه اُنهن ڪهاڻين جو ئي آهي؟ هتي رڳو
ڪجهه ڪهاڻين بابت پنهنجي راءِ پيش ڪريون ٿا. اڄ
سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي خطرا درپيش آهن، اُنهن تي فڪر
مند ٿيڻ بدران، ڪٿي اسين پاڻ ئي، اُن لاءِ، نوان
خطرا ته پيدا نه ڪري رهيا آهيون! لال پشپ جي ڪهاڻي
”سنڌي ٻولي امر آهي“ اهڙن ئي خطرن جي نشاندهي
ڪندڙ، هڪ فڪر انگيز ڪهاڻي آهي. هند ۾، سنڌي ٻوليءَ
لاءِ جيڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، اُن جا
پَرون نارايڻ شيام کي پريندي ئي پئجي چڪا هئا:
اَلاءِ! ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
اُتي، هند جهڙي وڏي ملڪ ۾، سنڌي ٿورائيءَ ۾ آهن.
پرانتن ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن. لپيءَ
(ديوناگري/عربي) جو مسئلو الڳ آهي. سيٺيا مال ميڙڻ
پويان آهن. پڙهندڙ گهٽجي رهيا آهن. ان ڪهاڻيءَ جو
اهوئي پسمنظر آهي، جيڪو سنڌ ۾، ٻوليءَ جي حوالي
سان پيشمنظر آهي! سرمد سنڌوجا جي ڪهاڻي ”پاڻي“ هڪ
اهڃاڻي (Symbolical)
ڪهاڻي آهي. هڪ ڪردار، جيڪو ڌرتيءَ ڌڻي آهي، اُهوئي
نـِڌڻڪو آهي! ڏکيو بکيو ۽ ”اُڃيو“ آهي. ”پاڻي“
ڪنهن به جيوَلاءِ جيڻ-مرڻ جو مسئلو آهي ۽ ”پاڻي“
ان مسئلي تي هڪ انتهائي جاندار ڪهاڻي آهي. مختصر
طور تي”سنڌو“ جي سوڪ تي ”سنڌوجا“ جي اک جو پاڻي
سُڪو ناهي. توهان جي اک ۾ ”پاڻي“ ڪو ”پاڻي“ نه آڻي
سگهي ته اُن ۾ نه ته ”پاڻي“ جو، نه ئي توهان جي اک
جو ڪو ڏوهه آهي، ڇو ته توهان اها پڙهي ئي ناهي!
سانول جي ڪهاڻيءَ ”مون مطالع سپرين“ بابت رڳو
ايترو چونداسين ته ”ساگر لاءِ ته ڳوٺ توڙي شهر ۾،
ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، ڪونه ڪو رئيس ننڍو هڪيو تڪيو
آهي ئي آهي!“ توهان پلاٽ، ڪردار، مڪالمن، ماحول،
عبارت، شروع/ وچ/پڄاڻي، ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي،
اوڄي، ڊزائين يا موضوع جي آڌار تي اُنهن ”ستن“
ڪهاڻين بابت ”معيار“ جو سوال اُٿاريو ها ته
ڪهاڻيڪارن توڙي اسان جي رهنمائي ٿئي ها! توهان
اعزازي ڪاپي نه ملڻ کي ”سنڌي اديبن جي توهين“ سڏيو
آهي، جڏهن ته لکندڙ جي حيثيت ۾ اسان کي ڪنهن رسالي
جي ڪاپي نه به ملندي آهي، ته به اسين رسالو خريد
ڪندا آهيون ۽ اُن ۾ ڪا به توهـِينَ نه سمجهندا
آهيون! ٻيو ته توهان کي مهراڻ اعزازي طورتي ملندو
رهيو آهي، سواءِ هڪ پرچي جي، اُهو ڪنهن
بدانتظاميءَ جي ڪري! اُهو پرچو ڪيترن لکندڙن کي نه
مليو آهي، پر اُنهن نه ته اُن کي پنهنجي توهـِينَ
سمڌو آهي، نه ئي مهراڻ لاءِ لکڻ بند ڪيو آهي!
جو وَڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن!
نصير مرزا جي ليک ”مان ۽ منهنجا ڪتاب “ مان ”پاڻ
پڏائڻ“ واري نقطي نروار ڪرڻ ۾ ته واقعي توهان ڪمال
ڪري ڏيکاريو آهي! ”شخصي“ مان توهان جي ڇا مراد
آهي؟ ڇا پنهنجي ذات/ شخص جي حوالي سان لکڻ ادب ۾
ممنوع آهي. پوءِ آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، جيوني،
يادگيريون، ساروڻيون، ڊائري، خط…بابت به توهان جي
اها ساڳي راءِ هوندي! (جڏهن ته توهين هڪ ”ذاتي“
ڳالهه به توهـِينَ جي زمري ۾ آڻيو ٿا!) نصير جي
لکڻيءَ جي صفحي 60 جي پهرين پئرا (جنهن ۾ هو
هاڪارين ادبي شخصيتن کي پهريون ڀيرو ڏسڻ جي ڳالهه
ڪري ٿو) ۽ ٻي پئرا (جنهن ۾ هو ٻين اهم ڪتابن سان
گڏ ”محمد بخش واصف جي هٿ لکيل شاهه جو رسالو جي
به ڳالهه ڪري ٿو) اُنهن ۾ ڪهڙو ”پاڻ پڏائڻ“ آهي؟
اُن کان اڳ ۾ هو اسڪالر شپ جي ’ڏوڪڙن‘ مان لوهي
ڪٻٽ (ڪتابن رکڻ لاءِ) جي ڳالهه ڪري ٿو. لاهور ۾ به
هو اهڙن ڪتابن جي ڳولا ۾ آهي (ص 161). صفحي 162 تي
نصير مرزا پنهنجي پيءُ جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن جي
وفات مهل نصير جي ڄمار ٽي سال هئي ۽ اُن حوالي سان
پنهنجي پيءُ جي ڪتابن جي ڪٻٽ جي ڳالهه ڪري ٿو،
جيڪو سندس چاچو کڻائي ويو هو. نصير لکي ٿو ته ”۽
ڪتابن سان ڀريل اُهو ڪٻٽ…مون کي ياد آهي، جنهن
ڏينهن اسان جي گهران روانو پئي ٿيو، لڳو پئي، بابا
کان پوءِ گهر اڱڻ مان هڪڙو ٻيو جنازو آهي، جيڪو
کڄندو پيو وڃي.“ سائين منهنجا! انهيءَ ۾”پاڻ
پڏائڻ“ واري ڪهڙي ڳالهه آهي! اها ته ڏک ڪرڻ ۽ گريي
ڪرڻ جي ڳالهه آهي. صفحي 161 جي آخري پئرا ”دنيا ۾
ظالم لٽيرن…“ کان ص 162 تائين…“ باهين ۾ ڀسم ٿي“
–ٻيهر پڙهندا! ان ريت قاضيءَ جو ليک ”رسالي مهراڻ
جو پهريون دور- هڪ اڀياس“ ان پرچي جو هڪ اهم ليک
آهي! اِهي پرچا خودس اب جي لائبريريءَ ۾ به ناهن.
ان وقت ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڪهڙا اهم ماڻهو هئا؟
مهراڻ جي اجراء ۾ ڪهڙيون ڏکيائون پيش آيون؟
ڇپائيءَ ۾ ڪهڙيون رنڊڪون هيون؟ ڪهڙو مواد ان ۾
ڇپيو؟ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال اُن وقت ڪهڙي هئي؟
ان بابت هن ليک مان خبر پئي ٿي. مهراڻ تاريخ جو
حصو آهي ۽ اُن پنهنجو تاريخ ساز ڪردار پڻ ادا ڪيو
آهي. توهان ان کي ”پنن جو زيان“ سڏيو ٿا ته اها
توهان جي ذاتي سوچ آهي.مهراڻ جي مواد جي ”افاديت“
بابت ”سوچ-ويچار“ جو ”موج ڀريو مهراڻ“ وارو ڀاڱو
پڙهڻ گهرجي.
هڪ اعزازي ڪاپي نه ملڻ کي ”سنڌي اديبن جي توهين“
سڏيو اٿوَ، پر هي جو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل،
روايتي، هاڻوڪي دَور- مطلب ته پوري اتهاس کي غير
معياري قرار ڏنو اٿوَ، بنان ڪنهن ڪارڻ ۽ دليل
جي، ان کي ڇا چوندؤ؟ اسين ته اختر درگاهيءَ جي
لفظن ۾ ڇڙو ايتروئي چونداسين ته:
تنهنجي ديد جي بَرکا گهرجي،
هيءَ دل ٿر جي واري آهي!
چيف ايڊيٽر
[18] مون کي توهان سان ملي ڏاڍي سَرهائي ٿي. توهان
دل کي ڇهندڙ تقرير ڪئي. ”سهيوڳ فائونڊيشن“ پاڪستان
جي اهم شخصيتن جي آجيان لاءِ، تقريبن جي اهتمام
ڪرڻ ۾، هميشه سرگرم رهي آهي. ”سهيوڳ فائونڊيشن“ کي
وجود ۾ آڻڻ وارن ۾ رام جواهراڻي مکيه آهي، جيڪو
نوجوان ۽ متحرڪ شخص آهي. چندر منگهناڻي ۽ بامبي
يونيورسٽيءَ جو سنڌي ادب جو استاد پروفيسر مٽلاڻي
پڻ ان ڏس ۾ گهڻا سرگرم آهن. مان پنهنجا ڪجهه ليک
موڪليان ٿو، جيڪي توهان لاءِ دلچسپ ثابت ٿي سگهن
ٿا.
اُڪير مان اوهان جو
ڊاڪٽر اي. ايڇ. هيراننداڻي
[ممبئي، هند]
[”ڊاڪٽر هيراننداڻيءَ“ هي خط امداد حسينيءَ کي
”نارايڻ شيام ايوارڊ“ ملڻ جي سلسلي ۾ لکيو آهي
”مهراڻ“ بهار 2005(ص 190) کيس ”ڊاڪٽر مير چنداڻي“
لکيو ويو هو، ان سَهو لاءَ اسين معذرت گهرون
ٿا-ادارو]
* * * * *
[14] سنڌي ادبي بورڊ جي ”خبرنامي“ جي ڪاپي پهتي.
مهرباني. هر اداري لاءِ ضروري آهي ته اُهو پنهنجي
ڪارڪردگيءَ جي ڄاڻ ڏيندو رهي. س ا ب جو ڪم شفاف
نموني هلي رهيو آهي، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. س ا
ب جا ڪتاب شروع کان ئي معياري رهيا آهن. ڪيترن
اڻلڀ ۽ نون ڪتابن جي شايع ٿيڻ جي خوشخبري به”
خبرنامي“ ۾ نمايان آهي. سرڪار پاران فند مهيا ڪرڻ،
ديسي/پرديسي مهمانن جي آجيان، هن فاني جهان مان
بقا جي ڏيهه لڏيندڙن جو احوال به اُن ۾ شامل آهي.
ٽماهي مهراڻ، ماهوار سرتيون ۽ ماهوار گل ڦل وقت تي
شايع ٿي رهيا آهن. پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾
ڏاها، اديب، محقق ۽ شاعر شامل آهن. پريس ڪلب
حيدرآباد ۾ ملهايل مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي
اٺاويهين ورسيءَ جو احوال به ”خبرنامي“ ۾ درج آهي.
اهڙن ميڙاڪن ۾ اسان جهڙن کي به سڏيو وڃي ته شايد
ڪجهه پرائي سگهون.
ٽماهي ”مهراڻ“ به تخليقي ۽ تحقيقي سجاوٽ سان شايع
پيو ٿئي. شاهه لطيف جي رسالي جي درست پڙهڻين تي
خاص ڌيان ڏنو ويوآهي. مرزا قليچ بيگ جو جوڙيل شاهه
جي رسالي تي سليم ڀُٽي جي تحقيق (بهار 2004)
ساراهه جوڳي آهي. ان سان مرزا صاحب جي اهليت ۽ علم
جي نفي نٿي ٿئي.
شاهه صاحب جي رسالي جي پهرئين جلد بابت ”شاهه جو
رسالو ۽ اُن جو تحقيقي جائزو“ (سيارو 2004) ناصف
علي شيراز جو تحقيقي مقالو آهي. سندس کوجنا، تجسس
۽ محنت نهايت دقيق آهي. پرڏيهه ۾ رهي به ايترو ڪم
ڪرڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيتن جي
پڙهڻي ۽ تقابلي جائزي ۾ محترم ناصف علي به ڪيترن
ئي بيتن ۾ وڌيڪ تحقيق لاءِ لکيو آهي. مثلاً (ص 27،
سٽ 8-9) …جنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
اهڙيءَ ريت، ڪيترن ئي بيتن جي سٽن جي اڳ ۽ پوءِ تي
بحث ڪيل آهي يا ائين لکڻ ته گمان غالب آهي وغيره.
بهرحال، محترم شيراز، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جي
حوالي سان تحقيق ڪئي آهي. سندس پورهيو شاهه صاحب
جي ڪلام سان دلچسپي ۽ مختلف پڙهڻين کي سامهون رکي
جيڪا محنت ڪئي اٿس. سا ساراهه جوڳي آهي. قابلِ
احترام ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق سان به متفق
ٿيندي، ڪيترن ئي بيتن ۾ سندس تحقيق کي هن تسليم
ڪيو آهي، جيئن (ص29- سٽ 11تا آخر)
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها،
جي تو سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
(معياري متن – سُرڪلياڻ، 24:3، ص 41)
”هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. هن بيت جا
قافيا سٽن جي آخر ۾ آهن. بيتن جي اها صورت شاهه
کان اڳ واري دور جي بيتن جي آهي. لڳي ٿو ته هي بيت
ڪنهن آڳاٽي سالڪ جو آهي. سمجهاڻيءَ واري حصي ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ اهڙو اظهار ڪيو آهي ۽ شڪ
ڏيکاريو آهي ته هي ڪنهن آڳاٽي سالڪ جو بيت آهي ۽
لکيو اٿس ته آڳاٽن قلمي نسخن ۾ هي بيت چئن سٽن سان
ڏنل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:“
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها،
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا،
تعظيما ترڪ ٿئا، واجهاڻا وئا،
وڃي تت پئا، جت نهايت ناهه ڪا.
(ڏهه قلمي نسخا/سُرآسا، ص479)
بهرحال، شاهه صاحب جي رسالي جي معياري متن لاءِ
جيتري به وڌيڪ تحقيق ٿيندي رهي ته اُن تي سوچڻ ۽
قبول ڪرڻ ۾، ڪنهن به محقق جي محنت يا صلاحيت تي
حرف نٿو اچي، بلڪ اُن جي آجيان ڪرڻ ئي عالماڻو عمل
آهي.
”مهراڻ“ ۾ ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽
ببليوگرافي“ قسط-1 (اونهارو-2004) ۽ ٻي قسط (سرءُ-
2004) ۾ محترم ناسف علي شيراز جي مٿئين تحقيقي
مقالي جي اهميت محققن لاءِ وڏو سرمايو آهي. انهيءَ
جي علاوه ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ”سنڌي لغت نويسيءَ
جي تاريخ“ مقالي (مهراڻ-4/2000) جو به ساڳيو موضوع
۽ تحقيق آهي. حقيقت ۾ انهيءَ عنوان هيٺ جيڪي به
مقالا آهن، سي س. ا. ب کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ
گهرجن، ڇو ته ”مهراڻ“ جا رسالا ڳولڻ ۽ پوءِ ضرورت
جي مواد کي هٿ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ هر ڪو ڪري نٿو سگهي.
هڪ ئي ڪتاب ۾ مواد هوندو ته آساني ٿيندي. ان ريت
”فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“ (ناسف علي شيراز-بهار
2004) يا انهيءَ موضوع تي ٻيا مقالا گڏ ڪري اُنهن
کي هڪڙي ئي ڪتاب ۾ شايع ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
انهيءَ سلسلي ۾ محترم ڊاڪٽر الهر کئي ٻُٽ جو مقالو
”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ -8(بهار
2005) قسطوار مضمون آهي، جيڪو تحقيقي آهي ۽ هن قسط
۾ ڏس ڏنو ويو آهي، ته اڳين قسطن لاءِ ”مهراڻ“ جا
ترتيبوار رسالا 1995ع کان ڏسو. ڊاڪٽر صاحب جي
انهيءَ تحقيقي ڪم ۾، جيڪڏهن ڪنهن به ڪتاب بابت
ضروري محسوس ٿئي ته پهرئين ويهي اُهي رسالا ڏسجن،
انڪري اهو مواد به هن هنڌ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو
ويو وڃي، ته بهتر.
محترم آزاد قاضيءِ جو مقالو ”رسالي مهراڻ جو
پهريون دور“ (هڪ اڀياس) وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان تيار
ڪيل آهي. انهيءَ جي ضرورت به هئي. ”مهراڻ“ جي
شروعات جنهن کي پهريون دور (1946-1947ع) ڪري پش
ڪيو ويو آهي، سو نهايت پسنديده ۽ معلوماتي آهي.
اميد ته اڳتي هلي اهو مواد به ڪتابي صورت ۾ شايع
ٿيندو.
هن ئي پرچي ۾ محترم عمراڻيءَ جو مقالو ”سنڌي نثر
جي اوسر ۽ اُن جا ڪلاسڪ نمونا“ آڳاٽي ادب جي
قسط-2 شايع ٿي آهي، جا هڪ وڏيءَ محنت جو نتيجو
آهي. پهرين قسط سيارو 2004 ۾ ڇپيل هئي. مون پهرين
قسط فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، انهيءَ ٻي قسط سان گڏ رکي
آهي ته اوير سوير ضرورت تي ڏسي سگهجي. بهرڪيف،
هيءُ پرچو تخليق ۽ تحقيق ۽ محترم حميد سنڌيءَ جي
”ڪرشماتي سفر“(دهليءَ جو داستان-4) تي مشتمل،
دلپذير مواد سان لبريز آهي.
ڊاڪٽر گل حسن لغاري
[ٽنڊو آدم، سَنڌ]
* * * * *
[15] تازو مهراڻ جو پرچو نظرن مان گذري چڪو آهي،
نهايت ئي خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳو، توهان مهراڻ لاءِ
جيڪي محنتون ڪري رهيا آهيو، سي ساراهڻ جوڳيون آهن.
مواد جي چونڊ دلڪش ۽ شاعري تمام معياري آهي، جنهن
مان پرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي رهيو آهي. سائين
امداد حسينيءَ جي لکڻين تمام گهڻو متاثر ڪيو، انهن
مان ڪافي سکيو آهيان. امداد صاحب اسان جي ادب جو
تمام وڏو نالو آهي. سندس لکڻين مان ائين لڳندو آهي
ته کيس سنڌي ٻوليءَ سان تمام گهڻي محبت آهي، جيڪا
هر شاعر کي هئڻ لازمي آهي. شاعريءَ وارو حصو
مختلف شاعرن جي خيالن سان رنگين آهي، خاص ڪري
امداد حسيني، سحر امداد، وسيم سومري، عبدالمجيد آس
ٻٻر،احمد سولنگي، بخشل باغي، حبدار سولنگي، ابرار
ابڙي ۽ طارق عالم جي خوبصورت شعرن گهڻو موهيو.
ياسين چانڊيو
[ڳيريلو، سنڌ]
* * * * * |