جنهن جا سنڌ جي اتر کان وٺي ڏکڻ سمنڊ تائين ٽاڙهيا
هوندا هئا، جنهن جو چچ نامي ۾ بار بار ذڪر ”مهراڻ“
طور آيو آهي. ريورٽي به پنهنجي نقشي ۾ جنهن درياءُ
جي نشاندهي ڪئي آهي، اُهو ”مهراڻ“ ئي آهي. ان کان
سواءِ ايڇ. ٽي.لئمبرڪ پنهنجي نقشي ۾ جهم، ٻيٽ ۽
ساڪري علائقي جي واضح بيهڪ سان گڏ اُتان گذرندڙ
درياءُ مهراڻ کي به ظاهر ڪيو آهي.
سنڌو وارو مهراڻ يا هاڪڙي کي سنڌ ساگر، سانڪره،
ساڱرو ۽ نارو به سڏيندا هئا. موجوده نارو به اڳوڻي
مهراڻ جو پراڻو پيٽ آهي.“ [36]
اُنهن تاريخي واقعن ۽ جاگرافيائي شاهدين ۽ درياهي
وهڪرن مان اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته تاريخ ۾ ذڪر
ڪيل جهم ڪوٽ ۽ هيم ڪوٽ ۽ ڀيم ڪوٽ هڪ ئي ڪوٽ جا
مختلف نالا آهن. ان جا ڪجهه سبب هيٺ پيش ڪجن ٿا:
* جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ جي ڀرسان اڄ به هڪ وڏو نخلستان
آهي، جتي چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي فوج اچي
وانڍ هنئين هئي، اُتي رهي ئي درياءُ پار ڪرڻ جو
منصوبو جوڙيو هئائين. عرب لشڪر جنهن هنڌ به سنڌ ۾
ڪئمپ ڪئي آهي، هنن پاڻ سان آندل خوراڪ طور’کجي‘
واپرائڻ بعد ککڙي اُڇلڻ ڪري اُتي کجي پيدا ٿي
آهي. ڇو جو اُن علائقي ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ ايتري
تعداد ۾ کجيءَ جا وڻ نظر نٿا اچن. اسان کي صرف
گُجو وٽ ڪجهه کجيءَ جا جهڳٽا نظر اچن ٿا.
*جهمپير ۾ اُن ڪئمپ واري هنڌ تي مڪاني ماڻهن کي
تلوارون، ڀالا ۽ نيزي جون اَڻيون پڻ مليون آهن،
جنهن مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته اُن هنڌ تي ئي عرب
لشڪر اچي ڊاٻو ڪيو هو.
جهمپير جي آسپاس ٻئي ڪنهن به ڪوٽ جا آثار نٿا
ملن. ان علائقي ۾ صرف هڪ ئي ڪوٽ جا آثار ملن ٿا،
جيڪو به هيم ڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪڏهن
جهم ڪوٽ ڪو الڳ ڪوٽ هجي ها ته ضرور اُن جا به بچيل
سچيل ڪجهه اُهڃاڻ هجن ها. اُن مان لڳي ٿو ته هيم
ڪوٽ ۽ جهم ڪوٽ ساڳيو ئي هڪ ڪوٽ آهي.
*سنڌ جي اوائلي تاريخ چچ نامي ۾ صرف جهم ڪوٽ جو
ذڪر آهي، هيم ڪوٽ جو ذڪر نٿو ملي. جيڪڏهن جهم ڪوٽ
۽ هيم ڪوٽ ٻه الڳ الڳ ڪوٽ هجن ها ته ضرور ٻنهي جو
جدا ذڪر اچي ها. اُن مان ثابت ٿيو ته اُنهيءَ جهم
ڪوٽ کي ئي تاريخدان هيم ڪوٽ سڏيو آهي.
*اسان مولائي شيدائيءَ جو ”جنت السنڌ“ ڏسنداسين ته
هو هيم ڪوٽ لاءِ لکي ٿو ته ”هن رياست جوحاڪم جيو
ولد درياهه هو. سندس گاديءَ جو هنڌ جهم هو.“ [37]
مولائي شيدائي اُن رياست جي گاديءَ جي هنڌ کي جهم
سڏيو آهي. تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اوائلي
زماني ۾ اڪثر گاديءَ جي هنڌن ۽ وڏن شهرن جي حفاظت
لاءِ اَڏيا ويندا هئا. اُن مان ظاهر آهي ته اُن
دور ۾ اُن پاسي جي رياست اندر جهم ئي مشهور شهر ۽
ڪوٽ هو، جنهن کي هيم ڪوٽ به ڪري ڪوٺبو هو.
*تحفةالڪرام جو مصنف به سنڌ جا مشهور شهر ۽ انهن
جي شخصيتن جو ذڪر ڪندي آخر ۾ هيم ڪوٽ لاءِ لکي
ٿوته ”اُنهيءَ جي هيٺان هڪ چشمو ’جهم‘ جي نالي سان
آهي.“ [38 ] جيڪڏهن ڪتاب جي مصنف جي راءِ کي مانُ
ڏجي ته اُن چشمي جي نالي ڪري ئي ساري علائقي تي
جهم نالو پيو. پوءِ لازماً اُن ڪوٽ جو نالو به جهم
ڪوٽ ئي هئڻ گهرجي.
*اسان تحفةالڪرام جو وڌيڪ مطالعو ڪنداسين ته اُن ۾
لکيل آهي ته ”هن تاڪيد پهچڻ تي محمد بن قاسم جهم
جي سر زمين تي پهچي درياهه ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون مهيا
ڪيون، اُنهيءَ کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري مضبوط
ميخن سان هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيائون.“ [39] ان حوالي سان
به ظاهر آهي ته مير علي شير قانع محمد بن قاسم سنڌ
تي حملي جي روئداد ۾ جهم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه ڪي
هيم ڪوٽ جو. ساڳئي وقت اُن ڪتاب جي حاشئي ۾ جهم
معنيٰ موجوده جهمپير جي سر زمين ورتي وئي آهي.
مٿئين ساري مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو
ته هيم ڪوٽ اصل ۾ هيم ڪوٽ ئي آهي، جنهن جو چچ
نامي ۽ ٻين تاريخن ۾ احوال ملي ٿو. اُن کان سواءِ
اُن ساري ڇنڊ ڇاڻ بعد اها ڳالهه ظاهر ٿي ته محمد
بن قاسم موجوده جهمپير ڀرسان جهم ڪوٽ جي آسپاس ئي
اچي وانڍ هنئي هئي. جتان پوءِ ٻيڙيون تيار ڪرائي
سنڌو درياءُ پار ڪيو هئائين.
بيهڪ
جهم ڪوٽ/هيم ڪوٽ جا آثار سنڌ جي ڏاکڻئين حصي ۾ ٺٽي
ضلعي جي جهمپير شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ ڦهليل
آهن. اُن ڪوٽ جا ڦٽوڙا ڪينجهر ڍنڍ جي اولاهين
ڪنڌيءَ تي 3،0 25 ۽ 0، 70، 68 اوڀر اولهه ۾ آهن.
قديم زماني ۾ هي ڪوٽ هڪ درياهي وهڪري تي آباد هو.
اهو وهڪرو زماني جي گردش جي ڪري اُتان منهن موڙي
ويو. هاڻي اُن درياهه جي جاءِ ڪينجهر ڍنڍ والاريو
بيٺي آهي، جيڪا ڪنهن نو ورنيءَ جيان ٻانهون ڦهلائي
ڪوٽ کي آغوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪوٽ جا
ڀڙڀانگ کنڊر توڙي آسپاس جي زمين ڪينجهر جي پاڻي
جي سطح کان چاليهه کن فٽ اوچائي تي آهن، جيڪي ڪنهن
اُجڙيل عاشق جيان ڍنڍ جي بلوري پاڻيءَ کي يڪ ٽڪ
تڪي رهيا آهن. موجوده وقت به ڪوٽ جي ڪلهي تي چڙهي
نگاهه کي ڍرو ڇڏبو ته انساني نظرون حد نگاهه تائين
ڊگوش جيان پرڙا هڻنديون وڃي ٿڌي نيراني پاڻيءَ ۾
تڙڳڻ شروع ڪنديون.
هيم ڪوٽ ايڏي بلنديءَ ۽ پاڻيءَ جي ڪناري تي هئڻ
ڪري دفاعي نقطه نگاهه کان به اهم جاءِ والاري ٿو.
ڪو تليه چاڻڪيه اهڙي ڪوٽ جي باري ۾ ذڪر ڪيو آهي ته
”راجا پنهنجو پايه تخت رياست جي وچ ۾ ڪنهن موزون
جڳهه تي تعمير ڪري، جيئن دريائن جو سنگم، قدرتي
ڍنڍن يا تلائن جا ذخيرا، ڪو قلعو- جيڪو گول،
مستطيل يا چوڪور هجي، جنهن جي آسپاس ندي هجي- ۽
اُن جي خشڪي ۽ آبي ٻنهي رستن سان داخل ٿي سگهجي.“
[40] چاڻڪيه جي لکڻ مطابق هيم جي شڪل به چوڪور
آهي، هن تي خشڪي توڙي آبي رستي پهچي سگهجي ٿو.
موجوده وقت ته سارو ڪوٽ تباهه حاليءَ جو شڪار آهي،
تنهن هوندي به اُن جي ديوارن جا پختا بنياد هن
درياهي ڪوٽ جي عظمت جا آئينه دار آهن. ساڳئي وقت
ڪجهه بچيل برج به هن هنڌ جي برجستي هئڻ جي شاهدي
لاءِ تيار بيٺا آهن.ستم ظريفي اها آهي جوهي
تاريخي ڪوٽ ڏينهون ڏينهن قبرستان بڻجي چڪو آهي
چوڦير ڦهليل ڪجهه قبرن ڦٽوڙن جي اندر اچي پناهه
ورتي آهي، اُن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪوٽ
تي حملي کان پوءِ ٻنهي لشڪرن جا ماڻهو جنهن هنڌ به
مُئا، تن کي اُتي ئي دفن ڪيو ويو هو. مڪاني لوڪن
جي چوڻ مطابق اُن هنڌان ڪيتريون اجتماعي قبرون به
هٿ آيون آهن. ان ڪوٽ کي قبرستان ۾ تبديل ڪرڻ جي
پڪي پختي شاهدي حسين شاهه جي مزار به آهي. اهو سيد
سڳورو به اسلامي لشڪر سان هت حمله آور ٿي آيو هو،
پر ان جنگ ۾ شهيد ٿيڻ بعد کيس ساٿين سميت اُتي ئي
دفن ڪيو ويو.
اڏاوت
هي سارو ڪوٽ ڳاڙهي پٿر جو ٺهيل آهي. اُن جو اڏاوتي
پٿر لڳي ٿو ته جهمپير جي آسپاس جي ٽڪرين کي ٽُڪي
ڪتب آندو ويو آهي. ڪوٽ اڏيندڙن شايد پٿر جي معيار
جو تمام گهٽ خيال رکيو آهي. جو سارو پٿر آبهوا جي
اثر ڪري ڳري سڙي ويو آهي. پٿر جي اهڙي حالت ۾
پهچڻ جو هڪ سبب اُن جي وڏي ڄمار به ٿي سگهي ٿي، ڇو
جوڪوٽ اٽڪل تيرهن سو سال اڳ چچ جي دور ۾ اڏيو ويو
هو. هونئن به پٿر ۾ شايد جپسم ۽ چُن جي گهڻائي
آهي. انڪري وقت گذرڻ ڪري اهو پٿر تمام هلڪو ۽ کڻڻ
۾ سولو آهي.جيتوڻيڪ جهمپير ۽ ٺٽي جي آسپاس ملندڙ
پٿر پنهنجي معيار جي ڪري مشهور آهي، ايتري قدر جو
هتان جو پٿر تازو غير ملڪي ماهرن به چوٽياري
رزروائر جي اڏاوت ۾ ڪتب آندو آهي. اڄ به ڪوٽ ۾
استعمال ٿيل پٿر جي گهڙائي. لسائي، ڪنڊون ۽ پاسا
سلامت بيٺا آهن، جنهن کي ڏسي انساني هٿن جي هنر کي
ساراهڻ کان رهي نٿو سگهجي. پٿر گهڻو ڪري مناسب
سائيز ۽ وزن جو هنيوويو آهي، جنهن کي ڪنهن مشين جي
مدد کان سواءِ هڪ ٻه مزور سولائيءَ سان چوري سگهن
ٿا. عام پٿر ڏيڍ+ اڍائي+ٽي فٽ جو آهي. ڪن هنڌن
تي اُن کان ننڍا توڙي وڏا پٿر به رکيا ويا آهن.
موجوده وقت ماڻهن ڦٽوڙن جا گهڻا پٿر ٽوڙي قبرن ۾
ڪتب آندا آهن. ڪوٽ جي مکيه دروازي وٽ مندر جي
ڀرسان ٿنڀن (Colums)
جا بنيادي پٿر (Base)
پيل آهن. گول شڪل جا اهي خوبصورت
Base
وارا پٿر ڇهه انچ ٿلها، ڏيڍ
فٽ قطر وارا ۽ ڪافي وزندار آهن، جيڪي ٿي سگهي ٿو
ته ڪوٽ جي مکيه دروازي جي اڏاوت يا مندر ۾ استعمال
ڪيا ويا هجن. اُنهن گهڙيل خوبصورت پٿرن جي موجوده
زماني ۾ به صحيح حالت ڏسي اهو گمان غالب آهي ته
اهي پٿر بعد جي دور جا آهن، جيڪي مندر جي سونهن ۽
سينگار واسطي ڪتب آندا ويا هجن. ڪوٽ جي پٿرن جي
اوساري ۾ مسالي جو تمام هلڪو تهه ڏنو ويو آهي. چُن
جي گهڻائيءَ سبب مسالي ۾ اُن جو مناسب حصو جهلڪيون
ٿو ڏئي. اڄ به مسالو ايترو ته مضبوط ۽ پختو تيار
نه آهي. هونئن به پٿر جي گهڙاوت مهل کانچا ڇڏيا
ويا آهن، جنهنڪري پٿر هڪ ٻئي کي سُڪ جهليو بيٺا
آهن. پٿرن کي هڪٻئي سان ڀچائڻ واري حرفت ۽ هنر اڄ
به چوڪنڊي قبرن جي اڏاوت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
جهم ڪوٽ جي اتر واري پٿريلي ديوار جو هڪ ٽڪر چشمن
جي ڀرسان سالم حالت ۾ نروار بيٺو آهي، جنهن مان
ڪوٽ جي مضبوطيءَ ۽ بناوٽ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ڪوٽ ۾ ڪن مناسب جڳهين تي سـِرن جو استعمال به چغلي
هڻي رهيو آهي.
موجوده وقت ۾ هن جهوني ڪوٽ جي جوڳي سار سنڀال نه
لهڻ ڪري ڪوٽ جي اڏاوت يا خوبصورتي متاثر ڪرڻ جي
قابل نه رهي آهي.
ديوارون
اُن وچولي سائيز جي ڪوٽ کي چوڦير 8 فوٽ ٿلهيون
ديوارون ڏنل آهن، جيڪي زماني جي ستم ظريفي جي ڪري
هاڻي زمين تي بانبڙا پائي رهيون آهن. تنهن هوندي
به اُنهن ديوارن جا نشان ڪوٽ جي سطح کان ڪجهه فٽ
اوچا هئڻ ڪري ڪوٽ جي بناوت ۽ ڊزائين جو اندازو ڪري
سگهجي ٿو. جهم ڪوٽ پوڻن ٻن ايڪڙن يعني ساڍن ستن
هزار چورس فوٽن ۾ پکڙيو پيو آهي. چوڦير اُن جي
ديوارن جي ڊيگهه يارهن سَو فوٽ بيهي ٿي.
ڪوٽ جون سڀ ديوارون هڪ بي ترتيب ڍير جي شڪل اختيار
ڪري چڪيون آهن. موسم ۽ آبهوا جي اثر ڪري ديوارن
توڙي اُن جي چوڦير ڪريل پٿر پنهنجي اصلي شڪل شباهت
وڃائي چڪا آهن. گهميل آبهوا جي اثر ڪري ديوار جي
پٿرن ۾ سنها سنها سوراخ ٺهي ويا آهن. ڪاراڻ مائل
پٿر ڏسي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته حملي آورن ڪوٽ کي
باهه ڏئي ساڙيو آهي. هاڻي اسين هر ديوار جو معائنو
ڪندا هلنداسين.
اتر ديوار
اتر ديوار اولهه کان هڪ شاهوڙ برج مان منهن ڪڍي
اوڀر طرف ڪينجهر جي ٿڌين ٿانورين لهرن سان گڏ 125
فوٽ پنڌ ڪرڻ بعد ڪوٽ جي اندر 35 فوٽ وڪڙ کائي ٿي.
اُن وراڪي وٽ اُن کي هڪ شاهوڙ برج ڏنل آهي. اُتي
ديوار جي قدمن مان چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جن جو ذڪر
مير علي شير قانع، مرزا قليچ بيگ ۽ لوڪرام ڏوڏيجا
ڪيو آهي. اتر ديوار کي اُن هنڌان انڪري وَر ڏنو
ويو آهي، جيئن پاڻيءَ جا اهي پويتر چشما عام ماڻهن
جي استعمال لاءِ ڪوٽ کان ٻاهر ڪڍي سگهجن، ان مقام
کان ديوار وري پنهنجو سفر شروع ڪري 120 فوٽ پنڌ
ڪرڻ بعد اچي اوڀر ڪنڊ وارو برج ڊاهي ٿي. اهڙيءَ
طرح ان ٻانهه جي ڪل ڊيگهه 245 فوٽ بيهي ٿي.
اوڀر ديوار
سر زمين تي ڪوٽ جي ان ديوار جو وڏو حصو غائب آهي،
جنهن مان لڳي ٿو ته اُهو حصو ڄاڻي واڻي ڪنهن مقصد
لاءِ ٽوڙيو ويو آهي. شايد اهي پٿر ڪنهن ٻي عمارت
جي اڏاوت ۾ ڪتب آندا ويا آهن. اوڀر ديوار جي ڊيگهه
275 فوٽ بيهي ٿي. ان تاريخي جاءِ جو اهو پاسو بي
ترتيب ڪرڙن ڪانڊيرن جي گهيري ۾ آهي.
ڏکڻ ديوار
ڪوٽ اندر اچڻ وڃڻ لاءِ لڳي ٿو ته صرف هي پاسوئي
استعمال ۾ ايندو هو، ڇو جو ڪوٽ جي اُن ڏکڻ پاسي تي
ڪوٽ جي مکيه دروازي جا آثار ملن ٿا. ديوار جيئن
اوڀر ڏکڻ ڪنڊ کان پنهنجي مسافريءَ جو آغاز ڪري ٿي
ته ڪجهه قدمن بعد اُن کي دروازي جي حفاظت لاءِ
مامور ٻه برج ڀليڪار ڪن ٿا. دروازي بعد ديوار واري
سڌي قطار ۾ قدم کڻي ڏکڻ اولهه برج سان مکا ميل ٿئي
ٿي. ڪوٽ جي اُن ٻانهن جي ڊيگهه 275 فوٽ آهي.
اولهه ديوار
ڪوٽ جي هيءَ ڊگهي ۾ ڊگهي ٻانهن 310 فوٽ آهي. هي
چاڙ ڪوٽ جي ڏکڻ اولهه برج کي الوداع ڪرڻ بعد 125
فوٽن جو مفاصلو طي ڪري ڪوٽ جي اندر طرف 90(نوي
ڊگري) جي ڪنڊ ٺاهي 30 فوٽ اندر گهت هڻي ٿي، جتي
وري گوني ڪنڊ ٺاهي پنهنجو سفر اُترپاسي روان دوان
رکي ٿي. آخر 185 فوٽ وڌيڪ وکن کڻڻ کان پوءِ اترين
ديوار جي ڪنڊ وٽ قائم برج سان ٻانهون کولي ملي ٿي.
هن اولهه ديوار جي ڀرسان اندرئين توڙي ٻاهرئين
پاسي قبرون پکڙيل آهن. ڪوٽ جي ان ڀت کي وچ وٽان
اندر طرف وڪڙ ڏيڻ جو ڪو به واضح سبب معلوم نٿو
ٿئي، نه ئي ان هنڌ جي زميني ساخت يا ٽڪريءَ جي شڪل
يا بناوت اهڙي آهي جنهن سبب ديوار کي ان هنڌان
اندر طرف موڙ ڏنو ويو هجي. ائين ٿو لڳي ته ديوار
کي گوني ڪنڊ ٺاهڻ بعد قبرن کي ڪوٽ اندر آڻڻ کان
بچايو ويو آهي. پر مڪاني ماڻهن جي چوڻ مطابق ڪوٽ
ڪافي اوائلي آهي ۽ قبرستان بعد ۾ ڪوٽ جي غير آباد
ٿيڻ کان پوءِ ٺاهيو ويو آهي.
هڪ اندازو اهو آهي ته جيئن ته اهو پاسو خشڪيءَ طرف
آهي انڪري ڪوٽ جي اُن ديوار جي ٻاهران ئي محافظن
جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هجي. ائين به ٿي سگهي
ٿو ته ديوار جي اُن ٻاهرئين پاسي وٽ ئي ڪوٽ جو
دمدمو يا ڪو ڳجهو لنگهه هجي، جيڪو هن وقت پنهنجا
نيشان وڃائي چڪو آهي.
بُرج
ڪوٽ کي اندازاً ڪل ست برج آهن، انهن مان صرف ٽي
برج ته اڄوڪي دور ۾ به واضح نظر اچن ٿا. انهن ستن
برجن مان چار برج ته دستور مطابق ڪوٽ جي چئن ڪنڊن
جا محافظ آهن. جن چئن برجن مان صرف اتر ڪنڊ وارو
برج هاڻي به زخمي حالت ۾ ڪوٽ جو ساٿ نڀايو بيٺو
آهي. باقي ڪنڊن وارا ٽي برج پٽوپٽ ٿي ويا آهن. ان
کان سواءِ ٻه برج جيڪي ڪوٽ جي ڏاکڻئين شاهي دروازي
جا رکوالا آهن، ان مان ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ مهل ساڄي هٿ
وارو يعني اوڀاريون برج مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو
آهي. البت کاٻي هٿ واري برج جو وجود محسوس ڪري
سگهجي ٿو. ڪوٽ جي ان هنڌ جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته
داخلي دروازي کي ڪنهن دور ۾ باقاعدي زوريءَ ڊاٺو
ويو آهي. شايد اهو حصو شـِو مندر جي ويجهي هئڻ ڪري
شـِوَ جي ڪنهن خاص ڏڻ تي ميلي وغيره لاءِ کليل
ميدان طور ڪتب آندو ويو آهي.
ڪوٽ جي اترين ديوار ۾ جتان ديوار کي وڪڙ ڏئي اندر
آندو ويو آهي، اُتي ڪوٽ جو هڪ اضافي ۽ هڏ ڪاٺ ۾ سڀ
کان برجستو بُرج بڻايو ويو آهي. ان وڏي برج جي
ڇانو ۾ ئي مندر جا چشما اُڃين جي اُڃ اُجهائيندا
رهن ٿا. ان مان لڳي ٿو ته اهو برج خاص چشمن تي
ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي نظرداريءَ لاءِ جوڙيو ويو
آهي. بهرحال ڪوٽ جوهي سڀ کان مٿانهون ۽ مانائتو
برج آهي.
ڪنگريون/مارا
ڪوٽ جي ديوار يا برجن جو ڪو به مٿانهون حصو صحيح
حالت ۾ نٿو ملي، انڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته
ديوار ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙي طرز جا ڳڙکا ۽ مارا هئا، جن
۾ تيرانداز يا بندوق باز مورچا قائم ڪري ويهندا
هئا. نه ئي برج اهڙي اوچائيءَ تائين سالم حالت ۾
بيٺا آهن جن تي منجنيق يا توب وغيره رکڻ جا ڪي
اهڃاڻ ملي سگهن. ساڳيءَ طرح اهو به يقين سان چئي
نٿو سگهجي ته ٻاهرين ديوار يا برجن مٿان ڪي
ڪنگريون وغيره هيون يا نه، البت رسول بخش درس وٽ
اُن ڪوٽ جو هڪ پٿر محفوظ آهي، جيڪو ٿورو گهڻو ڪنول
جي گل سان مشابهت رکي ٿو. هندن وٽ هونئن به ڪنول
جو گل پوتر ليکجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اُن طرز جا
گل ڪوٽ جي ڪنگرن يا ڪنهن ٻئي هنڌ جي خوبصورتيءَ
لاءِ ڪتب آندا ويا هجن، ڇو جو اهو پٿر جو گل ڪوٽ
مان ملندڙ ٻين پٿرن جهڙو آهي، جنهن تي به وقت گذرڻ
ڪري ڪوٽ جي ٻين پٿرن جيان آبهوا جي اثر ڪري سنهڙا
سنهڙا سوراخ
Cavities ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته پٿر ۾ چُن ۽
جپسم جي گهڻائيءَ ڪري پٿر جي وزن ۾ ڪمي اچي وئي
آهي.
رهائشي ڪوٽ
جهم ڪوٽ اهم دفاعي هنڌ تي واقع هئڻ کان سواءِ
رهائشي ڪوٽ به لڳي ٿو. اڄ به ڪوٽ جي ڪن هنڌن تي
رهائشي جڳهين جا بنياد ظاهر بيٺا آهن، جن جي
کوٽائي ڪرڻ سان ڪيتريون ئي تاريخي شيون ملي سگهن
ٿيون. البت ڪوٽ جي اوڀارين ديوار سان لڳو لڳ ڪيترن
ئي ڪمرن جا اهڃاڻ موجود آهن، جن مان پڪ سان چئي
سگهجي ٿو ته ڪوٽ جو اهو پاسو رهائش جي ڪم آندو
ويندو هوندو. ڪوٽ جي اُن
حصي ۾ ڪمرن جي موجودگيءَ جو جو وڏو سبب اهو به ٿي
سگهي ٿو ته ته اُتان پاڻيءَ جا چشما ويجها آهن.
پاڻي، جيڪو جياپي جو اهم جزو آهي، لڳي ٿو ته ڪوٽ
جي رهواسين جو به گذر سفر چشمن جي اُن پاڻيءَ تي
هو. هونئن به ڪوٽ جي ڪن حصن جي کوٽائيءَ دوران ڪي
گول پائيپ مليا آهن، جيڪي پاڻيءَ پهچائڻ توڙي
نيڪال جي ڪم ايندا هوندا.
چشما
ڪوٽ جي اترين ديوار جي ٻاهرئين طرف بنيادن ڀرسان
شفاف چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪي صدين کان وٺي لاڳيتو
پاڻيءَ جي ڌارا وهائيندا رهن ٿا. ڪن ماڻهن جو خيال
آهي ته اُنهن چشمن جي ڪري ئي هن علائقي کي ’جهم‘
سڏيو ويو آهي. مير علي شير قانع به اُنهن چشمن جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”آڳاٽي سمي هيم ڪوٽ نالي پراڻو
قلعو هوندو ۽ هاڻي هندن جو هڪ تيرٿ آهي. هڪڙي ٽَڪر
مان پاڻي سـِمي ٿو، اُنهي جي هيٺان هڪ قدرتي چشمو
’جهم‘ نالي آهي.“ [41]
اُ ن چشمي جو مرزا قليچ بيگ به ذڪر ڪيو آهي ته ”هن
ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ هوندوهو ۽ هاڻي اُتي هندن جي
تيرٿ
جي جاءِ آهي. ٽَڪر مان پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي ڪـِري ٿو.“
[42]
ماڻهن جو خيال آهي ته اُن جهم چشمي جي ڀرسان بعد ۾
هڪ بزرگ دفن ٿيڻ ڪري اُن جو نالو جهمپير پئجي ويو.
منهنجي خيال ۾ اهو علائقو جـِهميل هئڻ ڪري ۽
پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي ڪري ئي اُن ساري علائقي
جي هيٺائينءَ جي نسبت سان ئي اُن ڪوٽ تي نالو به
”جهم ڪوٽ“ پئجي ويو، جيڪو ”هيم ڪوٽ“، ”همه ڪوٽ“ ۽
”ڀيم ڪوٽ“ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
شـِوَ جو مندر
ڪوٽ جي اندر ڏکڻ ڪنڊ تي مکيه دروازي جي ڀرسان
شـِوَ جو مندر آهي. اُن هنڌ تي شو ۽ اُن جي لُنگ
جي ٿيندڙ پوڄا جو ذڪر تحفةالڪرام ۽ ٻين تاريخن ۾
ملي ٿو. اهو تاريخي مندر صدين کان وٺي اڄ به پوڄا
پاٺ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جيئن ته شـِوَ جي
پُوڄا جي شاهدي هڙپه دور جي هڪ مهرمان ملي ٿي،
جنهن ۾ شـِوَ ديوتا کي پسوپتي يعني حيوانن جو مالڪ
۽ پالڻهار ڏيکاريو ويو آهي. شـِوَ ديوتا جي هڪ
علامت ڍڳو به آهي. ڍڳو زراعت سان تعلق رکي ٿو.
آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا ماڻهو بنيادي طرح پوکي
ڪندا هئا.اهڙيءَ طرح شو جي لُنگ جي پوڄا آرين کان
پهريائين سنڌ ۾ موجود هئي. رگ ويد ۾ شـِوَ ديوتا
جو نالو نٿو ملي. پر هڪ قبيلي شـِوَ (Shivs)
جونالو ملي ٿو، جيڪو درياهه سنڌ جي آسپاس رهندو
هو. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته شـِوَ جي پُوڄا ننڍي کنڊ
۾ درياهه سنڌ جي آسپاس ٿيندي هئي. شـِوَ پرستي
ساڍا ٽي چار هزار سالن کان سنڌو ماٿريءَ جي قديم
تهذيبي علائقن ۾ رهي هئي.“ [43]
شوپرستن وٽ هي خوفناڪ ديوتا ساري مخلوق جو مالڪ،
بدڪردارن کي ختم ڪندڙ، بغض و نفرت، شيطانيت ۽
بيمارين جو خاتمو ڪندڙ آهي. هن کان شفايابي جون
دعائون گهريون وينديون آهن. [44]
هونئن به اڪيلي شـِوَ جي پوڄا تمام گهٽ ڪئي ويندي
آهي. عام طرح اُن جي لُنگ (لنگم) جي شڪل ۾ ۽ ان جي
زال پاربتيءَ جي پرستش يوني جي شڪل ۾ ٿيندي آهي،
جيڪا سوين سالن کان اڄ به ”جهم ڪوٽ“ اندر قائم
مندر ۾ جاري آهي.
جهم ڪوٽ جوهي مندر هتان جي مقامي ڳاڙهي پٿر جو
جڙيل آهي، جنهن جي طرز تعمير ننگر پارڪر ڀرسان جين
مندرن جي اڏاوت سان مشابهت رکي ٿي. موجوده وقت ۾
مندر مٿان سيمنٽ جي پلستر ۽ رنگ ڪرڻ ڪري ان جو
اصلي رنگ ۽ هيئت ختم ٿي وئي آهي. مندر اندران بلڪل
ننڍڙو آهي، جنهن ۾ ٻه ٽي ماڻهو مس اچي سگهن ٿا.
مندر اندر شـِوَ مهراج جي مورتي شـِوَلنگ سان گڏ
گڻيش مهراج جي سر ڪٽيل نو انچ ڊگهي مورتي رکيل
آهي. گڻيش جي اها مورتي هتان کوٽائي ڪندي هٿ آئي
هئي. (ڪوٽ ۾ ٻيهر سيپٽمبر 2004ع ۾ وڃڻ ٿيو ته اُها
مورتي موجود ڪانه هئي. پروهت اُها مورتي ڪينجهر جي
پاڻيءَ حوالي ڪري ڇڏي). هن علائقي ۾ گڻيش جي
مورتيءَ جي موجودگيءَ مان لڳي ٿو ته هن علائقي ۾
گڻ پتي به رهندا هئا، جو هت هڪ علائقي کي گڻيش پَٽ
يا ٽڪري سڏيو وڃي ٿو.
شـِوَ جوهي مندر ۽ ڪوٽ اوائلي زماني ۾ درياهه جي
ڪپ تي هو، پر اڄ به ڪينجهر جون ٿڌيون ٿانئريون
ڇوليون مندر جي ڏاڪڻ کي پُسائين ٿيون، جيتوڻيڪ
موجوده وقت به مندر پاڻي جي سطح کان پنجاهه فوٽ
مٿي آهي. مندر جي سامهون اوڀر طرف ڪينجهر جي ڪنٺار
تي مرد ۽ عورت زيارتين لاءِ غسل خانا جوڙيل آهن،
جيڪي ڪافي بعد جا لڳن ٿا. البت انهن پراڻن غسل
خانن ۾ لڳل ڪاشيءَ جون سرون اڄ به جاذب نظر آهن.
حسين شاهه جي مزار
جهم ڪوٽ، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري قدرتي حسن
جي متوالن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي ڪوڏين لاءِ سٺو تفريح
گاهه آهي. هتي ڪيترائي سڪون جاڳالائو اچي نيراني
ڍنڍ جي لهرن جو مزو ماڻين ٿا. مڇيءَ جي شڪارين
لاءِ به هي هڪ من موهيندڙ ماڳ آهي. فطرت جي
شيدائين کان سواءِ هت گهڻائي مندر هندو توڙي
مسلمان پانڌيئڙا روحاني راحت ۽ قلبي سڪون حاصل ڪرڻ
لاءِ ڀيرو ڀريندا رهن ٿا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هندو
زيارتي وڏي تعداد ۾ هن ڪوٽ اندر شو جي مندر ۾ پوڄا
پاٺ، ڀڄن ۽ آرتي لاءِ اچن ٿا. ان کان سواءِ
ڪيترائي مسلمان به پنهنجي مڃتا جي پورائي لاءِ
چشمن جي ڀرسان پير حسين شاهه جي مزار تي ڪهي ايندا
آهن. اُن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي
فوج سان گڏ جهم ڪوٽ تي حملي آور ٿي آيو هو ۽ اُن
ڪوٽ جي ڀرسان ئي شهيد ٿيڻ بعد اُتي ئي دفن ٿيو.
حوالا
[1] Sorley H.T. "Shah Abdul Latif of Bhit", Oxford
Univesity Press, Humphrey Milfords, London-
1940. pp. 69, 72, 93.
[2]
Manique, A Travels of sebstin Manique 1629-43, pp
238-239.
[3]ابوبڪر شيخ: (مقالو) ”لاڙ جو مطالعو“،مرتب:
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع، ص
13.
[4] اشتياق انصاري: ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“، سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي، 1996ع، ص 157.
[5]مير علي شير قانع: ”تحفةالڪرام“، سنڌي ادبي
بورڊ، ڇاپو ٻيو 1976ع، ص 454.
[6]شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ : ”قديم سنڌ، اُن
جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
1990ع، ص 123.
[7]لوڪرام ڏوڏيجا: ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“، نيو
فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1993ع، ص 83.
[8]رحيمداد خان مولائي شيدائي“ ”جنت السنڌ“،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2000ع، ص 218.
[9]Captain
E.P. Delhoste- Memories on Sind- Edited by R.
Hughes Thomas, 1979, p 252.
]10]جيمس مئڪمرڊو: ”سُکاري سنڌ ڏُکارا ماڻهو“،
سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي،
1998ع، ص 63.
[11]رسول بخش درس: (مقالو) ”هيم ڪوٽ ۽ جهول ماڙي“،
ٽماهي ”مهراڻ“ ، 1994ع، ص 2-1.
[12] ايضاً
[13]رسول بخش درس، حوالو: مرزا قليچ بيگ ، ايضاً،
ص127.
[14]فتح نامو عرف چچ نامو: مترجم: مخدوم امير احمد
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1976ع، ص 210.
[15]اعجاز الحق قدوسي: ”تاريخ سنڌ- حصو اول“،
1980ع، ص 162.
[16] فتح نامو عرف چچ نامو: مترجم: مخدوم امير
احمد، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، ص 210.
[17]ايضاً، ص 226.
[18] محمد حسين ڪاشف: ”اگهم ڪوٽ ۽ جهم“، ”مهراڻ“
نمبر 1 ۽ 2، سال 1970ع.
[19]معمور يوسفاڻي: (مقالو) ”لاڙ جو مطالعو“،
مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادبي بورڊ،
1991ع، ص 35.
[20] هينري ڪزنس ”سنڌ جا قديم آثار“، مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع، ص 42.
[21]جنرل هيگ: ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“،
مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ص
97.
[22]مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ (اردو)،
تصحيح و حواشي: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ترجمو
اختر رضوي، ص 32.
[23] ايضاً، ص 379.
[24]مخدوم امير احمد: ”فتح نامو عرف چچ نامو“،
سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، ص 420.
[25] ايضاً، ص 478.
[26] ايضاً، ص 479.
[27]هينري ڪزنس: ”سنڌ جا قديم آثار“، مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع، ص 4.
[28]ايڇ. ايم. ايليٽ: ”سنڌ جي تاريخ“، (مورخن جي
زباني)، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو،ص 206.
[29]ايڇ. ٽي. لئمبرڪ: ”سنڌ- هڪ عام جائزو“، مترجم
سليم احمد، ص 269.
[30]هينري ڪزنس: ”سنڌ جا قديم آثار“، مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو، ص 44.
[31]هينري ڪزنس: ”سنڌ جا قديم آثار“، مترجم: عطا
محمد ڀنڀرو، ص 7.
Major Reverty- Mehran of sind and its
Tributaries, pp. 466-467.[32]
[33]فتح نامو عرف چچ نامو: مترجم:مخدوم امير احمد،
سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، ص 171-170.
[34]رسول بخش درس: ”نيري پاڻي جي ڪينجهر ڍنڍ“،
عبرت مئگزين، آگسٽ 2000ع.
[35] ايضاً.
[36] ريورٽي: ”مهراڻ“، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو،
سنڌي لئنگئينج اٿارٽي، ص 16.
[37]مولائي شيدائي:”جنت السنڌ“، سنڌيڪا اڪيڊمي،
ڪراچي، 2000ع، ص 218.
[38]مير علي شير قانع: ”تحفةالڪرام“، سنڌي ادبي
بورڊ ڇاپو ٻيو، 1976ع، ص 454.
[39]ايضاً، ص 40.
[40]آچاريه ڪوتليه چاڻڪيه: ”ارٿ شاستر“، اردو
ترجمو: شان الحق، ٽيڪساس پرنٽرس، يونيورسٽي روڊ
ڪراچي، 1991ع، ص 227.
[41] مير علي شير قانع: ”تحفةالڪرام“، سنڌي ادبي
بورڊ 1976ع، ص 454.
[42] شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ، اُن
جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
1990ع، ص 123.
[43] ابن حنيف: ”ڀولي بسري ڪهانيان“، بيڪن بڪس گل
گشت ملتان، 1990ع، ص 120-118.
[44] اشتياق انصاري: ”ڌرتي ماتا“، سنڌيڪا: اڪيڊمي
ڪراچي، 2001ع، ص صفحو 127.
________
حيدر ڪلوچ-
سنڌ جو مشهور فارسي گوشاعر
مدد علي سنڌي
سنڌ جي جن فارسي شاعرن جو سنڌ کان ٻاهر هندستان ۽
ايران جي مختلف تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو، اُنهن مان هڪ
جو نالو آهي ”حيدر ڪلوچ“.
ڪلوچ ’صاحب ديوان‘ شاعر هو. اصل هرات جو رهواسي،
بعد ۾ مرزا شاهه حسن ارغون جي دَور ۾ سنڌ ۾ لڏي
آيو.ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن
پاٽ ۾ گذاريائين ۽ اُتي ئي گذاري ويو. هن وقت
جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جو ڪو به قلمي نسخو سنڌ ۾
موجود ڪونهي، پر سندس شاعريءَ جو ذڪر هندستان ۽
ايران جي تاريخن ۾ موجود آهي. دنيا جي ڪيترن ئي
مشهور ڪتبخانن ۾ اڄ به سندس شاعريءَ جا ’ديوان‘
آهن، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هو پنهنجي
دَور جو وڏو ۽ مشهور شاعر هو.
ڪلوچ جو اصل وطن ۽ سندس زندگيءَ جو احوال:
افغانستان جي اتر اولهه ۾ اڄ به هرات جي نالي سان
مشهور شهر موجود آهي. صديون اڳي هي شهر خراسان ۾
شامل هو. ڇاڪاڻ ته هرات هندستان ۽ چين ڏانهن وڃڻ
جي لنگهه تي واقع آهي، انڪري اُن دَور ۾ به اهم
واپاري ۽ فوجي مرڪز هو. 41هه(661ع) ۾ اُموي دَور ۾
عربن هن شهر کي فتح ڪيو. 782هه(1380ع)۾ تيمورلنگ
اُن کي ترقي وٺرائي. 874هه (1468ع) ۾ تيمور خاندان
جي آخري بادشاهه ابوالغازي سلطان حسين بايقرا جي
دَور ۾ هرات وڏو عروج ماڻيو. سلطان پنهنجي دَور ۾
علم ۽ ادب کي ڏاڍو زور وٺرايو ۽ هڪ عاليشان مدرسي
کان سواءِ ڪيتريون ئي عمارتون پڻ اَڏايون. اُن جي
دَور جا ڪيترائي وڏا شاعر درٻار سان لاڳاپيل هئا.
فارسي ۽ ترڪي ٻوليءَ جو وڏو شاعر علي شير نوائي
سندس خاص وزير هوندو هو. نوائيءَ جا فارسي شاعريءَ
۾ چار ديوان موجود آهن. تنهن کان سواءِ مشهور
فارسي شاعر مولانا عبدالرحمان جامي، عبدالله
هاتفي، شيخ الااسلام سيف الدين احمد، ملا شيخ
حسن، ملا محمد بدخشي،ملا مسعود شيرواني، ڪمال حسين
گزگاهي، انوار سهيلي ۽ روضةالشهداءَ جو مصنف ڪمال
الدين حسن بن علي واعظ ڪاشفي، مير خوند ۽ ٻيا
ڪيترا شاعر،مؤرخ، مصور ۽ خطاط سندس درٻار جا اهم
رڪن هئا. خود بايقرا پاڻ به شاعر هو. ترڪي زبان ۾
سندس ديوان موجود آهي، جيڪو 1949ع ۾ استنبول مان
شايع ٿيو. سام ميرزا پنهنجي ڪتاب ”تحفهء سامي“ ۾
سلطان جي هڪ تذڪري ”مجالس العشاق“ جو ذڪر ڪيو آهي،
پر بابر پنهنجي آتم ڪٿا ”تزڪ بابري“ ۾ سلطان کي
ليکڪ نه مڃيندي، اُنهيءَ ڪتاب جو اصل ليکڪ ڪمال
حسين گزگاهي کي مڃي ٿو.
اهڙي ئي علمي ۽ تاريخي شهر هرات ۾ حيدر ڪلوچ نائين
صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. افسوس ته ڪيتري جاکوڙ ڪرڻ
جي باوجود به تذڪره جي ڪتابن ۾ ڪلوچ جي جنم جي
تاريخ ڪانه ٿي ملي. ڪي تذڪره نويس ڪلوچ کي شاهه
اسماعيل صفوي (1523-1486ع) جي دَور ۾ پيدا ٿيل
ڏيکارين ٿا، پران سلسلي ۾ به اختلاف آهي. شاهه
اسماعيل صفوي 892هه (1486ع) ۾ ڄائو ۽ 38 ورهين جي
ڄمار ۾ سال 930هه (1523ع) ۾ مارجي ويو. جيڪڏهن
ڪلوچ اسماعيل صفويءَ جي دَور ۾ پيدا ٿيو ته هو سال
911هه (1505ع) ۾ خراسان جي بادشاهه سلطان بديع
الزمان جي درٻار جو شاعر ڪيئن بڻيو؟ يقيناً
911هه(1505ع) ۾ جڏهن هڪ سال لاءِ بديع الزمان
هرات جو بادشاهه ٿيو ته اُن وقت ڪلوچ جي عمر ايتري
ته هئي، جو هوبادشاهه جو درٻاري شاعر ٿيو ۽ پنهنجي
مخالف شاعر ۽ بزرگ مولانا هالالي جي خلاف شعر
لکيائين. اُن وقت ڪلوچ جي عمر بهرحال 30 ورهين
کان مٿي هئڻ گهرجي. ان لحاظ کان ڪلوچ جي جنم جو
سال 881هه(1476ع) هئڻ کپي.
ڪلوچ بنيادي طور تي هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو.
ابتدائي سالن ۾ هو ڪليچي رڌڻ جو ڪم ڪندو هو، انڪري
مٿس ’ڪلونج‘ يا ’ڪلوچ‘ جو لقب پئجي ويو. دراصل اڄ
به ايران جي مختلف سرحدي علائقن ۾ صبح جو سويل
ٻڪري جي مُنڍي ۽ پاون رڌڻ وارن کي ’ڪلونچ‘ ڪري
سڏيو ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ’حيدر‘ اهي ٻئي ڪم
ڪندو هجي، يا سندس خانداني پيشو اهو رهيوهجي،
انڪري مٿس ’ڪلونج‘ يا ’ڪلوچ‘ جونالو پئجي ويو.
البت هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”حيدر‘
اختيار ڪيو. اُن وقت شاعري گهڻو ڪري بادشاهن جي
درٻار سان منسلڪ ٿي ويندا هئا، انڪري ڪلوچ به هرات
جي بادشاهه بديع الزمان ميرزا جي درٻار ۾ وڃي
پهتو، جتي ٻيا به ڪيترائي شاعر اڳ ئي بادشاهه جي
مصاحبيءَ ۾ شامل هئا.
سال 913هه(1507ع) ۾ جڏهن بديع الزمان، ازبڪ حاڪم
محمد خان شيبانيءَ جي حملي وقت استرآباد ۽ پوءِ
قنڌار پهچي ويو، تڏهن ڪلوچ هرات ۾ هو. بعد ۾
خراسان تي شيبانيءَ جو قبضو ٿيو ته به لڳي ٿو ته
هن هرات نه ڇڏيو. 917هه(1511ع) ۾ شاهه اسماعيل
خراسان جي حڪومت هٿ ڪئي ته بديع الزمان وڃي سنڌ ۾
ٺٽي جي حاڪم سلطان فيروز بن ڄام نظام الدين سمي
وٽ پناهه ورتي، پر ڪلوچ ساڻس گڏ نه ويو ۽هرات ۾
رهي پيو. اُهو زمانونهايت ئي پرآشوب هو. ڪلوچ
بنيادي طور تي هڪ حساس شاعر هو. هن هرات ۽ خراسان
جي مسلسل لڙاين، رتوڇاڻ ۽ پنهجي ولي نعمت بديع
الزمان کي اقتدار تان هٽندي ۽ دربدر ٿيندي ڏٺو. هن
جي اکين آڏو ازبڪ حملي آور محمد خان شيباني هرات ۾
23 مئي 1507ع تي داخل ٿيو ۽ پنهنجي محسن بديع
الزمان جي ڀاڄائي ۽ ميرزا مظفر جي خوبصورت زال
خانزاده بيگم جي محل ۾ ڪاهي پيو. اُن وقت هوءَ عدت
۾ ويٺل هئي، پر ڇاڪاڻ ته هوءَ بيحد خوبصورت هئي،
انڪري عدت پوري ٿيڻ کان اڳ ئي شيباني ساڻس نڪاح
ڪيو. انهيءَ عمل يقيناً شاعر کي رنجايو هوندو.
جڏهن شيبانيءَ جي ڀائٽي عبيدالله خان ازبڪ، بديع
الزمان جي درٻاري ۽ مشهور شاعر مولانا بدرالدين
هلالي چغتائي استرآباديءَ کي بيدرديءَ سان (1529ع)
۾ مارائي ڇڏيو ته شاعر جي دل هرات کان جهڙو ڪر ڀڄي
پئي. ان وچ ۾ لڳي ٿو ته سندس مالي حالتون به بهتر
نه هيون. 830هه (1523ع) ۾ شاهه اسماعيل صفوي فوت
ٿيو ته سندس ڏهن سالن جو پٽ شاهه طهماسپ ايران جي
تخت تي ويٺو. ڪلوچ هڪ قصيدو طهماسپ جي شان ۾ چيو،
جيڪو بادشاهه کي پڻ ڏاڍو وڻيو، پر سندس مالي
مشڪلاتون حل نه ٿيون.
سنڌ ڏانهن آمد:
اهڙين حالتن کي ڏسندي مايوس ٿي ڪلوچ پنهنجي والده
کان اجازت وٺي سنڌ جو رخ ڪيو. اُهو دَور اهڙو هو،
جنهن ۾ هڪ طرف ارغونن جي ظلم سبب سنڌ جا ڪيترائي
هاڪارا عالم ۽عزتدار ماڻهو سنڌ مان لڏي رهيا هئا،
ته ٻئي طرف خراسان جا ڪيترا شاعر ۽ عالم بخت
آزمائيءَ لاءِ سنڌ پهچي رهيا هئا. سنڌ تي ميرزا
شاهه حسن جي حڪمراني هئي. اُن وقت سنڌ ڏي لڏي آيل
عالمن ۾ مير محمودالمعروف به شيخ ميرڪ، شيخ مير
محمد، شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين، شاهه
محمود بن شاهه طيب، سيد مير ڪلان، مخدوم محمود
ضمير پوراني، مولانا عبدالعزيز ابهري، مولانا يونس
سمرقندي، شاهه جهانگير هاشمي، مولانا فخري هروي ۽
نيازي بخاري سمرقندي شامل آهن.
اُهو دَور مرزا شاهه حسن ارغون جي عروج جو هو.
شاهه حسن پنهنجي پيءُ شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ
سال 927هه(1530ع) ۾ سنڌ جو والي ٿيو. ڪل 34 ورهيه
سنڌ تي حڪومت ڪيائين ۽962هه ۾ گذاري ويو.
ڪلوچ شاهه حسن جي عروج جي وقت ۾ ٺٽي ۾ آيو. اُهو
وقت لڳي ٿو ته 932هه(1525ع) جو ڏهاڪو هوندو.ڪلوچ
ٺٽي ۾ ڪيترو قت رهيو ۽ ڪهڙي سال لڏي وڃي پاٽ
وسايائين، اهوسڀڪجهه ماضيءَ جي اونداهه ۾ گم آهي.
بهرحال تاريخ اهوضرور ٻڌائي ٿي ته ڪلوچ شاهه حسن
جي درٻار سان منسلڪ ٿيو، سندس شان ۾ قصيدا به
لکيائين ۽ بعد ۾ ٺٽي کي خيرباد چئي وڃي پاٽ ۾
رهيو. ’پاٽ‘، جنهن جو نالو تاريخ ۾ اسان کي ’پاتر‘
ملي ٿو، ڪنهن دَور ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ
اهم بندرگاهه ۽ ملتان ڏانهن ويندڙ شاهي سڙڪ تي
واقع هو. اُن وقت پاٽ سکيو ستابو علائقو هو. نه
ڇڙو اُتي هر مهل سک ۽ شانتي هئي، بلڪ پاٽ جي
علائقي ۾ اناج جي ڪڏهن به اڻاٺ ڪانه هئي. سنڌ
ڏانهن ڪاهيندڙ انيڪ حملي آور حاڪم، توڙي پناهه جي
ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ حڪمران پاٽ وٽان لنگهيا آهن. مرزا
شاهه حسن جي پاٽ ۾ وڏي جاڳير هئي. اهوئي سبب هو جو
جڏهن ڪلوچ شاهه جي درٻار جي ماحول کان بيزار ٿي
وڃڻ جي اجازت گهري ته شاهه کيس پاٽ ۾ وڃي رهڻ جي
صلاح ڏني ۽ ڪلوچ لڏي وڃي پاٽ ۾ رهيو. سمجهه ۾ ائي
ٿو اچي ته ڪلوچ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ورهيه پاٽ ۾ رهيو
هوندو. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت خوشحال پاٽ ارغونن جي
تباهه ڪارين کان بچيل هوته اهو 1530ع کان 1550ع جو
دَور هو. انهيءَ ئي دَور 1541ع (948هه) ۾ همايون
اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي. اُن وقت پاٽ جي سکئي ستابي
هئڻ جي شاهدي اسان کي ملا عبدالقادر بدايونيءَ جي
”منتخب التواريخ“ ۾ ملي ٿي. ملا لکي ٿو ته: ”شاهه
حسن، همايون کي ڏيکارڻ لاءِ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو،
پر اُن جو اثر پاتر تي نه پيو. پاتر (پاٽ) ۾ اناج
بنهه سستوهو، انڪري هن پنهنجي ڀاءُ ميرزا هندال کي
حڪم ڏنو ته هو لشڪر لاءِ اناج هٿ ڪرڻ لاءِ پاتر
هليو وڃي.“ اهڙي سرسبز علائقي جو وايو منڊل شاعر
ڪلوچ کي ڏاڍو وڻيو. شهر جي ٻاهران اُن وقت ٽن
بزرگن پير حاجي اسماعيل، پير معصوم ۽ پير پٺي جو
مقبرو واقع هو. اهو مقبرو اڄ به پاٽ پراڻيءَ جي
دڙي لڳ اُتر اولهه طرف ۽ موجوده پاٽ کان هڪ ڪلو
ميٽر پرتي موجود آهي. اهوئي تاريخي مقبرو آهي، جتي
همايون پهريون ڀيرو حميده بيگم کي ڏسي مٿس عاشق ٿي
پيوهو. همايون پاٽ ۾ 13 جولاءِ 1541ع تي پهتو ۽
لڳاتار چاليهه ڏينهن اُتي رهي پيو، اُتي ئي اڱاري
ڏينهن 23 آگسٽ 1541ع تي حميده بيگم سان شادي
ڪيائين ۽ 3 ڏينهن رهي 26 آگسٽ 1541ع تي پنهنجي
نئين زال ۽ هڪ لک لشڪر سان روهڙيءَ روانو ٿي ويو.
اهڙي تاريخي شهر ۾ سدائين وهندڙ سنڌو درياءَ جي
پرفضا وايو منڊل ۾ ڪلوچ زندگيءَ جا پرسڪون ڏينهن
ويهي گهاريا، جتي هو 959هه(1551ع) ۾ گذاري ويو ۽
اُتي ئي دفن ٿيو. سندس وفات کي ساڍا چار سو ورهيه
لنگهي ويا آهن. اڄ پراڻي پاٽ به باقي نه رهي آهي،
نه وري سندس قبر جو ڪو نالو نشان موجود آهي، پر
سندس شاعريءَ جي حوالي سان سندس نالو هميشه لاءِ
قائم آهي.
حيدر ڪلوچ جا ديوان
ڪلوچ سڄي حياتي شاعري ڪئي، جيڪا هزارين بيتن،قصيدن
۽ غزلن تي مشتمل هئي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي
ديوان سندس مرڻ کان پوءِ ماڻهن شوق مان لکرايا.
خود پاٽ جي قاسمي ڪتبخاني ۾ ڪلوچ جو مڪمل ديوان
موجود هو. مغلن جي دَور ۾ اهو ڪتبخانو هڪ حملي ۾
ساڙيو ويو هو، جنهن سان گڏ ديوان ڪلوچ به سڙي رک
ٿي ويو. ڪجهه ديوان زماني جي دستبرد جوشڪار ٿي
ويا. البت سندس ڪجهه شاعري مختلف تذڪرن ۾ موجود
آهي. هن وقت ڪلوچ جي ديوان مان چونڊ شاعريءَ جا
چار قلمي نسخا دنيا جي مختلف ڪتبخانن ۾ رکيل آهن.
(1لف) هڪ خطي نسخو ڪلڪتي ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ
جي ڪتبخاني ۾ رکيل هو، جيڪو هاڻ نئشنل لائبريري
ڪلڪتي جي بوهار سيڪشن ۾ موجود آهي. اُن جو ڪئٽلاگ
نمبر 3 ۽ 4 آهي. هن نسخي ۾ ڪل 40 ورق آهن، ٻه
صديون اڳ جون لکيل آهي.
(ب) ٻيو قلمي نسخو بهار جي شهر پٽنا ۾ ”خدا بخش
لائبريري“ ۾ رکيل آهي.
(ج)ٽيون قلمي نسخو پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ جي
”شيراني ڪليڪشن“ ۾ رکيل آهي. اهو نسخو ”صالح بن
ميرڪ“ جي هٿ جو لکيل آهي. سهڻي خوشخطيءَ ۾ لکيل
اُنهي ديوان جا شروعاتي صفحا رنگين حاشين سان لکيل
آهن.
(د) چوٿون نسخو برٽش لائبريري لنڊن ۾ رکيل آهي.
انهيءَ نسخي جي مائڪرو فلم مشهور محقق حفيظ هوشيار
پوري مارچ 1957ع ۾ لنڊن کان ڪراچي کڻي آيو هو،
ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي بورڊ ”ديوان حيدر ڪلوچ“ ترتيب
ڏيڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو هو.
ڪلوچ جو فارسي تذڪرن ۾ ذڪر تحفة سامي:
ڪلوچ جو سڀ کان پهريائين ذڪر اسان کي سام ميرزا
(984-923هه) جي ڪتاب ”تحفه ساميءَ“ ۾ نظر اچي ٿو.
سام ميرزا شاهه اسماعيل صفوي جو ننڍو پٽ هو. ميرزا
فارسي شاعرن جوهي تذڪرو 957هه ۾ لکي پورو ڪيو. ان
وقت حيدر حيات هو ۽ پاٽ ۾ آخري ڏينهن گهاري رهيو
هو. ڪلوچ جي وفات کان 2 ورهيه اڳ جي لکيل هن تذڪري
۾ ميرزا لکي ٿو ته ڪلوچ اڻ پڙهيل هو. هو خود
پنهنجو شعر سمجهي نه سگهندو هو. ان سلسلي ۾ سندس
هڪ شعر مثال طور ڏئي ٿو:
طوطي صفت حيران آن رويم،
که مگويم سخن امانمي دائم چه مگويم.
ميرزا سام لکي ٿو ته ڪلوچ جي شعرن جو تعداد ويهه
هزار آهي.
تحفه سامي 1314هه (1893ع) ۾ تهران مان شايع ٿيو.
تنهن کان سواءِ پٽنا مان پڻ 1914ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
صفحي 114 ۽ 115 تي ڪلوچ جو ذڪر آيل آهي.
خلاصة الاشعار
ڪلوچ جي وفات کان 26 ورهيه پوءِ تقي ڪاشي
985هه(1577ع) ۾ پنهنجي لکيل تذڪره ”خلاصةالاشعار“
۾ سنس ذڪر ڪري ٿو. اهو ئي عالم اسان کي سندس وفات
جي سال کان واقفيت ڏئي ٿو. ڪاشيءَ موجب ڪلوچ
959هه(1551ع) ۾ پاٽ ۾ وفات ڪئي.
تقي ڪاشي 956هه ۾ ڪاشان ۾ پيدا ٿيو ۽ 985ع ۾ اهو
تذڪرو چئن جلدن ۾ مرتب ڪيائين. بعد ۾ 993هه ۾
پنجون جلد به تيار ڪيائين. ڪاشي عمر جي آخري حصي ۾
هندستان ۾ آيو هو. هن پنهنجو اهو تذڪرو ابراهيم
عادل شاهه بيجاپوري (988-1037هه) جي نالي منسوب
ڪيو. انهيءَ تذڪري جا مختلف جلد مشهور ڪتبخانن ۾
موجود آهن.
مجمع الفضلا
هڪ ٻئي عالم محمد عارف بقائي، ڪلوچ جي وفات کان 31
ورهيه پوءِ پنهنجي تذڪري ”مجمع الفضلا“ ۾ سندس ذڪر
ڪيو آهي. حيدر جي وفات کان ٺيڪ 50 ورهين کان پوءِ
سندس همعصر شاعر مولانا بدرالدين هلالي جي حوالي
سان بقائي لکي ٿو: ”جڏهن هلالي هرات جي شهزادي
بديع الزمان کي پنهنجي مشهور مثنوي ’شاهه و گدا،
بادشاهه درويش‘ لکي پيش ڪئي ته شهزادي خوش ٿي
انعام طور شاعر کي سندس ئي خواهش موجب هڪ خوبصورت
غلام انعام طور ڏنو. انهيءَ تي ڪلوچ ڪاوڙ وچان هي
قطعو شهزادي کي پيش ڪيو:
شها! کامگارا! پئي خام مانت،
فرستاده شد زين دعاگو پيامي،
هلالي، غلامي طلب کردو دادي،
مراهم بده چون هلالي، غلامي.
بقائي اصل بخارا (خراسان) جو رهواسي هو. اڪبر جي
دَور ۾ 985هه(1577ع) ۾ هڪ سال لاءِ هندستان آيو.
مرزا عبدالرحيم خان خانان ۽ ”طبقات اڪبري“ جي مؤلف
خواجه نظام الدين احمد بخشيءَ جي ملازمت ۾ ڪم
ڪيائين. هي تذڪرو 1000هه(1591ع) ۾ لکي پورو
ڪيائين. سندس شاعريءَ جو ديوان 1959ع ۾ اسٽالن
گراڊ مان شايع ٿيو آهي. جڏهن ته ”مجمع الفضلا“ جو
قلمي نسخو هن وقت پنجاب يونيورسٽيءَ جي لائبريري ۾
رکيل آهي.
منتخب التواريخ:
ڪلوچ جي مشهوري هند، سنڌ ۽ ايران تائين پکڙيل هئي،
اُن جو ثبوت اهو آهي جو سندس رحلت جي 45 ورهين
کان پوءِ شاعرن جي محفلن ۾ سندس ذڪر ٿيندو هو.
مثال طور بدايوني ”منتخب التواريخ“ ۾ ڪلوچ جو ذڪر
هن ريت ڪري ٿو:
شعر رنگا رنگ طبع کج حيدر کلوچ.
همچنان سرمي زند کزتوده انبار گل.
بدايوني پنهنجو ڪتاب 1004هه(1595ع) ۾ لکي پورو
ڪيو، جڏهن ته ڪلوچ جي وفات 959هه (1551هه) ۾
ٿي.اهو شاعر محمد ابن ڪاتبي نيشاپوريءَ جو آهي.
مذڪر احباب:
هن تذڪري کي سيد بهاؤالدين نثاري هرات ۾
1005هه(1596ع) ڌاري مرتب ڪيو. برلن جي لائبريريءَ
۾ اُن جو قلمي نسخو رکيل آهي، جتان جناب پير حسام
الدين راشدي اُن جي مائڪرو فلم گهرائي هئي. خبر
ناهي ته اُها حفيظ هوشيارپوريءَ جي ڪتبخاني سان گڏ
ضايع ٿي وئي يا پير صاحب جي ڪتبخاني سان گڏ اسلام
آباد پهتي! 1966ع ۾ اهو ڪتاب حيدرآباد دکن مان
شايع ٿيو. هن ۾ ڪلوچ جو مختصر احوال ڏنل آهي.
تاريخ معصومي:
ڪلوچ جي وفات کان 50 ورهيه پوءِ پير معصوم بکري
1009هه(1600ع) ۾ ”تاريخ معصومي“ ۾ سندس ذڪر ڪيو.
شاهه حسن ارغون جي ڪجهه شاعرن جي ذڪر ۾ لکي ٿو ته
”ڪلوچ مشهور شاعر ۽ صاحب ديوان هو. هو سنڌ ۾ اچي
رهيو هو. سندس مزار پاتر ۾ آهي.“ ڪلوچ جو هڪ مطلع،
”دلا مجنون....“ نموني طور پڻ ڏنو اٿس.
مجمع القصائد:
هن قلمي نسخي جو مرتب محمد حسين بن عبدالعزيز
الحسيني العرب شاهي آهي. باڊيلن لائبريري آڪسفورڊ
۾ رکيل هن مخطوطي جو ڪئٽلاگ نمبر 1215 آهي. هن
نسخي جي 203 صفحي تي ڪلوچ جو قصيدو ڏنل آهي.
عرفات العاشقين:
تقي الدين محمد الحسيني الصفهاني تخلص به تقي
اوحدي، اصل اصفهان جو رهواسي هو. هي تذڪرو آگري ۾
1024هه(1615ع) ۾ لکي پورو ڪيائين. هن ڪتاب ۾ ڪلوچ
جو ذڪر آهي.
نظم گزيده:
مؤلف خواجه محمد صادق فرحت تبريزي هي تذڪرو
1030هه(1620ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب جا نسخا اڻلڀ آهن.
يد بيضا:
فارسي ۽ سنسڪرت جي عالم مير غلام علي ”آزاد“
بلگرامي هي تذڪرو 1147هه(1734ع) ۾ اُن وقت لکيو،
جڏهن مير صاحب سيوهڻ ۾ وقائع نگار هو. هن ۾ لکيل
آهي ته ڪلوچ جي ديوان ۾ ڏهه هزار بيت، غزل ۽ قصيدا
موجود آهن.(هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾
موجود آهي).
منتخب الاشعار:
مختلف شاعرن جي هن تذڪري کي محمد علي مبتلا بن
محمد مشهدي سال 1161هه(1747ع) ۾ مرتب ڪيو. باڊلين
لائبريريءَ ۾ رکيل نسخي جو ڪئٽلاگ نمبر 379 آهي.
پنجاب يونيورسٽي ڪتبخاني جي ”شيراني ڪليڪشن“ ۾ پڻ
موجود آهي، رامپور ۾ پڻ هن نسخي جي هڪ ڪاپي موجود
آهي.
حديقة غلبا:
مير علي شير قانع جي لکيل هن تذڪري ۾ ڪلوچ جا ٻه
قصيدا ۽ ڪجهه بيت ڏنل آهن. 1166هه(1752ع) ۾ لکيل
هن ڪتاب جو قلمي نسخو (262 صفحا) سنڌي ادبي بورڊ
جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ان جي هڪ ٻي ڪاپي پير
حسام الدين راشدي صاحب وٽ پڻ هئي.
مقالات الشعرا:
قانع جي ”مقالات الشعراءَ“ ۾ ڪلوچ جو مختصر ذڪر ۽
نموني طور سندس شاعري جون چار سٽون ڏنل آهن. قانع
1174هه(1760ع) ۾ هي ڪتاب لکيو. ان کي راشدي صاحب
ايڊٽ ڪري 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع
ڪرايو.
تحفة الڪرام:
1174ع ۾ لکيل قانع جي هن ڪتاب ۾ ڪلوچ جو تفصيلي
ذڪر آهي.
صحف ابراهيم ۽ خلاصة الڪلام:
فارسي شاعرن جو سڀ کان وڏو تذڪرو ”صحف ابراهيم“
آهي، جيڪو نواب امين الدوله عزيز الملڪ علي
ابراهيم عرف خانبهادر جنگ علي ابراهيم 1198هه(
1783ع) ۾ لکي پورو ڪيو. اُن جي ص 234 تي ڪلوچ جو
ذڪر آيل آهي. هن تذڪري جو اصل نسخو برلن جي
ڪتبخاني ۾ رکيل آهي، جنهن جي مائڪرو فلم 1956 ۾
راشدي صاحب گهرائي هئي. هن تذڪري ۾ 3178 شاعرن جو
ذڪر آهي صحفِ ابراهيم جي هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽي
لائبريريءَ ۾ پڻ موجود آهي. نواب ابراهيم اصل
بنارس جو رهواسي هو. هن هڪ ٻيو تذڪرو ”صحفةالڪلام“
جي نالي سان پڻ مرتب ڪيو هو، جنهن ۾ 78 شاعرن جي
مثنوين کي شامل ڪيو هئائين. اهو تذڪرو ٻن ڀاڱن ۾
آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 40 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 36 شاعرن جو
ذڪر ڪيو اٿس. ”صحف ابراهيم“ ڊاڪٽر محمد باقر 1969ع
۾ مرتب ڪري ان جو پهريون ڀاڱو ”ح“ ڇپايو. مڪمل
تذڪرو ٽن جلدن ۾ آهي.
آفتاب عالم تاب:
محمد صادق قاضيءَ جي مرتب ڪيل هن تذڪري ۾ مؤلف لکي
ٿو ته ”ڪلوچ کي ڪليجي وڪڻندڙ چوڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ
ته اصل ۾ هو قريه ڪلوج جو رهواسي هو، جيڪو شهرود
جي ڳوٺ طار ۾ واقع هو،“ (پر ايران جي جاگرافيءَ ۾
اهڙو ڪو به ماڳ ڪونه ٿو ملي). هن تذڪري جي ڪاپي
رامپور جي رضا لائبريري ۾ رکيل آهي.
مخزن الغرائب:
شيخ احمد علي بن غلام محمد مولوي محمد حاجي
سنديلوي هي تذڪرو 1228هه(1813ع) ۾ لکي پورو ڪيو.
اهو قلمي نسخو پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ جي
”شيراني ڪليڪشن“ ۾ رکيل آهي. هن ۾ ڪلوچ جي شاعري
ڏنل آهي ۽ 3148 شاعرن جو ذڪر آيل آهي.
خلاصةالافڪار:
ابوطالب مغفور حاجي بيگ تبريزي اصفهاني لکنوي هي
تذڪرو 1207هه(1792ع) ۾ لکي پورو ڪيو. اُن جي ص 70
تي ڪلوچ جو ذڪر آهي. ساڳئي تذڪري جي ورق 35 (حاشئي
۾) تي لکي ٿو ته وٽس ڪلوچ جي ديوان جو هڪ نسخو
موجود آهي. ابوطالب 1176هه ۾ لکنو ۾ پيدا ٿيو ۽
1220هه ۾ اُتي ئي وفات ڪيائين. 1799ع ۾ لنڊن به
ويو هو، جتي 5 ورهيه رهيو. واپس اچي سفر جو احوال
فارسي ۾ ”ميسر طالبي في بلاد افرنجي“ جي عنوان سان
لکيو هئائين. خلاصةالافڪار جو قلمي نسخو باڊلين
لائبريريءَ ۾ رکيل آهي. ڪئٽلاگ نمبر 391 اٿس.
فارسي شاعريءَ جو تذڪرو:
فارسي شاعرن جو هي تذڪرو 1868ع ۾ ڪنهن شخص نالي
امر (يا عمر) ترتيب ڏنو، جنهن ۾ ڪلوچ جي چونڊ
شاعري ڏنل آهي. اُن جو قلمي نسخو برلن ڪتبخاني ۾
هن ٽائيٽل سان رکيل آهي.
Die perischen Hanschriften. K. Haft, and statas
biblio theek in Munchen. Manchen 1868 By J.
Umer.
هن قلمي نسخي جي مائڪرو فلم پير حسام الدين راشدي
صاحب برلن مان گهرائي هئي.
آتشڪده آذر:
لطف علي آذر جي لکيل هن تذڪري ۾ ڪلوچ جي شاعريءَ
سان گڏ سندس وفات جي تاريخ ڏنل آهي. تقي ڪاشيءَ
کان پوءِ آذر به اسان کي ڪلوچ جي وفات بابت سُڌ
ڏئي ٿو. ”آتشڪده آذر“ 1249هه(1838ع) ۾ ڪلڪتي مان
شايع ٿيو. مير عبدالحسين سانگيءَ جي ڪتبخاني جوهي
ڪتاب مون پير حسام الدين راشدي صاحب وٽ (سانگيءَ
جي صحيح سان) ڏٺو هو.
شام غريبان:
لڇمي نرائن نالي هڪ عالم فارسي شاعريءَ جو تذڪرو
”شام غريبان“ جي نالي سان 1197هه(1782ع) ۾ مڪمل
ڪيو. لڇمي نرائن اصل ۾ غلام علي آزاد بلگراميءَ جو
شاگرد هو، اورنگزيب سان گڏ لاهور کان دکن آيو ۽
اورنگ آباد کي پنهنجو وطن ٺاهي ويهي رهيو. 22
ڪتابن جو مصنف هو. هيءُ مخطوطو پهرين حيدرآباد
دکن جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، پوءِ جامع عثمانيه جي
استاد محمد اڪبر الدين صديقي اُن کي مرتب ڪري
ڇپرايو. پاڪستان ۾ انجمن ترقي اردو پاران 1977ع ۾
شايع ٿيو. هن ڪتاب جي ص 72 تي ڪلوچ جو مختصر ذڪر ۽
سندس چونڊ شاعري ڏنل آهي.
شاهان اوڌڪي ڪتبخاني ۽ فهرست مخطوطات اوڌ:
مشهور عالم ڊاڪٽر اشپرنگر جڏهن 1847ع ڌاري لکنو ۾
اوڌ جي قلمي ڪتابن جي فهرست مرتب ڪري رهيو هو ته
هن اتي ڪلوچ جو ديوان ڏٺو. هن پنهنجي ”فهرست
مخطوطات اوڌ“ ۾ ديوان ڪلوچ جو مختصر احوال ڏنو
آهي. هي ڪتاب 1854ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. ص 122
تي ڪلوچ بابت ذڪر آهي.
ديوان ڪلوچ جي نه ڇپجڻ جا ڪارڻ:
سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ”ديوان ڪلوچ“ مرتب ڪرائڻ جو
ڪم جناب حفيظ هوشيارپوريءَ جي حوالي ڪيو. حفيظ
صاحب ان کان اڳ ”مثنويات هير رانجها“ مرتب ڪري چڪو
هو، جيڪو ڪتاب 1957ع ۾ بورڊ شايع ڪيو هو.
ديوان ڪلوچ کي ترتيب ڏيڻ جي سلسلي ۾ حفيظ صاحب وڏي
جاکوڙ ڪئي. پير حسام الدين راشدي صاحب دنيا جي
ڪيترن ئي لائبريرين مان مختلف نسخن جون مائڪرو
فلمون گهرايون هيون. لنڊن مان خود حفيظ صاحب به ڳچ
اهم مواد کڻي آيو هو. ان سلسلي ۾ حفيظ صاحب 14
مارچ 1957ع تي لنڊن مان راشدي صاحب ڏي لکيل هڪ خط
۾ لکي ٿو: ”هير رانجها جو مقدمو اڄ جويي صاحب کي
موڪلي ڏنو اٿم. دير جو ڪارڻ نه پڇجو. اصل ۾ مان
برٽش ميوزم ۾ حيدر ڪلوچ واري مسودي ۾ هٿ وجهي هڪ
وڏيءَ محنت ۾ اچي ڦاٿس. اهو ڏاڍو ڊگهو ۽ صبر
آزمائيندڙ ڪم نڪري پيو. اُنهيءَ مسودي کي ڏسڻ جو
اهوئي هڪ موقعو هو. اُن لاءِ مون اُن مقدمي کي
وڌيڪ ترجيح ڏني.“
حفيظ هوشيارپوريءَ 25 اپريل 1960ع تي ڪراچيءَ مان
راشدي صاحب کي لکيل هڪ ٻئي خط ۾ پڻ حيدر ڪلوچ جو
ذڪر ڪيو آهي. ان مان لڳي ٿو ته حفيظ صاحب 1957ع
کان وٺي جون 1960ع تائين ڪلوچ جي ديوان کي گڏ ڪرڻ
واري ڪم ۾ مشغول رهيو. بعد ۾ خبر ناهي ته ڇا ٿيو،
جو اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. 18 ڊسمبر 1958ع کان وٺي
4 سيپٽمبر 1960ع تائين راشدي صاحب بيماريءَ سبب
پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ وٽ منيلا ۾
رهيل هو. انڪري به ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪم مڪمل ٿي
نه سگهيو هجي. بهرحال 1966ع ۾ حفيظ هوشيارپوري سخت
بيمار ٿي پيو ۽ سندس وفات کان پوءِ نه فقط ”ديوان
ڪلوچ“ جو ڪم رُلي ويو، بلڪ ڪلوچ بابت گڏ ڪيل شعري
۽ مفصل احوال زماني جي دستبرد ۾ گم ٿي ويو. رهي
نالو الله جو!
ڪلوچ جي شاعري ۽ ان جو اسلوب:
سڀ کان اول سنڌ جي ڪنهن به تذڪري نگار، جهڙوڪ مير
معصوم ۽ قانع پنهجن ڪتابن ”تاريخ معصومي“،
”تحفةالڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراءَ“ ۾ ڪلوچ جي مڪمل
شاعري نه ڏني آهي، فقط ٻه ٽي بيت نموني طور شامل
ڪيا آهن. البت قانع جي اڻڇپيل ”حديقة غلبا“ ۾ ڪلوچ
جا ٻه قصيدا (درمدح شاهه حسن) ۽ ”شتر حجره“ ۽ ٽي
مطلع شامل آهن.
پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني جي ”شيراني ڪليڪشن“
۾ موجود ڪلوچ جو ديوان نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ، اهو
ظاهر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ ڪلوچ جي شاعريءَ ۾ خيال ۽
سوچ جي اُڏام گهٽ آهي، پر سندس شعرن مان ڪٿي به
اهو نٿو محسوس ٿئي ته هو ڪو ننڍو شاعر آهي. شاعر
جي خيال ۾ شوخي ۽ اسلوب جي گهٽتائي آهي، پر ڳالهه
ڪرڻ جو بيان سادو ۽ عوامي اٿس. سندس غزلن ۾ انيڪ
موضوع آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته شاعر جي زندگي
ڏکويل هئي. هو پنهنجي پرينءَ جي ڏک ۾ روئي ٿو،
دانهون ڪري ٿو، پنهنجي محبوب کي ڏسڻ کان سواءِ رهي
نٿو سگهي. هن جو معشوق اهڙيءَ گهٽيءَ ۾ رهي ٿو،
جتان جو ڪُتو به هن کي ڏاڍو عزيز آهي. سروگل بيڪار
آهن، هو وفادار آهي. پر هن جو محبوب ظالم آهي،
رقيبن جو ساٿ ٿو ڏئي ۽ هن کي ســِڪائي ٿو، انڪري
سندس محبوب جي گهٽيءَ جو ڪُتوئي سندس دل جو رازدار
آهي. ۽ هُو به هاڻ چاهي ٿو ته وڃي هُن جي گهٽيءَ
جو ڪُتو بڻجي ويهي رهي. شاعر کي عشق ڪرڻ تي ڪنهن
به قسم جو پڇتاءُ ڪونهي،بلڪ هن کي پنهنجي عشق تي
فخر آهي. انڪري هو رسمي عشق کان پاسو ڪري ٿو ۽ اهو
سمجهي ٿو ته عشق جون سختيون ڏکيون آهن. بهرحال عشق
کان ڪنڌ ڪڍائڻ هن جي وس کان ٻاهر آهي.
ڪلوچ جي شاعريءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته سندس مالي
حالتون بهتر نه ٿيون. هرات ۾ هن روزگار لاءِ هٿ
پير هنيا ۽ پوءِ هو سنڌ هليو آيو.اِتي سندس مسئلو
حل ٿيو يا نه، اُن تي اڳ ئي بحث ڪري آيا آهيون.
بهرحال هن جي شاعريءَ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن
بيروزگاريءَ جي ڏکين حالتن کان ڪڏهن دل ڪوسي نه
ڪئي. هڪ شعر ۾ هو چوي ٿو ته : ”حيدر زندگيءَ جي
گهٽيءَ ۾ اميد ڪڏهن به ناهي لاٿي. غم سان ڀريل دل
هوندي به هو ڪڏهن مايوس ناهي ٿيو. هو غم نٿو ڪري
پر دل کي آزاد ٿورکي ۽ زندگيءَ جي موجوده خوشين
مان فائدو وٺي ٿو ۽ فقط زندگيءَ جي حال سان پنهنجو
واسطو ٿو رکي. هن ڏکن سان ڀريل دنيا ۾ ڏک جي
ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“
مددي ڪتاب
سنڌي
تاريخ معصومي: مير معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ.
تحفةالڪرام: مير علي شير قانع، سنڌي ادبي بورڊ.
قديم سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو: مرزا قليچ بيگ، سنڌي
ادبي بورڊ.
تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي، سنڌي
ادبي بورڊ.
تذڪره لطفي: لطف الله بدوي، آر. ايڇ. احمد برادرس،
حيدرآباد 1952ع.
تذڪره پوراني سادات: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي،
سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر، 2001ع.
تاريخ باب الاسلام: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، 2002ع.
انگريزي:
پريشين پوئٽس آف سنڌ: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، سنڌي
ادبي بورڊ
ڪئٽلاگ آف پرشين مين اسڪرپٽس اِن هار لائبريري،
ڪلڪته.
فارسي:
مقالات الشعراءَ: علي شير قانع، سنڌي ادبي بورڊ.
شام غريبان: لڇمي نرائن (انجمن ترقي اردو)
آتشڪده آذر: لطف علي آذر( ڪلڪتو 1838ع).
تحفه سامي: سام ميرزا (ڇاپو 1914ع پٽنه)
صحف ابراهيم: مرتب ڊاڪٽر محمد باقر، پنجاب
يونيورسٽي پريس لاهور 1969ع (ڀاڱو پهريون).
اردو:
شاهان اوڌ ڪي ڪتب خاني: اشپرنگر
فهرست مخطوطات اوڌ: اشپرنگر:مترجم محمد اڪرام
چغتائي (انجمن ترقي اردو ڪراچي 1973ع).
فهرست مخطوطات شيراني، جلد اول، 1968ع.
5- همايون نامه: گلبدن بيگم مترجم رشيد احمد
دهلوي (1985ع سنگ ميل، لاهور).
6- منتخب التواريخ،: ملا عبدالقادر بدايوني: مترجم
محمود احمد فاروقي (شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور).
7- تزڪ بابري: ظهيرالدين بابر: مترجم رشيد اختر
ندوي (سنگ ميل لاهور).
8- پاڪستان ۾ مخطوطات کي فهرست: عارف نوشاهي،
مقتدره قومي زبان 1988ع.
9- مخطوطات تاريخ: حڪيم سيد شمس الحسن قادري.
مخطوطات:
حديقة غلبا (فارسي): قانع (سنڌي ادبي بورڊ).
ديوان حيدر ڪلوچ (پنجاب يونيورسٽي لائبريري
لاهور).
ذاتي خط (اردو) پير حسام الدين راشدي(سيد حسين
شاهه جي مهربانيءَ سان). |