سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :12

اونداهيءَ ۾ لاٽَ

محمد صديق منگيو

گهر ڀاتين  کي ننڊ ۾ اَلوٽ ڏسي، هن الائجي ڪيئن هٿن ۽ پيرن جا رسا کولي پاڻ آجو ڪيو ۽ تاڪائين دروازي جو ڪڙو لاهي ٻاهر نڪري آئي. ورانڊي ۾ سُتل گهر ڀاتين تي نظر وڌائين، سڀ سوڙَين ۾ويڙهيا سيڙهيا پوئين اَسر ۾ هئا. ڪو ڀاتي سجاڳ ته ناهي، هن ساهه جهلي ٻيهر جاري ۾ رکيل بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو. جڏهن  سورهن آنن جا ارڙهن آنا پڪ ٿيس تڏهن اڱڻ اُڪري گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پهتي. گهر جو  ڪُتو ڌڃاڻيءَ کي سُڃاڻي پڇ لوڏي پيرن ۾ لولڙاٽ ڪرڻ لڳس. هن هٿ ۾ آندل مانيءَ جو اڌ ڍڳڙ وٿيرڪو اُڇلائي ڏنس ۽ اُن کي مانيءَ ۾ رُڌل ڇڏي هوريان هوريان ڪري ڏيڍيءَ تي ڏنل کڙهه  جا ڍنگهر لاهڻ لڳي. ان ڪم مان واندي ٿي هن موڪلاڻيءَ واري نگاهه گهر تي وڌي. ڪجهه ساعتن لاءِ ڄڻ پيرن ۾ ڪـِلَ لڳي ويس، شايد دل من پئي هنيائين. هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي پاڻ کي سوچن جي اوٽارن مان ٻاهر آندو. وٽس سوچڻ جيترو وقت نه هو. هونئن به ”ميهار مينهن مان نڪتو، وَڇن ڪهڙي پارت؟“ هن ٿڌو ساهه  کنيو ۽ ڏيڍيءَ اُڪري امالڪ تکي ڊوڙ وڌي ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گم ٿي ويئي.

هوءَ رات وڳڙي ۾ ويهن ئي ننهن جو زور لڳائي ڊوڙندي پئي وئي، سڀ آسانگا پلي. جيڪا رٿا رٿي گهران نڪتي هئي، اُن ۾ سندس زنده بچڻ جا امڪان اَٽي ۾ لوڻ برابر هئا. موت جو ملائڪ هر ٻرانگهه تي سايون اکيون ڪري سامهون بيٺو هوس. ڇا ڪري ها، وٽس ٻيو ڪو چارو به ته نه هو، انڪري هن تکو ڊوڙي موت جي ملائڪ ۽ پنهنجي وچ ۾ وِٿي وڌائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ٽاهه کاڌل هرڻيءَ جيان هر هر ڪنڌ ورائي پؤتي به ڏٺائين پئي. تيز ڊوڙڻ ۽ ڪجهه موت جي سراپ کان هانءُ وات کان پئي آيس. رات وڳڙي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ ڇيڻوءَ جي مُنهن پوڻ  جي ڀَوَ کان هوءَ عام لنگهه وارو پهو ڇڏي کيڙين ۽ آئٺن مان اگهاڙين پيرين ڊوڙندي پئي ويئي. کيڙيءَ ۾ وڍيل وؤنڻاٺين جي کُتن پير ڇني ڇڏيا هئس ۽ ڪانڊيرن جا سنها ڪنڊا پيرن جي تـِرين ۽ کُڙين ۾  لهي پيا هئس، پر کيس ايذاءُ جو ڪو به احساس نه پي ٿيو. ٿئي ته ڪيئن؟ ڀلا جنهن کي سـِر جي لڳل هجي، اُن کي کُتن ۽ ڪنڊن جو درد ڪهڙي ڏِک ڏيندو؟ هوءَ کيڙيءَ مان  نڪري ڪڻڪ جي پوک ۾ لهي پئي ۽ ٻن اٺاسن جي مُنڍي تائين هڪ ڪڻڪ جي تازن ڄاول هٿ جيترن ڪچڙن سلن کي لتاڙيندي ڪمنڊ ۾ داخل ٿي. ڪمنڊ جو فصل ماڻهوءَ تار هو، جنهن ۾ چوراڻو اُٺ ٿمي ڇڏجي ته ڀاڳين کي ستين ڪال به کڙڪ نه پوي. هوءَ پوک مان ٻنو ڏئي ڪمند جي ڊگهن پنن کي ٻنهي هٿن سان پري ڪري اڳتي وڌي رهي هئي. هن هڪ پل به وڃائڻ بنان ڳوٺ کان پري روڊ تي  پهچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. سندس پيءُ ۽ ڀائر ڏنگا ۽ ڏاميچ هئا. پڪ هيس ته ستت سجاڳي پيرو کڻي پهتا ته ’ننڍو ڳوڙهو به پاٽيءَ جيڏو-بُج بُج ڪري ڇڏيندا.‘ اهوئي ڪارڻ هو  جو هوءَ پير مٿي تي رکي اُڏاڻي پئي وئي. ڳپل دير تائين هلڻ کان پوءِ هوءَ ڪمنڊ جي فصل مان نڪري واٽر جي ڪپر تي پالٿي هڻي اُڀا ساهه جائيتا ڪرڻ لڳي. هوءَ هڦجي پئي هئي. تهه سياري ۾ به پگهر ۾ شم ٿي وئي هئي.

چنڊ جي راس راتين مان هڪ رات هئي. چنڊ ڀنڀراڪي ويل منڇر تي ٽڪندڙ بتيلي وانگر رڙهيو پئي. خودڪشيءَ جهڙي سانت ۾  چنڊ جي ململ جهڙي چانڊوڪيءَ ۾ هر شيءِ صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي. اُڀ ۾ ٽمڪندڙ تارا گهوٽ جي ٻـِٽَ تي جَڙيل ٽـِڪن وانگر جرڪيا پئي. چنڊ جي چانڊوڪيءَ ٽانڊاڻن جي سونهن نگر ۾ ڦيٽهڙو وجهي اُنهن جي جوت کي جهڪو ڪري وڌو هو، اُن هوندي به اُهي ڪمند جي پوک ۾ ٽم ٽم ڪري اُڀ ۾ جرڪندڙ اُڙين ٿڙين تارن سان اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا. ماحول تي ٺار سان گڏ ماٺار به ڇانيل هئي. ننڍڙي جيت آر جي ڪَر ڪَر ۽ واٽر جي تري ۾ رهجي ويل نيڳال واري  پاڻيءَ مان ڏيڏرن جي ٽرڪڻ جا آواز سانت کي ٽوڙي رهيا هئا. ڌٻڻ جهڙي رات ۾ رکي رکي اُتر جي ڇوٽ هوا ۾ ڪمند جي پنن جي سَر سَر ۽ پري کان گدڙن  جي اوناين ۽ ڪتن جي ڀونڪن جا پڙلاءَ ماحول کي ڀوائتو بڻائي رهيا هئا اوچتو ڪمنڊ جي پنن جي تيز کڙڪي تي بُت مان ساهه ڇڏائجي ويس ۽ ڇرڪ ڀري اُمالڪ ٻه پير پوئتي هٽي ڪمند جي پنن جي اوٽ مان ڊنل نيڻ کڻي ڏسڻ لڳي. هن ٿڌو ساهه کنيو. ڀر واري ڳوٺ جو رولو ڪتو هو، جيڪو ڪمند جي پوک مان نڪري واٽر جو ڪپ ڏئي پئي ويو. هوءَ دَم پٽي اُٿي ۽ سمورين رڳن جو زور لڳائي ٻيهر ڊوڙڻ لڳي.

گهران نڪتي ڳپل وقت ٿيو هوس. ’بابي وارا سجاڳ نه ٿيا هوندا ته چڱي وِٿي آهي.‘ هن پنهنجي منهن ڀڻڪيو. روڊ کان فرلانگ کن پوئتي هئي ته ڀر واري ڳوٺ جي مسجد مان فجر جي ٻانگ پئي آئي. رات اڃا به اَڌ مُنو پهر هئي. روڊ تي پهچي هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ وچ روڊ تي بيهي ٻنهي پاسي ڏسڻ لڳي. روڊ جي ڏاکڻئين پاسي کان ايندڙ گاڏين جي روشني ڏسي چهرو خوشيءَ مان ٽڙي پيس. گاڏيون چڱو پري هيون. پري کان گاڏين جي روشني ڪمزور سيلن واري ٽارچ وانگر پئي لڳي. هوءَ روڊ جي ڀرسان ڪـِرڙ جي وڻ جي اوٽَ ۾ جوٽون ڀڃي پٽ تي ويهي رهي. ذهن تي ڇانيل ڊپ ۽ هراس جا ڪڪر ڪجهه ڇڊا ٿيس ته سيءَ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورايس. پگهريل لڱن کي ڇهندڙ اُتر جي برف جهڙي ڳڱريل هوا ڄاڙيون پئي ٺڙڪايس. مٿي تي گرم شال هوس، جيڪا پاڻي ڄمائيندڙ پوهه جي پاري کي روڪڻ لاءِ کوڙ نه هئي.هن ڏڪندڙ هٿن سان شال ڪنن ۽ بُت تي ويڙهي ۽ روڊ جي ڪنڌيءَ سان اچي بيٺي. رات جو پويون پهر هو، ٽرئفڪ نالي ماتر هئي. گاڏين  جي روشني ويجهي ٿي رهي هئي. هوءَ ٻئي هٿ لوڏي گاڏين  کي بيهڻ لاءِ اشارا ڪرڻ لڳي. چار گاڏيون  جيڪي هڪٻئي پٺيان هيون، سندس اشارن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري تيزيءَ سان گذري ويون. نوجوان ڇوڪريءَ کي روڊ تي ڪمهلو ڏسي سوچيو هوندائون ته ڏني نه ورتي، پرائي فلم ڪير ڳچيءَ ۾ وجهي! مُنهن جو پنو لهي ويس، پر ستت ئي ذهن ۾ ڪو خيال ڪرنٽ وانگر اچڻ  تي چپن تي مرڪ تري آيس ۽ چهرو ڪنول جي گل وانگر ٽڙي پيس. هن شال مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪئي ۽ پٺيان ايندڙ گاڏيءَ کي بيهارڻ لاءِ وچ روڊ تي اچي بيٺي ۽ شال وارو هٿ لوڏي اشارو ڏيڻ لڳي. هيڊلائٽس جي اکين کي کيرو ڪندڙ تيز روشنيءَ ۾ زوردار بريڪ لڳو ۽ گاڏي جهٽڪي سان بيهي رهي. هن جا ٺپ ٺري ويا ۽ چهري تي آيل خوشي ڪافور ٿي ويس. اها گاڏي پيٽرولنگ پوليس موبائيل هئي. ٻه چار سپاهي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ڪندا هيٺ لٿا ۽هڪلن ۽ دهمانن سان ورائي ويس. دل ۾ آيس ته ڀڄي وڃي، پر اهو سوچي ارادو بدلائي ڇڏيائين ته ڀڄي به ڪيڏانهن وڃي؟ اڳيان کوهه پٺيان کاهي هئس. يقيني موت جي کاهيءَ کان غير يقيني زندگيءَ جي کوهه جو آسرو به چڱو. هوءَ بيٺي رهي.

اوچتو ۽ تڪڙي بريڪ ۽ سپاهين جي هڪلن تي موبائيل جي اڳئين سيٽ تي ويٺل آفيسر، جيڪو گهري نند ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو، ڇرڪ ڀري اُٿيو. ننڊ جي خمار ۾ موبائيل وچ روڊ تي بيٺل ڏسي هانءُ کاڄي ويس. ’شايد شيخن لاءِ ڪو ڀت اچي ويو!‘ هن ڳيت ڏئي وات ۾ گڏ ٿيل گڳهي ڊپ ۽ حيرت گاڏڙ لهجي ۾ رنڀ ڪئي.

”ڇا آهي…؟ ڇا ٿيو آهي…؟اڙي ڇورا…جو …!خير ته آهي؟“

”وڏا…خير آهي…جوان ڇوڪري اڪيلي وچ روڊ تي بيٺي آهي…لڳي ٿو ته گهران ڀڄي نڪتي آهي.“ ڊرائيور ڌيرج سان کيس آگاهي ڏني.

ڇوڪريءَ جو ٻڌي آفيسر جي ننڊ اُڏامي وئي ۽ ڪجهه ساعتون اڳ ڇرڙ ورڙ ٿيل حوصلو ۽ مردانگي موٽي آيس. هو موبائيل جو دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو. روشنيءَ ۾ ڇوڪريءَ کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏٺائين  ۽ مٿس رعب ڄمائڻ لاءِ چماٽَ وهائي ڪڍيائينس-

”ڇوري!…ڪير آهين؟…ڪنهن سان نڪتي آهين…؟

هن مهل ڪيڏانهن پئي وڃين…؟“ هن اَڻ وڙائتا سوال ڪيس.

”آءٌ اڪيلي مائٽن جي گهران نڪتي آهيان ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن پئي وڃان.“ هن اعتماد سان وراڻيو.

”اڙي ڇورا…!چڱيءَ طرح اوسو پاسوجاچي ڏسو…ڇوري ضرور آجام تي نڪتي آهي…يار به اِتي ڪٿي هوندس.“ آفيسر فرض شناسيءَ جو مظاهرو ڪندي حڪم ڏنو.

موبائيل ۾ مٿي بيٺل سپاهيءَ چوڌاري سرچ لائيٽ ڦيرائي ۽ سپاهين روشنيءَ ۾ ٻُوڙو ٻُوڙو جاچي ڏٺو. ڇوڪريءَ جا اڪيلا تازا پيرا ڏسي آفيسر کي اطلاع ڏنو.

”سَر..هتي ٻيو ڪير به ڪونهي.“

”ڇوري…!ڪيڏانهن ڪيئي پنهنجي چَگهه کي؟“ آفيسر کيس ٻي چماٽ وهائي  ڪڍي.

”چيم نه…مون سان گڏ ٻيو ڪير به ڪونهي.“ هن ڳل مهٽيندي وراڻيو.

”وڏو ائين پيو ڇوڪريءَ کي ڪُٽي ڄڻ سندس گهران…؟“ هڪ سپاهيءَ ٻئي کي ٺونٺ هڻي سرٻاٽ ڪيو.

”اڙي…هڻوس گاڏيءَ ۾…ٿاڻي تي هلي سڀ سچيون ڪندي“، آفيسر حڪم ڏنو.

سپاهين کيس ڌڪا ڏئي موبائيل جي پوئين سيٽ تي وهاريو.

ڌيـ…رنون!چَگهن ڪاڻ…رات جي بيگاهه وقت وتن جهنگ لتاڙينديون“، آفيسر پنهنجي منهن ڀڻڪندو وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو.

 

رات دير سان ڪراڙي نيامت جي اک کُلي. غيرارادي طور سندس نظر ڪمري ڏانهن کڄي وئي، جتي سندس ڌيءَ جنان کي پيءُ ۽ ڀائرن هٿ پير ٻڌي بند ڪري ڇڏيو هو. بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ ڪمري جو دروازو اڌ کليل ڏسي ڀڙڪو ڏئي اُٿي ۽ ڇوهه مان ڪمري ۾ داخل ٿي، جتي ڪاريءَ وارا ڪک هئا. جنان کي کٽ تي نه ڏسي هنيانءُ ۾ ڌڪ لڳي ويس. دل ۾ سورهن آنا وسي ويس ته جنان گهران نڪري وئي آهي. ’گهر ۾ هئي ته مڙس ۽ پٽن کي واسطا وجهي کيس مرڻ کان بچائيندي پئي آيس، پر هاڻي ته پڪ سان سندس خير ڪونهي!،هن چپن ۾ ڀڻڪيو. دل ۾ آيس ته مڙس پٽن کي ننڊ مان اُٿاري ڄاڻ ڪري، پر اهو سوچي ارادو مٽائي ڇڏيائين ته ’ڇوري اَڇو منهن ڪرڻ نڪتي آهي ته هاڻي کٽنس ڀاڳ! ڀلي ڪجهه اڳڀرو نڪري وڃي. من مرڻ کان بچي وڃي.‘ نيٺ به ماءُ هئي ۽ ماءُ ته ڌرتيءَ تي رب جي ٻاجهاري صفت جو روپ هوندي آهي، اُن ٻاجهه ڀرئي ٿڌي ڪڪر وانگر، جيڪو زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ ٿڌڪار جو احساس ڏيندو آهي. هوءَ پير پير ۾ ڏئي کٽ تائين آئي ۽ مٿان سَوڙورائي ڇڏيائين. ننڊ کانئس ڪوهين ڏور هئي. اکيون اڄاتي ڊپ کان ڦاٽل هوس ۽ آنڊا وات کان پئي آيس. ايندڙ گهڙين ۾ ٿيڻيءَ جا وسوسا ۽ انومان ذهن ۾ آڻي اسپرنگ وانگر ڏڪي ٿي وئي. هن سوڙ  جي اندران پوتيءَ جي پلاندن کي ڳنڍيون ڏئي باسون پئي باسيون ۽ ٻئي هٿ ٻڌي پـِير پئي سوريا-

”باڇا پير…!ٻچڙيءَ تي هٿن جي ڇانءَ ڪجان. مرشد لال…!هڪڙي تند اٿم، تون نانگن کاڌن کان جيئندان ڏجانس…سونين نيلن وارا ڀٽائي گهوٽ…!تون ساڻي ٿجانس. جامي سڳوري…!توکي پارت آهي…!“

ٻانگ مهل، رکيل جي گارين ۽ هُل بگاگي تي سڀ گهر ڀاتي ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پيا. نيامت به ائين ڇرڪ ڀري هنڌ مان اُٿي ڄڻ کيس ڪا به کُڙڪ ئي نه هئي. رکيل جي وات مان سياري جي مست اُٺ وانگر گڦ پئي ڳڙي. هو ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي پٽ تي ويهي رهيو.

”ڇوري آهي ئي  ڪا نه…! نه مُڙي، نيٺ سڀني جي منهن تي دانگي ملي هلي وئي.“ هن ڪاوڙ گاڏڙ ڏکاري لهجي ۾ چيو. ”ويندي وري ڪيڏانهن؟ موت موت ڪيائين  پئي نيٺ گهري ورتائين.“ قبول ڏند ڪرٽيندي وراڻيو ۽ ڊوڙي وڃي بندوق ۾ هٿ وڌا. گهرام ۽ بهرام به سَٽ ڏئي وڃي ڪهاڙيون کنيون. سورن ساڙي نيامت دروازي جي چانئٺ وٽ جوٽرون ڀڃي اوڇنگارون ڏئي پئي رنو. روئڻ کان سواءِ ٻيو سندس اختيار ۾ هو به ڇا؟ رکيل جي ڪُملهين رڙين ۽ ڌاڙ ڌاڙ تي ويڙهي مان مٽ  مائٽ به لٺ ڌُڪو، جنهن کي جيڪو هٿ ۾ آيو کڻي ’آيو..پهتو..!‘ جون هڪلون ڏيندا سندس گهر پهتا. وقت وڃائڻ بنان سڀ بتيون ۽ ٽارچون کڻي پير آهوڙيندا ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويا.

جنان ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي. پنج ڀائر کانئس وڏا ۽ ٻه ننڍا هوس. هوءَ سـِڪي پـِني ڄائي هئي، اِنڪري ماءُ پيءُ  کان سواءِ  ڀائرن  جو به مٿس گهڻو راز هو، ننڍي هوندي کان لاڏڪوڏ سان نپني هئي. شل نه ڪو انگل ڪري، پيءُ ڀائر قرض کڻي به آٽو پورو ڪندا هوس. سندس ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ وريام جيتوڻيڪ رُکي طبيعت وارو، سرڪش ۽ ڏنگو هو، گهر جا سمورا ڀاتي کانئس ائين وؤن ويندا هئا، جيئن شيطان لاحول کان، پر جنان جي اڳيان ميڻ وانگر هو. هن ۾ ڄڻ ساهه هوس. کيس سڀائي ڀيڻ ڪري سڏيندو هو. گهر ۾ هوندو هو ته ٻِٽا ڀاڪر پائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ساڻس ٻارن وانگر ويٺو ڪچهري ڪندو هو. جنان تي ڪک به نه سهندو هو. سندس موجودگيءَ ۾ شل نه ڪو گهر ڀاتي جنان سان چڙٻ ڏئي ڳالهائي-ڪتن سان گڏي کارائيندو هوس. هوءَ ننڍي لاڪون هئي به ته ڏاڍي سدوري ۽ سلڇڻي. سُوگاري وري اهڙي جو مجال آهي جو ڪپڙن تي مٽيءَ جو لينگهو به ٿئيس. ٻيو ته پري پر پاڻي پيارڻ لاءِ به جيسين گلاس يا وٽي کي چار ڀيرا نه ڌوئي، سک نه اچيس.

گُڏين راند واري وَهي لتاڙي هوءَ جڏهن جوانيءَ  جي سرحدن کي ڇُهڻ لڳي، تڏهن جوڀن اَڪ ڦلڙين وانگر ڦُلارجي پيو هوس. سمنڊ جي ديوانگيءَ جهڙو جوڀن وجود ۾ مست ڇولين وانگر اُڇلون ڏئي رهيو هوس. ماڻهوءَ جي وهيءَ جون به مُندون ٿين، پر وهيءَ جي اُها ڇتي مست المست موسم هوندي آهي، جنهن ۾ جوڀن جي ڇهاءُ سان نڪور سوچن جي اُڏام کٽوليءَ لاءِ پولارن جون حدون به سوڙهيون  پئجي وينديون آهن. جيڏين سَٿ ۾ ڪوري من جون کيچلون سوچون سُرٻاٽ بڻجي چپن تي وکرڻ لڳنديون آهن. ٽهڪن ۽ مرڪن ۾ جوانيءَ جون سريليون ڌُنون ٻُرڻ لڳنديون آهن. گُڏين راند ۾ ٻاتڙين ٻولين ۾ ڳايل ڳيچَ ۽ سهرا معنائن جا ويس ڍڪي ذهن ۽ دل جون ڪتڪتايون بڻجي ويندا آهن. هونئن به جڏهن ڪنهن سامايل ڇوڪريءَ جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ٿي ويندو آهي ته اُن جو جهرڪيءَ وانگر آرسيءَ سان جهيڙو شروع ٿي ويندو آهي. ڦوهه جوانيءَ جي اُن چري مُند ۾ ڪنهن جي من جي ڪاڪ ۾ ڪو مينڌرو ٽڪي پوي ته جوانيءَ  جي اوج ۽ سونهن جي سڦلتا جو احساس ڪر موڙي جاڳي ٿو پوي. انگَ انگَ مان امنگَ ۽ ترنگ بارش جي سنهين بوندن وانگر وسڻ لڳي ٿي. ڏينهن، ڪنهن جي سار ۾ مائي ڀاڳيءَ جي گيت ’کڙي نيم ڪي نيچي، هون تو هيڪلي…‘جي جهونگار بڻجي اڻ ڇُهيل چپن تي ايندي آهي ۽ راتيون ذهن جي اَئٽ تي شرميلا سپنا اُڻندي گذرنديون آهن. لڄهڙُو نهارون، تـِرورن جهڙيون مُرڪون ۽ ڀيرويءَ جهڙا ٽهڪ ڪنهن جي نانءُ ٿي ويندا آهن.

جنان جي سَرلن ڪنن تي جڏهن کان سندس پلئه ماروٽ شاهزيب سان اٽڪڻ جو ڀُڻڪو پيو هو، تڏهن کان اکين جي  اُڀ تي تارن وانگر ٽمڪندڙ بي نانءُ خوابن کي ڄڻ عنوان ملي ويو هوس. پنهنجي من مندر ۾ ڀڳوان جي مورتيءَ وانگر وهاري ڇڏيو هئائين. بدي جي مٽي مائٽيءَ ۾ جڏهن جنان جو سڱ شاهزيب ۽ شاهزيب جي ڀيڻ شاهل جو سڱ جنان جي وڏي ڀاءُ گلزار کي ڏئي، گندين پوتين ۽ پڌريءَ جون رسمون  ٿيون، تڏهن جنان جي خوشيءَ جو وشال اُڀ وانگر ڪو انت نه هو. نيامت جا ته ٻئي نيڻ کليا پئي ’انڌو گهري الله کان هڪڙي اک هن کي ته ٻئي اکيون پئي مليون‘. دين دنيا ۾ اڪيليءَ ڀاءُ سان اَڏي گڏي جو پئي، ٻنهي گهرن تي خوشين ۽ شادمانن جا ڪڪر اوڙڪون ڪري پئي وسيا. موڀي پُٽن کي موڙون ٻڌي سيڄ وهاري، لايا سجايا ڪرڻ ۽ نياڻين جا هٿ پـِيلا ڪرڻ لاءِ ڪپڙو لٽو، ڳهه ڳٺو ۽ سجنٽ گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هئا، ته جيئن چيٽ کڻي، ڏينهن وارُ ٻَڌي ڪاڄَ سُڪاڄَ ڪن. زندگي ڪڏهن ڪڏهن سانتيڪي سمنڊ وانگر اوچتو اهڙو پاسو ورائيندي آهي، جو خوشين جي پيٽ مان ڏکن جا طوفان آکيري جي آنن مان ڦٽل پاڻيءَ وانگر ڦاٽ کائي نڪرندا آهن. هونئن به زندگي اُن ماٺي پاڻيءَ وانگر هوندي آهي، جنهن جي پيٽ ۾ ڪيئي ڏکن جا ڪُنَ پيا پلجندا آهن، جيڪي اوچتو اک ڇنڀ ۾ مٿاڇري تي ترندڙ  هر شيءِ کي ڪک پن وانگر لوڙهي ويندا آهن. اهڙي وِڄُ ڪڙڪي جو ٻنهي گهرن جي خوشين کي ساڙي ڇارُ ڪري وئي. رکيل جي ڪڻڪ جي ديرن ۾ ٿريشر جي وانگار هئي. رکيل جا پُٽ ۽ ڳوٺ جا ونگارو همراهه ڪم ۾ جنبيل هئا. گلزار جيئن ديري مان ڪڻڪ جو گڏو کڻي تڪڙو ٿريشر ڏانهن پئي  آيو ته گوڏ جو پلئه ٿريشر جي پٽي ۾ وچڙي پيس. هو پٽي ۾ اچي سخت ڦٽجي پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ ۾ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. گلزار جي اَڻ مُندائتي وڇوڙي ٻنهي گهرن جون خوشيون ٻٻر جي پلڙن وانگر روڙي ورتيون هيون. ڪو وقت ته سوڳواريءَ جا گهاٽا ڪڪر ٻنهي گهرن تي ڇانيل رهيا.

رواجي ڪچهريءَ ۾ به گلزار جو ذڪر اچي ٿي ويو ته ڦُٽن جون ڪڙيون اُکلي پونديون هئن. اوڇنگارن ۾ پئجي ويندا هئا ۽ کاڌو پيتو وِهه ٿي ويندو هونِ.

ڀريا ٻه سال ته ڪنهن پچار به نه ڪئي، پر مُئي جي پٺيان ڪير مُئو آهي؟ وقت جهڙي ڪا لپري آهي ئي ڪانه، وڏا ڦٽ ۽ گهاءَ ڀري ٿي ڇڏي. ٽئين سال شاهزيب جي پيءُ ڪامل جڏهن رات هئو مئو ٽرڻ کان جنان جي پيءُ رکيل کان مٽي مائٽيءَ جو لڪ لنگهائڻ  جي موڪل گهري ته رکيل ٻئي نمبر پُٽ وريام لاءِ شاهُل جي سڱ جي ڇڪ ڪئي. ڪامل ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. وريام ڏاميچ ۽ڏوهاري ذهن رکندڙ هو.  سدائين اونڌا ٽوپا ۽ ڀُڏا ڪم هئس. هڪ پير ريل ۾ هوندو هوس ته ٻيو جيل ۾ اُٿـِي ويٺـِي ۽ سنگت به چور ڊڊيءَ ۽ لُچ لوفرن سان هوس. طبيعت ۾ به سڀني ڀائرن کان تيز ۽ جهيڙا ڪار هو، انڪري ڪامل کيس شاهُل جو سڱ ڏيڻ لاءِ بنهه  تيار نه هو.

هن رکيل کي سمجهائيندي چيو-

”ادا…!شاهُل اڄ به اوهان جي امانت آهي، پر تون پاڻ نياڻيءَ وارو آهين. هنيانءَ تي هٿ رکي ڏس. پنهنجا آنڊا ڪير اوڙاهه ۾ اُڇليندو؟“

”ڇو ادا......! برادريءَ ۾ ڪسالا نوان ڪونه اگهائبا آهن ڇا؟“ رکيل وراڻيو.

”سچ ٿو چوين، پر تنهنجا ٻيا پُٽ به ته ويٺا آهن! ڇَٽ رڳو وريام تي ئي ڪونه جُهليو آهي!“ ڪامل کيس راهه ڏيکاريندي چيو.

”ادا…! گهوڙا ۽ پُٽ اَرڏائي سونهندا آهن. وريام توکي ڀلي نه وڻي، پر منهنجي مٿي جو موڙ آهي.“ رکيل ورندي ڏني.

”ڪڙو ته مون کي به ڪونهي، ٻچو اٿم پر…!“ڪامل ڪجهه چوڻ گهريو پر رکيل سندس ڳالهه اَڌ ۾ڪٽي ڳالهه جو سنگُ وڍيندي چيو.

”ادا…ڪامل…!رنج رهين يا خوش. وٺندس ته وريام لاءِ، نه ته ٻڌيءَ کي گاهه، ٻڌيءَ کي پاڻي…“

ڪامل کيس سمجهائڻ لاءِ گهڻائي مٿان مُونا هنيا، پر رکيل اهڙو ته اُٺ ٺاهيو جو تر جيترو به پنهنجي ڳالهه تان نه چُريو. هڪ ٽنگ تي بيٺو رهيو. تريءَ تيل لائڻ ڪامل به نه ڏنو. رٿيل مـِٽي مائٽيءَ ۾ ڏارَ پئجي ويا. کيجَ خوشيون اجائي هوڏَ جي وَر چڙهي ويون. سالن جا قرب ۽ محبتون پل ۾ ڌڪار جو روپ ڌاري ويون. ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ ڪامل وري به برادريءَ جي چئن وڏڙن کي گڏ ڪري رکيل ڏانهن اُماڻيو، پر هو انڌ جي گهوڙي تي اهڙو ته  چڙهيل هو، جونه رڳو ميڙ کي مانُ ڪونه ڏنائين، پر ڪامل سان مُئي جيئري جا سڀ سڱ سياپا به ڇني ڇڏيائين.

هن واقعي نيامت کي جهوري وڌو هو. نه رڳو ڀاءُ سان اَڏجڻ گڏجڻ وارو سپنو ڀڄي ڀورَ ڀورَ ٿي ويو هوس، پر جانب ڀاءُ سان جيئڻ مرڻ جا سَنڌا ٿي ويا هوس! ۽ جنان جي ته ڪائنات ئي اُجڙي وئي هئي. سندس معصوم ۽ البيلن سپنن جي ڪاڪ ئي ٻُسي ٿي وئي هئي. هوءَ گُم سُم ۽ ويڳاڻي رهڻ لڳي هئي. چلولايون ۽ چاڳلايون رُسي ويون هوس. جيون جو هرپل گهايل پنڇيءَ وانگر لُڇندي پئي گذريس. ڇانگيل وڻ وانگر منهن تان رونقون ڇانگجي ويون هوس ۽ ڇڻيل پن وانگر خشڪ ۽ اڻڀي اڻڀي پئي لڳي. هوءَ ساهه جي تند سان ٽاڪيل ماس ۽ هڏن جو بوتو هئي، جنهن تان زندگيءَ جا سمورا رنگ کرڙي لاٿا ويا هئا.

وقت ڪئلينڊر جي پنن ۾ پاڻ ويڙهي ماضيءَ جي اَئٽ تي سال جي ڍيري ۾ تبديل ٿي ويو هو. هڪ رات جڏهن گهر جي ڀتين جي ڪَن مان هن پنهنجي مـِٽي مائٽيءَ جو ڀُڻڪو جهٽي ورتو هو، تڏهن هوءَ ڊيڄهڙي مان ڇرڪ ڀري جاڳيل ٻار وانگر ڏڪي وئي هئي. هوا جي مهربان جهوٽي جيڪو ڀڻڪو جهٽي سندس سماعتن تائين آندو هو، اُن  سندس ستل سُورن کي چهنڊڙي هڻي جاڳائي وڌو هو. اندر ۾ دُکندڙ دونهين سياري جي باهه وانگر ڀڙڪو ڏئي ٻري پئي هئي ۽ وجود جي ڏيئي ۾ آس جي ٻرندڙ وَٽ به اُجهامڻ لڳي هوس. هوءَ سج وانگر پنهنجي آڳ ۾ پاڻ جلي پئي. زندگيءَ جي بيوسي سندس اکين جي ڪرنڦل مان ڳوڙهن جو روپ وٺي ٽمڻ لڳي هئي. هنيانءُ ڪنا تار ٿانءَ وانگر ڇُلڻ لڳس. دل ۾ آيس ته ڪو هجي جنهن سان اندر جا اورڻ اوري، جيءُ هلڪو ڪري. ڀرئي گهر ۾ جيجل ماءُ ۽ ڀاءُ وريام کانسواءِ سڀ سندس جُهريل ڦٽن تي پَها رکڻ بدران لوڻ جون لَپون ٻُرڪڻ  وارا هئا. هن پاڻ کي گهر جو وڌيل ڀاتي پئي سمجهيو. کيس ڀاڻس وريام ڏاڍو ياد پئي آيو، جيڪو ڦُرجي جانچ ۾ جهليل هو ۽ ٻن مهينن کان گهر نه آيو هو. اُها رات هن پاڻ سان جهيڙيندي اکين ۾ ڪٽي ڇڏي هئي. وڏي اَسر مهل جڏهن ڪڪڙن پهريان دَس ڏنا، تڏهن هوءَ پنهنجي من جي مفتيءَ کان فيصلي جي فتويٰ وٺي چڪي هئي.

جنان ماءُ کان به اڳ اُٿي. جيتوڻيڪ رات سندس اکين ۾ اوجاڳي جي لالاڻ ڇڏي وئي هئي، پر هوءَ ڏاڍي ڦَرني پئي  لڳي. پاڻ کي واءَ وانگر هلڪو پئي محسوس ڪيائين. هنيانءَ تي وڏي ڪا ڇپ هئس، جنهن جي لهڻ  ڪري من تان مونجهه ۽ ذهن تان غبار ڇنڊجي ويو هوس. هن ڀاڳيو کڻي، مينهن کي وَنگ وجهي ڏڌو ۽ رڌڻي ۾ باهه ٻاري چانهه لاءِ ديڳڙي رکي ته نيامت به اکيون مهٽيندي اچي ڀرسان ويٺيس. جنان ۾ اوچتي تبديليءَ کي هوءَ اَچرج مان ڏسي رهي هئي. جنان جو پيءُ ۽ ڀائر جڏهن چانهه جا ٻه ٻه پيالا پي ڍڳا ڇوڙي سائيءَ جي هرن تي روانا ٿيا، تڏهن هن رڙهي اچي ماءُ جي ڀر ورتي، جيڪا پنهنجي لاءِ ديڳڙيءَ جي تري ۾ بچيل چانهه جو گهرٻٽ ڇاڻي رهي هئي. هن چلولائيءَ مان ماءُ جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي چيو.

”امان…!“

”جيءُ، امان…!“ماڻس وراڻيو.

”ها، مٺي…!چئه…ڇا ٿي پڇين؟“ نيامت پوتيءَ جي پلئه سان چانهه جو پيالو هٿ ۾ کڻندي وراڻيو-

”امان…! رات چاچي نبوءَ بابي سان ڇا پئي ڳالهايو؟“ جنان سوال ڪيو ۽ ورنديءَ لاءِ نماڻيون اکيون کڻي ماءُ ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”مئو اَبو سندن…!شل وڍجي وڃن…منهنجا آنڊا ٿا رولـينِ…خدا پنهنجا آنڊا وات ۾ ڏيندن.“ نيامت ڄڻ سندس جهريل ڦٽ تي هٿ رکيو هو.

”پر…امان…!“ جنان ڪجهه ڳالهائي، ماڻس سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي وراڻيو:

”گهاڻي ڪا پوندس. ڏائڻ ماريو…! پٽس ملوڪ لاءِ تنهنجي سڱ جي گُهر ڪرڻ آيو هو.“

جنان سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ ٻڏل لهجي ۾ چيائين. ”ڀلا!پوءِ بابي ڪهڙي ورندي ڏنيس؟“

”امان…!پڻهين کي به پيريءَ ۾ جهرڪي ڀونڊو ڏئي وئي آهي. ڌڻيئون پاڻيئون چٽ ٿي ويو آهي. هاڻي ته اهڙي ڏگري لٿي اٿس جو وات ۾ ٿو پوي  ته بس ئي نٿو ڪري.“ نيامت وراڻيو.

”ها،…پر، اَمان…!آخر ڇا چيائينس؟“ جنان سوال ورجايو.

”چوندس وري ڌوڙ…! چي، ’ڌڻي چڱي ڪندو، رڳو ڇوڪرن سان وات ٽڪاڻي ڪري وٺان‘.“ نيامت وراڻيو.

”پوءِ، امان…!مامي ڪامل وارا…؟“ جنان جملو اَڌ ۾ ڇڏي ڏنو.

”بس…،امان…!اباڻي ڪيڙ جا ويڙها موڪرا ڪري ويٺا آهن…دين دنيا ۾ هڪڙو ڀائڙو اٿم، سو به ڇني ڇڏيائون…هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي. جنان سوچ ۾ پئجي وئي. هن ڊگهو ساهه کنيو ۽ ماءُ کي ڳراٽي وجهي چيو:

”مٺي جيجان…مون به پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.“

نيامت ڇرڪ ڀري ڏانهس ڏٺو. جنان جي چپن تي مرڪ هئي. سندس واتان بي اختيار نڪتو:

”هان .....! ڇا چيئي؟“

”هان…!مٺڙي جيجل…!مون به دل ۾ واري ڇڏيو آهي ته لانئون لهنديس ته ماروٽ سان، پوءِ کڻي زمين اُٿلي پوي پر…!“سندس لهجي ۾ ويساهه هو.

”آئي…مائي ٻڌو…ڇوري…آهستي ڳالهاءِ…ڇتن کاڌا ٻڌي نه وٺن…پَٽائين نه پاڻ سان گڏ منهنجي به چوٽي…!ماڻس وات تي هٿ ڏئي جهڻڪيس.

منجهند جو وقت هو. جنان جا ڀائر قبول، بهرام ۽ گهرام ٻنيءَ تان موٽي ورانڊي ۾ کٽن تي اجرڪون ورائي ستل هئا. جنان آڳر ۾ ماءُ سان گڏ رليءَ کي سڳا پئي ٽوپيا. رکيل جيئن ٻاهران آيو ته نيامت اُٿي ٺڪر جو ڪروپاڻيءَ سان ڀري رکيس. هو کٽ تي پير لڙڪائي هٿ منهن ۽ پير ڌوئي پوتڙي سان اُگهي هنڌ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو ته جنان ماني آڻي اڳيان رکيس. نيامت کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي پوتيءَ جي پلئه سان مانيءَ تان مکيون هڪلڻ لڳي. اوڀارين لهوارين کان پوءِ نيامت نويڪلائي ڏسي مُڙسهنس سان رازداريءَ ۾ جنان جي باري ۾ ڀڻڪو ڪڍيو. رکيل ڪو اڳي ئي تتو ويٺو هو. نيامت ڄڻ ڦٽاڪي کي تيلي ڏيکاري ڇڏي هئي. هو مانيءَ مان هٿ ڪڍي کٽ تان ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ نيامت کي ڀري چنبو وهائي ڪڍيائين. هوءَ وٽجي کٽ تان هيٺ وڃي ڪـِري. رکيل تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ آڳر ۾ ويٺل جنان کي ٻه چارَ مُڪون ۽ لتون  وهائي ڪڍيائين ۽ چوٽيءَ ۾ هٿ وجهي ائين گهلڻ لڳس، جيئن ڪاسائي ٻڪريءَ کي ڪَن ۾ هٿ وجهي ڪُهڻ لاءِ گهليندو ويندو آهي.

”ڇوري… وات ڳاڙهي…! ايڏو بگل ڦريو اٿئي جو اسان جي پڳن ۾ ٿي هٿ وجهين! بلان وانگر مُنڍي نه چپي ڇڏيئينءَ!“

پر عشق به عجيب مڌ آهي، چاهت جو نشو ئي ڪجهه اور ٿئي ٿو. هن مڌ جي چڪي پـِيتل هجي ته هيڻو انسان به جرئتن جا اُهي واهڙ وهائي ٿو ڇڏي، جو عقل جا پير ڇڏائجي ٿا وڃن. هونئن به جتي عقل جا پر سڙڻ لڳن ٿا، اُتان  عشق جي اُڏام شروع ٿيندي آهي. جنان به شاهزيب جي چاهه ۾ ڀئه ۽ ڀولن جون سموريون حدون اورانگهي وئي هئي. پڻس جڏهن پتڻ جي گڏهه وانگر ڪُٽي ساڻو ٿي کٽ تي ويهي سهڪڻ لڳو، تڏهن مُونن مان منهن ڪڍي سڏڪن ۾ ڳالهايو:

”تون اَبو آهين…ڀلي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏ…ساهه پساهه تنهنجي مـِلڪ آهي،پر نياڻيءَ کي زندگيءَ ۾ گار هڪ ڀيرو ڏبي آهي. توکي جيڪا گار ڏيڻي هئي سا ڏنيئي، ٻي گار مون کي به قبول ڪونهي!“ دير ڇا جي هئي. ٻيهر لتن ۽ مُڪن جو سٽڪو ٿي ويس. نيامت ڌيءَ کي بچائڻ لاءِ اُڇلجي مٿان پيس، پر رکيل ڄُنڊن مان وٺي پري ڌڪي ڇڏيس. ڪوڙيون انائون رشتن جي پيار تي ڀاري پئجي ويون هيون. رشتن جي ساڃاهه مُڇ جي وارن هيٺان دٻجي ٻوساٽجڻ لڳي هئي.اُهي هٿ جيڪي جنان جي رسڻ ۽ روئڻ تي سندس مٿي ۽ کاڏيءَ تي پيار مان ڦرندا هئا، سندس جسم تي کٻڙ جي تلهڙن وانگر پئي وسيا. سندس ڳل ۽ پيشاني چمندڙ چپن مان نڪرندڙ گٿا لفظ سندس اندر کي مڇيءَ جي ٻيرن وانگر جهير ڏئي رهيا هئا. گوڙ تي ورانڊي ۾ ستل جنان جا ڀائر به اُٿي پيا هئا. بهرام ڊوڙي وڃي بندوق ۾ هٿ وڌا. نيامت وسيلو ميڙ وجهي پوئتي هٽايس.

”امان…!ڇڏ مون کي ته ڪڍانس هڪڙي ڪارتوس مان…اِنهيءَ کان مُئي چڱي آهي.“ بهرام اکيون ڦوٽاري چيو.

جنان لاءِ گهر ۽ ويڙهو رشتن جو جهنگل بڻجي ويو هو. ٻي رُخين ۽ بي ڌيانن جي رُڃ ۾ هن جو جيون ويران کنڊر بڻجي ويو هو، جنهن ۾ ڪنهن سارَ جي پکيءَ به اچڻ جي همٿ نٿي ڪئي. سندس اکين جي فريم ۾ سجايل خوابَ ڌنڌلائجي ويا هئا. سندس احساسن جي پيچرن تي بيوسين جا ڊڀ ڦُٽي پيا هئا. هوءَ زنجير جي کٽل ڪڙيءَ وانگر هئي. ان حالت ۾ هن جي دل وڏي ڀاءُ وريام لاءِ پئي اُڪانڍيو. هن سندس اچڻ لاءِ آڱرين تي ڦارون وجهي ڏانهنس سارَ جون هـِڏڪيون پئي اُماڻيون. جنان جون  اکيون ڏسي رکيل پَٽن سان وات ٽڪاڻي ڪري کيس شينهن ڪلهي چاڙهڻ لاءِ نبوءَ وارن ڏانهن نياپو اُماڻي ڇڏيو هو ۽ نبوءَ وارا مڱڻي جو ڏينهن به وٺي ويا هئا. مڱڻي جا ڏينهن جيئن ويجهو پئي آيا، جنان تي گهر ۾ چوڪسي وڌندي پئي وئي. مڱڻي ۾ ٻه ڏينهن  هئا ته کيس رات جو گهر جي ڪمري ۾ هٿ پير ٻڌي ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيندا هئا ته متان نڪري ڪامل وارن ڏانهن  نه هلي وڃي. اُن رات جڏهن هوءَ هٿن پيرن جا رسا کولي گهران نڪتي هئي. ٻئي ڏينهن نبوءَ جي پٽ ملوڪ سان سندس مڱڻو ٿيڻو هو.

 

سج ڪني ڪڍي ته رکيل وارا جنان جا پير کڻي روڊ تي چڙهيا. روڊ جي ڀر سان گاڏيءَ جا پٽا ۽ ماڻهن جا پير ڏسي سورهن آنا دل ۾ وسي وين ته جنان شاهزيب جي آجام تي نڪتي آهي. رکيل ۽ سندس پٽ گـِڏِ کان نڪري ويا. اُن کان اڳ جو اُٻهرائيءَ ۾ ڪجهه ڪري ويهن، ڪراڙي سانوڻ جي سمجهائڻ تي سڀ گڏجي ڪامل ۽ شاهزيب  تي جنان کي اغوا ڪرڻ جو فرياد ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته ڳالهه جو اصل ڦورو کُلي آڏو آين.

ٿاڻي ۾ ايس. ايڇ. او جي آفيس ۾ پير مولڻ سائين، ايس. ايڇ. او ۽ رکيل وارن سميت ڏهاڪو کن ماڻهو ڪرسين تي ويٺل هئا. ڪامل به  شهر جي هڪ چڱي کي ساڻ ڪري اچي اُتي پهتو هو. جنان ڪمري جي ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي شال ۾ ويڙهي سيڙهي ويٺل هئي. پير مولڻ سائينءَ جي اک هئي، جا جنان مان ٿڙي ئي نه پئي. ائين گُهور وجهي پئي ڏٺائين، جيئن ڪو ڳوٺاڻو انگريز منڊم کي چتائي ڏسندو آهي. هوءَ اکين جي ڏاڪڻ اُڪري سندس دل جي اڱڻ ۾ ويهي رهي هئي. رکيل ۽ سندس پٽن پير  مولڻ جي اُن ڇسائپ تي بلا وارا وٽ پئي کاڌا، پر اُپڙي نه سگهيا. ايس. ايڇ. او جي  کنگهڪر تي پير مولڻ پاڻ سنڀاليو ۽ جنان کي مائٽن سان گڏ وڃڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو. سندس ڳالهائڻ مان لوڪاڻي ظاهر پئي ٿي. هن ميار لاهڻ لاءِ ڀڳيءَ دل ۽ مٿاڇرن لفظن سان کيس سمجهاڻي پئي ڏني. پيٽ ۾ جيڪي لُنڊيون هئس، سندس اکين مان زبانون مـِرڪائي ليئا پائي رهيون هيون. ڪامل جنان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ زور پئي ڀريو. رکيل ۽ سندس پٽ پٿرايل اکين سان اُونهي سوچ ۾ ٻڏل هئا. جنان پڙ ڪڍي بيٺي هئي. هوءَ ڪنهن به حالت ۾ رشتن جي اُن جهنگل ۾ ٻيهر وڃڻ لاءِ تيار نه هئي. پير مولڻ جي چپن تي مرڪ تري آئي. هن جنان ڏانهن گهوري ڏٺو ۽ شهپرن تي هٿ هڻي ڊگهي اوٻاسي ڏيندي چيو:

”اَبا…مولا سڻايون ڪريوَ!…ٻئي ڌريون عزت وارا آهيو…ڇوڪري مائٽن سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ناهي…ڪورٽ ڪچهرين ۾ خوار خراب ٿيڻ کان چڱو اَٿو ته ڪنهن چڱي وٽ فيصلو واريو…باقي رهي ڳالهه ڇوڪريءَ جي، سو اُها مون وٽ فيصلي تائين سام رهندي فيصلي واري  جنهن کي ڏياري، اُن جي حوالي ڪبي.“

سڀ ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويا. رکيل وارن جي حالت اِها هئي جو ڪُسجن، ته رَت ڦُڙي نه نڪرينِ. پڇتاءَ ۽ ندامت جو احساس ديويءَ جي ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳو هونِ. هونئن به ڪاوڙ جو پهريون منهن ڌوم تتيءَ واري سج وانگر  هوندو آهي ۽ سمجهه ۽ سهپ جي ٿڌاڻ سان لهندڙ ڪاوڙ لاهُو سج جي ٿڌي روشنيءَ وانگر هوندي آهي. رکيل ۽ سندس پٽ بهرام ۽ گهرام به ڪاوڙ جي ڪوساڻ کي سمجهه جي ٿڌاڻ سان ٺاريندڙ سوچ ۾ ڪنڌلاڙي ويٺل هئا. لوڻاٺيل رشتا هڪٻئي جي سامهون هوندي به مڱيندن وانگر هڪٻئي کان نظرون چورائي رهيا هئا. جيسين ڪو ورندي ڏئي، وريام سهڪندو ڪمري ۾ داخل ٿيو. اکين مان چڻگون پئي ڇڻيس ۽ ڪاوڙ مان منهن تتل لوهه وانگر ڳاڙهو ٿي ويو هوس. هن ڪرسين تي ويٺل ڀائرن قبول، گهرام ۽ بهرام کي منهن ۾ گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو.

”اڙي…لک نالت اٿوَ، ڄائيءَ رات تي!…اڪيلي نياڻيءَ لاءِ سڀ مڙس ماڻهو ٿي پيا آهيو!“

هن ڪرڙيون اکيون ڪري پڻس ڏانهن ڏٺو ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو:

”تنهنجو اڇي ڏارهيءَ ۾ ڇو اچي اَٽو خراب ٿيو آهي؟…قبر ۾ پير لڙڪائي ويٺو آهين، اڃا گهڻو وقت جيئندين؟هن عمر ۾ جيڪو قريبن سان ڳنڍيئي سو ته گهوريو، اُٽلندو پونين لاءِ ڌڪار ۽ ويڇن جا ٻج پيو ڇٽين!،

سمورن جا ڪنڌ جهڪيل هئا. ڪنهن ٻڙڪ به نه ڪڇي. هن جنان ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي ٻانهون  کولي ڇڏيون. جنان اوڇنگار ڏئي ڊوڙي سندس ويڪري ڇاتيءَ ۾ پناهه  وٺي سُڏڪڻ لڳي.پير مولڻ ۽ ايس. ايڇ. او جا وات حيرت ۾ ٻٽون بڻيل هئا.وريام جنان جي مٿي تان سـِرڪي ويل شال کي سولوڪيو ۽ ڪنڌ ورائي  ڪامل سان مخاطب ٿيو:

”ماما…!ننگَ ۽ دنگَ مڙسن جي غيرت هوندا آهن ۽اکر وارا مرد نياڻين کي گار هڪ ڀيرو ڏيندا آهن. چار ڀائر ساڻ ڪري شاديءَ جو ڏينهن وٺي وڃجانءِ.“

سندس لهجي ۾ ويساهه ۽ اکين ۾ رشتن جي سڃاڻ جو پاڻي هو، جيڪو ڪڏهن به سُڪندو ناهي. رشتن جا رنگ ڪچي ڪپڙي وانگر ڦـِٽي ته سگهن ٿا پر ڇڄي نه سگهند آهن. هو جنان کي  ڳرهاٽي پائي، ايس ايڇ. او جي ڪمري مان نڪتو- ۽ ٿاڻي جي حد اُڪري ٻاهر وڃڻ لڳو..

 __________


خوابن جو صحرا…

 

اصغر گگو

ٽرين جي اچڻ ۾ اڃا دير هئي. اسان اسٽيشن تي پيل خالي بئنچ تي سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻيا ويٺا رهياسين. نه هُن ٿي ڳالهايو ۽ نه ئي مون. لفظ اسان جي اندر ۾ سُڏڪي رهيا هئا. ڳالهائڻو ته گهڻو  ڪجهه هو،پر سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڳالهايون؟ هُن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ڪجهه چوڻ چاهيائين، پر چئي نه سگهي ۽ اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين. مون يڪو هُن ڏانهن پئي نهاريو. سڄو ماحول اُداسيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هو. آءٌ چپ چاپ ڏسندو پئي رهيس. منهنجو وجود ڪنهن اڻڄاتل خوف ۾ ورتل هو ۽ اُهو خوف ڪهڙو هو، سو مون نٿي ڄاتو! هُن کي سڏيو هئم: ”شهلا!“ ڄڻ سُڏڪو اُڀريو هو. هُن پنهنجون اُداس اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو، پر مون کي چپ ڏسي هن ڪجهه به نه پڇيو. ۽ آءٌ انهن اکين ۾ ڏسندو يادن جي خوبصورت واديءَ ڏانهن موٽڻ لڳو هئس، جنهن ۾ هوءَ کـِلندي هئي ته  موتي وکيري ڇڏيندي هئي. يادن جي نيري ڊائريءَ جا ورق اُٿلڻ لڳا. پورو ياد نه اٿم، شروعاتي ڏينهن هئا. ڪلاس مان ٻاهرنڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ جي  ڪاريڊور ۾ اچي بيٺو هئس. سامهون سوشالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايندي کيس ڏٺم هئم. ٽهڪ وکيريندي آئي.سڀني سرتين ۾ خوبصورت  هئي. هُن جون ٻيون سڀ سرتيون سندس هڪ مُرڪ برابر نه هيون. هوءَ ٽهڪن جي خوشبو پکيڙي گذري وئي. هئي ۽ آءٌ ڏسندو ئي رهجي ويو هئس.

رولاڪ بڻجي ويو هئس. هن کي ڏسڻ کان سواءِ دل کي چين نه ايندو هو ۽ فيڪلٽي ڏائڻ جيان لڳندي هئي. جڏهن کيس ڏسندو هئس ته ڪائنات خوبصورت لڳندي هئي ۽ هوءَ جتان به گذرندي هئي، اُها جڳهه مُرڪندي محسوس ٿيندي هئي.

اُنهن ڏينهن ۾ سندس هڪ سرتيءَ ٻڌايو ته هوءَ ٿوري هٺيلي آهي. پيار محبت جي ڳالهين ۾ نه پوندي آهي، پر دل جي ڏاڍي پياري آهي. ۽ پوءِ رولاڪي جا پل گذري ويا هئا. هوءَ هٺيلي اوچتو ويجهو اچي ويئي هئي…

ڊپارٽمينٽ جي سيمينار ۾ اڪيلو ويٺو هئس. هوءَ ۽ سندس کلڻي سرتي اندر آيون. هن کي ڏسي پل لاءِ پنهنجو پاڻ وسري ويو هو. کلڻيءَ هُن جو تعارف ڪرايو هو: ”هي شهلا آهي، منهنجي پياري دوست…“ مون شهلا ڏانهن ڏسي مُرڪيو هو ۽ هن به مرڪ جو گلاب مون کي ڏنو هو، ۽ ائين ئي ڳالهيون زبان جي رستي سيمينار ۾ گهمي رهيون هيون ۽ جڏهن  هوءَ ٽهڪ ڏئي کلي ٿي ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ساز چريو هجي. هُن جي مرڪ بيحد پياري هئي، تڏهن ته بي اختيار ٿي چيو هئم:”توهان کي خبر آهي ته توهان جي مرڪ ڪيڏي نه پياري آهي، ٻارن جي مرڪن جيان!“ مرڪيو هئائين. چيومانس: ”توهان جون اکيون به مُرڪن ٿيون.“ شرمائجي وئي هئي. پنهنجي پاڻ کي پاڻ ۾ لڪائڻ لڳي هئي. سڀڪجهه سمجهندي به ڪجهه نه ڪڇيو هئائين. وڃڻ لڳي هئي، دل جي مندر ۾ گهر ڪري. سيمينار جي دروازي وٽ بيهي مُڙي نهاريو هئائين. اُن نهار ۾ سڀڪجهه هو. اظهار…دنيا جي هر شيءِ کان وڌ پياري نهار! هلي وئي هئي پنهنجي سرتيءَ کي ساڻ ڪري. هوءَ اڪثر ملڻ لڳي. ان ملاقات کان پوءِ سي. ايل. جي ڏاڪڻين کان وٺي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور تائين، ايڪنامڪس جي لان کان وٺي مارئي هاسٽل جي لان تائين، المنظر کان وٺي ڄام شوري جي روڊن تائين ڊگهيون ڊگهيون ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. هوائن سان دوستي ٿي وئي. اُن سڄي عرصي ۾ قدمن جي روڊن سان ياري، سڄي دنيا رنگين لڳندي هئي…بيحد پياري…!

*   *   *    *    *

علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار واري ٿلهي تي ويٺا هئاسين. سڄي فرش تي يوڪلپٽس جا پن پکڙيا پيا هئا. ائين ڪي پل گذري ويا هئا ۽ پوءِ هُن چيو: ”محبت به عجيب آهي. نه نه ڪندي به اسان کي پيار ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن محبتن جي ڀاڪر ۾ رهڻ لڳبو آهي ته زندگي وڌيڪ خوبصورت ٿي پوندي آهي. آءٌ ته سمجهندي هيس ته پيار فضول آهي، آءٌ ڪنهن سان به نه ڪنديس.“

چيومانس:”شهلا! ڪنهن چيو آهي ته ڪجهه عورتن سان رڳو پيار ڪبو آهي،عام رواجي ڪجهه عورتن سان محبت ڪبي آهي. پر آءٌ چوان ٿو تون اُنهن مان آهين، جن سان پيار محبت ۽ عشق ڪبو آهي.“

مونڏانهن ڏسندي چيو هئائين:”مون ٻڌو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي واٽ ويندي اهڙا ماڻهو ملي ويندا آهن، جن ۾ پنهنجائپ جي خوشبو هوندي آهي. ماڻهو خودبخود اُن جي ويجهو اچي ويندو آهي ۽ اُن جو ٿي پوندو آهي. اُن کان سواءِ زندگي بي معنيٰ لڳندي آهي.“ آءٌ سُري سندس ڀر ۾ ويٺو هوس. سندس وجود مان انب جي ٻور جي سُرهاڻ  جهڙي مهڪ اچي رهي هئي. هوا زور سان لڳي، پن ڇڻيا. چند پنن هن جي نازڪ پيرن  کي ڇُهيو. هوا وارن کي وکيري ڇڏيو هو رخسارن تي. هُن چهري تان وار هٽايا هئا. هوا جو زوردار جهوٽو لڳندو هو ته هوءَ سڪڙجي ويندي هئي گلاب جي پنکڙيءَ جيان ۽ ائين هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسندي ڪي پهر گذري ويا هئا ۽ پوءِ اُتان اُٿي هوريان هوريان رستي تي هلڻ  لڳاسين. هلندا اچي بقول ڪنهن جي ته سنڌ جي اُداس شهزادين جي مسڪن مارئي هاسٽل تي پهتاسين.هوءَ پنهنجي اکين سان مون کي چمي اندر هلي وئي هئي.

*   *   *   *    *

هوءَ مون سان ملڻ جي چڪر ۾ پنهنجن سرتين کان ڪٽجي وئي هئي، انڪري اُهي کيس ٽوڪڻ لڳيون هيون. ”شهلا! عشق هن جو تنهنجو غرور ٽوڙي ويو…آءٌ ڪنهن سان به عشق نه ڪنديس…پوءِ هي سڀ ڇا آهي؟ هن سان ملڻ ۽ سڄو وقت هُن جي خيالن ۾ گم رهڻ، سڀ ڇا آهي، شهلا! سندس اُن سرتيءَ چيو هو، جنهن ڏانهن ڪوئي ڏسندو نه هو. سرتيون ڇيڙينديون هئس ته اچي مون کي ٻڌائيندي هئي: ”سڙن ٿيون، ڀلي پيون چون…محبت جي دشمنن کي سڙڻ ڏي.“ ۽ هوءَ ٽهڪ ڏيندي هئي، سڄي فضا غزل ٿي ويندي هئي…

*  *  *   *   *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com