سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :19

ترسجو! مان حسن کي چاهي وٺان

[مُحسن ڪَڪڙائيءَ جي ياد ۾]

ڪي شخصيتون ڪنهن شاعر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر ”محسن“ ڪَڪڙائي ڪَڪڙ شهر جي وڻندڙ سڃاڻپ بڻيل رهيو.اڳوڻي تعلقي ڪڪڙ ۾ 1880ع ڌاري مختيارڪار رهندڙ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڪَڪڙ کي پنهنجي پسند جي علائقن منجهان هڪ علائقو قرار ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت اسان جي شاعر ”محسن“ ڪڪڙائي پنهنجي نالي جي نسبت سبب ”ڪَڪڙ کي هڪ لاڳيتي علمي سڃاڻپ ڏياري. سائين محسن ڪڪڙائي جسماني طور تي 2 اپريل 2005ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻوسرندڙ تخليقن ذريعي سنڌي ادب ۾ هميشه زندهه  رهندو. محسن صاحب جو جنم 4 جولاءِ  1937ع تي سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ”نياز علي شاهه“ هو. ايم. اي، بي.ڊي.ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل، اديب عالم پاس محسن صاحب رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. کيس 6 پٽ انجنيئر اعجاز محسن، الطاف محسن، شبير محسن، جاويد محسن، سجاد محسن، عامر محسن ۽ ٽي نياڻيون آهن. 1951ع  کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن صاحب کي 1968ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام اولهه پاڪستان جي گورنر پاران لاهور ۾ مليو. 1964ع کان وٺي ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو. پاڻ بزم طالب جو جنرل سيڪريٽري ۽ ”اداره فلاح و بهبود“ جو باني به رهيو. سندس پهريون شعري مجموعو ”اُمنگون“ 1966ع ۾ ڇپيو. سندس شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃهه“ جي نالي سان تازو ڇپيو آهي، سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”ليليٰ خط“ ۽ ”سوريءَ چڙهيو سچ“ آهن،  جڏهن ته اڻڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري،انارڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٽڙي، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪرهء اولياءِ سنڌ، اربيلا، عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوان محسن شامل آهن. محسن صاحب جو ڪلام جو ڀارت جي مختلف زبانن ۾ ڀارتيه گيانپت ساهتيه اڪئڊميءَ پاران ترجمو ڪيو ويو. سندس ادبي استاد حافظ محمد احسن چنا ۽ احمد خان آصف هئا، جڏهن ته پاڻ خوبصورت شاعرن: آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ۽ ٻين ڪيترن ئي نَون شاعرن جو استاد رهيو.

محسن ڪَڪڙائي بنيادي طور تي پيار، محبت ۽ سونهن جو شاعر هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار جا گيت دل کولي ڳاتا. سندس شاعريءَ ۾ پيار محبت ۽ سونهن جا دل کي ڇُهندڙ مختلف رنگ موجود آهن ۽ اهي سمورا بنيادي محرڪ سندس شاعريءَ ۾ جابجا موجود آهن، جيڪي هڪ شاعر وٽ هجڻ گهرجن. فني لحاظ کان به محسن پڪو پختو ۽ منفرد شاعر هو، هو هڪ حساس، دردمند دل رکندڙ، محبت سان ڀرپور، انسانذات سان اٿاهه پيار ڪندڙ هو. سندس شمار موجوده دور ۾ غزل جي سرموڙ ۽ نمائنده شاعرن ۾ آهي. [سندس سوانح، فن ۽ ادبي خدمتن جو پيرائتو احوال ”ادب“ جي 106 نمبر (جولاءِ 2003ع) ۾ شايع ڪري محفوظ ڪيو ويو آهي.]

اڄ محسن ڪَڪڙائي اسان وٽ موجود نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر سندس شاهڪار تخليقن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هن راتين جون راتيون جاڳي شاعريءَ جا ديپ جلائي پنهنجي تخليقن سان جديد سنڌي شاعريءَ کي روشن ڪيو. سندس شاعري مستقبل ۾ هميشه لاءِ روشني پکيڙيندي رهندي.

 

آزاد انور ڪانڌڙو

ڊاڪٽر صالح ميمڻ

 

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جي رحلت سان سنڌ ۾ علاج معالج  جي تاريخ جو هڪ منفرد روشڻ باب پورو ٿي ويو. پاڻ 30-جنوري 2005ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.

ڊاڪٽر صالح ميمڻ سنڌ جي اُنهن چند سپوتن مان هڪ هو، جن پنهنجي انتهائي غير معمولي ذهانت ۽ مثالي خدمت خلق وسيلي انسانذات جي خدمت ڪئي. جيئن ته سندس شعبو ”ميڊيڪل سائنس“ هو، ان فن ۾ سندس قابليت جڳ مشهور حيثيت اختيار ڪئي ۽ پاڻ سنڌ ۾ ان شعبي وسيلي مثالي خدمتون بجا آندائين ۽ ڏيهه پرڏيهه وڏي شهرت ۽ عزت، مڃتا ۽احترام ماڻيائين. ”مسيحائيءَ“ ۾ سندس نالو ايترو ته وڄندو رهيو، جو سندس ’معائني‘ کي ئي ’دردن جو دفع ڏيڻ‘ تصور ڪيو ويندو هو. ٻئي طرف هڪ استاد جي حيثيت ۾، لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ۾ اڌ صدي تائين پڙهائيءَ جي مبارڪ پيشي سان لاڳاپيل هئڻ جي حوالي سان هزارن شاگردن کي فيض رسايائين، جي اڄ سنڌ ۾ پنهنجي استاد محترم تي بجا طور فخر ڪري رهيا آهن. پاڻ ڪاليج جو پرنسپل ۽ اڳتي هلي سيڪريٽري صحت ٿيو. ان طرح صدر مملڪت جو ذاتي اعزازي معالج به رهيو.

ڊاڪٽر صالح ميمڻ ’طب‘ جي شعبي ۾ ايڏي وڏي مقام ماڻڻ سان گڏ شروع کان وٺي علم ادب جو شائق ۽ لکڻ پڙهڻ سان واڳيل هو. سندس ڪهاڻيون اول ماهوار ”سهڻي“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون ۽ 1991ع ۾ ”مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص“ جي نالي سان ڪهاڻين جي مجموعي جي اشاعت سان سنڌي ادب ۾ هڪ مصنف جي حيثيت سان متعارف ٿيو۽ سندس لکڻين کي سنڌ جي علمي حلقن ۾ مڃتا حاصل ٿي. سندس ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سنڌ جي نامياري ليکڪ علي محمد بروهي لکيو:

”…ڊاڪٽر صالح پنهنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز پنهنجي اوائلي عمر يعني طالب علميءَ واري زماني ۾ ترجمن ڪرڻ ۽ مضمونن لکڻ سان ڪيو. سندس هم ڪلاسين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر صالح جي نصابي ۽ درسي ڪتابن سان گڏ ادبي رسالن ۽ علمي ڪتابن سان پڻ بيحد دلچسپي هوندي هئي هو سعيو ڪري اسڪول جي لئبريريءَ جو انچارج مقرر ٿيندو هو، جيئن کيس ڪتابن تي دسترس رهي. ڪراچيءَ ۾  آئي ڊاڪٽر صاحب جي علمي ادبي ذوق ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو. شاهه  ولي الله جي فلسفي کان وٺي ويندي علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ جي مدبرانه ۽ مفڪرانه واعظن سندس ڪپاٽ کولي ڇڏيا. هن دور ۾ سنڌي ادب تي ڌارين ٻولين جو به خاصو اثر ٿيڻ لڳو. ترقي پسند ادب هن  دور جي پيدائش هئي.

ڪجهه عرصو ٿيو ته اسان ٻنهي گڏجي ”لطيف“ ڊائجسٽ جاري ڪيو، جو مقبول عام ته نه ٿيو، پر سال ٻن پڄاڻان انهيءَ نوبت تي رسيو جو ڇپائڻ ۽ ورهائڻ ته ٺهيو پر پڙهڻو به پاڻ کي ٿي پيو. هن دور ۾ ڊاڪٽر صالح جون لکيل  ڪهاڻيون سراپا سچ ۽ حقيقت تي مبني هيون. ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته عام ڪهاڻيءَ مان مراد آهي خيالي ۽ من گهڙت آکاڻي، جنهن جا ڪردار فرضي هجن ۽ ڪنهن خاص پيغام خاطر لکي وڃي. اهوئي ڪارڻ آهي جو ڊاڪٽر صالح ۽ ٻين اديبن جي ڪهاڻين ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ڊاڪٽر واريون ڪهاڻيون فرضي نالن جي غلاف ۾ ويڙهيل سؤ في سيڪڙو سچيون ڪهاڻيون آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ ٿيل واردات تان پڙدو کڻي اسان آڏو اهڙا ڏوهه گناهه عيان ٿي ڪري، جي گهرن ۽ گهراڻن اندر روزمره جو معمول آهن. نالو ته يورپ ۽ آمريڪا جو بدنام آهي، پر اسان وٽ به خير سان يورپ جي تهذيب ڪافي عرصي کان وارد ٿي چڪي آهي. فرق فقط هي آهي ته اسين هر برائيءَ مٿان برقعو وجهي ڍڪ ڍڪيندا رهون…“

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جي رحلت سان سنڌ هڪ بهترين طبيب ۽ پرخلوص علمي خدمتگذار کان محروم ٿي آهي. اسان سندس ننڍي ڀاءُ ۽ سنڌ جي نامياري علمي شخصيت غلام محمد ميمڻ (رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر) ۽ سندس سعادتمند فرزند ڊاڪٽر فيروز ميمڻ (ڪارڊيالاجسٽ) سان ڏک ظاهر ڪريون ٿا.

-ن. 1. ش


ڇنڊ ڇاڻ

[تبصرو/تعارف/اڀياس/راءِ/تنقيد]

(هن ڪالم لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري آهن)

اوڏ - مٽيءَ جا ڪوڏ

[ص 248، ملهه 175 رپيا، ڇپيندڙ سنڌيڪا اڪئڊمي، ڪراچي]

جڏهن به ڪا عورت پورهئي ۾ جوانمرديءَ سان جُنبيل هوندي آهي، تڏهن چيو ويندو آهي ته ”فلاڻيءَ ته ڪم کي ’اوڏڻِ‘ ٿي لڳي بيٺي آهي.“ ”اوڏن “ جي اٿاهه محنت ۽ بي نيازيءَ سان ڪم ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن بجا طور تي کين ائين داد ڏنو آهي. اشتياق انصاريءَ پنهنجي جيل ڊائريءَ کي بنيادي بڻائي ”اوڏ قبيلي“ جي ڪٿا/سڀيتا دل کي ڇُهندڙ محققاڻي روپ ۾ پيش ڪئي آهي، جن لاءِ لطيف فرمايو آهي:

اوڏ جواوڏن، سوشل ڍنگهر ڍلوم ٿئي،

جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

”اوڏ- مٽيءَ جا ڪوڏ“ حقيقت ۾ مٽيءَ سان واڳيل اُنهن موتي ماڻهن جو من موهيندڙ مذڪور آهي، جن جو ڪم آهي ٻين لاءِ اَجها اڏڻ. جيڪي ٻين کي ڍڪڻ ۽ پناهه ٺاهي ڏيڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ پاڻ بي اَجهي آهن يا اَڀري اَجهي ۾ رهن ٿا ۽ ٻين لاءِ ائين Commitment سان ڪم ڪرڻ واري خصلت ماڻهوءَ کي اِنسان واريءَ منزل طرف وٺيو ٿي وڃي.

شاهه سائينءَ اوڏن جي اُهڃاڻن ۽ ريتن رسمن جو اشارو ڪندي، سندن خانه بدوشيءَ واريءَ خوءِ کي ڪجهه هيئن بيان ڪيو آهي:

اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،

ڪوڏارا ۽ ڪوڏ، پيا آهن پَٽن ۾.

سنڌ جي سُڄاڻ محقق ۽ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ مصنف اشتياق انصاريءَ پنهنجي مٿئين تازي ڪتاب ۾ اوڏن جي زندگيءَ تي تفصيل  سان لکيو آهي، جنهن مان سنڌ جي هـِن جهوني قبيلي جي منفرد رهڻي ڪهڻيءَ جي جيڪا تصوير ٺهي ٿي اُها ”انساني علم“ (Anthropology) جي حوالي سان  ودوائن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ يقيناً پُر ڪشش آهي. انهيءَ اسٽائيل اوڏن کي ٻين قبيلن کان گهڻو الڳ ٿلڳ ڪري رکيو آهي. اَوڏ ”راما پير“ کي پنهنجو مرشد ڪري مڃين ٿا ۽ اُنجي پوڄا پاٺ لاءِ مختلف هنڌن تي مندر ٺاهيا اٿن. اوڏن جو هي پير 1465 وڪرم سنبت ۾ پيدا ٿيو ۽ 1515۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن بزرگ کان سواءِ اوڏن جا ٻيا به ”فقير“ آهن، جن جون درگاهون  سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. کٽڻ فقير خانپور  گهوٽڪيءَ ۾ آهي ته ڪلياڻ  فقير جي قبر ميان آدم شاهه جي مزار جي سامهون آهي. سومار فقير گرهوڙ ۾ آهي ته آسو ڀڳت جو آستانو چيـِلهه بند ۾ آهي. اوڏ مسلمانن کي عام طرح ”گوچو“ سڏين ٿا، پر وٽن مسلمانن وارا ساڳيا نالا به ملن ٿا، جيئن: الهڏنو، لکانو، ڦتو، سڪندر، اڪبر وغيره.

هاڻي هُن پنهنجي مٽيءَ واري قديم ڌنڌي کي ڪُڙمت ۾ تبديل  ڪيو آهي ۽ آهستي آهستي جاڳرتا اچڻ سان پڙهڻ لکڻ ڏانهن به مائل ٿيا آهن. هن وقت هن قبيلي ۾ ڪافي ماڻهو ڊاڪٽر، انجنيئر، اُستاد ۽ ٻين شعبن ۾ڪم ڪندڙ آهن، جيڪي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي  پڙهائڻ ۽ باشعور  بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. اُنهن ڪوششن جي باوجود اڄ به نه بچندڙ اولاد  کي نٿ ٽوپي عيبدار ڪري ”ناٿو“ بڻائي بچائڻ جي زيت رسم به وٽن موجود آهي. وٽن دارونءَ جا دُنگ به هلن ٿا ۽ جهيڙا جهٽا به تمام گهڻا ٿين ٿا ۽ اُهي به خاص ڪري سڱابنديءَ جي معاملن ۾، جنهنڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر سندن ’عورتون‘ ٿين ٿيون. هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ اوڏن کي پنهنجي قبيلي جي ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور طرح پاڻ پتوڙڻ  گهرجي، جيئن اُنهن مان ڪُرسمون ختم ٿين ۽ ايترا باشعور ٿين جو ڪوبه ”لاکو“ مٿن ڏاڍ نه ڪري سگهي ۽ کين بدحال ٿي لڏڻو نه پوي، جنهن  لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي:

ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،

اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏئو.

”اوڏ“ سنڌ جو هڪ قبيلو آهي، تنهنڪري اوڏن جو باشعور ٿيڻ سنڌ جي ترقيءِ لاءِ ضروري آهي ۽ سنڌ جي ترقي اسان سڀني جي بقاءِ اوس آهي.

_نور احمد جنجهي

 


 

پوان شل قبول

[ص 130، ملهه 80 رپيا، ڇپيندڙ: تنوير عباسي ڪارنر، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، خير پور، سنڌ]

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ”تنوير عباسي ڪارنر“ پاران 2004 ۾ ”تنوير عباسي سيمينار“ رکيو ويو. اُن ۾ جيڪي ”تحقيقي ۽ تاثراتي مقالا“ پڙهيا ويا، اُهي سهيڙي ”پوان شل قبول“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپايا ويا آهن. اياز گل ڪارنر جي قيام کي ”چڱو ڪم“ ۽ ”سندس (تنوير جي) هن اداري (شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ) سان اڻ کٽ محبتن جي بنهه ننڍڙي موٽ“ سڏي  ٿو.

ان ڪتاب ۾، سيمينار ۾ پڙهيل ڪل 21 تحقيقي/تاثراتي مقالا/مضمون شامل آهن، جن مان هڪ انگريزيءَ ۾ آهي. اُنهن ليکڪن جي عنوانن مان ئي خبر پئي ٿي ته تنوير عباسيءَ جي دَور، شخصيت، ڪردار ۽ فن جي حوالي سان پڙهڻ جوڳو مواد ڏنو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت تي ڏکيا ڏينهن آيا، ۽ ون يونٽ جوڳوروڳٽ سنڌ جي ڪونج ڳچيءَ ۾ وجهي، سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا ويا، تڏهن اُهي سنڌي اديب، شاعر ۽ عالم ئي هئا، جن سنڌيءَ ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. هن نه رڳو پنهنجين تحريرن سان ماڻهن کي سجاڳ ڪيو، ۽ پنهنجن شعرن، ڪهاڻين ۽ مضمونن وسيلي ”سنڌيت“ جو پرچار ڪيو، پر عملي بهرو به ورتو. وقت گذرڻ سان گڏ ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري اها تحريڪ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ بدلجي وئي ۽ نيٺ سندن هلچل هڻي هنڌ ڪيو ۽ ون يونٽ جو بُت ڀور ڀور ٿي ويو. تنوير عباسي اُنهيءَ تحريڪ جي سرگرم اڳواڻن مان هڪ آهي- ان هوندي به هو ذاتي پذيرائيءَ کي سخت ناپسند ڪندو هو، جيئن ادل سومري لکيو آهي. وائيس چانسيلريءَ جي ڀيٽ ۾ تنوير پنهنجي ”شاعر“ واري حيثيت کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏئي. تنوير نمايان حقيقي ڪم پڻ ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ تي ڪيل سندس تحقيق انتهائي اهم آهي. ان سان گڏو گڏ سچل سرمست، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ تي سندس ڪيل ڪم جي پڻ خاص اهميت آهي. ”جديد سنڌي شاعريءَ“ تي مختصر مضمون به سندس ڪرئڊٽ تي آهي. هن اُن جا ٻيا ڀاڱا به لکڻ پئي گهريا. قاضي قادن جي ڪلام ۽ الياس عشقيءَ جي شاهه سائينءَ تي لکيل مقالن  جي جواب ۾ لکيل سندس نڪتئه نظر کي به خاص اهميت آهي. اهي تحريرون  ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. تنوير عباسي بنيادي طور تي هڪ شاعر آهي. (”وڏو“ انڪري نٿو لکان، جو گهڻي استعمال جي ڪري اهو لفظ گسي پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪو آهي)، جنهن زوريءَ زبردستيءَ نه شعر لکيو، نه ئي پاڻ تي فرمائشي مضمون لکارايائين. هن اسان کي مُرڪي زندگي گهارڻ جو ڏس ڏنو آهي:

زندگي گهارجي مُرڪي مُرڪي،

کير ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي.

”تنوير عباس ڪارنر“ جي اها به ذميواري آهي ته تنوير تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي واري ڪم کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو وڃي ۽ تنوير جي لائبريريءَ کي به ”تنوير عباسي ڪارنر“ لاءِ حاصل ڪيو وڃي. (1-ح)


 

پڙهندڙن جا خط

 

[1]مهراڻ بهار 2005ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”دل پٿر ته نه آهي“ تي گل محمد عمراڻيءَ جو تبصرو پڙهيم. اُن ۾ تعريف وڌيڪ آهي. جيڪڏهن تنقيد به ڪئي وڃي ها ته مون کي پنهنجين اوڻاين جي پروڙ به پئي ها؛ ڇو ته اسين انسان آهيون ۽ غلطيون ڪريون ٿا.

اُنهيءَ صفحي تي مٿان لکيو ويو آهي ته ”سنڌي ٻولي بچايو- ڪتاب مفت ڏيڻ تي نه هـِرو/ نه هيرايو.“ آخر مفت ۾ ڪتاب ورهائڻ ۾ ٻوليءَ سان ڪهڙي ناانصافي آهي؟ منهنجو ڪتاب انڪري مفت ۾ ورهايو ويو، جو آءٌ هڪ غير معروف ۽ نئين شاعرِ هئس. اسان جي ڪيترن ئي سٺن شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب به دڪانن جي شيلفن ۾ پيا گراهڪن جا انتظار ڪن- سو مون جهڙي نئين شاعرِ کي ڪير ٿو پڙهي، سو به ڪتاب خريد ڪري!

اختر افروز شاهه

[حيدرآباد سنڌ]

* * * * *

[2] ٽماهي مهراڻ بهار 2005ع گيٽ اَپ ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان اڳين پرچن کان به سرس محسوس ٿيو. اُن ۾ تحقيقي ۽ تخليقي مواد مون کي هر حوالي سان مڪمل لڳو. شاعريءَ جي چونڊ ۽ ترتيب بهتر هئي. فقط وزن بحر جي پورائي روايتي خيال نه هئا، پر شاعريءَ جي مڙني قديم ۽ جديد گهرجن  کي به آڏو رکيو ويو آهي. سحر امداد جو مضمون ”شعور- شعر ۽ شاعر“ ڀرپور ڄاڻ ڏيندڙ ۽ رهنمائي ڪندڙ هو. سليم نور حسين جو ترجمو ڪيل مضمون پڻ اهم آهي. مون مهراڻ لاءِ شاعري موڪلي هئي پر نه ڇپي، شايد انڪري جو اُها ٻين رسالن ۾ ڇپيل هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه نئون لکيو اٿم، سو اُماڻيان پيو. معياري لڳي ته ڇپي ڇڏجو. منهنجي شاعري هاڻي، ڪڏهن ڪڏهن، ڪن رسالن ۽ اخبارن جي اندرين صفحن تي ڇپجي ٿي، نه ته ڪجهه رسالن ۾ مون تي پابندي آهي، ڇو ته مون اُنهن جي رويي ۽ مواد تي علمي تنقيد ڪئي هئي ۽ ذاتي سطح تي لهي ڪنهن کي لوئڻ کي مون ننديو هو. اُھو ڏينهن، هي ڏينهن!

فراق هاليپوٽو

[ٽنڊو باگو، سنڌ]

*  *  *  *  *

[3]ٽماهي مهراڻ بهار 2005 منهنجي آڏو آهي. شاعريءَ سان گڏ حقيقي مضمونن جي چونڊ به شاندار آهي. منهنجي ڪهاڻي ”پُراڻو مال“ ڇپڻ سان لکڻ جو اُتساهه مليو اٿم.

انجنيئر پرڪاش ڪمار

[شهدادڪوٽ، سنڌ]

*  *  *  *  *

[4] مهراڻ کي وقت سر اسان جي هٿن تائين پهچائڻ تي جس هجيوَ. مهراڻ ۾ ڇپجندڙ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون سچ پچ سانڍڻ آهن. البت ڪهاڻي ۽ شاعريءَ وارو ڀاڱو وڌيڪ ڌيان لهڻي. مهراڻ بهار 2005 ۾ ڇپيل اياز گل جو غزل ۽ فياض ڏاهريءَ جو نظم ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، پوءِ اهو ڪيئن ٿيو جو توهان جي نظرن کان نه گذريا! ڇا توهان ۾ ايتري جرئت ناهي ته اُنهن شاعرن کان، ان ڏس ۾، ڪو پڇاڻو ڪري سگهو؟ پر اسين توهان کان اهو پڇاڻو ڪريون ٿا ته وڏو نالو ڏسي، اُن جو اڳ ڇپيل مواد ٻيهر ڇپجڻ جو ڇا مطلب آهي؟

سچل ڀٽي

[سکر، سنڌ]

*    *    *   *   *

[5]مهراڻ بهار 2005 ڪراچيءَ جي واحد سنڌي بُڪ اسٽال ”ڪاٺياواڙ اسٽور“ تان مليو. ٽائيٽل ڏسڻ سان منهنجي يادن جو سلسلو پنهنجي لائبريريءَ، دادا سنڌي لائبريريءَ ۾ پيل مهراڻ جي هر دور جي شمارن ڏانهن هليو ويو، ڇو ته اُتي 1955کان وٺي 2005ع تائين، سمورا سالوار جلد موجود آهن. مهراڻ جي شروعات ۾ لطيفي لات جو سنيهو سدا حيات لڳو. ايڊيٽوريل سجاڳيءَ لاءِ سڏ آهي، اُن ۾ به ”واڪا ڪرڻ مون وس“ وارو ڀاڱو انقلابي لڳو. ”وکر سو وِهاءِ“ هڪ سٺو سلسلو آهي، ائين آڳاٽن شاعرن کي پڙهڻ جو وجهه ملي ٿو. اوهين چئو ته مان گهوٽڪي ضلعي جي صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ سوانح عمريون مهراڻ لاءِ ڏياري موڪليان.

ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مضمون ”سنڌي ادب جو سماجي ڪارج“ پرچي جي جان هو ۽ نوجوان ذهنن تي اثر ڇڏيندڙ هو. ٻيا مقالا پڻ پنهنجو مَٽ پاڻ هئا. شاعريءَ ۾ ادل سومري، محسن ڪڪڙائي ۽ ملهار سنڌيءَ پاڻ ملهايو آهي. مايا راهيءَ جي نثري شاعري ڏاڍي وڻي. لعل پشپ جي  ڪهاڻي ”“سنڌي ٻولي امر آهي“ محبتن جي اڻکٽندڙ حدن تائين پکڙيل آهي. ”پُراڻو مال“ ۽ ”اونداهي رات“ سماجي موضوعن تي سٺيون ڪهاڻيون آهن. سرمد سنڌو جي ڪهاڻي ”پاڻي“ هڪ ازغيبي انقلاب جي علامتي ڪهاڻي آهي. سحر امداد جي ليک ڏاڍو متاثر ڪيو. ”ڇنڊڇاڻ“ ۾ اوهان جو نعرو ڏاڍو وڻيو. اهونعرو هر سنڌي ڪتاب تي لکڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن سنڌي ادب کي بچائي سگهجي.  ’پهچ‘ به سٺو معلوماتي سلسلو آهي. منهنجي چاچي دادا سنڌيءَ جا ڳچ اڻڇپيل مقالا ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي ٽيهارو کن اڻڇپيل ڪتاب موجود آهن. اهو مواد دادا سنڌيءَ جي 35 سالن (1963کان 1998ع) جو ادبي پورهيو آهي. اهڙي هڪ لسٽ هن خط سان شامل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان ڏس ۾ ڪجهه ڪري ته دادا سنڌيءَ جو پورهيو سجايو ٿي پوندو.

قاسم سنڌي

[ڪراچي، سنڌ]

[توهان جي موڪليل لسٽ س.ا.ب جي لاڳاپيل شعبي کي ڏني ويئي آهي، جيڪو ان ڏس ۾ توهان سان رابطو ڪندو. –ادارو]

*   *   *    *     *

[6] مهراڻ سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجو تعلق پراڻو آهي. اهو تعلق منهنجي علمي توڙي ادبي شعور ۾ واڌاري جو سبب بڻجندو رهي ٿو، اهوئي سبب آهي جو مهراڻ جي نئين شماري اچڻ سان وري ورندڙ شماري لاءِ اوسيئڙا جاڳي پوندا آهن. مهراڻ جو تازو سرورق نهايت وڻندڙ آهي. ويجهڙ وارن ڪجهه شمارن جيان هي شمارو به پنهنجي انفراديت ۾ بي مثال آهي. وڏي ڳالهه  ته هاڻ مهراڻ ۾ نون لکندڙ جي لکڻين کي سينئر / جونيئر جي فرق ڪرڻ کان سواءِ پوري پوري اهميت ڏئي ڇاپيو پيو وڃي، جيڪا ڳالهه هڪ وڏي تبديليءَ جو اهڃاڻ محسوس ٿي رهي آهي.

مير بهادر ٽالپر

[ڇتو مادراڻي، بدين، سنڌ]

*  *  *  *  *

[7] مهراڻ بهار 2005ع خريد ڪري پڙهي چڪو آهيان. ڪهاڻيون ، مقالا، شاعري سڀ وڻندڙ آهن. هاڻ توهان مهراڻ  جو جيڪو Tempo رکيو آهي، اُهو تعريف لائق آهي، خاص ڪري آڳاٽن شاعرن جو چونڊ ڪلام ۽ اُنهن جي زندگيءَ جو ڪجهه احوال. ڇو جو اُنهن عارفن جو سدا حيات ڪلام اسان جهڙن نون پڙهڻ وارن لاءِ بلڪل ناياب آهي، بلڪ ائين سمجهو ته ڪن ڏات ڌڻين جي ته نالن جي به خبر نه هئي! هي اهم ڪم ڪري توهان اسان تي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي احساس ڪيو آهي. ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ ڊاڪٽر  اکهرکئي پُٽ صاحب جي تحقيق انتهائي اهم ڪوشش آهي، بلڪه هيءَ هڪ ضروري معلومات آهي، جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب پيش ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ شبير“ ”هاتف“ کان وٺي محمد هاشم ”سائل“  لاکي تائين بهترين چونڊ آهي. امداد حسينيءَ جي شاعري ۽ ڪهاڻي به دل کي ڇُهندڙ آهن. آتم ڪهاڻي ۽ ڪتابن تي تبصرا به ضروري آهن.

نياز اي نائچ

[شهدادپور، سنڌ]

*   *   *   *   *

[8] مهراڻ ”بهار“ 2005 جي خوشبوءِ سان سڄي سنڌ معطر ٿي ويئي آهي. هن ٽماهيءَ جا سڀ وکر سچو سون آهن. ”سوچ لوچ“ ۾ وقت جا اهم احوال ۽ گهرجون ۽ مهراڻ جي مواد بابت ڄاڻ ڏني ويئي آهي. آزاد قاضيءَ جو ”رسالو مهراڻ جو پهريون دور“ مان پڙهندڙن کي اها سُڌ ملي ته مهراڻ رسالو 2005ع کان نه پر 1946ع کان وجود ۾ آيو. ڊاڪٽر الهر کئي ٻُٽ جو ”1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ جي 8 قسط اڃا  1926ع تائين  پهتي آهي، جا اڳتي وڌڻ کپي. ڊاڪٽر الانا جو ”سنڌي ادب جو سماجي ڪارج“ ۽ گل محمدعمراڻيءَ جو آڳاٽو ادب ”سنڌي نثر جي اوسر…“ ٻئي تحقيقي ۽ معلوماتي تحريرون آهن. شاعريءَ وارو حصو به سون برابر آهي. ”سائل“ لاکي جي تمنا موجب سڀني شاعرن جو ڀٽائيءَ جي صدارت ۾ ميلي لڳائڻ جو اعلان به خوب آهي. سحر امداد  جو نظم ”سونامي“ ۽ امداد حسينيءَ جو ”ڪير ايندو“ ۽ ”شوگران جا اي شهيدو!“ بهترين هئا. ان کان سواءِ انيتا شاهه جو  ڄام شورا…اسان کي وڇوڙو نه ڏين ها!“  پڙهڻ سان ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڄام شوري ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ گذريل چئن ڏهاڪن دوران تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اُن عرصي جا سمورا غم ۽ خوشيون خوب  ياد آيا هوندا!

ڪهاڻي-آتم ڪهاڻي ۽ ليک جي ڀاڱي ۾ لعل پشپ جو ”سنڌي ٻولي امر آهي“ وڻيو. سانول جو ”مون مطالع سپرين“ موجوده نئين ڪلچر ۽ نئين ماحول ۾ به سپرين جي سار ۽ ساڻس گذاريل گهڙين کانپوءِ دل  جي ڪيفيت ۽ ”ساگر“ جا ڊائريءَ ۾ لکيل اندر جا اُڌما ۽ ”ڪوسي ڀت وانگر ڌڪ ٺارڻ“ واري تشبيهه ته وڻ ڄائي ڇڏيا! انجنيئر پرڪاش ڪمار جي ”پُراڻو مال“ لاءِ چوڻو اهو آهي ته ڀائي! ڪاٻاڙين کي ته مزوئي ’پراڻي مال‘ مان ايندو آهي. هن حصي ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل غور لکڻي سرمد سنڌوجا جي ”پاڻي“ آهي، جنهن موجب موجوده زماني ۾ ”سنڌي ماڻهو“ صفا ويچارو، بي وس ۽ ڪمزور آهي ۽ پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ ڪنهن ازغيبي ٿيڻيءَ جي آسري ۾ ويٺو آهي ته قدرت اُن ڪاري ڪـِٺ راڪاس جا دوڏا ڪڍي پَٽ تي ڪيرائي کسيل حق واپس ڪرائيندي، باقي اسان سنڌي پاڻ ڪو به هٿ پير ڪو نه چورينداسون! زاهد گوتم جو افسانو ”اونداهي رات ۾“ سنڌي رواج جي بلڪل ابتڙ پاڻ کي مارڻ عجيب لڳو! ننگر چنا جو ترجمو ”اگهاڙو سج“  سرمائيدارانه سرشتي جي منهن تي ڀرپور چماٽ آهي، وليرام ولڀ جون ”اٺ مـِني ڪهاڻيون“ وڻيون، خاص طور تي ”ماني کائڻي ۽ پاڻي پيئڻي.“ عنايت الله عباسيءَ جي آتم ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي. هن ئي شماري ۾ منهنجون ساروڻيون ”ٺٽي شهر جي پراڻي جسامت ۽ ريتون رسمون“ ڇپڻ تي توهان جو ٿورائتو آهيان. ان سلسلي ۾  مون کي ٺٽي شهر مان ڪيترن ئي ڄاتل اڻڄاتل دوستن ٽيليفون ڪري تعريف ڪئي ۽ روبرو ملڻ لاءِ چيو آهي. حميد سنڌي صاحب جو ”دهليءَ جو داستان“  به خيرن سان جاري آهي. سحر امداد جو ”شعور، شعر ۽ شاعر“ سٺي تحرير ۽ تحقيق آهي. نصير  مرزا جي ”مان ۽ منهنجا ڪتاب“  ۾ سندس خانداني ادبي ورثي ۽ ڪتابن سان چاهه ۽ شوق ڏنل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ هـِند جي سنڌي اديبن جي مان ۾ تقرين جو احوال به دلچسپيءَ جو ڪارڻ آهي.ان کان سواءِ امر سنڌوءَ جو ڀارتي شاعـرِ وِمي سدارنگاڻيءَ جي ڪوتا جو جائزو ساراهه جوڳو آهي.

خطن جي حصي ۾ مخمور بخاري راقم الحروف جي ڌيان لاءِ گوئٽي جي منظر ڊرامي ”فائوسٽ“ جي ڄيٺمل پرسرام گلراج جي ڪيل ترجمي جي نشاندهي ڪئي آهي، اُن لاءِ سندس ٿورائتو آهيان. سيارو 2004ع ۾ منهنجي خط شايع ٿيڻ کان پوءِ مون اُهي ٻئي ايڊيشن هٿ ڪيا ۽ پڙهيا. هي ڇپيل ترجمو نظم ۾ نه پر نثر ۾ آهي ۽اُن ۾ هندي لفظن جي پالوٽ آهي. گوئٽي جو اصلي ”فائوسٽ“  نظم ۾ آهي ۽ مون به هي ترجمو جديد سنڌي نظم ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪيو آهي. منهنجو هي ترجمو ”آب حيات“ جي عنوان سان آهي. هن ۾ ابليس شيطان فائوسٽ کي گمراهه  ڪري  اُن کي ذليل و خوار ڪري سندس محبوبه کي باهه جي آڙاهه ۾ ساڙائي پنهنجو ڊائلاگ ڪري ٿو. فائوسٽ ۽ شيطان جي وچ ۾ منظوم ڊائلاگ هن قسم جا آهن. شيطان هڪ بوتل ۾ آب حيات آڻي فائوسٽ سان مخاطب ٿئي ٿو:

مان تنهنجي سورن جي نجات کڻي آيو آهيان،

مان تولاءِ اهو آب حيات کڻي آيو آهيان.

حڪيم فائوسٽ اهو آب حيات پي ٻيهر جواني ۽ دائمي حياتي حاصل ڪري شيطان جا هن نموني ٿورا مڃي ٿو:

منهنجي حياتيءَ جا محسن منهنجا عظيم آقا، امان ڪهڙي طرح شڪر تنهنجو ڪري سگهان ادا.

جهان جي رحمت آرزوئن جو عطا آهين تون، 

خدا گواهه آهي ته منهنجو خدا آهين تون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com