سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :6

انور فگار ص 98 تي هڪ ڳالهه الائي ڪنهن کان ٻڌي لکي آهي، جيڪا جمعي حجم سان منسوب ڪئي اٿس ته هو وڏو پڙهيل ۽ علم جو اڪابر هو ۽ 21-جنوري 1924ع تي لينن جي وفات تي ڪراچيءَ وڃي تعزيت جو نوٽ لکي آيو. هڪ ته جمن حجم اُن وقت چئن يا پنجن سالن جو هوندو. جڏهن ته شيخ اياز ئي 1923ع جي پيدائش آهي ته پوءِ جمن ايڏو عرصوڪيئن جيئرو رهيو ۽ ٻيو ته 1924ع ۾ ڪراچيءَ ۾ روسي سفارتخانو ڪٿان آيو، جو هو نوٽ لکي آيو؟

بهرحال انور فگار هن ننڍڙي ڪتاب ۾ شعرن جو نمونو ۽ ڪتابن جي لسٽ ڏئي شيخ اياز سان مڪمل عقيدت  جو اظهار ڪيو آهي.

”انور هڪڙي“ کان وٺي ”ڊاڪٽر انور فگار“ تائين وارو ”استاد انور“، اسان جي آڏو استاد جي آڱر تي علمي ۽ تحقيقي راهه تي گامزن  ٿيو. ان جو سمورو فاصلو ۽ محنت اسان جي سامهون آهي. اُن تي ڪنهن مهل تفصيل سان لکبو. بهرحال ايترو چوڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن انور کي حق نواز منگيءَ جهڙو استاد نه ملي ها ته شايد انور ايترو جلدي نه اُڀري سگهي ها. استاد سان به عقيدت ۽ وفاداري انور خوب ڪئي آهي، جنهن جا عيني شاهد اسان آهيون.

[2]

سچل سائينءَ جو ميلو

حضرت سچل سرمست جو ميلو 29 آڪٽوبر کان شروع ٿيو ۽ ٽي ڏينهن تقريبات جاري رهيو. ارادو ڪيو هوم ته هن دفعي سچل سائينءَ تي هڪ ڀيرو مقالو لکي وڃي  پيش ڪبو. پراڻا دفتر کوليندي ۽ ڪتابن جا ورق ورائيندي وقت گذري ويو ۽ ميلو اچي مٿان بيٺو. ان ڳالهه کي لڪائڻ سٺو ناهي ته ”سچليات“ جو مطالعو منهنجو موضوع ناهي  رهيو. تنهنڪري ورق ورائيندي، ان نتيجي تي پهتس ته هن هيڏي عظيم شاعر تي جلدي مقالو جوڙڻ ايترو آسان ناهي جيترو مون سمجهيو پئي. بهرحال عقيدت خاطر ڪجهه اکر پيش ڪجن ٿا:

حضرت سچل سائينءَ تي هن وقت تائين جيترو لکيو ويو آهي اهو اڃا اڻپورا آهي. جديد انداز ۾ سندس شاعري ۽ شاعرانا پهلو اڃا تحقيق طلب آهن. جنهن  شخصيت جو ڪلام نون لکن کان مٿي هجي ۽ ستن زبانن ۾ چيل هجي ته، شاعريءَ جا عنوان به ڊزن کان مٿي هجن مثلاً: سرتاج الشعراءَ، شهنشاهه عشق، عاشقِ رسول، بين الاقوامي شاعر ۽ شاعرِ هفت زبان وغيره، ته ان ”شاعر اعظم“ تي لکڻ لاءِ انهن سڀني پهلوئن جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.

منهنجي آڏو سچل سر مست جي منفرد عاشق صادق قاضي علي اڪبر درازيءَ جا ڇپايل ڪتاب، سچل چيئر پاران اشاعتي سلسلو ۽ ڪجهه رسالا آهن، جن تي نظر وجهڻ سان ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته حضرت سچل سر مست سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو وڏو شاعر آهي ۽ باقي ٻين ٻولين ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس، جيڪي ان وقت مروج هيون. سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ سچل جي عاشق پير حسام الدين راشديءَ کي به ان ڳالهه جو اعتراف هو، جيڪو هن ڪيترائي ڀيرا ورجايو هو.

سچل سر مست اڪئڊمي ۾ ”سچليات“ تي ڪافي  ڪم هلي  رهيو هو، جيستائين ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب اُن جو سربراهه هو. ان کان پوءِ ڪجهه چوڻ مناسب نه ٿو لڳي، فقط اميد ئي ڪري سگهجي ٿي ته  ڪجهه تحقيقي ڪم ضرور ٿيندو هوندو!

پراڻا ورق ورائيندي سچل سائينءَ تي هڪ قديم نسخو سنڌي ساهت سوسائٽيءَ پاران مارچ، اپريل 1914ع جو ڇپيل هٿ آيو، عنوان اٿس: ”سونهارو سچل“. مصنف جو نالو آهي لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي. سنڌي ساهت سوسائٽي ان وقت ڪراچيءَ مان ماهوار رسالو ڪڍندي هئي. ان جو روح روان ۽ سيڪريٽري هو لالچند امرڏنومل ۽ هي ڪتابڙو ٽيهن صفحن تي مشمتل آهي، جيڪو مسٽر بي. آر. شوداساڻيءَ ڪراچي پرنٽنگ ورڪس بندر روڊ تان ڇپرايو هو. هي پستڪ سوسائٽيءَ جو ٽيون ۽ چوٿون ماهوار رسالو آهي، جنهن جي پهرئين صفحي تي ميان قادر بخش بيدل روهڙيءَ واري جو، سچل سائينءَ جي ساراهه ۾ چيل غزل ڏنو ويو آهي، جيڪو پوءِ ڪجهه ڪتابن ۾ به ڏنو ويو آهي:

”عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،

مست سالڪ مہ حيات ۽ سچُو عارف اظهار هو....

سچل سائينءَ جي حيات ۽ فڪر کي سوليءَ ۽ ان وقت جي سادي ٻوليءَ ۾ سهڻي نموني سان بيان ڪيو ويو آهي.

سچل سر مست جي حياتيءَ جو احوال، شاهه لطيف سان ملائي بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ڪيترن ئي اوائلي ڪتابن ۾ اهڙو احوال اڳ ۾ ئي  ڇپجي چڪو آهي.

صفحي 9 تان هڪ پئرا ڏجي ٿي:

”سچل جي فيلسوفيءَ جو اهو فالودو آهي، ۽ سندس مَت جي اها ملائي آهي، پر فالودو ۽ ملائي ڇڙا سواد ڪندائي ڪين، تنهنڪري اُن کي سندس شعر جي شربت ۾ ملائي نوش جان ڪجي ته پاڻيهي قدر پوي ته سچل سر مست شيءِ ڪهڙي آهي. سچل به اُنهيءَ ئي پڙهه مان پاڻي پيتو هو، جنهن مان لاکيڻي لطيف پنهنجي اُڃ اجهائي هئي.

سچل پاڻ کي عاشق ڄاڻي چوي ٿو:

جي هئين عاشق ته برسر مينهن محبت جو وساءِ،

ساهه جو سانگو ڪرين تا پير هن پڙ ۾ نه پاءِ،

پاڻ ڪُل قربان ڪر هيءَ دم هڻڻ جي ناهه جاءِ،

آءٌ ادا اعتبار ڪر آهه هوش نيندڙ هيءَ هوا...

....            ....            ....

جي رکين يار جو خيال ڪوڙا ڇو ٿو ميڙين مال،

تڏهن طالب ڪوٺجين جڏهن ڇڏين سڀ جنجال،

هلي وٺج حال کي ڪُلي ڇڏي قال.

يعني جي محبت جي ميدان ۾ پير پائڻ ٿو گهرين ته  موهه جي هار کان ڌار ٿي وجد جي حالت ۾ گذاريندو ڪر. طالب ڪوٺبين ئي تڏهن جڏهن مايا کان منهن موڙيندين ۽ گوٿناٿ ڇڏي اُن جنجال کان جند ڇڏائيندين.

محبوب جي اکين جي اسرار ۽ ان جي اثر کي هن سٽن ۾ بيان ڪيو اٿس:

ڪنهن کي سليان سرتيون حال اهو روئي،

آهه علاج نه ڪوئي، هن اکـِن ماري آهيان.

اهڙيءَ طرح سان طبيب، عاشق، سهڻل ۽ ٻين رمزن جي حوالي سان سچل جي شاعريءَ جون ڪجهه سٽون نموني طور پرهندڙن لاءِ ڏنيون اٿس:

آخري هي مشهور ٻه سٽون ڏنيون اٿس:

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،

آءٌ جوئي آهيان، سوئي آهيان.

پستڪ جي آخري پئرا اجهو هيئن آهي:

”شل هر ڪو اهڙي ڪامل ڪماڻي ڪَمائي، انهيءَ اوج کي رسي ۽ انهيءَ درجي کي پهچي، اهڙو دم هڻي! سچو موکه آهي ته اهو آهي، سچو ڇوٽڪارو آهي ته اهو آهي.“

سچل سائينءَ تي تفصيلي مقالو اڳتي هلي ضرور لکبو. هن دفعي اديبن جي ننڍڙي اختلاف جي ڪري ادبي ڪانفرنس تي به وڃڻ ڪونه ٿيو.  هن دفعي دل تي اهو ارادو تري آيو آهي ته سچل سائينءَ جي هڪ مريد ۽ عاشق قاضي اڪبر درازيءَ تي ٻه اکر لکان. روهڙيءَ مان ڪنهن همراهه اهو شڪرو لکيو هو ته علي اڪبر درازيءَ کي ڪنهن به انجمن ياد ڪونه ڪيو آهي، اهو هن دوست جو جائز شڪوو آهي.

جناب علي اڪبر  درازيءَ سان دوستيءَ جي دعويٰ ته  ڪو نه ٿو ڪري سگهان، باقي ڪجهه يادگار ملاقاتون ضرور ڪيون ويون هيون. پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ هئا، جڏهن قاضي سميع محلي، روهڙيءَ جي مٿان واري چڙهائيءَ کان چڙهي خليل مورياڻي ۽ راقم گڏجي وڃي ملندا هئاسون. ان وقت اندر جون اکيون ساڳئي جوت سان جرڪندڙ هونديون هيون. ان حالت ۾ پاڻ جنهن به شيءِ جي ضرورت محسوس ڪندا هئا ته هٿ وڌائي بنان دير جي ان کي کڻي وٺندا هئا. ڪا چيز، ڪو پراڻو يا نئون ڪتاب هجي، مضمون هجي يا چانهه جو سامان هجي. مان اُن وقت  اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار هئس ۽ شڪارپور ايندي يا ويندي سائين قاضي علي اڪبر درازيءَ وٽ حاضري ضرور ڏبي هئي. پنهنجا ڇپايل ڪتاب يا ته پاڻ ڏيندا هئا، يا وري. وي پي ڪري ڪاليج جي پتي تي موڪلي ڏيندا هئا.

هينئر منهنجي سامهون سندن موڪليل ڪتابڙن مان ڪجهه ٽيبل تي پيا آهن:

داتا درازي-مؤلف علي اڪبر درازي- سال 1962  (2) سخي تاج- ”   ”   ”  سال 1964

سچل سرمست، سرتاج الشعراء سال 1971

حضرت سچل سر مست مؤلف علي اڪبر درازي (سرائڪي ڪلام) سال 1973

سچل سر مست- عاشق رسول ”   ”  جولاءِ 1980

دولهه درازي ”   ”    ” سيپٽمبر 1980

(سندس بوڪ پوسٽ ڪيل تحرير جو عڪس حاضر آهي)

جناب علي اڪبر درازيءَ  کي مرشد سچل جو عشق ايترو ته گهڻو هو جو ڳالهين ڪندي ڪيترا شعر پڙهي ويندا هئا جي هر دفعي اسان لاءِ نوان هوندا هئا. کين جنون جي حد تائين محبت هوندي هئي حضرت سچل سرمست سان. هن

اشاعتي سلسلي ۾ جيڪي کيس تڪليفون ٿينديون هيون، اهي به رکي رکي بيان  ڪندا هئا. اڄ جڏهن هي ڪجهه سٽون لکڻ ويٺو آهيان ته ڄڻ قاضي صاحب جي ڪچهريءَ جا منظر اکين جي آڏو تري آيا آهن.

روهڙيءَ جي ادبي ادارن کي گذارش آهي هن مرد مومن، سچل سائينءَ  جي عاشق ۽ ادب سنڌي جي پر خلوص پانڌيئڙي کي پهرينءَ فرصت ۾ ياد ڪن ۽ ڪا نشست ڪوٺائين ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.

سچل سائينءَ جا سنڌ لاءِ دعا جا ٻه بيت ڏجن ٿا:

پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀارَ،

وڄن ۽ وڄڻ سان، چڙهي ٿيا چوڌارَ،

اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سارَ،

ساوا ٿيا سنگهارَ، موليٰ سنديءَ مهر سان.

 

”سچل“ سائي سنڌ ٿي، وري ورتائون واٽَ،

جُهڙ ڦُڙ جُهلي آئي، جهٽڪو ڏئي جهاٽَ،

وسي پيا وڏڦڙا، گهير پُسائي گهاٽَ،

لاٿي اُڃَ اُساٽَ، سارنگ سنگهارن جي.

____________

 

مولائي شيدائي- سنڌ جو ناميارو محقق

مخمور بخاري

 

سنڌ جي تحريري تاريخ اسان کي ٻن نمونن جي ملي ٿي: هڪ مسلمان مؤرخن جي ترتيب ڏنل تاريخ ۽ انگريزن جي  ترتيب ڏنل تاريخ. اُنهن ٻنهي قسمن جي تاريخن ۾ حڪمرانن لاءِ کليل طرفداريون نظر اچن ٿيون. اهڙين تاريخن جي مطالعي کان پوءِ اسان اِها راءِ ڏيئي سگهون ٿا ته عرب مؤرخن رڳو پاڻ کي ئي فاتح ۽ امن پسند قوم مڃرائڻ لاءِ ويهي  تاريخ جو تاڃي پيٽو اُڻيو آهي؛ جڏهن ته انگريز سياحن پاڻ  کي فاتح قوم جو درجو ڏئي هتان جي ماڻهن کي طنز جو نشانو بڻايو آهي. اهڙين تاريخن جي ڇنڊ ڪرڻ ۽ اُنهن مان خاطر خواه مواد ڪڍي سنڌ جي نئين سرپيرائتي تاريخ جوڙڻ واري ڏکئي ڪم ڪندڙن ۾ ويهين صديءَ ۾ جيڪي ناميارا عالم ڪوشان رهيا، اُنهن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، پير  علي محمد راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مير رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

مولائي  صاحب جو جنم 1891ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر سکر ۾ ٿيو، جتي سندس والد مير شير محمد خان بروهي ڪوٽڙيءَ کان اچي سڪونت اختيار ڪئي. والده جي مرضي جي مطابق کيس ’مولوي‘ بنائڻ لاءِ مدرسي ۾ ويهاريو ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ آخوند خدا بخش جي وفات بعد آخوند عبدالعظيم ڀٽيءَ جي مدرسي ۾ کيس وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ڪرايوويو، جتي ”ڪريما“ ۽ ”پندنامه“ پورا ڪيائين ته سندس والد کيس جديد تعليم جي حصول لاءِ مين پرائمري اسڪول سکر ۽ بعد ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر ۾ ويهاريو. اُتي ڇهه درجا انگريزيءَ جا پورا ڪرڻ بعد تعليم اڌوري  ڇڏي ڏنائين ۽ ريلوي ۾ وڃي ملازمت اختيار ڪيائين، جتان 1939ع ۾ نوڪري دوران  رٽائرمينٽ ورتائين. [1] مولائي صاحب  کي اسڪول واري دور کان ئي  ڪتابن پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ ائين اُنهي شوق 1930ع ۾ کيس قلم  کڻايو. پهريائين هفتيوار  ”آفتاب“ ۽ هفتيوار ”الحق“ ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. اُن کان پوءِ روزنامن  ”ستاره سنڌ“ ۽ ”سنڌ زميندار“ ۾ پڻ ليک لکندو  رهيو[2]. اهڙيءَ ريت هو تاريخ جي مطالعي سان گڏ تاريخي مضمون به لکندو رهيو. سندس مضمون ماهوار ”سنڌو“ شڪارپور، ماهوار ”توحيد“ ڪراچي، هفتيوار ”الوحيد“، روزانه ”مهراڻ“  (سالگره نمبر)، ماهوار ”نئين زندگي“،  ماهوار ”فردوس“ هالا، ”سنڌ مدرسة السلام جو  ساليانه ڪرانيڪل“، هفتيوار ”آزاد“ ڪراچي، روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن جو تعداد اٽڪل ڏيڍ سَو کان به وڌيڪ آهي. اُن کان علاوه ڪجهه وقت ”آزاد“ سان وابسته ٿيو ۽ 1945ع ڌاري حيدرآباد ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ جو چيف ايڊيٽر مقرر  ٿيو [3]. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ فيلو چونڊيو ويو، جتي 1955ع تائين اُن حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. اُن دوران هيٺيان ڪتاب لکي ۽ ترجمو ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيائين.

1. تاريخ هند  و پاڪ:

ڊاڪٽر سي. ڊيويز جي انگريزيءَ ۾ لکيل هندستان جي  تاريخ  (Reader of  Indian History) جو سنڌي ترجمو 1951ع ۾ ڪيائين، پر شايع نه ٿي سگهيو.

2. روضة السنڌ:

سنڌ جي جاگرافيائي تاريخ 1950ع ۾ لکيائين، پر ڪتاب شايع نه ٿيو[4]

3. تاريخ تمدن سنڌ:

فرينچ محقق گستاولي بان جي مشهور ڪتاب ”تمدن عرب“ جي طرز تي تاريخ ترتيب ڏنائين. هيءُ ڪتاب 1959ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس طرفان شايع ٿيو. مولائي صاحب ڪجهه ٻيا ڪتاب به لکيا، جيڪي هن ريت آهن:

1. بلوچستان جي مختصر تاريخ:

بلوچستان جي تاريخ ۽ قومن متعلق پهريون ڀيرو هيءُ جامع ڪتاب 1941ع ۾ مصنف پاڻ سکر مان شايع ڪرايو، جنهن کي اُن وقت علامه دائود پوٽي ٽيچرس لئبريري ۽ سيڪنڊري اسڪول لاءِ منظور ڪيو. هي اهم ڪتاب هن وقت ناياب آهي.

2. جنت السنڌ:

سنڌ جي تاريخ تي پنهنجي نور جو پهريون جامع ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پهريون ڀيرو 1958ع ۾، ٻيو ڀيرو 1985ع ۾ ٽيون ڀيرو 1999ع ۾ سنڌ اڪيدمي ڪراچي طرفان شايع  ٿيو.

3. بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ:

هيءُ مختصر ڪتابڙو مهدوي جماعت شهدادپور/ڪراچي پاران اردو ۾ شايع ٿيو. هينئر اڻلڀ آهي.

4. سنڌ ۾ سياست:

اردو زبان ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ. هي ڪتاب به هن وقت اڻلڀ آهي.

5. موسوين جي مختصر تاريخ:

سکر جي موسوين ساداتن جي مختصر تاريخ، 1962ع ۾ شايع ٿي. هي ڪتاب به هن وقت اڻلڀ آهي.

6. تاريخ خاصخيلي:

هيءُ ڪتاب 1961ع ۾ شايع ٿيو. هن وقت اڻلڀ آهي.

7. تاريخ بلوچستان:

هيءُ ڪتاب  ”بلوچستان جي مختصر تاريخ“ جو اردو ترجمو آهي، جيڪو 1961ع ۾ شايع ٿيو.

8. سر غلام حسين هدايت الله:

هن مختصر ڪتاب ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي زندگيءَ متعلق لکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب خانبهادر نظام الدين پٺاڻ لکرائي شايع ڪرايو. هن وقت اڻلڀ آهي.

9. سنڌ جا پراڻا شهر:

سنڌ جي  پنجويهن قديم شهرن  متعلق لکيل هيءُ ڪتاب سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي سکر 1983ع ۾ شايع ڪرايو. نامياري اديب رشيد ڀٽي سندس  وفات بعد سهيڙيو. هن وقت اڻلڀ آهي.

10. تاريخ قلات:

مصنف پاڻ پهريائين سکر مان شايع ڪرايو. بعد ۾ 1983ع ۾ بلوچي اڪيڊمي ڪوئٽا وارن اُن جو ٻيو ڇاپو شايع ڪرايو. هيءُ ڪتاب رياست قلات جي تاريخ بابت آهي. مصنف هن جا باقي ٻه جلد به لکڻ گهريا ٿي، پر لکي نه سگهيو.

11. ٽالپرن جي مختصر تاريخ:

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن متعلق هيءُ ڪتاب سنڌالاجي طرفان 1983ع ۾ شايع ٿيو.

12. تاريخ سکر:

هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1992ع ۾ شايع ڪيو، تحقيقي حوالي سان هيءُ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو.

13. سر زمين بلوچ:

هن ڪتاب ۾ قديم زماني کان وٺي موجوده دور تائين بلوچستان جي سياسي  تاريخ تفصيل سان ۽ بلوچ قوم جي نسبي تاريخ ۽ ڪجهه ٻي ضروري معلومات درج ڪئي ويئي آهي.

14. پيغامِ نوح

حضرت مخدوم نوح رح جي تعليم ۽ اُن دَور جي سياسي سماجي ۽ مذهبي حالتن بابت هي تجويز مولائي صاحب مخدوم محمد زمان  طالب الموليٰ جي مالي معاونت سان 1953ع ۾ تيار ڪيو، جيڪو نظرثاني بعد طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا پاران 1999ع ۾ شايع ٿيو.

مولائي صاحب جي اڻڇپيل ڪتابن بابت اسان کي جيڪا ڄاڻ ملي سگهي آهي، اُهي هنريت آهن:

1. اقاليم اسلام: حضرت نوح کان خلافت عباسيه تائين

2. تاريخ اسلام: ترڪي، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ جون اسلامي حڪومتون

3. سفينة النوح

4. سنڌي اقتصادي موهن دڙي کان وٺي 1992ع ۽ تجارتي تاريخ: تائين

5. سنڌ جا بلوچ  قبيلا:

6. الشعر بلوچستان: بلوچستان جي ادبي تاريخ

7. تاريخ بلوچستان: مڪمل/مفصل

8. تاريخ ترڪستان

9. سکر مان مسلمان ۽ هندو بزرگ:

10. صبح مشرق:

11. مڪتوبات شيدائي: مولائي شيدائي ڏانهن عالمن ۽ اديبن جا خط [5].

12. مقالات شيدائي: مولائي صاحب پنهنجا سمورا شايع ٿيل مقالا ۽ مضمون رجسٽرن تي لکرايا، پر شايع نه ٿي سگهيا. اُنهن کي راقم ترتيب ڏئي رهيو آهي.

مولائيءَ جو تحقيقي پورهيو:

جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته مولائي صاحب کي اسڪولي زماني کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ان شوق کيس ان مقام تي پهچايو جو اڄ هو هڪ ”معتبر تاريخدان“ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن نه رڳو سنڌ تي لاڳيتو ۽ ڀرپور لکيو آهي، پر بلوچستان جي تاريخ تي پڻ وڏو ڪم ڪيو آهي.

سنڌ جي تاريخ تي سندس ڪتابن ”تاريخ تمدن سنڌ“، ”جنت السنڌ“، ”سنڌ جا پراڻا شهر“، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ ۽ ”تاريخ سکر“، بابت اسين ڪجهه گفتگو ڪنداسين.

جنت السنڌ:

سنڌ جي تاريخ متعلق سندس هيءَ ٻي تصنيف آهي، جيڪا اٺن جامع بابن تي مشتمل آهي. قديم سنڌ جي جاگرافيءَ کان وٺي ويندي ٽالپر دَور تائين سنڌ جي سياسي، تمدني، تجارتي، تهذيبي، علمي ۽ سماجي حالتن بابت ڌار ڌار لکيو ويو آهي. اُن سان گڏ ڪن جاين تي نقشا ۽ حڪمران خاندانن جا شجرا ڏئي ڪتاب کي انتهائي ڪارائتو بڻايو ويو آهي ۽ اُن کان سواءِ هر واقعي لاءِ مستند حوالا ڪم آنداويا آهن.

مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته:

”هن دَور ۾ تاريخ ۽ اُن جي فني اصولن کي مدنظر رکڻ هر محقق ۽ مؤرخ جو منصبي فرض آهي. ’جنت السنڌ‘  سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ تحسين جوڳي ڪوشش آهي. مواد جي جمع ڪرڻ، اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، اُن جي ترتيب ۽ تدوين، واقعات جي بيان ڪرڻ جي طرز ۽ حالات جي تجزيي متعلق هر محقق ۽ عالم  جو پنهنجو طريقو آهي. شيدائي صاحب به پنهنجي خاص طرز ۽ اسلوب جو صاحب آهي. يقين آهي ته ’جنت السنڌ‘ جي ترتيب ۽ تدوين ۾ جديد فڪر و نظر وارن ڄاڻن کي ڪجهه غير مانوس چيزون به نظر اچن يا ڪي حصا محض تشنه ۽ ناقاص نظر اچن، يا ڪٿي اجايو تفصيل نظر اچي. بهرحال هيءَ هڪ علمي ڪاوش آهي، جنهن جو خير جو مقدم ڪرڻ ۽ اُن سان گڏ اُن جو تنقيدي جائزو وٺڻ اسان جو فرض آهي.“ [7]

ياد رهي ته هي ڪتاب پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1958ع ۾ ڇپيو هو.

تاريخ تمدن سنڌ:

هيءُ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’ريسرچ فيلو‘ هجڻ واري دور ۾ لکيائين. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ قديم دَور کان وٺي اسلامي فتح يعني 710ع تائين جو احوال ستن بابن ۾ درج آهي ۽ ٻئي حصي ۾ برهمڻ دَور کان وٺي سومرن جي دور تائين احوال ٽن بابن ۾ ۽ ٽئين حصي ۾ سما دور کان وٺي ٽالپرن تائين احوال ٽن بابن ۾ شامل آهي.

مصنف هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر گستاولي بان جي ڪتابن ’تمدن عرب‘،/ ’تمدن هند‘ ۽ دي-يوئر جي ڪتاب ’فلسفه اسلام‘ پڙهڻ کان پوءِ مون ارادو ڪيو ته وطن مالوف سنڌ جي تاريخ تمدن تي ڪتاب لکان، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ مٿين قسمن جا ڪتاب ڪونه آهن. مثال لاءِ اسان وٽ هن وقت سنڌ جون جيڪي به تاريخون موجود آهن سي راءِ گهراڻي 450ع کان شروع ٿين ٿيون. اُن کان سواءِ اُنهن تاريخن ۾ تمدن سنڌ متعلق مفصل بيان ڏنل ڪونه آهي. جديد تحقيقات ڪندڙن مان آثاريه قديمه جي ماهرن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جو تمدن 5000 ورهيه ق. م. جهونو آهي. اهڙي خامي کي مٽائڻ لاءِ  مون هيءُ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي محدود ۽ مختصر ادب جو دائرو وسيع ٿي رهي.“ [6]

هن  ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافيائي،سماجي تبديلين ۽ علم ادب بابت اڀياس ٿيل آهي. خاص طرح سان اُن جو پهريون حصو تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ قديم دَور کان وٺي اسلامي فتح تائين سنڌ جون سياسي،تمدني،تهذيبي ۽ اقتصادي حالتون پيش ڪيون ويون آهن. سنڌ جون سموريون تاريخون اُن دور بابت اسان کي ڄاڻ ڏيڻ ۾ خاموش آهن. هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي پريس پاران 1959ع ۾ شايع ٿيو.

سنڌ جا پراڻا شهر:

مولائي صاحب جي سنڌ جي مختلف قديم شهرن تي لکيل پنجويهن مضمونن کي هن ڪتاب ۾ رشيد ڀٽيءَ سهيڙيو آهي. اُن سلسلي ۾ ڀٽي صاحب لکي ٿو ته:

”تاريخ جي تحقيق ۽ تصنف سان نه ٽٽندڙ ناتي هئڻ سبب مرحوم مولائي شيدائي پوين ڏينهن ۾ اُن شغل کي جاري رکيو آيو، جڏهن نظر به جواب ڏيئي چڪي هئس. هن آئي وئي دوست، شاگرد ۽ معتقد کي ڊڪٽيشن ڏئي اهي مضمون لکرايا ۽ اندر جي اُڃ اُجهائي.“

مولائي صاحب آخري عمر ۾ ٻي ڪا اهم تصنف ته لکي نه پئي سگهيو، پر هُن سنڌ جي شهرن بابت مختصر مضمون پئي لکايا ۽ اُنهن ۾ به  تحقيق جي اصولن مطابق  تاريخي حقيقتون درست  ڪرائيندو رهيو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي شهرن بابت الڳ الڳ سان لکڻ جي هڪ ابتدائي ڪوشش هئي. هيءُ ڪتاب سچل نيشنل سيمينار ڪاميٽي سکر/خيرپور وارن 1983ع ۾ پڌرو ڪيو [8].

ٽالپرن جي مختصر تاريخ:

هيءُ ڪتاب سنڌ جي ٽالپرن جي تاريخ آهي، جنهن ۾ مصنف ڪلهوڙن جي دَور کان وٺي ٽالپرن جي اُسرڻ، فقيرن جي فوج ۽ حڪومت ۾ ٽالپرن جي اهم جاءِ والارڻ، هالاڻيءَ جي جنگين ۽ مير فتح علي خان کان ويندي مياڻي ۽ دٻي جي جنگ تائين جي اهم واقعن کي تحقيقي انداز اسان درج ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا شجرا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ٽالپرن متعلق اڄ تائين مڪمل تحقيق ظاهر نه ٿي آهي. مولائي صاحب جو هيءُ ڪتاب موضوع بابت بنيادي معلومات مهيا ڪري ٿو. هي ڪتاب سنڌالاجي 1983ع ۾ شايع ڪيو هو.

تاريخ سکر:

سنڌ جي اهم تاريخي شهر ”سکر“ جي تاريخ متعلق هيءُ مفصل ڪتاب مولائي صاحب پنهنجي وفات کان ڪجهه سال اڳ لکي مڪمل ڪري سنڌ ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو هو. اُن کي سورهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي: پهرئين باب ۾ سکر جو مهراڻ جي ڪپ تي واقع هئڻ سبب مهراڻ جي تاريخ، سکر جي طبعي حالت، ٽڪريون، نالو، سکر جي لغوي معنيٰ، سکر جو ثقافت ۾ حصو، بکر جي قدامت وغيره بيان ڪئي وئي آهي. ٻئي باب ۾ سکر جي تاريخ، ٽئين باب ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه ۽ اُن وقت سکر جي واپاري، مذهبي ۽ تمدني حالتن جو ذڪر ڪيل آهي. اُن کان پوءِ چوٿين باب کان ٻارهين باب تائين سنڌ جي مختلف بادشاهن جي دَور کان وٺي ويهين صديءَ تائين سکر جون حالتون ذڪر هيٺ آيل آهن، جڏهن ته باقي بابن ۾ سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت، اُتان جا قديم رهاڪو، سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جي قدامت ۽ سياسي علمي ۽ ادبي حالتن بابت هڪ اهم تصنيف آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ 1992ع ۾ پڌري ڪئي.

شيدائيءَ جي شاعري:

مولائي شيدائي صاحب نه رڳو ناميارو  تاريخدان هو،پر هو مختلف وقتن تي شعر پڻ چوندو هو. سندس شعر جو ذخيرو ته هن وقت محفوظ نه رهيو آهي، پر سندس سورنهن بيت، ٻه ڪافيون ۽ هڪ غزل موجود آهن.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:

”مولائي صاحب تي  حضرت سچل جي ڪلام جو وڏو اثر هو. هو پنهنجون  ٺاهيل صوفيانه ڪافيون دل جي درد سان جهونگاريندو  هو. دل گهريا دوست جڏهن ملڻ ويندا هئس، ته اُنهن کي پنهنجيون ڪافيون انوکي ۽ اثرائتي سر سان ڳائي ٻڌائيندو هو“ [9].

مقبول صديقي لکي ٿو ته:

”مولائي صاحب جنهن اهتمام سان شعر چيو، افسوس جو اُن اهتمام سان پنهنجي شعر کي سانڍيو ڪونه، جنهن جي نتيجي ۾ سندس شعر جو وڏو حصو غائب يا ضايع ٿي چڪو آهي“ [10].

شيدائي صاحب جي شعر چوڻ جا ٽي دور آهن- پهريائين کيس شاگرديءَ واري وقت ۾ شعر چوڻ جو شوق ٿيو، پر سندس حوصله افزائي نه ٿيڻ ڪري هن شعر چوڻ بند ڪيا. ٻيو دور، جڏهن علمي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو هئائين ته اُن وقت ٻيهر شعر چوڻ شروع ڪيائين، پر  ڪجهه وقت کان پوءِ هُن شعر چوڻ ڇڏي ڏنا. اُن وقت جا سندس ڪجهه شعر ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيا. مولائي صاحب جو آخري دَور سندس فارغ ٿي گهر ويهڻ وارو دَور آهي. اُن وقت جي سموري شاعري اسان وٽ محفوط نه آهي، سواءِ هڪ ڪافي ۽ ٻن بيتن جي. ٻه بيت نموني طور پيش ڪجن ٿا:

 *سويرو صحيح ڪيم، ڪڍي ٻيائي کي هڪ وار،

پيهي سي پاتار ۾، جت ماڻڪ لک هزار،

سپون ڪڍيم سوجهي، عميقان اُن پار،

سڀني جو شيدائي چوي، سيد لهندو سار،

سنڌڙي ڪيم سار، مورک ڪوڙي موهه ۾.

*سڄڻ جي وصال جا، آءٌ ڪهڙا قول چوان،

ڪڍان ته ڪات لڳي، ماٺيان مول مران،

توڙي سچ چوان، ته به مٺيان لڳي لوڪ کي  [11].

اعليٰ برانڊ جا سگريٽ ڇڪيندڙ ۽ ڪتابن جو عاشق، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ متعلق مثالي ۽ اٿاهه ڄاڻ رکندڙ مؤرخ مير رحيمداد مولائي شيدائي سچ ته جيڏو وڏو محقق هو، زندگيءَ جا پويان ڪجهه سال اوتري ئي ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريائين. مولائي صاحب اُهو مؤرخ آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ڪم اڪيلي پنهنجي سر کنيو، جو ڪنهن اداري کي ڪرڻ کپندو هو. پر هن تن تنها ”تاريخ تمدن  سنڌ“، ”جنت السنڌ“ ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ ۽ ”تاريخ سکر“ جهڙا ضخيم ۽ اهم ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو. هو بلاشڪ تاريخ ۾ زنده رهندڙ مؤرخ ۽ محقق آهي.

 

حوالا

1. مولائي شيدائي، ”تاريخ سکر“، ص425.

-ٽماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر) ص 536.

2. ”تاريخ سکر“، ص 426.

3. تاريخ سکر، ص 426

4. ”سوانح نمبر“، ص 448

5. (الف) رشيد ڀٽي، رحيم داد خان مولائي شيدائي (مقالو) ص 20، ماهوار پيغام، اپريل 1982ع.

(ب) مولائي شيدائي، ”سنڌ جا پراڻا شهر“، سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي سکر 1983ع.

(ج) تاريخ سکر ص 427.

(د) محمد پنهل ڏهر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سوانح، علمي ادبي خدمات (ليڪچرار، قلمي اردو)

6. مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“ ديباچو، سنڌ. يونيورسٽي پريس 1959ع.

7. مولانا غلام محمد گرامي، ”جنت السنڌ“ (تبصرو) ٽماهي ”مهراڻ“نمبر 1-2، سال 1958ع.

8.”سنڌ جا پراڻا شهر“، ص 10-9

9. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”گهڙيون گهاريم جن سين“ ص 42 مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي.

10. ٽماهي ”مهراڻ“ (سوانح نمبر) ص 543

11. شاعري لاءِ ڏسو ”ٽماهي مهراڻ“ جا ”شاعر نمبر“ ۽ ”سوانح نمبر“ ۽ ڪتاب ”گهڙيون گهاريم جن سين“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com