ساحر راهو
غزل
گهڙو ڀڳو ته گهوريو ڄمار آ
اُلٽي وئي،
اي سنڌ! تنهنجي سينڌ جي بهار آ
اُلٽي وئي.
نظام ڄام جون اکيون، نگر جو درد ٿيون پَسن،
وفا جي هر نهارَ جي مزار آ
اُلٽي وئي.
نه ٻيڙيون نه رَڇَ سي مُهاڻيون نه کاريون،
نماڻي هر ادا، حيا، نهارَ آ
اُلٽي وئي.
هجي ڪو هيکلو سڄڻ ته درد کي سهي وڃان،
اسان جي پُر بهار ۾، سنوارَ آ
اُلٽي وئي.
آ گيت گيت سُڏڪيو رُني آ تند ساز جي،
گلابي شام جي سڄڻ، سنڀارَ آ
اُلٽي وئي.
وٿي رڳو وجود کان هجي ته خير دوستو!
پرينءَ جي دل جي باغ مان تنوارَ آ
اُلٽي وئي.
اُتر ۽ لاڙ ٿر رُنو، ڀنل ڀنل سندن اکيون،
جو بادلن جي ”ساحرو“ اُڏارَ آ
اُلٽي وئي!
اختر درگاهي
•
دل دُکي آ، گهڙي گهڙي ٿي دُکي،
هُن کي چئجو اسان کي خط نه لکي.
هي سڄو شهر اُن کي ڳولي ٿو،
هر ڪو ماڻهو ٿو اُن جي لاءِ پُڇي.
يادگيريون گهڻو روئارن ٿيون،
پيار هُن جو اسان کان
ڪيئن لڪي.
چنڊ جو روپ ڌاري ڪڪرن مان،
ڄڻ اسان کي لڪي لڪي ٿو ڏسي.
ماڳُ رُڃَ جو ۽ لوڪ پٿر جو،
ڳالهه ”اختر“ جي هتڙي ڪير ٻُڌي!
اطهر
منگي
غزل
ڪي راشا ڪي خاشا آهن،
باقي کيلَ تماشا
آهن!
سڀ ماڻهو شهزادا ڪونهن،
اڪثر اَندر کاڌا آهن،
پهچي شل پرديس پرين،
منهنجا نيڻ پيا
سا آهن.
پل نه سري، جنهن جي درشن کان،
ڏينهن اُنهيءَ ئي لاتا آهن!
هـِتِ ويچارَ پراڻا
آهن!
الائي ڇا ارادا
آهن،!
ماڻهو ڪيڏا ڏاڍا آهن!
احساس، جذبن کان پالها،
يارو! هوندا پاڇا آهن!
ظالم لهجي کان وڌَ لوڪو!
ڪهڙا ٿيندا ڀالا آهن!
جَن تـِي هو ويساهه او ”اطهر“،
وير وَڏا تن پاتا آهن!
سڀاش هميراڻي
ڪارونجهر
ڪارونجهر
جي ڪور مٿَي ڏس
ڌيري ڌيري شام لهي ٿي
’ڀوڏيسر‘ جي نيري تڙ ۾
جهرمر
جهرمر
عڪس ٺهن ٿا
سج جا ڳاڙها پـِيلا ڪرڻا
هوريان هوريان هيٺ لهن ٿا
ڄڻ ڪنهن سون پگهاريو آهي
يا شايد ڪنهن مدهوشيءَ مان
جام سڄوئي هاريو آهي
مئخاني جهڙو منظر آ
مون جنهن ڏِس به نهاريو آهي
۽ ڪا گوري گُجري تَڙ تي
بيٺي هرڻيءَ وانگي سوچي
ڪهڙي هُر کُر هن جي من ۾
شايد ڪو ’سڏونت‘ ٿي ساري
پاڻياري جي اُجري مُک تي
هلڪي هلڪي مُرڪ اچي ٿي
سون سريکي پاڻيءَ سان هوءَ
جنهن پل پنهنجو مَٽُ ڀري ٿي
’ڪارونجهر‘ جي ڪور مٿي ڏس
ڌيري ڌيري شام لهي ٿي
ڪنهن ڪنهن پل هي ناسي ڏونگر
رانوڻ جئن راڪاس لڳي ٿو
ڪيئي اڻ مٽ شڪوليون
اُن ۾
ڌرتيءَ کان آڪاس لڳي ٿو
’پاراشر‘ جو پتو ته ناهي
’ساڙدري‘ ۾ سنک وڄن ٿا
ٻاوي جوت جلائي آهي
’مـِرگهه ڪُنَ‘ ۾ ڦول ترن ٿا
ڪيئي مور ٽهوڪا
ڪن ٿا
’اناچلي
سَر‘ تان ڪُونج اُڏي ٿي
’ڪاورونجهر‘
جي ڪور مٿان ڏس
ڌيري ڌيري شام لهي ٿي
هڪڙو ”رُوپو“ دار چڙهي ويو
هڪڙو روپو اَڄُ به آهي
جيڪو ڏونگر منجهه رهي ٿو
اُن جي ڪنهن کي پرک ته ناهي
گورن سج لهي ويو آ پر
ڪارن سج چڙهيوئي ناهي
جڳ مڳ جڳ مڳ ديپ ٻرن ٿا
ڏونگر سارو ڏيئي وانگي
ها پر اُن جي هيٺيان جيڪي
سالن کان گگدام رهن پيا
تن جي جُهوپن ۾ هر پل ڇو
ڌيري ڌيري ٻاٽ لهي ٿي
ڪارونجهر جي ڪور مٿي ڏس
ڌيري ڌيري شام لهي ٿي!
نظم
ڪنهن ڪَٽي شوق سان ڪنهن ته سـِر تي سَٺي،
رات ڪَٽڻي هئي، رات ڪٽجي وئي!
رات جي پيٽ ۾ چاڪ ڪيڏا چڪيا،
رات روئي سُتا
ٻار
ڪيڏا بُکيا،
سُور سان ٻَکَ ۾ ڇوڪري هر سُتي:
رات ڪَٽڻي هئي، رات ڪَٽجي وئي!
رات جو ماڪ ۾
درد ڪيڏا وٺا،
لڙڪ ئي لڙڪ هئا، ٽهڪ ڪنهن ٿي ٻڌا؟
ڀاڪرن ۾ ڀري سانت سُڏڪي پئي:
رات ڪٽڻي هئي، ڪٽجي وئي!
رات! تُنهنجي
هئي
چڳن
۾ ستارا ڏسي،!
نيڻ ٻرندا رهيا، روپ تنهنجا پَسي،
تون مڃين يا نه، پر مون ته پوڄا ڪئي:
رات ڪَٽڻي هئي، رات ڪَٽجي وئي!
تو سوا اي پرين! رات ڏاڍي ڏُکي،
هانءَ ۾ باهه جئن پئي ٿي هر هر دُکي،
تون اسان کان ته پڇ، ڪئن اسان آ ڪَٽي؟
رات ڪَٽڻي هئي، رات ڪَٽجي وئي!
آصف جمالي
ڍنگهر
تو ڏٺو آهي
هي
جو
ڍنگهر
رستي تي پيو آهي
ڪنهن به رکيو آهي
پر تو وٽ ته ٻيانو به آهي
ڪهاڙي به آهي
ڪوڏر به آهي
هٿ به آهي
پوءِ به کڻي اُڇلائين نٿو ڇالاءِ......
هي جو
ڍنگهر
رستي تي پيو آهي.....
خواب
ڇوڪريون
تڙ تڪڙ ۾ هونديون آهن
اکين مان نڪري وينديون آهن
بس
هڪ خواب وساري وينديون آهن.......
سورج
هڪ ڏينهن
ڳوٺ جي ڪچي رستي تي
ڳالهين ڳالهين ۾
سورج بيهي رهيو مون سان
هاڻي
ڳوٺ سڄي جي
اکين ۾ پيو اٽڪان........
سوز ٽکڙائي
غزل
آءٌ ڏاڍو ٿو توکي ساريان يار،
تو بنان وقت ڪيئن گذاريان يار!
ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تون ضرور ايندين،
روز رستا پيو ٻُهاريان يار!
مون هـِتان يا هُتان اچي نڪرين،
وائڙن وانگي پيو نهاريان يار!
رات جو ايندي تون نه ڀُلجي پوين،
ويٺو واٽن تي شمع ٻاريان يار!
جيڪي راتيون تو مون سان گڏ گهاريون،
سي ڀلا آءٌ ڪئن وساريان يار!
شبِ غم ڪئن ته ڪاٽبي سائين،
رات جو ڪنهن کي مان اُٿاريان يار!
خود کي ڀاڪر وجهي ۽ لولي ڏئي،
پاڻ کي ٿو سُمهاريان يار!
تون به مئي جو مزو ته ماڻي ڏس،
آ ته توکي هٿن سان پياريان يار!
ٻئي نشي ۾ هجون ۽ هڪ ٿي وڃون،
شبِ هجران کي پوءِ وساريان يار!
”سوز“ سان تون ملڻ ڪڏهين ايندين؟
آ ته سر ساهه تو تان واريان يار!
مخمور بخاري
بُک!
هُوءَ هر سال سياري ۾
سرديءَ کان بچڻ خاطر
ننڍڙا گرم ٽوپ ۽ جوراب اُڻندي آهي
۽ هر سال اونهاري ۾
هڪ ٻار کي جنم ڏيندي آهي!
هن سال
اونهاري ۾
ستين ٻار کي جنم ڏيندي هوءَ مري وئي
هُن جي پوڙهي مڙس
سياري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي
سورنهن سالن
جي ڇوڪريءَ سان،
ڌيءَ جي بَدي ۾،
ٽين شادي ڪري ورتي!
شبير هاليپوٽو
گيت
تارا تنهنجي لاءِ
رات به روئندا رات ڀر
تارا تنهنجي لاءِ.
اوسيئڙي ۾ در دريون
منهنجي گهر جون سڀ بتيون
ڏيئا ڏاڍو هاءِ
رات به روئندا رات ڀر_
چنڊ چڪورا
وٻاٽ
۾
کڙکٻيتا ٻاٽ ۾
پتنگ پنهنجي جاءِ
رات به روئندا رات ڀر_
نيڻ نديون ۽ آبشار
سڀ سڏڪن پيار بار بار
تن کي تون پرچاءِ
رات به روئندا رات ڀر
تارا تنهنجي لاءِ.
پيرل فقير گاد
غزل
يا عمر گنهگار رهيا
سين،
جيئن اوهان کان ڌار رهياسين.
پَل پَل ڪيڏو ڏکيو گذريو،
جيون تي ڄڻ بار رهيا
سين.
چاهت نه ملي چاهت عيوض،
هروڀرو جو خوار رهياسين،
چئي به ڪو نه چئي سگهياسين.
اڻپورو اظهار رهياسين.
وصل جو وقت وريو جو ’پيرل‘،
سنڌوءَ جي هُن پار رهياسين.
قادر بخش مگسي ”هاتم“
....رات وهاڻي آهي! (غزل)
جيون
جاٽَ
پُڄاڻي آهي،
اک اک موڪي پاڻي آهي،
تنهنجي ساروڻين جي اُڀ تي،
من جي ڪونج اُڏاڻي آهي.
جيڏي پيڙرا
پاڻ سَهون ٿا،
تيڏي پريت پُراڻي آهي.
چوڏس چاندوڪيءَ ۾ ڇو،
دل جي آس اُجهاڻي آهي!
راس نه آهي مون سان پوءِ ڀي،
منهنجي من جي راڻي آهي.
پنهنجي کي ٿي پرکي پَل ۾،
ڪيڏي سنڌ سياڻي آهي!
سچ سليندي بَنُ مليو
سين،
جيون رام ڪهاڻي آهي.
ساري ساري ساجن ساري،
حاتم رات وهاڻي آهي.
عزيز ڪنگراڻي
جهڪيو ناهي کير ٿر
[داستان-12]
تو وٽ ٻولي ٻاجهه جي، تو وٽ پرت ۽ پيار،
اُٿي جُوءِ جيار، جئندو وتندين جوءِ ۾.
عاشق ناهي، جو نه آ، سُونهن کي سربسجود،
جيڪو وساري ڀونءِ کي، سو به وڏو مردود،
اُن جو سمجهه وجود، کاري ڀريل کـِکَ جي.
ڏاها! سُر ۽ ڏات جو، سودو ڪوجهو آهه،
تاريخن جي ديڳ ۾، ڪڙهندو تنهنجو ماهه،
صديون ٿڌو ساهه، کڻنديون تنهنجي حال تي.
درٻاريت جي ڌَپَ کي، سمجهيو تو خوشبوءِ،
هر جنم ۾ جُوءِ، توکي لوئيندي پئي.
آڻي ڏيندا آجپو، سُر، سُريلا ڇيڙ،
ساڃهه سوچ شعور جا، موتي ويهي ميڙ،
ڪُڙم
اهڙو
ڪيڙ، جو حق هاڪاري وٺي.
جُهڪيو ناهي کير ٿر، پوءِ تون ڪيئن جُهڪين؟
جوکا جيون کي ڏئي، راتيان ڏينهن لکين،
چوکا ڪيئن چکين، مارو جي مـِڙ مامري؟
مارو جي مـِڙ مامري، سمهڻ توءِ حرام،
نا انصافي اوج تي، محروميون
به مُدام،
پوءِ ڪجان آرام، ماڻي تَرَ جو آجپو.
ڊڄين کان پاڇي، کَٽندين ڪهڙي کيپ تون؟
ٿر
کان
ڪاڇي، لڪي لڪندين ڪيترو؟
ڏين جي سڀ ڄمار، ڌر کي زرتي فوقيت،
توتي ڪين ميار، ايندي پوءِ تاريخ جي.
ڌر سان گڏپڻ زر هجي، پول نه ٿين پڌرا،
ماپن ڪيئن گـِدرا، ٻيئي تنهنجي مُٺ ۾.
حُبدار سولنگي
آءُ اکين ۾....! [غزل]
آءُ اکين ۾ تنهائيءَ جو تڙپڻ ڏِس!
آءُ اکين جو جاڳ- صليب تي لڙڪڻ ڏِس!
توکي دل جي سانت سڏي ٿي، موٽي آ
دل جو خاموشيءَ ۾ تڙپڻ، ڦٿڪڻ ڏِس!
تنهنجي پيار تپسيا ۾ ڪن صدين کان،
من صحرا ۾ جوڳي روح جو جاڳڻ ڏِس!
تون جي ناهين، پوءِ به مُرڪي گهاريون ٿا،
جلندڙ ٽانڊن تي جيون جو جهومڻ ڏِس!
هڪ ڀيرو جوڀن جو باغ گهمڻ ڏي بس!
پوءِ اسان جي احساسن جو مهڪڻ ڏِس!
نيڻن مان ٿي شعلا لُڙڪ ڪـِريا آهن،
ٻن نيڻن ۾ ساروڻين جو پڄرڻ ڏِس!
ابرار ابڙو
نيڻ
دريءَ
مان...! (غزل)
نيڻِ دريءَ مان ڇاڻي هر هر ٿڌڙا ساهه ڀرين ٿي،
ڏيئي جي شعلي ۾ گُم ٿي، ڏيئي ساڻ ٻرين ٿي.
هُو ته مسافر هو لمحن جو تنهنجو ساٿ ڇڏي ويو،
کيس اڃا آئيني آڏو ڇا لئه ياد ڪرين ٿي؟
خواب خيال سلهاڙي، پنهنجن جذباتن سان جڙجي،
جوڀن جي ڇولين ۾ ساريون راتيون ٻُڏين ترين ٿي.
ڀرت ڀريل گج جي ڪاون جا ٽُڪرا ٿي ويا آهن،
۽ بکيا اُڊڙيل گجري تي ڪين ڌيان ڌرين ٿي.
چنڊ مسافر جي چانڊوڪيءَ ۾
ڪا
ياد سجائي،
ڄڻ تون پنهنجي روح اڱڻ تي ويٺي مُڱ ڏرين ٿي.
پشپا ولڀ
مان ميڊاس آهيان!
مان ميڊاس آهيان
جنهن شيءِ کي هٿ لايان
سون ٿيو پوي،
سون لاءِ منهنجو انڌو شوق!
هاڻي منهنجي گهر جي هر شيءِ
سون جي آهي
منهنجي پلنگ، منهنجي ڪُرسي
ڊريسنگ، کائڻ جي ٽيبل
۽ کاڌي جي چمچا
غلطيءَ وچان ’اُن‘ کي به ڇُهي ويٺس
اُن کي به مون هٿ لائي
سون جو بنائي رکيو آهي
خوبصورت ۽ چلڪندڙ چمڪندڙ
مان ڇُهي ته سگهان ٿي
پر اُن جو زنده ڇهاءُ محسوس نٿي ڪري سگهان
پوڄا ته ڪري سگهان ٿي
پر پنهنجي ڳالهه نه ٻڌائي سگهان ٿي
نه هُن جي ڳالهه سمجهي سگهان ٿي
هوءَ منهنجي گهرجي پوتر ڪُنڊ ۾
اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي
بيٺي آهي.
عطيه دائود
الوداع چوڻ
مون
کي هميشه مشڪل لڳندو آهي
اُن جنازي کي
جنهن کي کڄڻ جي
ڏاڍي جلدي هوندي آهي.
هر اُن موسم کي
جنهن کي آخرڪار
منهنجي
جقسم
جا ٽشوز
قبول ڪري چڪا هوندا آهن.
رنگ برنگي پوپٽ کي
جنهن کي منهنجو من
اڃاڪي گهڙيون پنهنجن هٿن ۾
پڪڙي رهڻ چاهيندو آهي
ڪاري ڪاري ڪڪر کي جو
بنان وَسڻ جي ئي
نيڻن کان تـِر
ڪندو ويندو آهي.
اُن دوست کي
جنهن جي قربت جي
مڙني حواسن کي عادت هوندي آهي
الوداع چوڻ
مون کي هميشه مشڪل لڳندو آهي.
شبنم گل
اعتبار هو سپني
جي ساڀيان جو
اُن رنگين رُت ۾ ڏسين ها جانان!
آئينو هو ڪڏهن منتظر منهنجو
وشال اکين ۾ محبتن جي
نشي جو هلڪو سرور هو ڪو
ڳلن تي گلابن جا
روز نوان رنگ کڙندا هئا
لبن
تي لالي نه هوندي به
گلابي شگوفن جو رنگ
لهندو هو
اُها به ڪا رُت هئي جانان!
جنهن پنبڻين جي هلڪي جنبش سان
خواب پوپٽن جيان لهندا هئا
۽ رستن جي اداسي
قدمن جي آهٽن جي منتظر
پنهنجي خوشفهميءَ ۾ مگن رهندي هئي
اُها به ڪا رُت هئي جانان!
جڏهن
چپ
پنهنجو پاڻ ئي مُرڪندي
خوشبوءَ جيان مهڪي اُٿندا هئا
۽ مُرڪ جي اُن مَهڪ سان
رستن جو ٿڪ لهندو هو
هيءَ
به ڪا رُت آهي جانان!
اکين ۾ اوجاڳن جو خمار ناهي
توکان پوءِ خوابن جو ويساهه
ويو آهي کسجي
اعتبار هو سپني جي ساڀيان جو
اُن رنگين رُت ۾ ڏسين ها جانان!
جدائي جي زمين ۾ لکيل ڪجهه نظم
جيئن برسات کان پوءِ
سمورا منظر اُجرا
ٿي ويندا آهن
مون محسوس ڪئي آهي ائين
تنهنجي ڳالهين جي خوشبو
تنهنجي هئڻ جو احساس
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ!
•
اونداهي نه هجي
ته ڪوئي روشنيءَ کي
ڪيئن سڃاڻي ها؟
اي دوست! مون
بي يقينيءَ جي
بس مهر موسمن ۾
ويساهه جا سمورا
ٽٽل آئينا
جوڙي ورتا آهن.
•
بي تعبمير
خواب
اونداهيءَ جو هٿ جهلي
رستو ڏيکاريندا رهيا آهن
وجود جي هئڻ جو
احساس ڏياريندي
سانت ۾
به ڄڻ ته
ڳالهائيندا رهيا آهن!
جدائي اها سگهه آهي
جنهن جي حصار منجهه
موسم جي پهرين برسات جي
هڳاءُ جيان
محبت جي مئي
مهڪي پوي ٿي!
•
جڏهن منزل نه ملي
سگهندي آهي
ته بي خواب راتين ۾
نار سائي جي
اکين مان لڙڪ
جنهن جڳهه تي
ڪرندا آهن
هر لڙڪ پنهنجي جڳهه تي
هڪ ديپ بڻجي پوندو آهي
•
جيون جي ڪشڪول ۾
تنهنجا عطا ڪيل
رفاقتن جا چند سڪا
ڏک جي گهاٽي
جهنگ ۾
روشنيءَ جو رستو بڻجي
جررڪي
رهيا آهن.
رخسانه سومرو
محبت روحن جي سمفني آ
محبت روحن جي اُها
سمفني آ
جنهن
جو سُر ۽ تال ڪڏهن به
نه ٿو ميسار
جي
جنهن جي ردم ۾ وقت جي جٺ به
ڪوڦير ۽ ڦند نه آڻي سگهي آ
هي سچن جذبن جو
جوڙيل گيت آ
جنهن
۾ رنگ، نسل
مذهب، ذات پات کي ڪا
به
اهميت نه ٿي ڏجي
محبت روح جو اُهو سڏ آ
جيڪو هڪ دل مان نڪري
اکين جي پيغام رسانيءَ سان
ٻيءَ دل ڏي پهچي ٿو
۽ جنهن جا پڙاڏا ۽ پڙلاءَ
خلا ۽ غفائن ۾
امر ٿي وڃن ٿا
مون پيار ۾ مکڙن تي
باک ڦُٽندي ڏٺي آ
وصل جي پَلن ۾ ڳلن تي
انڊلٺ کي لهندي ڏٺو اٿم
محب جي هنج ۾ گلاب چپن تي
اُجري مُرڪ جي رم جهم ٿيندي ڏٺي اٿم
آڪاش تان پيار وارن مٿان
گلن جي ورکا ٿيندي ڏٺي اٿم
پيار ڪرڻ وارن جي سڳنڌ تي
ڀؤنر ڀـِرندي ڏٺا اٿم
هجر فراق جي موسم ۾
اکين ۾ ٻوڏ ايندي ڏٺي اٿم
انتظار جي ڏنگيندڙ راتين ۾
چنڊ کي
چانڊوڪيءَ جي چونري هاريندي ڏٺو اٿم
موتئي جون مالائون سُندرين کي
وارن ۾ ڳتيندي
ڏٺو اٿم
دل جي ويڻا
تي
اهو راڳ
وَرَ وَرَ ڏئي ٻڌو اٿم
جنهن جي سوز ۽ ساز
کي
جُڳن جي رفتار به ميساري نه سگهي آ
محب جي اکين مان
محبوب جي سندرتا کي گهٽائي نه سگهي آ
محبت روحن جو اُهو آلاپ آ
هي اُهي پوتر جذبا آهن
جيڪي اڄ جي دور ۾
ٽيلي پيٿي ۽ الهام سڏجن ٿا
اُنهن جذبن جي
اُنهن سچاين جي
پيڙهه ايتري ته پڪي آ
جنهن جي لاءِ
جڙتو۽ ٺلهن رشتن جي جوڙجڪ
ڪا معنيٰ، ڪو مفهوم نه ٿي رکي
۽ روحن جي اها سمفني
هر روپ ۾ امر آ
امر رهندي ڏينهن قيام تائين.
انيتا شاهه
وقت ڪٽجي ئي نٿو!
دُور، جنهن رستي مٿان تون ساڻ مون سان پيو هلين
سو پنڌ مـِٽجي ئي نه ٿو، هي وقت ڪَٽجي ئي نه ٿو
جو سج سندءِ بي چين اکڙين منجهه ٻُڏڌندو
ڪو نه هو
سو سج ڏسجي ئي نه ٿو، هي وقت ڪَٽجي ئي نه ٿو.
مان لَک گهران سارو سڄو، تون ٻَک ۾ ماپين نه ٿو
ها، سَچُ لَٽجي ئي نه ٿو، هي وقت ڪَٽجي ئي نه ٿو.
مان من ئي من ۾ تو سان سوا ڄڻ
ڏينهن
ڏوريان
ڏاڍ
۾
تون جريل ڪو خواب منهنجو رات ۾ سٽجي نه ٿو
هي وقت ڪَٽجي ئي نه ٿو
ميگها
جي رُت چمپا
ڪليون، ڇو ماڳ مان ڇرڪي اُٿيون
شبنم تي تنهنجي عڪس مان ڪو ڇانورو جهٽجي نه ٿو
هي وقت ڪٽجي ئي نه ٿو
...سارَ تنهنجي!
ها، اڃا ٿي سارَ تنهنجي
رات منهنجيءَ ۾ رهي
تون اڃا تائين چڪورن
جئن اُڏامين چنڊ ڏي
چنڊ توکان دُور ٿيندو
ٿو وڃي مون تو جيان
ڏينهن منهنجا بي سوادا
ها اڃا توکان سوا
تون اچين ٿو ۽ وڃين ٿو
ساڻ منهنجي ساهه سان
شام ٿي توکي سڏي
سِجَ لهندي لهر جهڙي
ڳهر
ٿي
توکي سڏي
ها اڃا سي وڻ اُتي ئي
ها اڃا پاڻي اُتي ئي
پر سڄو مانڊاڻ ڇا لئه
ماٺ آ توکان سواءِ
ڇو حياتي اڄ سڄي
سُر ٻاٽ آ تو کان سواءِ
ها اُنهيءَ ئي پار ڏي
ڪي ڪونجڙين ڪڻڪن پيون
ها اڃا ڪي ٽهڪ
ٽارين تي ٽڙڻ کان ئي اڳي
چُپُ وئي چئني طرف
واسو ڪري
موت جهڙي ماٺ ڇو؟
موت حواسن تي هري
من جي مندر تي
ٻڌي ڏاڪا پئي چڙهندي اچي
ها اڃا ٿي سارَ تنهنجي
رات منهنجيءَ ۾ رهي.
سحر امداد
آنءُ اَنانءُ
(ٻار نمبر 81 لاءِ)
ڪجهه ڏينهن پهرين
منهنجو هڪڙرو
نالو هو
۽ منهنجي هڪڙي ماءُ هئي
۽ منهنجو هڪڙو پيءُ به هو
۽ شايد هڪڙي ڀيڻ به هئي
۽ منهنجو ڪوئي ڀاءُ به هو
۽ ڪيڏا سڱ سياپا هئا!
ڪجهه ڏينهن پهرين
منهنجي
گهر
جي آڳنڌ ۾
ڪيڏا ٽهڪ ٽڙيل هوندا هئا
ڪيڏا گُل کِڙيل هوندا هئا
گُلڙن تي ڀَوَنر مـِڙيل هوندا هئا
پينگهي
تي ميڙ مَتل هوندا هئا
ڪجهه ڏينهن پهرين
ماءُ جا مٺڙا ٻول ڪنن ۾ رس گهوليندا هئا
پيءُ جي ڪيڏا خواب اکين ۾ گهر ڳوليندا هئا
گهر جا ڀاتـِي مٺڙو مٺڙو ٻوليندا هئا
ڪجهه ڏينهن پهرين
ماءُ جي ممتا جي پاڇي ۾ پلندڙ آنءُ
پيءُ جي آڱر
پڪڙي پڳ پڳ هلندڙ آنءُ
ڪوڏائڻ لئه منهنجا هوندا هئا ڪيڏا نانءَ
سوناميءَ کان پوءِ آهيان ٻار نمبر 81 آنءُ!
سوناميءَ کان پوءِ آهيان آنءُ اَنانءُ!
جل پري
سمنڊ ۾ ترندڙ هئي جا جل پري
سمنڊ جي لهرين سان گڏ جي پئي لڙهي
سمنڊ جي ڇولين سان ڇُل ڇُل پئي ڇُلي
سمنڊ جي لُڇ پُڇ سان گڏجي پئي لُڇي!
سمنڊ جي نيراڻ ۾ ترندڙ اُها سوني- سَري
تُڙڳندي ترندي تري ۾ وئي وري واپس وَري!
اوچتوئي اوچتو لهر ڪا اهڙي وَري
وِيرَ جا آڪاس کي ڇُهندي
ڍَرِي
سمنڊ کان آڪاس ڏانهن کڄندي رهي
آڪاس کان پاتال ڏانهن لُڙهندي رهي
هـِن پار کان
هُن پار ڏانهن وهندي رهي.........
سمنڊ ۾ ترندڙ
هئي جا جل پري
اَمُرُ هو هن جو، اَمَرَ ٿي وئي وري!
امداد حسيني
مُرڪندي رهج اِئين....!
زندگي
ٿا چئون، سمجهون جنهن کي
زندگي آهه اُنهيءَ کان به ڪٺن
جيتري ڀوڳيون، برداشت ڪريون
زخندگي آهه اُنهيءَ کان به ڪٺور
لُڙڪ جو آهه بظاهر هڪ لفظ
پينَ سان آهه پني تي جو لکيل
جو لَڙي ٿو، نه سُڪي ٿو ڪڏهين
نه رَئي ساڻ اُگهي ٿو سگهجي!
ڪو اِريزر سان گُهري ميسارڻ
وائـِٽو ساڻ مٽائڻ چاهي
يا ته چاقوءَ سان اُنهيءَ کي کُرڙي
يا ته مُرڳو ئي پني کي ڦاڙي
ڊسٽَ بـِن منجهه ڇڏي اُڇلائي!
اُهو اڻڄاڻ ڀلا ڇا ڄاڻي
ته اُهو
لڙڪ
الائي ته ڪڏهن!
ڪهڙي پاتال مان اُڀريو آهي!
ڪهڙي اک مان اُهو ڪـِريو آهي
ڪهڙي ڪَڪريءَ منجهان برسيو آهي
ڪهڙي
سـِپ لئه اُهو موتي آهي!
جا
ڪڏهن
ڪا نه اُجهامي
ٿي سگهي
جندڙي لئه اُها جوتي آهي!
درد جو آهه بظاهر هڪ لفظ
پينَ سان آهه پني تي جو لکيل
ڪيترو درد اُنهيءَ ۾ آهي
ڪير ڄاڻي ٿو سگهي؟ ڪير ڀلا!
[جن ڏنو، تن به نه ڄاتو هوندو!]
درد جي ڄاڻَ به هڪ درد آهي
سو اُهو ڪير سهي؟ انت لهي
دردَ جو، دردُ جو بي انت آهي!
تنهنجي هڪ مُرڪ، رڳو هڪڙي مُرڪ
درد لئه آهه دوا ۽ دارُون
مُرڪندي رهج اِئين مُرڪ سواءِ
شعر آهي ته بنان معنيٰ جي
عشق آهي ته بنان جانان جي
چنڊ آهي به ته چانڊاڻ بنان
سـِجُ آهي ته حرارت کان سواءِ
هـِيرَ آهي به ته سُرهاڻ بنان
مُرڪندي رهج اِئين مُرڪ سواءِ
نڪا سنڌو ۾ ڇُلي ٿي ڇولي
مرڪندي رهج اِئين، مرڪ سواءِ
عيد آهي نه ڏياري، هولـِي!
مُرڪندي رهج اِئين، مُرڪ سواءِ
هيءَ حياتي به حياتي ناهي
مُرڪندي رهج اِئين، مُرڪ سواءِ
هيءَ حياتي به مَماتي آهي
مُرڪندي رهج اِئين، مُرڪ سواءِ
زندگي ڪنڌ تي ڪاتي آهي!
مُرڪندي رهج اِئين، سنڌ سندم!
مُرڪندي رهج اِئين، جند سندم!
امداد حسيني
ڄڻ
جڏهن به توکي ڏسندو آهيان
مَرندي ڄڻ جـِي پوندو آهيان
جڏهن به تون مرڪندي
آهين
مون کان ڏک وسري ويندا آهن
جيڪي پنهنجن ڏنا
پراون ڏنا!
تون جڏهن به مون سان ڳالهائيندي آهين
تڏهن ڄڻ
منهنجي ڦٽن تي پَهو رکندي آهين
تون جڏهن به مون سان ملندي آهين
مان تڏهن ڄڻ پاڻ ساڻ ملندو آهيان!
ڇا
ڇا ائين نٿو ٿي سگهي
ته تون اِئين ڳالهائيندي رهين
۽ مان توکي ٻُڌندو رهان
ائين ڏسندو رهان توکي
هٿ تي ڳَلُ رکيو
اکين
۾ اکيون رکيو!
نيڻ
ڇا مان
تو جهڙو
نـِس پـِس تو جهڙو
اهڙو مڌر مڌر سندر گيت رچي سگهندس؟
جهن ۾ تنهنجي نيڻن جي گهرائي به هجي!
الاءِ! ڪهڙي سُڌ ته ڪڏهن
تون ئي مون تي ٻاجهه سٻاجهه ڪرين
۽ پني تي
ڪجل سان پنهنجا نيڻ لکي وڃين!
ٻه غزل
ياد آئين تان،
ڇرڪ ڀريو مان!
مانيءَ بدران،
دوکو ٿو کان!
ڪونه سُڪو ڪو،
هن سـِنڌُو جان!
سمجهه نه دل کي،
ٺڪر جو ٿان!
بڙ جي وڻ سان،
وڍجي وئي ڇان!
اچڻو آهين،
ٻولي ٿو ڪان!
هي منهنجو هان،
اوٺي
وڳ
جان!
تنهنجو پڇيم،
هـِن کان هُن کان!
سازر
سُرود راڳڻي، ڪجهه به سُٺو نٿو لڳي،
رنگ سُڳنڌ روشني، ڪجهه به سُٺو نٿو لڳي.
گَلُ به گهاءَ ٿي لڳا، هـِيرَ به جهيرَ ٿي وڌا،
چنڊ چڪور چاندني، ڪجهه به سُٺو نٿو لڳي.
هاڻ قلم عَلم ڪٿي؟ لفظ به محتَرم ڪٿي!
اي ميان! شعر شاعري، ڪجهه به سُٺو نٿو لڳي.
ويس وڳا نٿا وڻن، کوءِ ڪجل مُساڳ ٻَن،
هار سينگار آرسي، ڪجهه به سُٺو نٿو
لڳي.
تون نه رهين
ته ڇارهيو، سُور سهان سَهيو سَهيو،
عيد براد، کـِل خوشي، ڪجهه به سُٺو نٿو لڳي! |