سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :13

المنظر جي پُل تان بيهي درياءُ ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳندو آهي. سنڌوءَ جون ڇوليون ڪنهن ڪنواريءَ جي وارن جيان  اُڇل کان رهيون هيون.

”آءٌ سنڌوءَ جو سير ڪنديس،“ شهلا چيو. ٻيڙيءَ ۾ چڙهي گهمڻ لڳا هئاسين هُن نمي پاڻيءَ جي ٻُڪ ڀري ورتو هو:

”سنڌوءَ جو پاڻي ڪيڏو نه مـِٺو آهي!“

”تنهنجي ڳلن ۽ ڳالهين جهڙَو،“ مون چيو.

”ڇا…!“ حيرت مان پڇيو هئائين.

چيم: ”ڪڏهن ڪڏهن ڇهڻ ۽ چمڻ ڪيڏو نه سٺو لڳندو آهي. تنهنجا ڳل مٺا آهن، تڏهن ته تنهنجا وار چمي رهيا آهن رخسار کي…“ ٻيڙيءَ واري ڏانهن ڏٺو هئائين ۽ هو خاموشيءَ سان هلائيندو رهيوهو.

”درياءَ ۾ ڪيڏي نه دهشت آهي!“ شهلا ڇولين کي ڏسندي چيو.

”عشق ۾ اُن کان به وڌيڪ آهي. تڏهن ته سهڻي ايڏو وڏو درياءُ پار ڪري ميهار سان ملڻ ويندي هئي.“

”ڪيڏي سچي محبت هئي.“ شهلا چيو ۽ ٿوري خاموشيءَ کان پوءِ چيائين: ”عشق ماڻهوءَ کان ڇا ڇا نه ڪرائيندو آهي.“ اسان ڪافي اڳتي نڪري ويا هئاسين، ۽ پوءِ وري موٽيا هئاسين ڪناري  تي. ڏاڍو اِنجواءِ ڪيو هوسين اُن آچر تي، نه ته آچر اڪثر بور گذرندو هو. واپس يونيورسٽيءَ جي آوارا رستن تي پهچي ويا هئاسين.

*    *    *   *    *

فيڪلٽيءَ جي ڏاڪڻين تي-هوءَ، آءٌ ۽ سندس ساهيڙيون گڏ ويٺا هئاسين. سڀني زور ڀريو ته شاعري ٻڌاءِ. مون چيو: ”شهلا کان ٻڌو.“

”ڇا مطلب؟ شهلا شاعره ڪڏهن کان ٿي آهي!“

مون چيو: ”شاعري ڪري نٿي، خود شاعري آهي.“ سڀيئي هڪٻئي ڏانهن ڏسي مرڪيون هيون ۽ شهلا کاڏيءَ تي هٿ گهمائيندي اکين سان چيو: ”توکي ته بعد ۾ ڏسنديس.“ ۽ اُن وقت هوءَ شرارتي ٻار لڳي هئي.

هڪڙي اُداس شام جو رستا به اُداس لڳي  رهيا هئا. هوءَ منهنجي ڀر ۾ هلندي رهي ۽ جڏهن اسين واپس هاسٽل وٽ پهتا هئاسين ته موڪلاڻ مهل هوءَ منهنجي ويجهو اچي  وئي. منهنجي هٿ جون آڱريون پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيائين ”ڇهڻ چمڻ واقعي ڪڏهن ڪڏهن سٺو لڳندو آهي.“ ايترو ته ويجهي اچي وئي جو ساهن ۾ محسوس ٿيڻ لڳي هئي.

”اکيون بند ڪر…“ اکيون بند ڪري ڇڏيون هئم. منهنجي سيني تي هٿ رکي پنهنجا چپ منهنجي اکين تي رکي ڇڏيائين. مون جهٽ ۾ اکيون کوليون. کلندي چيائين: ”اڄ لاءِ ايترو ڪافي آهي.“

*   *   *   *    *

انگلش جي ڪلاس ٿيڻ کان پوءِ ايڪنامڪس جي لان ۾ اچي ويٺا هئاسين ته هن جون بور ڪندر ساهيڙيون ۽ روم ميٽ اچي ويٺيون. هن جي روم ميٽ خاموش طبيعت ۽ خماريل نيڻ واري غيرمسلم ڇوڪري. اسين سڀ هڪٻئي سان ڳالهائي رهيا هئاسين، پر هوءَ چپ هئي. مون هن جي روم ميٽ کان پڇي ورتو. ”توهان نه ڳالهائڻ  جو قسم کنيو آهي ڇا؟“ سڀني مون ڏانهن نهاريو. شهلا هُن ڏانهن ڏٺو يا روزو رکيو آهي، نه ڳالهائڻ جو.“ مرڪي پئي هئي. چيائين”نه مون روزو ناهي رکيو ۽ نه ئي قسم کنيو آهي. بس توهان سڀني کي ٻڌان ٿي.“ اُها ڇوڪري سڀني کان مختلف هئي، ناول جي ڪردار جيان. هنن جي وڃڻ کان پوءِ شهلا کي چيو هئم ۽ شهلا ڪجهه به نه ڪڇيو. فطري ڳالهه آهي. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ مليا هئاسين. پڇيو مانس ”ڪيئن گذريو وقت.“ ”بور…صفا…بيزار ڪندڙ…تون ايڏا ڏينهن يڪو وڃي ويهي رهين.“ شهلا چيو.

ڪجهه دير خاموشي رهي ۽ پوءِ اهو پڇڻ ۽ سندس نئون روپ ڏسڻ، جنهن کان اڻ ڄاڻ هئس. ٻڌو هوم ته ضدي آهي، پر ان ڏينهن ڏٺو به هئم. نه فقط ضدي، پر جهيڙاڪ به. پڇيومانس ”تنهنجي روم ميٽ جا ڪهڙا حال آهن!“

”تون ڇو  ٿو پڇين؟“

”هوءَ ڏاڍي پياري آهي. هن جي خاموشيءَکي به معنيٰ آهي. اهڙيون ڇوڪريون ڏاڍيون پيار ڪندڙ ٿينديون آهن.“

ڀڙڪي پئي هئي. ”پوءِ وڃي ڪرينس پيار.“ ”هونءَ به اِها به ته تو لاءِ پڇي پئي. سٺو آهي…ڏاڍو پيارو آهي…پوءِ آءٌ ڇا ڪريان، وڃي پاڻ ۾ ملو، مون کي ڇو ٿا ٻڌايو.“ اُٿي هلي وئي هئي. پيار آيو هو سندس اُن انداز تي. ڪجهه ڇوڪرين جي چهرن تي ڪاوڙ سونهندي آهي ۽ شهلا ان روپ ۾ وڌيڪ پياري لڳي هئي.

*    *   *   *   *

ڪاوڙجي پئي هئي. پورو هفتو نه ملڻ آئي هئي. نه گهر وئي هئي، نه ئي ڪئمپس ايندي هئي. فون تي به نٿي آئي. اُهو سڄو وقت آءٌ اڪيلائي جي عذاب ۾ هئس. روم ميٽ سان جهيڙو ڪيو هئائين. الائي ڪيئن ملڻ آئي هئي. سڄي پيلي لڳي پئي هئي. بسنت رُت جو اهڃاڻ ٿي لڳي. اکيون ڳاڙهيون، اوجاڳيل.مون اکين ۾ اکيون وجهندي چيو. ”رُني آهين چري.“

”روئاڙي پوءِ وري پڇين ٿو ته رني آهين. اندر ساڙي پوءِ به…توهين ڇوڪرا سڀ هڪجهڙا ٿيندا آهيو، لا پرواهه.“وراڻيو مانس: ”۽ اوهين ڇوڪريون سڀ هڪجهڙيون… هڪٻئي تان ساڙ ضرور به ڪنديون.“

”ائين نه ڪريون ته هوند اوهين اسان کي پڇوئي ڪونه. هڪ ڇڏي وري ٻيءَ جي پويان.“

”نه، ائين ناهي. تنهنجي اها ساهيڙي نه اچي ها ته تنهنجو پيارو ڪاوڙ وارو روپ ٿورو ئي ڏسي سگهان ها…“ سندس مُک کي هٿن ۾ وٺندي چيم ”هن تي مرڪ سٺي لڳندي آهي، اُداسي نه…اڙي چري! مون کي فقط توسان محبت…“

”مون کي به ته…منهنجي اندر ۾ تنهنجي نانءَ جي ديپ ٻرندا آهن. پنهنجي هر ساهه ۾ تنهنجي خوشبو محسوس ڪندي آهيان.“ شهلا چيو ۽ پوءِ سڄو وقت پيار تي ڳالهائيندا رهياسين. گل وانگر ٽڙي پئي هئي ۽ پرچي پئي هئي.

*  *   *   *   *

جنوريءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سندس والد آيو هو. مليا هئاسين. ڏاڍو سخت قسم جو ماڻهو هو. روايتن جي خول ۾ ويڙهيل، اصولن جو قائل ۽ بي سود رسمن جو پابند. ڏاڍي خوش هئي پنهنجي پيءُ سان ملي. اُهو سڄو ڏينهن هوءَ اُن سان  گڏ هئي.

*  *  *  *  *

صبح سان ڊپارٽمينٽ ۾ اچي ملي. اُداس لڳي رهي هئي.

”ڇا ٿيو…بابا جي وڃڻ ڪري اُداس آهين؟“ مون پڇيو. چپ هئي ۽ پوءِ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين. ”فيصلو ٿيو آهي.“

”ڇا جو…ڪهڙو؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”پيپر ڏئي گهر جلدي پهچڻ جو…“

”مون سمجهيو نه“ مون چيو.

”آءٌ بابا سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهيان…آءٌ سندس فيصلو نه مڃي سندس ڏک نٿي ڏسي سگهان…“

”ڪهڙو فيصلو…؟

”منهنجي شاديءَ جو…“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو! ۽ هوءَ روئي پئي هئي. ”سو به اُن ڇوڪري سان جنهن کي آءٌ سڄي عمر ادا چوندي رهي آهيان.“ هوءَ روئي پئي. ٻئي هٿ منهن تي رکي ڇڏيا هئائين ۽ آءٌ سوچيندو رهيو هئس ته هيڏو پڙهائڻ لکائڻ جي باوجود، کوڙ سارين خوشين سان گڏ زندگيءَ جو ايڏو وڏو فيصلو ڪيو ويندو آهي! حيرت اُنهن والدين تي، جيڪي دلين جا جذبا، اندر جا احساس ۽ اُمنگون سمجهي نه سگهندا آهن، بس فيصلا مڙهيندا آهن. آءٌ من ئي من ۾ اهڙن والدين تي ڦٽڪارون وجهي رهيو هوس. هوءَ اُٿي بيهي رهي، آءٌ به اُٿي بيٺس. چپ چاپ هلڻ لڳاسين، ڄڻ ڪنهن سنسان رستي تان وڃي  رهيا هئاسين. فيڪلٽيءَ جو فرش شهلا جي رئي جو پلاند چُمندو رهيو. هوءَ اڳيان نڪري وئي ۽ آءٌ ڏسندو رهيس.

*   *   *   *   *

شام جو ملي-اُهائي اُداسي، اُهي ئي ڳوڙها!

”شهلا…!“

”هون…“،اکيون اُگهندي چيائين.

”ڇا سوچيو اٿئي؟“ مون پڇيو.

”آءٌ وينديس.“

”مون کي ڇڏي؟“

ڪو به جواب نه ڏئي سگهي.

”ڪڏهن؟“

”سڀاڻي شام جو.“

”سيميسٽر؟“

”پيپر ڏئي ڇا ڪنديس؟ زندگيءَ جو ڏکيو امتحان مٿان اچي ويو آهي!“

”پوءِ نه وڃ.“

”وڃڻو ته آهي ئي. بابا کي منهنجو انتظار جو هوندو…“

”ڀڄي هلون…بغاوت ٿا ڪيون.“

چيائين: ”پر اسين ائين ڪري ڪونه سگهنداسين. پنهنجو ئي ضمير ملامت ڪندو رهندو. اسان کي ائين نه ڪرڻ کپي.“

”سچ ٿي چوين، اسان ائين نٿا ڪري سگهون.“ وراڻيم ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي آواره رستن تي هلندا رهياسين.

*   *    *   *   *

هاستل تان سامان کڻي اسٽيشن تي پهچي ويا هئاسين. ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئم کيس کلائڻ جي فلمي هيرن وانگر ڏاڍا پوز هنيا هئم. شرٽ جا بٽڻ کولي وِلين جيان رڙيون به ڪيون هئم. پنهنجا لڙڪ ته پي ويو هئس، پر هُن جا لڙڪ روڪي نه سگهيو هوس. ايتري  ته خاموشي هئي. ڄڻ ساهه ئي نٿي کنيائين. گهڻو ئي چاهيو هئم ته ڪجهه کلي، پر مُرڪي به نه سگهي هئي!

سوچن جا سلسلا اُن وقت ٽٽا، جنهن وقت ٽرين جي هانءُ ڏاريندڙ سيٽي وڳي هئي. ڇرڪ ڀريو هئم. هٿ تي هٿ رکيائين.

”ڇا ٿيو…؟“

”ڪجهه به نه، بس ائين ٿي،“ وراڻيم.

”ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهين، پوءِ ڇو ٿو ڳالهائين. خبر به اٿئي ته ڪوڙ ڳالهائيندي پڪڙي وٺندي آهيان توکي…“

”سوچيان ٿو هاڻ ته زندگي ڪيئن گذرندي.“

”ائين نه چئو، آءٌ مري پونديس.“

سُڏڪي پئي هئي. اندر ۾ ته آءٌ به سُڏڪيو هئس، پر ضبط ڪري ويو هئس.

”مون کي ياد ڪندينءَ.“

”ياد تڏهن ڪنديس. جڏهن مون کان وسري ويندين…۽ توکي خبر آهي ته پهريون پيار ڪڏهن به ناهي وسري سگهندو…“

ٽرين پليٽ فارم تي اچي بيٺي هئي. ماڻهو چڙهڻ لڳا هئا. هوءَ به اُٿي بيٺي. سامان کڻي اندر رکيو هئم. هوءَ اڃا هيٺ بيٺي هئي. منهنجو هٿ هٿ ۾ ورتائين.

”ائين به ٿيندو آهي. زندگي پنهنجي راهه بدلائي ڇڏيندي آهي ۽ اسان نه چاهيندي به اُن راهه تي هلي پوندا آهيون. خبر به هوندي آهي ته پنڌاڙانگو آهي…“

ٽرين سيٽي ڏني.

”پنهنجو خيال رکجانءِ…“آءٌ خاموشيءَ سان کيس ڏسندو رهيس. لفظ اُڪلي نه سگهيا هئا. سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا چوان…؟هن منهنجي هٿ کي چمي ورتو. لفظن کي زور ڏيندي چيم، ”شهلا!…نه وڃ.“

”مون کي نه روڪ…مون کي وڃڻ ڏي“، ٽرين ٻي سيٽي ڏني ۽ چُرڻ لڳي. هٿ هٿ ۾ ئي هو. هوءَ روئي رهي هئي. ٽرين سان گڏ ڊوڙڻ لڳس. تيز ٿي وئي ۽ هٿ مان هٿ ڇڏائجي ويو، هميشه لاءِ…! سڀ خواب  اڌورا رهجي ويا…منهنجا هنجي اکين ۾ ۽ هُن جا منهنجي اکين ۾…!

ٽرين اکين کان اوجهل ٿي وئي. سج ڄام شوري جي ٽڪرين پويان ٻُڏي ويو. شام ميرانجهڙي  ٿي وئي. آءٌ اُداس مَن ۽ ٿڪل قدمن سان هاسٽل طرف موٽيو هوس…

 


 

سي ئي جوڀن ڏينهن…!

پير عبيد راشدي

چاچي سائينءَ کي الائجي ڪهڙو پُور پيو، جو سڀني ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن  کي ون-ڊش پارٽيءَ جو چئي فارم هائوس تي ويو. سانجهيءَ ٽاڻي ست اٺ ڪارون زالين مڙسين پنهنجا ڊش تيار ڪري فارم هائوس جي پارڪ ۾ وڃي ويٺا. ڪچهري، حال احوال، درويش بابا کان مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ دعائون پـِني، چرچا گهٻا ڪرڻ لڳا. سَوٽ جڏهن پارٽيءَ مان ٿڪي ٽُٽي اوجاڳو کڻي گهر پهتو ته پهرين هن گهر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ڏانهن رخ ڪيو، پر ورانڊي ۾ جيجي وڏيءَ جي سگريءَ واري روايتي رهاڻ ۾ ٻه ڀائر ڀاڄايون ڏسي ڏانهنِ وريو.

”پارٽي ڪيئن ٿي؟ هڪ ڀاءُ پڇيس.

”چاچي وڏي به وئي هوندي- چاچا واري نورِ نظر به هوندي- هڪ مياڻ ٻه ترارون“-ڀاءُ هِڪساهيءَ ٻه ٽي سوال ڪيس.

هن ٿڪ يا اوجاڳي جي ڪري ٺلهي ’ها‘ ڪئي.

”چاچي سڳوري، چاچا سائينءَ جي سُريت کي ڏسي ڪاوڙي هوندي؟ وڏي ڀاءُ سگريءَ تي هٿ سيڪيندي چيو. ”سريت کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهجي!“ جيجي وڏيءَ ڳالهايو، يا ڀاڄاين مان هڪ، عورت جي حق جي بچاءُ تي ٿي ڳالهايو!

”چاچي ٿولهه جي ڪري ڊائننگ ٽيبلن ڏانهن لڙي به ڪانه، پاڻ چاچا واري نورِنظر ٽيبل تان ڊش سلاد کڻي پئي ڏنس.“ هاڻ هن جو اوجاڳو ۽ ٿڪ ڀڄي چڪو هو. هن پارٽيءَ جو حال احوال ڪيو.

”هان!“جيجي وڏي تسبيح سوري حيران ٿيندي ڳالهايو: ”اڳي ته توهان وارو چاچو فارم هائوس تان تازين ڀاڄين ۽ مڇيءَ جا ٽوڪرا ڀري ايندو هو ته وري ساڳيائي ٽوڪرا ڀرجي فارم هائوس تي واپس ويندا هئا.“

”ڇو چاچي ڀاڄي ڪانه  کڻندي هئي ڇا؟“

”ڀاڄي ته ڪجهه گهر ۾ ته ڪجهه اوڙي پاڙي ۾، پر پهرين ڀاڄي ڏسي چاچهين گارين جا دوسڙلائي چوندي هئي”ڀاڄي، ڀاڄوڪڙ ڪريمان موڪلي هوندي“ چاچي واري نورِ نظر ڇا ته ڳاڙهه ڳٽول-اسان چاچا کي  فارم تان ايندي ويندي ڏسي چوندا هئاسين، ”چاچا ٽماٽو کائي آيا آهيو!“چاچا به دلبر، خوش مزاج، وڏيءَ دل وارو، شهپر وٽڻ لڳندو هو-اڃا به ٽماٽو ۽ ڏاڙهو هوندي ڪيئن وقت ناسور ڪري ڇڏيس! وڏي ڀاءُ ويٺل ڀائرن، جيجل پوءِ پنهنجي کي ڏسندي پرائي ڳالهه ڪئي. ”چاچي وارن نورِ نظر اڃا به مکڻ ماکي لڳي پئي آهي.“ ”اُها ته ڇڏ، پر اُنهن جي وڏي ڀيڻ شيرين رحمت به ساڳي حُسناڪ جل پري…!“

شيرين رحمت جو نالو ٻڌي وڏو ڀاءُ کـِکو وِکو ٿي ويو ۽ پوءِ پڪائي ڪري ديوار تي فريم ٿيل فوٽو ڏسڻ لڳو. هڪ فريم ۾ سڀ ڀائر گڏ بيٺل هئا ۽ سندس ڀر ۾ حويليءَ ۾ ڪم ڪندڙ الهڙ شيرين رحمت به ڪڇ تي ڪو ٻار کنيو بيٺي هئي. وڏي ڀاءُ پڪائيءَ سان فوٽو ڏسي ڄڻ چپن ۾ ’سي ئي جوڀن ڏينهن‘ جهونگاريو.


 

سپ وانگي خالي مَن!

(ڪهاڻڙيون)

عذرا سرور

جهازجيئن ئي رن-وي کي ڇڏي آسمان جي اوچائين ڏانهن اُڏرڻ لڳو، تيئن ئي منهنجو ذهن ماضيءَ جي اونهي کاهيءَ ۾ ڪـِرڻ لڳو. سال، مهينا، هفتا، ڏينهن، ڪلاڪ، منٽ، سيڪنڊ…

دريءَ مان جهاتي پائي ڏٺم ته اوچيون عمارتون گُڏين جي گهرڙن وانگي پئي لڳيون. رستن تي ڊڪندڙ گاڏيون  ۽ موٽرون ڄڻ ننڍا ننڍا رانديڪا هجن. فضا جي  بلندين  ۾ اُڏامندي به ذهن زمين تي پئي ڀٽڪيو. ڪا تڙپ، ڪا لوچ، ڪنهن کان جدائي، ڪنهن جي وڇوڙي جا وَڍَ، اندر آنڌ مانڌ، ٻاهر شانت! اوچتو هڪ سريلو آواز ڪنن تي پيو، ”مئڊم ڇا پيئندؤ؟ ڪافي، چانهه، جوس، ڪولڊ ڊرنڪ“ غير اَرادي طور تي هن کان ڪافي گهري ويٺم. جيتوڻيڪ اندر ۾ هڪ باهه ٻريل هئي، جنهن کي ڪا ٿڌي شيءِ ئي اُجهائي سگهي ها! ايئر هوسٽيس ڪافيءَ جو مگ اڳيان رکي هلي ويئي.

جهاز سمنڊ مٿان اُڏامي رهيو هو. مون کي مگ ۾ ڪافي به سمنڊ جي ڇولين وانگي لڳي رهي هئي. اُهو سمنڊ، جنهن جي ڪناري تي ويهي ڇولين کي پنهنجو ساکي بنائيندي نه ڄاڻ پاڻ ڪيترا وعدا ڪيا هئا، نه ڄاڻ ڪيتريون پيار جون سـِپون چونڊيون هيون. اُهي سڀ سـِپون موتيءَ کان خالي…مان به ته هڪ سـِپ آهيان موتيءَ کان خالي…نه ڄاڻ ڪيترا سانوڻ آيا، ڪيتريون ئي مينهوڳيون آيون ويون، ويون آيون. آيون ويون، آ…پر منهنجو من سـِپ وانگي خالي، جنهن کي سيراب ڪري ۽ وري جيئڻ جي آس ڏياري. اڄ اَڌو اڌ اندر ۾ اُهي سڀ اُڌما ۽ اڌورو پڻ کڻي هڪ نئين منزل ڏانهن وڃي رهي آهيان. شايد هن هونئن دنيا ۾ اندر کي شانتي ملي…تنهنجي دنيا کان لکين ميل پري رهي شايد تنهنجي ڏنل صدمن کي سهسائي سگهان!

Date Expire

ٽرن …ٽرن…ٽرن!

رات جو پوري ٻارهين وڳي زور زورسان ٽيليفون جي گهنٽي وڳي…دل زور زور سان خوشيءَ مان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي.

سوچيم، شايد تو مون کي ”هيپي برٿ ڊي“ چوڻ لاءِ فون ڪئي آهي.

يقين غيريقين جي حالت ۾ رسيور کنيم. هڪ دفعو وري پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ کي قابو ۾ ڪيم ۽ ڏاڍي سُريلي آواز ۾ چيم هيلو…هيلو!

ٻئي طرف کان جيڪو آواز هو…اُهو…اُهو منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڀيءَ جو، جن مون کي برٿ ڊي وش ڪرڻ لاءِ فون ڪئي هئي. اڃا فون رکيم ئي مس ته وري گهنٽي وڳي. جلدي جلدي رسيور کنيم. منهنجي ڀيڻ جي فون هئي، جنهن هزارين ميل پري رهي به منهنجي برٿ ڊي  کي ياد رکيو. منهنجن ٻارن ته منهنجي لاءِ برٿ ڊي ڪارڊ ۽ گفٽ به ورتي هئي ۽ لڪي لڪي ڊرائنگ روم ۾ ڪيڪ ۽ ڪئلنڊلس پڻ سجايون هيون ۽ مون کي ’وش‘ ڪرڻ لاءِ 12 وڳي تائين، جاڳيا به هئا. پر شايد تون اِهو سڀڪجهه وساري چڪو آهين. توکي ته اِهو به ياد نه هو ته شايد ڪو تنهنجي انتظار ۾ سڄيون راتيون  جاڳي گذاري ٿو. تنهنجي پيرن جو آواز ٻڌي دل اڄ به ائين ڌڙڪندي آهي، جيئن پهرئين  ڏينهن توکي ڏسي ڌڙڪي هئي. توکي ڀلا اِهو سڀڪجهه ڇو ياد رهندو. آخر مان اڪيلي ته نه آهيان جنهن جو برٿ ڊي تون ياد ڪرين! مان ته هاڻي اُن ٿانوَ وانگي آهيان جنهن کي  بورچي خاني جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ date expire  سمجهي ڦٽو ڪبو آهي. مان تنهنجي لاءِ ڇا به هجان، پر مان پنهنجي ٻارن لاءِ، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ date expitre نه آهيان. اُنهن لاءِ اڄ به اُهائي آهيان، جيڪا روزِ اول کان هئس!

 

اندر روحَ رهيام

ثمينه ميمڻ

”امان…امان…او امان…توهين ڪٿي آهيو!“ علي، ماءُ کي  ڳوليندو رڌڻي ڏانهن ويو.

”جيءُ پٽ… ڇا ٿيو؟“ حُسنه، عليءَ کي خوش ڏسندي چيو. ”امان! هيءَ ڪارڊ ڏسو، منهنجي دوست جي شاديءَ جو آهي…۽ توهان کي به ضرور هلڻو آهي.“

حُسنه جڏهن ڪارڊ ڏٺو ته ڳوٺ جو نالو پڙهي هٿ ڏڪڻ لڳس. مُنهن سڄو ڪاراٽجي ويس.

”امان! توهان کي ڇا ٿيو؟“ علي، ماءُ جي چهري کي ڏسندي چيو.

”ڪجهه نه پُٽ! سوچيم پئي ته  ڳوٺ ڪيترو نه پري آهي. ايڏو پري ڪيئن هلبو!“ حُسنه ڳالهه ٺاهيندي چيو.

”امان! هڪڙو ئي ته دوست آهي منهنجو. هُن جو ڳوٺ به اِهو آهي ۽ شادي به پنهنجي سَوٽِ سان ڪري رهيو آهي. مِٽ مائٽ راڄ ڀاڳ به اُتي ئي اٿس، ته پوءِ شادي به ته اُن جي اُتي ئي ٿيندي نه!“ هو يڪساهيءَ چئي ويو.”هونئن به مون کي ڳوٺن ۾ ٿيندڙ شادين ڏسڻ جو شوق آهي.“ عليءَ خوش ٿيندي چيو.

”چڱو پُٽ! ٺيڪ آ، تون ئي وڃجانءِ، باقي مان نه هلي سگهندم. ايڏو سفر ڪرڻ مون کان نه ٿيندو. توکي ته خبر آهي ته منهنجي طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي.“ حُسنه عليءَ کي سمجهائيدي چيو.

”ٺيڪ آ امان، مان ئي دوستن سان گڏ هليو ويندس.“

علي اهو چئي ڪمري ڏانهن ويو. علي ته هليو ويو، پر حُسنه جي هٿ ۾ اڃا اهو ڪارڊ هو. هـِن کي ڪارڊ مان ڄڻ پنهنجي ڳوٺ جي خوشبو اچڻ لڳي ۽ ڳوٺ لاءِ جيڪا سالن جي سـِڪ سانڍيل هئي اُها ڄڻ هٿن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. ۽ هن کي لڳو هو ته ڄڻ اڄ ئي هن سڀڪجهه وڃايو آهي. ڇا ڇا نه وڃايو هئائين! ڪهڙي ڪهڙي سڱ سياڪي تان هٿ کڻڻو پيو هئس. هڪ اهڙي ڏوهه جي سزا، جيڪو هن ڪيو به نه هو، اڄ تائين ڀوڳڻو پيو هئس. پڙهيل هوندي به هوءَ اڄ تائين پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن کي نه ڏئي سگهي هئي. هوءَ اندر ۾ ڀڄندي ڀُرندي رهي هئي. هر وقت خوف هن جي مٿان طاري رهندو هو. حُسنه ته پنهنجي مُڙس کي واپس وطن ورڻ کان به جهليو هو پر اُن جو ڪارڻ به ته نه ڏئي سگهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي. هاڻ ته الاهي بيمار به رهڻ لڳي هئي ۽ عمر کان وڏي لڳندي هئي. مڙس ته گهڻو خيال رکندو هئس. سٺو ڪاروبار هئس. پيسي ڏوڪڙ جي ڪابه تنگي نه هوندي هئي. پرجيءَ ۾ مائٽن جو جهوراڻو هئس ۽ اندر ۾ ڦوڙائي جو ڦٽ ڪڏهن نه ڇٽيس ۽ وقت کان اڳ هوءَ پوڙهي ٿي چڪي هئي. اڄ ورهين پڄاڻان ڪارڊ کي ڏسندي هن جو روح  رڙيو هو مائٽن  لاءِ، پر هن جا رستا ته ختم ٿي چڪا هئا. هن جو وجود ئي پنهنجو نه رهيو هو. حُسنه جي هٿ ۾ شادي ڪارڊ هو. هوءَ هر هر اُن کي ڏسندي ٿي رهي-۽ حال جي تيز هوا ماضيءَ جي ڪتاب جا ورق ورائيندي پئي وئي!

رات پوئين پهر ۾ هئي. اوچتو در کڙڪڻ جو آواز ٿيو، حُسنه ۽ سندس ماءُ جي اک کلي.

”سَوٽ در تي ڏس ڪير آهي؟“ امان در کڙڪڻ جي آواز تي بابا کي چيو.

بابا در ڏانهن ويو. ماسات حميد بيٺو هو.

”ابا خير ته آهي، هن مهل!“ بابا چيو.

”ها خير آهي…!“ هو لُوهه پائي اندر گهڙيو.

کٽن تي سڀني کي سُتل ڏٺائين.

”ڇو ابا، ڇا پيو ڳولين؟“ بابا پريشان ٿيندي  پڇيو.

”ماسڙ، ٿورو هيڏانهن اچ.“ حميد بابا کي ڏيڍيءَ ڏانهن وٺي ويو.

مان ۽ امان آوازن تي اُٿي ويٺاسين.

”ماسڙ هڪڙي ڳالهه پڇڻي هئي توکان؟“

”ها پڇ! ڇا ڳالهه آهي؟“ بابا اُلڪي مان چيو.

”ماسڙ! اڄ ماسي ۽ ماسات حُسنه وڏيرن جي لاڏن تي ويون هيون؟

”نه ابا! اڄ سڏ ته هو پر ماسهين جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي، سو پوءِ حُسنه به نه وئي. ڇو ڇا ڳالهه آهي“، بابا حميد کان پڇيو.

”ته پوءِ ماسات حُسنه جي بُرقعي ۾ ڪهڙي عوورت هئي، جيڪا وڏيري جي اوطاق مان نڪتي ۽ وري هن ئي گهر ۾ وئي!“ حميد اچرج مان چيو.

”چوين ڇا پيو؟“ بابا اهو ٻڌي الاهي جذباتي ٿي ويو.

جڏهن امان ۽ مون اها ڳالهه ٻڌي ته اما کٽ تان اُٿي ڌيڍيءَ ڏانهن وئي.

”ابا حميد، حُسنه جو برقعو ته تنهنجي ڀيڻ زيبو پائي وئي هئي. پنهنجو هـِت ڇڏي وئي هئي. اهو چئي ته پراڻو آهي، پوءِ واپسيءَ تي وري پنهنجو برقعو پائي به وئي. هڪ ساهيڙي به گڏ  هئس.“ امان حميد کي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي.

منهنجو ساهه هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. يا خدا…هي ڇا آهي…زيبو…نه نه…ائي ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان سوچڻ لڳس. حميد جو  چهرو تپي باهه ٿي ويو ۽ هن کي ڄڻ يقين ئي نه آيو، پر پنهنجي گهر ڏانهن ويندي مهل چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن زيبو نه هئي ته ضرور حُسنه به اُن ڳالهه ۾ ٻڌل هوندي، مان ٻنهي کي نه ڇڏيندس.“

”گهڻو نه ڳالهاءِ، منهنجي ڌيءَ تي وري الزام ٿو هڻين، جڏهن ته منهنجي ڌيءَ گهر مان نڪتي ئي نه آهي. ۽ مون کي پنهنجي ڌيءَ تي ڀروسو آهي، منهنجي ڌيءَ اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري نه ٿي سگهي.“ بابا الاهي جذباتي ٿيندي حميد کي چيو، ۽ حميد چـِڙ ۾ اتان هليو ويو ۽ اُن ئي رات هن زيبوءَ کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن ڀڄي ويو، ۽چڱي عرصي تائين غائب رهيو. سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو. منهنجي ننڍپڻ جي ماسات زيبو، جنهن سان گڏ مون رانديون ڪيون ۽ گڏ ننڍيون ٿي وڏيون ٿيوسين، پرائمري گڏ پڙهيوسين، پر ماسات حميد زيبوءَ کي وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو، ۽ ٿوري ئي وڏي ٿي ته گهر ۾ اندر ويهاري ڇڏيائين. جنهن جو ڏک زيبوءَ کي به ٿيو پر مون کي وڌيڪ ٿيو. ڇو ته مان اڪيلي ٿي ويس پر منهنجي بابا مون کي وڌيڪ پڙهڻ جي اجازت ڏني. مون مئٽرڪ پنهنجي ڳوٺ مان ڪئي. منهنجي ننڍيون ڀينر ۽ ڀائر به پڙهڻ لڳا. ماسات حميد کي ڪاوڙ ته ڏاڍي هئي اسان تي، پر هن جو زور پنهنجي گهر تي هليو ۽ بابا هُن جي ڳالهين ۾ نه آيو.

پر هُوجڏهن به گهر ايندو هو ته بابا کي برغلائيندو هو، اِهو چئي ته ”ماسڙ حُسنه کي پڙهائي ٺيڪ نه پيو ڪرين. سڀاڻي تون ئي ڪنڊا ڪڍندين، جڏهن  مُڙس به آخر ۾ توکي ڳولي ڏيندي.“ بابا کي چڙ ته ڏاڍي وٺندي هئي، پر بابا ٿڌي دماغ وارو ۽ سمجهه وارو هو ۽ آخر اهو ضرور چوندو هئس ته ”ابا حميد! پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. علم ڪڏهن به غلط  رستو نه ڏيکاريندو آهي. پُٽن کي پڙهائجي ٿو. باقي نياڻين ڏوهه ڪيو آهي ڇا؟“

بابا جون ڳالهيون ماسات حميد تي ڪو اثر نه ڪنديون هيون. چڙ ۾ اُٿي بيهي رهندو هو ۽ مان ڪمري ۾ سڀڪجهه ٻڌندي پنهنجي بابا تي دل ئي دل ۾ فخر ڪرڻ لڳندي هئس. ۽ مون به اهوئي سوچي ڇڏيو هو ته بابا جيترو اعتماد مون تي ڪيو آ، مون کي اُن کان وڌيڪ اعتماد ڏيڻو به آهي.

منهنجا انٽر جا امتحان جڏهن ٿيا ته سينٽر ٻئي شهر ۾ لڳو هو ته بابا مون کي روز پنهنجي ديوٽي سمجهي اوڏانهن وٺي ويندو هو. بابا کي ڏسندي هئس ته خوشيءَ مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا ۽ وري جڏهن ماسات زيبوءَ جي باري ۾ سوچيندي هئس ته هوءَ ڪيڏي نه مجبور هئي پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان. ماسڙ ته هن دنيا ۾ نه هو، سڄي گهر تي حڪمراني حميد جي  هوندي هئي. پاڻ به گهٽ پڙهيو هو، سڄو ڏينهن ويٺو هوٽلن تي شرط رکند هو. زيبو چاهيندي به تعليم نه پرائي. سگهي، ائين مون انٽر به ڪري ڇڏي ۽ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ به ڪيو ۽ منهنجي خوشنصيبي هئي جو مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ماستري ملي وئي. مون پنهنجي ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن کي انهيءَ شوق سان پڙهائڻ شروع ڪيو. ائين وقت گذرندو رهيو ته اوچتو اڄ زيبوءَ واري واقعي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن ته ڳوٺ ۾ هراس ڇانيل هو ۽ مون کي ته زيبو ڪڏهن به نه ٿي وسري سگهي. پر هڪ رات ۾ جيئن  زيبوءَ جي زندگيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ته منهنجي زندگيءَ جو شايد اُنهيءَ رات ئي فيصلو ٿي چڪو هو! هن جي ته زندگي ختم ٿي چڪي هئي، پر مون کي جيئري ئي زندگيءَ تان هٿ کڻايو ويو. ڏوهه جيڪو مون ڪيو به نه هو، ان جي سزا مون کي ڏني وئي. ان زندگيءَ منهنجي سڃاڻپ ئي کسي ورتي. ڪجهه ڏينهن  کان پوءِ اوچتو  رات جو بابا، امان کي اُٿاريو. اهو چئي ته ”حُسنه کي اُٿار، حميد ڪنهن جي هٿان چواريو آهي ته هو حُسنه  کي به نه ڇڏيندو. بس حُسنه جي ماءُ هن کي اڄ ئي رات ڪيڏنهن وٺي وڃڻو آهي. هو وڏو ظالم آهي“ بابا پريشانيءَ مان امان کي چيو. امان جي ته پيرن  هيٺان زمين نڪري وئي. مون جڏهن ٻڌو ته اُٿي بابا کي چيو ”مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ماسات حميد اچي مون کي ماريندو! اڃا مون ۾ همت آهي. اچي ته ڏسان ڪيئن ٿو مون کي ماري.“ مان الاهي جذباتي ٿي ويس ”بابا مان  ڪيڏانهن  به نه وينديس.“

”پٽ! مون کي خبر آهي تنهنجو ڪو ڏوهه نه آهي.“ بابا چيو ”پر هو وڏو قهاري آهي، هُن پنهنجي سڳي ڀيڻ کي ئي ماري ڇڏيو ته پوءِ توکي ڪيئن بخش ڪندو!“

”بابا زيبوءَ جو ڏوهه هو يا نه، پر منهنجو ته ڪو به ڏوهه نه آهي!“

”ها پُٽ! مان سمجها ٿو. بس توکي اڄ ئي رات مون سان هلڻو آ. منهنجي مجبوري ڏس. مان نٿو چاهيان ته منهنجي بي ڏوهي ڌيءَ ماري وڃي.“

”پوءِ بابا، توهان مون کي ڇو ٿا ڪيڏانهن موڪليو؟“ اُها زندگي ڪهڙي هوندي، جتي سڄي عمر جيئري ئي مري وڃان! انهيءَ کان ته مون کي موت قبول آهي.“

”پُٽ، تون مون کي ڏس ۽ ماءُ کي ڏس!“ سندن نماڻين نيڻن جي ڪُٺل نهار مون کي به ري ڪاتيءَ ڪهي وئي. ڇو ته هنن لاءِ منهنجو زنده رهڻ ئي هُنن لاءِ غنيمت هو. ۽ اُها رات منهنجي زندگيءَ جي آخري رات هئي. جنهن مونکان منهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ کسي ورتا. ۽ اُن ئي رات اڻڄاتل سفر ڏانهن  منهنجي مقدر جو فيصلو به ٿي چڪو هو. اُهي بابا جا پري جا ڄاڻ سڃاڻ هئا، جن وٽ بابا مون کي ڇڏي ويو ۽ موٽي وري سارَ نه لڌائين يا شايد هنن منهنجي حياتيءَ جوسودو ائين قبول ڪيو هو.ان ڪٽنب ۾ بس زال مڙس هئا، جن کي اولاد به نه هو. بابا کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هُنن به بابا کي الاهي ڏَڍُ ڏنو، ته هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر. هنن کي اولاد ته هو ڪو نه سو مون کي ڏسي ڄڻ جي پيا. بابا في الحال ته مطمئن  ٿيو هو پر اندر ۾ هو به اڌ ٿي چڪو هو! هن جي بيوسيءَ جي آخري نهار منهنجي اندر کي به ڪوري ڇڏيو هو، پر ڪجهه نه ڪڇي سگهيس. بُت بڻجي  ڏسندي رهيس پاڻ کي تسلي ڏيندي رهيس، اِهو سوچي ته ماءُ پيءُ جو اولاد سان رشتو ڪيڏو نه اڻٽٽ ٿئي ٿو، جنهن ۾ اولاد جي زندگي ئي ڪيڏي نه وڏي وَٿ آهي، مائٽ لاءِ.

پهرين ته  مان رڳو  روئيندي  رهندي هئس. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڇا ٿيندو؟” وري ڪڏهن  پنهنجن مائٽن سان ملنديس يا نه…!پڙهيل ڳڙهيل هوندي به اُنهن رسمن جي ور چڙهي وئي هئس مان! سوچيم ته نوڪري ڪريان پر وري ماسات حميد جو خيال ايندو هو ۽ بابا جي بيوسي. بس چپ ڪري گهر ويهي رهيس ۽ سال گذرندا ويا. ۽ ائين هيءَ فيملي ٻاهرين ملڪ شفٽ ٿي. مون کي به اُنهن سان گڏ وڃڻو پيو ۽ منهنجي پنهنجي سڃاڻپ سالن پڄاڻان ائين ختم ٿيندي وئي. سڄو ڏينهن ڪمري  ۾ بند  رهندي دماغ  ئي ڪم نه ڪندو هو. هنن جي به ذميواري هئي.جڏهن بابا وري سارَ نه لڌي ته هنن مناسب جاءِ تي منهنجو رشتو مون کان پڇي طيءِ ڪيو. ڇو ته هاڻ ڪو اوهي واهي نه رهيو هو منهنجو! منهنجا سڀڪجهه اُهي ئي  ته هئا ۽ اُنهن اُتي سڀن کي اهوئي ٻڌايو ته ڌيءَ آهي اسان جي. مان به انڪاري نه هئس ان رشتي کان ڇو ته هو هاڻ منهنجا سڀڪجهه هئا.

ائين زندگي گذرندي رهي. مائٽن جي سارَ ته هڪ ڏينهن نه وسرندي هئي. هر وقت  ماءُ، پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻون اکين اڳيان اچي ويندا هئا، پر عليءَ جي ڄمڻ کان پوءِ خوشيءَ جي احساس وري مون کي نئين  زندگي ڏني، جنهن ۾ ڪجهه ڦٽ ميٽجڻ لڳا هئا ۽ اُن خوشيءَ ۾ پاڻ  کي گُم ڪري ڇڏيم.

حُسنه جي هٿ ۾ ڪارڊ اڃا تائين هو، جيڪو.  سڄو پگهر ۾ آلو ٿي چڪو هو. هن پاڻ کي خيالن کان آجو تڏهن ڪيو، جڏهن علي بُک  جون رڙيون ڪندورڌڻي ڏانهن آيو. حُسنه جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، جيڪي ڪارڊ کي پُسائيندا رهيا.

حُسنه ڪارڊ کي پاسي ڪري رکيو ۽ بصر وڍڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com