سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :11

ڪهاڻي/ آتم ڪهاڻي/ ليک

 

....جمال ابڙو،اياز قادري، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ به پنهنجو وارو وڄائي ويا. اياز قادريءَ ۽ حفيظ شيخ زندگي ۾ ئي ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني هئي. جمال ابڙو ڪهاڻيءَ کي ڇڏي آتم ڪٿا لکڻ لڳو، غلام رباني آگري جي به پهرين ترجيح ڪهاڻي نه رهي آهي. اُن کان پوءِ واري دَور ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل، امر جليل، حميد سنڌي، قمر شهباز، ماهتاب محبوب، مراد علي مرزا، غلام نبي مغل، طارق، اشرف، رسول بخش، پليجو، ماڻڪ (منير احمد)، شوڪت شوري، عبدالقادر جوڻيجي علي بابا، حليم بروهي، رشيد حجاب، قاضي خادم...سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏي اوج ڏني. انهن ڪهاڻيڪارن مان به نسيم احمد کرل ۽ طارق اشرف ۽ ماڻڪ اسان ۾ موجود نه آهن. نسيم احمد کرل پاڻ به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي  ڇڏي مضمون لکڻ لڳو هو. اهو ممڪن هو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ وري ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽي اچي ها، پر زندگيءَ کيس مهلت نه ڏني. آغا سليم جي نه پهرين ترجيح ڪهاڻي نه، تحقيق ۽ ترجمو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو به ٽي. وي ناٽڪ ۽ اخباري ڪالمن ڏانهن لاڙو آهي. غلام نبي مغل ۽ ماهتاب محبوب ناول ڏانهن هليا ويا آهن. امر جليل به اخباري  ڪالمن لکڻ ۾ رُڌل آهي. مراد علي مرزا ڳچ عرصي  کان هڪ اهم ناول ”سامي سج وڙاءَ“ تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ترجمي  جي ڪم ۾ مصوروف  آهي. اُن کان پوءِ واري دَور ۾ ممتاز مهر، مدد علي سنڌي، نورالهديٰ شاهه، سحر امداد، فاروق، سولنگي، شرجيل ۽ طارق، عالم ابڙو اهم نالا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ انهن جي ڪا به ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ نه ملي آهي. اُن کان پوءِ رسول ميمڻ، تانيا ٿيٻو حبيب الله شاهه، رفيق، سومرو، منظور جوکيو جا نالا اچن ٿا. منظور ڪوهيار، رسول بخش درس، ضراب حيدر، مشتاق، ڀرڳڙي، احسان دانش، شبانه سنڌي، لياقت رضوي، رجب آزاد.... انهن ڪهاڻيڪارن مان ڪي لاڳيتو ته ڪي چنڊاڻي جمعاڻي ڪهاڻيءَ ڏانهن لڙن ٿا. هتي بنيادي سوال  اهو ٿو پيدا ٿئي ته  ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي ٿو ڇڏي يا ڪهاڻي ڪهاڻيڪار کي.....؟“

 

قبرن منجهه سُڏڪا

رفيق سومرو

بيسنت هال جي ٻاهران گهٽيءَ ۾ پوسٽ آفيس جي پاسي ۾ ڪار بيهاري هُو خط واري لفافي تي پتو لکي رهيو هو. هن جي هنج ۾ هو ساڍن ٽن سالن جو معصوم  ٻار. پويان سيٽ تي هيون ٻه ننڍڙيون نينگريون. هو آسپاس جي ماحول کان بيخبر لفافي تي پنهنجي شهر جو پتو لکي رهيو هو. پتي لکڻ  کان اڳ پاڻ اُن شهر ۽ پنهنجي پراڻي پاڙي ۾ پهچي ويو: ”منهنجو مُلڪ ملير.....“ شمس آباد جي چوڪ ۾ هڪ مڱڻو ڳائي رهيو هو. سُرندو ڪلهي تي، سوال سـِريءَ جو، سـِڪ مارن جي: ”منهنجو مُلڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءٌ...سڪي مُئيءَ جو سرير...“ هن جي ننڍڙي سرير ۾ سيسڙاٽ اُڀريو. هي ڪير ڪوڪي رهيو آهي؟ ملير ڪٿي آهي؟ ڪوٽ ۾ ته منهنجي وڏل ڀيڻ مارئي آهي. ”ڪڍ بندياڻي بند مان...“ منهنجي وڏل کي ته ڪوٽ ڏيجيءَ واري ڪوٽ کڻي ويا آهن. ”جيئري لاههِ زنجير...“ پر زنجيرن ۾ ته فاضل شاهه پير تي باگڙجيءَ ۾ چرين کي ٻڌندا آهن! ڇا منهنجي وڏل ڀيڻ  مارئي چري ٿي وئي آهي! ”مون  جيڏيون  ته ملير ۾ کـِليون پيئن کير...“، هو کير وٺڻ نڪتو هو. اُهو ڇلڪيو. کير سڏَ جي سيڪ تي اُڀامڻ لڳو. هُو اُن آواز تي اُڏامڻ لڳو. ”ڪوٽن ۾ آءٌ...“ هن ڏٺو، پنهنجي اکين ۾ جهٽيل ڪوٽ ڏيجيءَ  جو قلعو... اندر ڪوٽ، ڪوٺن تي ڪوٺيون، اونها  کوهه، ڊگهيون لاهيون چاڙهيون، سـِرن مٿان سـِرون. ڏاڪڻين مٿان ڏاڪڻيون. سڀ کان مٿي اوچائيءَ تي رکيل ميرن جي مريم توب. ڏُور مار ڪندڙ. پادر وجهي ٺڪاءُ ڪيو ته گنبٽ ۾ گهمندڙ گڏهه ماري وجهي. گڏهه سوار اونڌي مُنهن مٽيءَ ۾ دٻجي وڃي. انگريز ويل الائي ڇا ٿيو! ڀيڻسان سر چارلس نيپيئر! توب ٺڪاءُ ئي نه ڪيو! ۽ اهو آواز ڪنهن جو هو: ”منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءٌ....“ اڙي! ميرن جي صندلي ته خالي پيئي آهي.هو ڇڪبو ويو....واچوڙي جي لپيٽ ۾ صبح ساجهر، گول ڦرندو، بولاٽيون کائيندو، ڇڪبو ويو. نيرانا نيڻ، پِچيون اکين ۾، ميرو مُنهن، سُڪل ٺوٺ چَپ، آليون اکيون، اڻڀا روار. ننڍڙو ٻار، خالي پيٽ، ڪرمنڊل هٿ ۾. ماڻهن جو ميڙ وڏو هجوم، انبوهه. ”منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءٌ....“ کير چلهه تي اُڀامڻ لڳو. ڪير ڦوڪ ڏئي اهڙي اُڀام کي. مر وهي، ڀل اُٿلي پئي. مر بار هلڪو ٿئي. سُرندي جو سوز، صبح سوير آلاپ. آسپاس جي گهٽين ۽ گهٽين گهيڙن مان ماڻهو مـِڙندا ويا. ”ڇيلا ڪنهن به نه ڇوڙيا، ٻڌڙا پين  نه کيرَ! باندياڻي.... سانگياڻي....قيدياڻي.....“ ڀيڻ وڏل جي ڇيلي اڱڻ ۾ اڃا تائين ٻڌل هئي. ٻڪري پرويان ٻاڪاري رهي هئي. کير جو ڪرمنڊل هٿ ۾ هو. چانهه چُلهه تي اُڀامي اُڀامي کير جي ڇنڊي جي آسري تي آخرڪار اُٿلي پئي. هو ميڙ ۾ گهڙي ويو. کير اوچتو اُڀام کاڌي. ٽهڪي ٽهڪي پيٽجي پيو. چُلهه ٿڌي ٿي. ردک سُرندي جو سوز پي وئي. ”آءٌ هت بند ۾ بندياڻي....“ لُڙڪن جي لارزنگيل زنجير وانگر سندس اکين مان ڪري پئي. هن ڳچيءَ تي هٿ ڦيريو. زنجير جا نشان اڃا تازا هئا. ”جيئري لاهه زنجير،مارو ملڪ ملير، آءٌ هـِت بند ۾ بندياڻي....نَوَ نير، ڏهه ڏانوڻيون، پندرهن پئد، بمغلَ ۾ بگهاڙيون، لڱين لوهه، منهنجو ملڪ ملير....“ ڇـِرڪ ڇـِنائين هيڪڙي، سڀ لوهه لهي ويا. سڀ سنج ڇڻي پيا. ڪيترائي سُرندي جي سوال تي ڪري پيا. ميڙ ۾ هو اڪيلو ته ڪو نه هو ڪنڌ ڪـِريل. مٿان مُهاين جا پيا نه ڏسين پَٽَ! ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي! ڪر منڊل ڇيلڙي وانگر ڇال ڏنو ۽ ڪرمنڊل جو ڪنڌ وڃي پيٽ پيو ۽ ڪڙو هٿ ۾ رهجي ويو.

هن جي هٿ موٽ کاڌي، ڪڙو الائي ڪيڏانهن ويو. ڪڙي جي جاءِ تي هٿ ۾ ڪـِلڪَ قلم هو ۽ پني تي هو پتو: ”منهنجو ملڪ ملير.“

اوچتو هڪ هٿ ڪار جي در تي چنبڙي پيو. هُن جي نگاهن ناسيندي ڏٺو ته هڪ هٿ نٻل، ڪمزور، گهنجيل ڪنهن ڍيريءَ وانگر، ريکاوئون ڊٺل قسمت وانگر. هڪ ڪراڙي مائي، ڏاهپ جي چمڪ اکين ۾، لٽا نه ميرا نه ڦاٽل، ڪلهاڪمزور ۽ چيلهه چٻي. هڪ گراهه تي گذران ڪندڙ ۽ ٻه ڦڙا پاڻي پيئندڙ اُساٽ اکيون، ٻهڪندڙ مُنهن، پر عجيب اطمينان اکين ۾ ۽ منجهن اوسيئڙو امن جو.

هن اڻڄاڻيءَ ۾ کيسي کان پڇيو ”تو وٽ ريپو آهي. هن فقيرياڻيءَ کي ڏيڻ لاءِ؟“

کيسي اکين کي ٻڌايو، ”هي هٿ هيٺان وارو هٿ ناهي. هي هٿ مٿانهون هٿ آهي. توکان مانيءَ ڳڀي جو نه، پرامن جو سوال ڪيو اٿائين.“

هٿ ڳالهايو. لفظ شهري ٻوليءَ ۾ ٻُريا. ”دنيا جي صدر کي چئه ته بمباري بند ڪرائي. ان راند سان اسان جو پاڻي سُڪي ويندو، هيٺ لهي ويندو، پاتال ۾ پيهي ويندو. سنڌو وري سائو نه ٿيندو، کيت ويران ۽ واريءَ جا دڙا ۽ برپٽ بيانان ٿي ويندا. شهر ڀڙڀانگ تي ويندا.“

هن مائيءَ ڏانهن ڏٺو.

۽ پوڙهي عورت هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو. هٿ در تان نه هٽيو، اڃا وڌيڪ در جي هئنڊل ۾ پختو ٿي ويو. هن جي اکين ۾ سوين سوال  هئا. هن اندر اوتڻ ٿي چاهيو. هيءَ چري فقيرياڻي هئي يا مست مائي! مٽي مائٽيءَ کان ويڳاڻي، دنيا تياڳيل، ميران ٻائيءَ جو من يا امن سُک ۽ سانت جي بيک پنندڙ بر ۾ بيکاري!

هن سوچيو، هن مائيءَ چري ٿي پنهنجو پاڻ سڃاتو آهي. چريائي ماڻهوءَ کان سر عام سڙڪ تي سچ چورائي ٿي. چريائي انسان کان دهليءَ جي سلطنت جو شان شوڪت، جاهه جلال، تاج محل ۽ حويليون ۽ لکنوءَ جي تهذيب وساري ٿي ڇڏي. اِها "V. S. Naipal" جي مڊل ڪلاس منهن تي سنئين سڌَي چماٽ آهي.

هن کي لڳو، ڄڻ ته نئين سر سينگاريل بيسنت هال جي ويرانين مان ٻاهرين لوهي گيٽ کي لڳل ٿلهو تالو ڏسي، امن جي پيامبرايني بيسنت جو بيچين روح ٿلهين سيخن وارو لوهي پڃرو ٽپي لهي آيو ۽ گاڏيءَ کي پنهنجي گهنجيل، ڪراڙي پر سگهاري هٿ سان بيهاري بيٺو هو ۽ اڄ پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ تي مجبور ڪري وڌو هئائين.

ايني بيسنت جي اکين مان آواز، اُڌما ۽ ارمان بڻجي اُڏامڻ لڳا، ڄڻ بيسنت هال جي چَوطرف لائوڊ اسپيڪر ۽ ميگافون فٽ ٿيل هئا. هن ڪنن تي هٿ ته رکيا، پر آواز ڪٿان اندران پئي آيو: ٻڌي ڇڏ ته هماليا هلي پوندو، وري ڪڏهن نه رجندو؛ برف جا پهاڙ ۽ گليشيئر لوڻ جا لَڪَ ۽ پاهڻ بڻجي پوندا؛ آبپار اُڏامي ويندا، سگهارو شينهن درياهه ”سنڌو“ وري ڪڏهن سائو نه ٿيندو، جنگ جا بادل ۽ بارود جا قهري ڪڪر، ميزائلن ۽ بمن سان دونهاٽيل ڪاري ڪارونڀار ۽ قهري ڪروڌ سبب، بارود جو وڏو وسڪارو ٿيندو. بارود جي برسات ۽ ڳڙو وسائيندو. وڏي وڄ ڪرندي ۽ باهه وسندي، ڌرتي سڙي رک ٿي ويندي. پکي پکڻ، مور چڪور، ڪانگ، ڪبوتر، ڳيرا، ڪويل ۽ ڪوڪ ۽ اُونچي اُڏار وارا بابيل فنا ٿي ويندا. ويندا وڻ ٻري، اوڀڙ اُڀرندي ڪينڪي. ڌرتيءَ تي انسان ته ڇا پروحشي جيوت جو نشسان به نه رهندو. آسمان ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو ۽ اُڀ مان پاهڻ وسندو. وڏو واڪو ٿيندو، ڌرتي ڌُڏندي، عادَ ۽ ثمودَ جون تباهه ٿيل قومون قبرن مان اُٿي ڊڪنديون. وڏو گهمسان ٿيندو. رڻ گجندو، راڙو ٿيندو. خلق لتاڙبي،  يا جوج ۽ ماجوج ڀتيون ٽپي ايندا. ديوار چين ۽ رني ڪوٽ هڪٻئي مٿان ڍير ٿي ويندا، اوڏڪين ڀتين جيان ڊهي پوندا. موهن جو دڙو دٻجي ويندو، پاتاَل ۾ پيهي ويندو. مصر جا اهرام ايشيا ڏانهن رِڙهڻ شروع ڪندا. هامان ۽ فرعون اهرامن کان اُٿي ڀڄندا. ڪلهوڙن جي قلعن مان جيئرا لاش نڪري ڀڄندا. يوناني ۽ رُومي سلطنت جا قديم آثار ۽ اُهڃاڻ ڀڄي ڀور ٿيندا، پرزا پرزا ٿي ويندا. سڄي انساني تاريخ ميسار جي ويندي. تاج محل ٽٽي پوندو. ٺٽي ۽ مڪليءَ جا قبا ڪري پوندا. دهليءَ جو قطب مينار ۽ مير معصوم جومنارو نيزن تي ٽنگيل  سـِسين وانگر ڍرڪي پوندا. سمر قند، بلغ بخارا ۽ ڪابل ۽ قنڌار ڪاوڙ ۽ ڪروڌ تان قربان ٿي ويندا. سڪندر اعظم جا سـِڱ ڪلياڻيءَ جي شمشان ڀوميءَ تي ٽنگيل ملندا. اسپارٽا ۽ ٽئڪسيلا هڪٻئي جي ويجهو ٿي ويندا. فاصلا گهٽجي ويندا. پهاڙ ڪپهه جي پوڻين وانگر ڦوڪ سان اُڏامڻ لڳندا. ناگاساڪي ۽ هيرو شيما جي تباهيءَ جا آثار ساڌ ٻيلي ۽ بکر جي زنده پير وارن ٻيٽن جهڙو ڏيک ڏيندا.

شاهجان، دارا شڪوره ۽ اورنگزيب، حضرت ميان مير ۽ سرمد جي سامهون هوندا. دنيا شمشان ڀومي زمين- زمان ۽ مڪان سڀ فنا ٿي ويندا. عمارتون ۽ اَمارتون پٽ پونديون، بادشاهيون برباد ٿي وينديون. ٻئي جهان رُلي ويندا ۽ ايشيا مساڻ بنجي پوندو. ڌرتيءَ جو پيٽ ڦاٽي پوندو ۽ اُها پنهنجي اندر جو سمورو بار اوڳاڇي ٻاهر ڪڍندي. انسانيت سان آزارد، ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر وهي هلندو ۽ سڀڪجهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو. شيهو پيٽبو، ظلم رجي ريلا ٿيندو. جيئري پوريل نينگريون ۽ ڪاريون ڪيل نياڻيون زمين ڦاڙي رڙين سان ٻاهر نڪري اينديون ۽ پنهنجي جيئري پورجڻ جو سبب پڇنديون . ڌڍُڪين جا حمل ڇڻي پوندا ۽ مينهون ۽ ٻڪريون، وڇين ۽  ڇيلين کان ٿڻ ڇڏائي ڀڄي نڪرنديون. بارود جو گولو سج وانگر ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو. چنڊ تارا ۽ ڪتيون ٽمڪندڙ مشعلن ۽ ميڻ بتين وانگر وسامي ويندا. اوندهه جي خوف ۾ نڪتل ڪروڙين ڪيهون  اُڀ ۽ عرش ڏاري وجهنديون. ماڻهو مٿن ڀر هلڻ لڳندا. انسانيت رڙيون ڪري روڊن تي نڪري پوندي ۽ انساني ڪلوننگ جو ڀوت دماغن مان نڪري ويندو. ناسٽراڊيمس جو ڪشف سچو ٿيندو ۽ خواب ۽ خيال جو فرق مٽجي ويندو. ڪمپيوٽرن جا دماغ ڦاٽي پوندا. اسڪاءِ ليب،خَلائي شٽلون ۽ سيٽلائٽوون روبوٽن جي پيرن هيٺان لتاڙبيون.

بيسنت جو روح واڪا ڪندو رهيو حيدرآباد جي حال تي، ڄڻ ڳوڙها ڳاڙري چوندو هجي ته منهنجو هال بلڊرز مافيا جي اُنهن ادارن کان الائي ڪيئن بچي ويو، جن قبرن مٿان اڏيل ڪوهه نور ۽ وينس سئنيما صدر جي رونق چاندني سئنيما ۽ ماڻهن کا ملڪ جي ڀَٽن، ڀاڻن، واهڻن، وسندين، دُٻن، ديرن، ٿرن برن، ڪينجهر، ڪراڙ، ڪارونجهر ۽ ڪشمور، مڪلي، منارن، قبرن، قبن، قلعن، ڪوٽن، ٽنڊن ۽ پورن، پوٺن، سمن، سومرن، ڪلهوڙن، ميرن، ارغونن، ترخانن، ساڌن، ٻُڌن، جوڳين، سامين، ڪڇين، ڪوهستانين، اُترادين، لاڙين، سامونڊين ۽ سيلانين، سانگين، مارن، لطيف، شاهه ڪريم، شاهه عنايت، مخدوم بلاول، لنواري لعل، قلندر شهباز ۽ سچل سرڪار، حرن ۽ هارين، ڪولهين ۽ ماڇين، ڀيلن، ڀانن ۽ سوڍن ۽ سانورن کان سندن سواري ۽ اچ وڃ ۽ رسد جارستا ۽ سواريءَ جي سهولت بس اسٽان کسي ورتي هئي ۽ شهر جي سڃاڻ ۽ سونهن، سُهڻين، سيبتين ۽ عاليشان عمارتن جي جاءِ تي ڪنن، ڪوجهن ۽ ديوَ جهڙن اُڀن ۽ ڀوائتن فيلٽن کي نهايت بي ڊولَائيءَ سان بيهاري ڇڏيو هو. هاڻ ته بامبي بيڪري جو به خير گهرون! شهر نيلام ٿي رهيو آهي. جتان  تازو ڪيڪن جي کٿوري خوشبوءَ جو هڳاءُ ايندو هو، اُتان هاڻي فيلٽن جي نيسارن مان اگزاٽڪ عطر (Exotic Scent) جا شاندار ڦوهارا ماڻهن کي معطر ڪندا!

هن هڪ وار وري ويچاريو منهن ڪري مائيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ اُنهن آوازن ۽ صدائن تان سر صدقي ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳو. هٿ اڳڀرو آيو. ”خط لک، دير نه ڪر!“ هن ڪنڌ  ڌوڻي هاڪار ڪئي.

”توکي نٿي چوان! توکي ٿي چوان!“ هن اَبهم ٻار کي اکين ۾ گهوريندي چيو، ”تون خدا کي خط لک! هو ٻارن جي ٻُڌندو آهي. فرشتن کي وڏي سگهه آهي. هو ڪڙڪو  ڪندا ۽ پر ڦهلائيندا ته بم بند ٿيندا.“

هٿ هٽي ويو ۽ آواز ڀنڀوريءَ وانگر ڪنن ۾ ڀُون ڀُون ڪندو رهيو.

هن اَبهم ٻار ڏانهن ڏٺو. اُن جي اکين ۾ ڏٺائين: سوين سوال ۽ سنيها، اَنيڪ انديشا ۽ لکين ليک مستقبل تي مُرڪندڙ معصوم مُرڪ، خوشين جا خرار، ڪروڙين ڪايائون ۽ اڻڳڻيون آسون ۽ آشائون.

هن پستول گهريو، ”بابا! مون کي پستول کپي.“

”مان پاڻيءَ  وارو پستول وٺي ڏيندو سانءِ.“

”نه! سچو، گولين وارو.“ ابهم آکيو.

پوئين سـِيٽ تي ويٺل ننڍڙي ڇوڪري ڇرڪي پئي ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳي ۽ سڏڪن ۾ ٻُڏي وئي. وڏيءَ جي ويڪرين اکين ۾ اچرج اوتجي آيو. هن سوچيو: سياڻابي سُڌ ۽ چُپ ۽ چريا ڳالهائين ٿا. هن چيو، ” بابا جلدي گهر هلو! منهنجو ساهه ٿو مُنجهي.“ هن ڏٺا ڊگهن مٿن وارا راڪاس رستن تي واڪا ڪندي.

 ڪار ڌِڏڪو کائي اڳتي وڌي، زندگي امن جي ڳولا ۾ سڙڪن تي ڊوڙڻ لڳي.

۽ بيسنت جو روح چريءَ جي روپ ۾ هنن جو پيڇو ڪندو رهيو ۽ ساڻن پڀاڇي وانگر گڏ گڏ هلڻ لڳو.


 

چار ڪهاڻڙيون

منظور جوکيو

دل تي ڪـِريل ڳڙا

رُلي رُلي موٽيو آ. ڪمري ۾ گهڙڻ سان ئي جسم تي هڪ  نئون بار محسوس ٿيڻ لڳو اٿس. هن سڀ کان پهريائين برسات ۾ آلا ٿي ويل ڪپڙا  لاهڻ چاهيا. ڪپڙا لاهي اُڇلائيندو ويو. قميص لاهي اُڇلايائين پلنگ جي پاسي ڏي. قميص جي کيسي ۾ رکيل ريزو ڇڻ ڇڻ ڪري هيٺ فرش تي ڪري پيو. هلڪي غور سان هن اُها ڇڻ ڇڻ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هڪ عجيب رڌم هو.هن  سوچيو ته جسم تان ٿوري آلاٽ گهٽ ٿئي ته ٻيا سُڪل ڪپڙا پايان. اهو سوچي هو اجايو سجايو دريءَ جي ڀرسان بيهي رهيو. ٻاهر اڃا بُوندن بس نه ڪئي هئي. اونداهه ٻاهر وايو منڊل تي ڇانئي پئي هئي. رکي رکي وِڄ چمڪو ٿي ڏنو، جنهن جي ڪري هن بيٺي بيٺي دريءَ مان هيٺ ڪجهه شيون ڏسي ٿي ورتيون. وڄ جي چمڪڻ سان ئي هن جي اکين ۾ چمڪ ٻئي پيدا ٿي. هڪ زوردار ٺڪاءُ سان وڄ چمڪي ته هن کان سيءَ جي ڪري يا اوچتي ٺڪاءَ جي ڪري ڌُرڙي نڪري وئي. ٻاهران ٿڌي هوا اندر گهلجي آئي. جيئن ئي ٿڌي هوا سندس آلي جسم سان ٽڪرائي ته هن جي جسم ۾ هلڪي ڪنبڻي پيدا ٿي. هلڪو ڪنبندي ڪنبندي هن ٿڌو ساهه ڀريو. سندس ساهن ۾ برسات سبب آلي ٿيل مٽيءَ جيو خوشبو ملي سلي وئي. هو دريءَ کان پوئتي هٽيو ڇو ته هن هاڻي هلڪي ٿڌ کان بچڻ لاءِ سڪل ڪپڙا پائڻ پئي چاهيا.

ڪپڙا پائي خاموش ٿي بيهي رهيو. خشڪ قميص سندس آلي جسم سان چهٽي پئي. هن ڪجهه ڪرڻ  پئي چاهيو. ”ڇا ڪريان؟“ هن پاڻ کان پڇيو ۽ دريءَ کان ٻباهر اجايو سجايو نهاريو، جتي برسات جون بوندون اونداهه کي چيريندي زمين تي ڪـِري رهيون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڄ چمڪڻ تي بوندون ڪنهن پالش ٿيل موتيءَ جيان پئي جرڪيون. هن کي موسم جي خوبصورت هجڻ جو احساس ٿيو، پر سندس اندر ۾ دل جي گهراين ۾ ڪي ٻرندڙ جبل دُکي رهيا هئا، يا من اندر  جي سانتيڪن پٽن تي وڄون ڪڙڪي ڪـِري رهيون هيون. لاڳيتي اوجاڳي سبب سندس مٿو ڦاٽڻ وارو هو. مٿي کي هلڪو دٻائي ٿو، پر سُور نه ٿو گهٽجيس. سوچي ٿو ته مٿي کي ڀت تي هڻي پنهنجو مٿو ڦاڙي رکي ۽ سندس ميڄالو ڪنهن هنداڻي جي، مٿان کان پٽ تي ڪـِرڻ کان پوءِ اُنهيءَ هنداڻي جي ڳاڙهي ڳَرُ جيان ٽڙي پکڙ جي وڃي. سوفيءَ جو ڏنل ٽينشن ياد آيس.

”سوفي! ڇا تنهنجي مون کان نفرت جي اِها انتها ناهي ته تون مون کي پاڻ سان گڏ کائڻ ۽ پيئڻ ۾ شريڪ ئي نه ڪرين.“ هلڪي ڌنڌ ۾ سوفيءَ جو چٽو پٽو عڪس محسوس ٿيو من اندر ۾. سوفيءَ جو خيال ايندي ئي هن سوچيو آهي ڪجهه لکڻ جو، اڳتي وڌي ڪٻٽ مان ڊائري ٿو ڪڍي ۽پين کڻي لکڻ ٿو ويهي.

سندس ماءُ ڪمري ۾ هلي آئي آ. هن محسوس ڪري ورتو ته ڪوئي آيو آ. لکڻ جو بند ڪري ڪري ڪنڌ مٿي ٿو کڻي.

”ڇا ٿو لکين؟“ ماءُ سوال ڪيس.

”بس ائين ئي....“ هن بنان سوچي سمجهي مختصر جواب ڏنو.

”انهيءَ ڊائريءَ  ۾ روز ڇا ويهي لکندو آن....؟“ هن جي ماءُ ڊائريءَ ڏانهن اشارو ڪيو. هو چُپ چاپ ائين ئي ماءُ کي گهوريندو رهيو. ماءُ  ڪو جواب نه ٻڌي پاڻ ئي پنهنجي پڇيل سوا جو جواب ڏنس: ”جيڪو ڪجهه سڄي ڏينهن ۾ ڪم ڪندو آن، اُهو لکندو آن نه....“

”ها....“ هن مڙيئي چيو.

”اڄ ته ڪو اهڙو خاص ڪم ڪو نه ڪيو اٿئي.....اڌ ڏينهن ته سمهيو پيو هئين....“ هن مرڪي ماءُ ڏي ڏٺو......هن سوچيو ماءُ کي جيڪر چئي ته ’امان! ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه نه ڪندي به ماڻهو الاءِ ڇا ڇا ڪري ويهندو آ من اندر ۾....ماڻهو الائي ڪهڙي جدوجهد ڪندوآ....ماڻهو چپ چاپ ائين ئي، دل ۾ الائي ڇا ڇا ڀوڳي ويندو آ...۽ تون ٿي چئين ته مان ڪجهه به نه ڪيو آ....‘

ٻاهر مينهن ۾ شدت اچي وئي....هو اُٿيو ۽ در کولي گئلريءَ ۾ هليو ويو. ٻاهر مينهن جي ڦڙن سان گڏ هاڻي ڳڙا به وسڻ لڳا.....هن محسوس ڪيو ڄڻ ڳڙا سندس دل تٿي وسيندا هجن، سوفيءَ جي جدائيءَ ۾....

*   *    *    *     *    *

One Man Show

•”هيءَ ريل جي پٽڙي قنبرن کان  جيڪب آباد ويندي آهي.“

•”نه نه...اسين ٻي لائين کان آيا هئاسين، اُها هيءَ پٽڙي ناهي.“

•”سامهون کٻي هٿ تي پاسي ۾ سي ايم سيءَ جون هاساٽلون آهن…“

•”ها توکي ٻڌايو نه، ته هتان جا ڪي رستا ڏاڍا خراب آهن ته ڪي ڏاڍا سٺا آهن…“

•”اسان کي ياد ته آهستي هلڻ گهرجي يا تمام تيز، ڇو ته سينيمان مان ماڻهو ڪافي نڪتا آهن…رش ۾ دل تي بار محسوس ٿئي ٿو.“

•”مون کي به اها رش ناهي وڻندي…“

•”ها هر ڪوئي فلم جون ڳالهيون ڪندو پيو وڃي…“

•”اسان کي به مڙيئي ڳالهائڻ گهرجي…“

•”ها فلم ايڏي ويل به نه هئي…بس جمعي هجڻ ڪري رش هئس، هلڪي سلڪي وندر ٿي ويئي…“

•”ها جيڪڏهن سينيما جا در نه کولين ها ته فلم هلندي ڏاڍا گرمي ٿئي ها…هونئن به آخري شو تي هر سينيما جا درکولي ڇڏيندا آهن…“

•”هيءَ سينيما ٻين سينيمائن کان نئين آهي…هاڻي ٿورو گهڻو فرنش ڪيو اٿن. مان جڏهن هتي هوندو هوس نه، ته ڏاڍيون فلمون ڏسندو هوس…هفتي ۾ هڪ فلم ضرور ڏسندو هوس…سا به ميٽني شو ۾…“

•”نه ابا، اونهاري ۾ اصل گرميءَ جو احساس ئي نه ٿيندو هو.“

•”اسان جي کاٻي هٿ تي هتان جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج آهي…“

•”توکي ڪاليج ئي نه ٿي لڳي…“

•”ها لوڪيشن ڪجهه اهڙي اٿس…“

•”هي روڊ ننڍي لاءِ کان مان اهڙي زبون حالت ۾ ڏسندو ٿو اچان…جيتوڻيڪ هتي زبردست قسم  جون اسٽوڊنٽ يونين ۽ پارٽيون آهن…پر اُهي رڳو ڀڃ ڊاهه ۽ بائيڪاٽن لاءِ آهن…باقي هن روڊ ٺهرئڻ لاءِ ڪڏهن به نه سوچيو اٿن…“

•”پريان کان رڪشا جو آواز اچي رهيو آهي. لڳي ٿو ته اها اسان ڏانهن اچي رهي آهي…خالي هجي ته چڙهونس ٿا…“

•”ها واقعي، مان پڻ ائين  ٿو چاهيان…مان پنهنجي اصلي شهر کي ڏسڻ ۽ اُن کي ڇُهڻ ٿو چاهيان…ڇو ته هتي منهنجو ننڍپڻ ڪٿي گم ٿي ويو آهيي…يا کسجي ويو آهي. مان چاهيان ٿو ته اڄ هتي مان خوب گهمان، رُلان ۽ پيدل هلندو رهان.“

•”ها هي رستو واقعي سٺو آ…اسان جي کاٻي هٿ تي هتان  جو مشهور هوٽل سمبارا اِن آهي. اُهو هوٽل ۽ هي روڊ جيڪو ”المرتضيٰ“ تائين سٺي ڪنڊيشن ۾ آهي…زيڊ اي ڀٽي جي دَور ۾ ٺهيو هو. زيڊ اي ڀٽي جي هن شهر سان ڪا لئون لڳل هئي…ماڻهو چوندا آهن ته جيڪڏهن هو ڪجهه وقت اڃا حڪومت ڪري ها ته هن شهر کي پئرس بڻائي ڇڏي ها.“

خاموشي چند لمحن جي.

ٿڌو ساهه.

•”منهنجون ڪيتريون خوبصورت يادون هن سمبارا اِن سان سلهاڙيل آهن. اسان جي هڪ ادبي سنگت هوندي هئي، اُن جا پروگرام اسان دوست گڏجي هتي ڪندا هئاسين…“

•”اُنهيءَ دَور ۾ اسان اڃا ننڍا هوندا هئاسين…“

•”تون بور ته نه پيو ٿين؟“

•”ڇا واقعي مان ڳالهائيندو هلان. سچ پچ توکي منهنجو ائين ڳالهائڻ وڻي ٿو…“

•”چڱو مان توکي پنهنجي ۽ هن شهر جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايان ٿو. هن روڊ تي مان سائيڪل ڀڄائيندي وڏو ٿيو آهيان. توکي اڳ ۾ به ٻڌايو هوم ته مان ننڍپڻ ۾ سائيڪل گهڻي هلائيندو هوس ۽ لغڙ جام اُڏائيندو هوس. رُليوڏاڍو آهيان، ۽ ريڊيو به ڏاڍو ٻڌو اٿم.“

•”ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي سائيڪل هلائڻ جي…مان شام جو روز هتي سائيڪل ڊوڙائيندو وتندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن منجهند جو، جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي سمهيا پيا هوندا هئا ته هتي هليو ايندو هوس. مان اسڪول به هن ئي روڊ تان سائيڪل تي ويندو هوس…پر ڪافي ڏينهن، بلڪ سالن کان مون سائيڪل ناهي هلائي..“

•”اسان هاڻي پائلٽ اسڪول جي اڳيان هلي رهيا آهيون. مان هن اسڪول ۾ پڙهيو آهيان، پنهنجي ٽن سالن  جون يادون هن اسڪول سان ڳنڍيل آهن. مان هن  اسڪول ۾ ڪيترائي دوست حاصل ڪيا ۽ ڪيترائي وڃايا…“

•”ها اُهو دوست به هتي ته ئي مليو هو…“

•”توکي اُنهيءَ سان اُنهيءَ ڪري نه ملايو آهي ۽ نه ئي هن جو گهر ڏيکاريو آهي جو ڪجهه ڏينهن کان هن سان اڻبڻت تي پيئي آهي…“

•”ڳالهه اِها هئي جو هن منهنجي ڪنهن ڳالهه تان بيعزتي ڪئي هئي ۽ پوءِ مون به کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو…۽ بس پوءِ دوستي ختم ٿي ويئي…“

•”اسان جي سامهون سوئيڪارنو ميموريل آهي، جيڪو پڻ مسٽر ڀٽي جي دَور ۾ ٺهيو هو ۽ اُنهيءَ تي ٽرپل پي جا واضح ٽي اکر ٺهيا پيا آهن…اسان جي ساڄي هٿ تي المرتضيٰ آهي.“

•”اسان اُنهيءَ ۾ اندر نه ٿا وڃي سگهون، خاص ڪري آڌي رات جي هن وقت تي…“

•”واقعي بک لڳي آهي، هاڻي اسان کي رڪشا پڪڙي هلي هوٽل تي ماني کائڻ گهرجي…“

*     *    *    *   *    *

کڄيل پيرن جي دز

هيلٿ سينٽرجي ڏاڪڻ تان پنهنجي نازڪ سينڊل ۾ پيل نبرم پيرن کي کڻندي هوءَ هيٺ لٿي. مان سينو ڪڍي سندس اڳيان بيهير رهيس. منهنجي نظر سامهون سندس اکين ۾ هئي. منهنجي نظر ۾ ايتري ته شدت هئي جو لڳم ته هوءَ ٻه اڌ ٿي پوندي يا وري ٿاٻو کائي ڪـِري  پوندي. هن جون نظرون هيٺ ئي هيون. هن ڊڄي ڊڄي نظرون مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کڻي نه سگهي. هيڏي هوڏي ڏسڻ کان پوءِ مون ڏي واجهائڻ کان سواءِ هن وري اکيون  هيٺ ڪري ڇڏيون. ويجهو  اچڻ تي مون کان ائين پاسوڪري لنگهي  ڄڻ سندس اڳيان ڪا وڏي رُڪاوٽ يا وري ڪو وڻ اچي ويو هجي. سوچيم ”نظر نه پئي هوندس مون تي…“ پر وري خيال آيو ته جڏهن هوءَ اڃا هيٺ ڏاڪڻ  تائين نه پهتي هئي، جڏهن هوءَ اڃا هيلٿ سينٽر جي ڪاريڊور مان اچي رهي هئي تڏهن هن جي نظر مون تي چڱي ريت پيئي هئي. ڀلا اها به ڳالهه آهي جو ڪوئي آڏو اچي رستي ۾ بيهي رهي ۽ ماڻهوءَ جي نظر نه پئي اُن تي…

وري سندس پويان وڃڻ لڳس…هوءَ ٿورو اڳتي وڌي چُڪي هئي. ڀرسان وڃي ڳيت ڏئي نڙيءَ کي ٿورو صاف ڪري، سنجيده ٿي چيو مانس، ”سوفي! مان تو ڏي آيو آهيان…“ ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين. دل  چيو پويان  وارن کان سَٽ ڏئي ڪنڌ پوئتي ڪري، اکين ۾  اکيون ملائي کيس چوان، ”سوفي مان توڏي آيو آهيان…“ هن جي اُهائي بير رُخيءَ واري چال.

وري ٿورڙو نڙيءَ کي صاف ڪري چيم، ”سوفي مان توسان ملڻ آيو آهيان…“

هن وري لنوائي ڇڏيو، ڄڻ هو اهو محسوس ئي نه ڪيو هجي ته ڪو هن جي پويان  پيو اچي. هنيانءُ ڀرجي آيو. دل چيو اتي ئي بيهي رهان، پر محسوس ڪيم ته ٽنگون شايد منهنجو بار برداشت ڪري نه سگهن. وري همت ڪري اڳتي وڌيسم روئڻهار ڪي آواز ۾ الائي ڪيئن ڏاڍيان رڙ ڪري وڌم ”سوفي…!“

سوچيم، رڙ ڪرڻ سان آسمان ٽڪر ٿي ويو هوندو ۽ زمين ڌڏي هوندي…پر ڪجهه به نه ٿيو هو.

”خواهه مخواهه نه پاڻ کي ڏٺو ڪر ۽ نه ٻين کي بي عزتو…موٽي وڃ…“ هن بنان پوئتي ڏسڻ جي چيو. منهنجي ساهه جو سلَو ڄڻ سُڪندو ٿي ويو.

”مان نه ويندس…“ وري دل جهلي ڳالهايم.

هوءَ بيهي رهي، مان به بيهي رهيس. چتائي ڏٺائين. منهنجي اکين ۾، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي منهنجي اکين ۾ ڳوليندي هجي يا درد جي شدتر محسوس ڪندي هجي.

”چڱو ڀلا مان بيهي رهان ٿي، تون اڳتي نڪري وڃ.  مهرباني ڪري منهنجي ڪڍ نه اچ، ماڻهو ڇا چوندا.“

”ڌرتي ۽ چنڊ گڏ گڏ هلندا آهن. جيڪڏهن اُهي بيٺا به ته  گڏ ئي بيهندا…“ مون کان ازخود وات مان جملو نڪري ويو…

”ڏس عزت سان هليو وڃ، نه ته مان توکي بي عزتو به ڪرائي سگهان ٿي…“ هن جي لفظن ۾ ڪوڙاڻ ڀريل نفرت هئي..

”ڌمڪيون نه ڏي، مان ڌمڪين کان نه ٿو ڊڄان…“

”آخر تون چاهين ڇا ٿو؟“ هن ٿورو نرم ٿي چيو.

اهوئي ته تون مون کي پنهنجي مرضيءَ سان ڇڏي ڏنو آ، ماڻهن جي ٻڌل ڪوڙين ڳالهين  جي ڪري نه“… ۽ پريان کان ماڻهو ايندا ڏسي هن هلڻ شروع ڪيو. مان به ساڻس گڏ هلڻ شروع ڪيو.

”تون وري ڪهڙو ٺيڪ ٺاڪ آهين…تون عادي ٿي ويو آهين، اهڙين ڳالهين جو…“

”ائين نه چئه سوفي… ائين نه چئه.. تون ته ائين نه چئه… مان مري ٿو وڃان تنهنجي انهن لفظن  جي چوڻ سان… توکي اسان جي زندگيءَ جي تاريخ سفاڪ ۽ بي رحم سڏيندي…“

”چڱو هاڻي گهڻو نه ڳالهاءِ، تو وٽ رکيوي ڇا هي ڳالهين کان سواءِ…“

”مان مري ويندس سوفي ...“

”تون ڪونه مرندين…تون مون کي بدنام ڪندين نه ڪهاڻيون لکي… سو تون ڀلي ڪجان، پر هاڻي مهرباني ڪري منهنجو پيڇو ڇڏي ڏي…مان هونئن به توسان ڪو رشتو ڪٿي قائم ڪيو هو…مان ته توکي سمجهڻ پئي چاهيو…مان ته شروع  کان ئي توکان نفرت ڪندي هئس…“ اهي لفظ پگهريل  شيهي وانگر منهنجي ڪنن ۾ اوتجي ويا. پير بيهجي ويا. سڄو جسم ڄڻ ڌرتيءَ تي بيٺل هڪ بي جان شيءِ ۾ تبديل ٿي ويو…سامهون سوفي وڃي رهي هئي. وڃي ڇا رهي هئي ڄڻ منهنجي زندگيءَ جي مدار مان نڪتي وڃي رهي هئي…جنهن جي ثابتي هن جي کڄيل پيرن جي اُٿيل دز ڏئي رهي هئي…

*    *     *     *     *      *

ٻه ڊائلاگ

•”ڇا چيئي، مان توکي ٻين کان الڳ ٿلڳ لڳندو آهيان اهڙي ته ڪا خاص ڳالهه ڪانهي مون ۾.“

*خاموشي

•”ڏس سامهون واري کڙڪي بند ڪري ڇڏ…ٿڌي هوا اندر ڌوڪيندي پئي اچي…چيريندي ڦاڙيندي دل تائين ٿي پهچي وڃي ڄڻ…“

*..........................

•”ها، هاڻي ٺيڪ آهي، ٻُڌ هڙئي همراهه سمهي پيا ڇا؟“

*”ها همراهه ٿڪجي پيا هئا…سو سمهي پيا.“

•”معنيٰ ته اڄ ڪچهري نه لڳندي…“

*”نه…“

•”ڀلا هيئن ڪر، جو ڪافي ۽ کير رکيو آهي…مان چاهيان ٿو ته گرم گرم ڪا ڪافي پيئجي …تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

*سٺي ڳالهه آهي…مان پاڻ ٿڌ کان ڪجهه بچڻ پيو چاهيان.“

•-ساهي-

•”يار! تون ڪافي ڏاڍي سٺي ٿو ٺاهين…“

*“بس يار…“

•”هتي ٿڌ ۾ ڪافي پيئڻ جو مزوئي ڪجهه ٻيو آهي…ڀلا ٻڌاءِ تو اڄ ڇا ورتو…مال روڊ تان…“

*”مان ڪجهه نه ورتو…“

•”ڇو؟“

*”منهنجو خيال آهي ته مان باڙا مان خريداري ڪندس.“

•”معنيٰ ته ڊگهي شاهي خريداري ڪرڻ جو خيال آهي…“

*”نته نه! ايڏڌي وڏي خريداري به نه ڪبي…ها تون ٻڌاءِ توڇا ورتو…“

•”مان صرف ڪيسيو جو 70-MT ڪـِي-بورڊ ورتو.“

*”.........“

•”ٻڌ، هي خالي مگ ٽيبل کان کڻي ٿورو پاسي تي رک، مان ئي ڌوئي ڇڏيندس…اسان جلدي هڪٻئي سان فري ٿي ويا آهيون.“

*”ٿيڻ به گهرجي…هونئن به مان توکي چيو نه ته تون الڳ ٿلڳ شخصيت جومالڪ آهين…“

ٽهڪ…ٻٽو ٽهڪ.

*”تو شايد پيسا جام آندا آهن…“

•”ڇو......؟“

*”انهيءَ ڪري جو تو ايترو مهانگو ڪـِي-بورڊ اڄ ئي خريد ڪري ورتو آهي…“

•”نه-پئسا ته جام ڪونهن، بس شوق پورو ڪرڻو هو…هاڻي صرف ايتراو پيسا وڃي بچيا آهن، جو اُنهن مان ٽوئر جي ٽرپ جا ڏينهن سٺي نموني سان گذري سگهندا. سواءِ ڪنهن فالٽو شاپنگ جي.“

*”هونئن توکي افورڊ ڪير ڪندو آهي…؟“

هلڪو ٽهڪ.

•”مان پنهنجو پاڻ کي افورڊ ڪندو آهيان.“

وري ٽهڪ.

*”اهو وري ڪيئن؟“

•”اهو ائين جو مان هڪ ميوزيڪل گروپ ۾ گٽار پليئر آهيان. هفتي ۾ مڙئي هڪ ٻه پروگرام ٿي ويندا آهن، جن  مان منهنجو وقت مزي سان گذري ويندو آهي…بلڪه ڪجهه بچي به ويندو آهي، جيڪي رکندو ويندو آهيان، هونئن به مان مئٽرڪ کان پوءِ گهران  پيسا وٺڻ گهڻو ڪري ڇڏي ڏنا هئا. شروع ۾ يعني انٽر ميڊيٽ وارن ڏينهن ۾ هلڪي سلڪي پارٽ ٽائيم  جاب ڪندو هوس. اڄڪلهه صرف ميوزڪ سان واسطو آهي، جنهن مان منهنجي سُٺي آمدني ٿي ويندي آهي…“

*”اڇا ته اها ڳالهه آهي…What a wonderful. تون يونيوسٽيءَ ۾ ته ڪنهن وڏيري جو پٽ لڳندو آن، پر تو سان ته ڳالهه ئي ٻي آهي…“

”ڪليمنجارو  جي برف ۽ ٻيون ڪهاڻيون

سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي ساهت کي عالمي ادب جي علمي شاهڪارن سان مالامال ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جو تازو شايع ڪيل ڪتاب، جنهن جو ترجمو رشيد ڀٽي ۽ علي بخش ميمڻ جو ڪيل آهي.

صفحا 176، سائيز ڊيمي، قيمت /130:

ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر  تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ

(فون نمبر: 633679)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com