هيم ڪوٽ/ جهم ڪوٽ
اشتياق انصاري
سنڌ جو ڏاکڻيون علائقو ”لاڙ“ تاريخ جي هر دَور ۾
اهميت وارو رهيو آهي. صدين کان وٺي هي خطو سامونڊي
ساحل ۽ دريائي ڇوڙ جي ڪري بندرن ۽ پتڻن جي حوالي
سان جڳ ۾ سڃاتو ويندو هو. اُنهن مصروف بندرن تي
ڏيساور کان ڪيترائي دُنگ جهاز اچي پڳهه پائيندا
هئا. غورابن جي پڳهه پائڻ ۽ ڇوڙڻ ڪري، هن پڇاڙواري
علائقي ۾ واپارين جي اَچ وڃ ۽ پيسي جي ڏيتي ليتي
هوندي هئي. هتان جا ماڻهو آسودا هئا ۽ سندن
خوبصورت شهر ۽ سينگاريل حويليون ملڪان ملڪ مشهور
هيون. جيئن ايڇ. ٽي سورلي لکي ٿو ته. ”لاڙ جو
حصوپنهنجي شاهوڪار بندرن جي ڪري واپار جو مرڪز
هو.“ [1]
”اُنهن بندرن تان هر قسم جون شيون، سوٽي ڪپڙو،
ريشمي لونگيون، سوسيون ۽ چمڙي جو سامان
ڏيساور-ايشيا، آفريڪا، پورچوگال- ڏانهن موڪليو
ويندو هو.“ [2]
”لاڙ- جتي بدين، ڀنڀور، ٺٽو، اگهاماڻو، ليلان جو
لـِهور،نوري ڄام تماچي جو آستان، روپاماڙي، علي
بندر، ڪيٽي بندر، اورنگا بندر، سنڍو بندر ۽ ديبل
جهڙا عظيم بندر اچي وڃن ٿا.“ [3]
سنڌي جي اُن ڇوڙواري علائقي جي خوشحالي ڏسي، اُتي
هميشه عالمي دهشتگرد ۽ قزاق ڪاهيندا رهيا آهن، جن
۾ يونانين، عربن، پورچوگيزن ۽ انگريزن جون لوڌون
شامل آهن. هتان جي لوڪن اُنهن يلغارن کان بچڻ
لاءِ پنهنجي بندرن ۽ ساحلي شهرن ۽ گذر گاهن جي
حفاطت لاءِ عالم پناهون، ڪوٽ ۽ قلعا اَڏيا.
”قدرتي عنصر هوا، پاڻي ۽ مٽي جتي هڪڙن بندرن جي
تباهي جو ڪارڻ بڻيا، اُتي اُنهن نوان بندر پيدا
ڪيا. اسان جي سنڌ جا ڪافي بندر اڳئين زماني ۾
واپار لاءِ کليل هئا. اُنهن تي مضبوط ڪوٽ ۽ مشهور
شهر اَڏيل هئا. تن مان ڪافي وقت جي نذر ٿيڻ ڪري،
سندن تاريخ ۾ نالو وڃي بچيو آهي. هن وقت سندن جاءِ
وقوع جو پتو به مشڪل آهي.“ [4]
تنهن هوندي اڄ به تاريخ ۾ اسان کي اُن علائقي ۾
واقع ڪيترن ئي ڪوٽن ۽ بندرن جو ذڪر ملي ٿو، جيئن
ديبل، اونگر، جاڪي بندر، لاهري بندر، ملاڪي ڪوٽ،
ڪراچي ڪوٽ، منوڙا ڪوٽ، رتوڪوٽ. ايتريقدر جو ٺٽي جي
چئن ڪوٽن کان سواءِ اُن جي آسپاس ڪيترن ڪوٽن جا
اهڃاڻ ملن ٿا، جيئن ڪَلان ڪوٽ. ڪافر ڪوٽ، جسودن جو
ڪوٽ، مير گلي جو ڪوٽ، تاريخ جي انهن صفحن تي اسان
کي ”هيم ڪوٽ“ يا ”جهم ڪوٽ“ جو به حوالو نظر اچي
ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تاريخ ۾ ذڪر ڪيل اهو
”هيم ڪوٽ“ يا ”جهم ڪوٽ“ ڪٿي آهي؟ اسان کي ڪتابن ۾
هيم ڪوٽ ۽ جهم جو احوال گڏو گڏ ملي ٿو، جيئن مير
علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ”سونڊا هڪ
مشهور ڳوٺ آهي. اُن جي ويجهو آڳاٽي سمي ۾ هيم ڪوٽ
نالي پراڻو قلعو هوندو هو ۽ هاڻي اُتي هندن جو
تيرٿ آهي. هڪڙي ٽڪر مان پاڻي سمي ٿو. اُنهيءَ
هيٺان جهم نالي هڪ قدرتي چشمو آهي. اُتي هڪ پٿر
آهي، جو هندو قوم پوڄا لاءِ کوڙيو آهي. چون ٿا ته
اُنهي ڳوٺ جي مخدومن اُهو پٿر ڪيترائي دفعا کڻي
درياءَ ۾ اُڇلايو هو، پر وري ساڳيءَ جاءِ تي قائم
ڏسي بس ڪري ويهي رهيا.“ [5]
هيم ڪوٽ کي ڪيترن مؤرخن ڀيم ڪوٽ به لکيو آهي. مرزا
قليچ به هيم ڪوٽ کي ڀيم ڪوٽ لکندي ٻڌائي ٿو ته،
”سونڊا- قديم وقت ۾ هن ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ
هوندو هو ۽ هاڻي اُتي هندن جي تيرٿ جي جاءِ آهي.
ٽَڪر مان پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي ڪـِري ٿو. اُتي هڪڙو وڏو
پهڻ آهي، جنهن جي هندو شيوا ڪندا آهن. چون ٿا ته
گهڻائي دفعا اُنهي کي درياهه ۾ وڌو اٿن ته وري به
پاڻهي اچي اُنهيءَ هنڌ تي پيو آهي.“ [6]
مرزا قليچ بيگ جي انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪندي
لوڪرام ڏوڏيجا اُن ڪوٽ کي ڀيم ڪوٽ سڏڻ سان گڏ اُن
هنڌ تي قائم مندر ۽ شـِوَ جي لُنگ جو ذڪر ڪيو آهي
ته ” سونڊا ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ ۾ مهاديو جو هڪ
پراچين مندر هو. اُتي ٽڪر مان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو
شـِوَ جي لُنگ تي پئي ڪريو. [7]
ساڳيءَ طرح ”جنت السنڌ“ جو مصنف مولائي شيدائي
عربن جي حڪومت جي زماني جي هندو رياستن- ڀنڀور،
الور، درٻيلو، روپاهه، ماڻڪ تارو، سوي، ڀانگناڙي،
برهمڻ آباد-جو ذڪر ڪرڻ بعد همہ ڪوٽ لاءِ چئي ٿو ته
”هن رياست جو حاڪم جَيو ولد درياهه هو، سندس
گاديءَ جو هنڌ جهم هو.“ [8]
ڊلهوزي پنهنجي 1939ع جي رپورٽ ۾ جهم جو احوال هن
انداز سان ڪيو آهي. ”ڄام پير هڪ مسجد (۽ سال ۾ هڪ
دفعو هندن جو تيرٿ) اُتي هڪ پاڻيءَ جو چشمو اُن جي
کاٻي پاسي کان گذري ٿو. اهو رَودَ نديءَ جي ساڄي
ڪناري تي آهي، جيڪا وڃي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪـِري ٿي.
هتان کان مسلمانن جو هڪ پير شيخ اَمين ڏيڍ ميل پري
هڪ ٽڪريءَ تي آهي.“ [9]
تاريخ جي ڪن ڄاڻن هيم ڪوٽ کي جهم ڪوٽ به لکيو
آهي. جيئن جيمس مئڪمرڊو جو خيال آهي ته، ”هيم ڪوٽ
يا جهم ڪوٽ ((Jhamkot
جو شهر راجپوت ملڪ جي راڄڌاني هو، جنهن جا ٿرڙا
پليار (Palyar)
پرڳڻي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. مون کي اُن جي وڌيڪ ڄاڻ
ڪانه آهي. چيو ويندو آهي ته هندو ڌرم دَئتن هن
شهر جي تعمير ڪئي هئي. ڀر واري ٽڪريءَ جي پٿر ۾
عجيب غريب قسم جي کوٽائي ۽ ٽُڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
جيڪا اڄ سوڌو موجود آهي. مٿي ڇت ۾ دري اهڙي گهاڙ
ٿيل آهي، جو پٿر ڳئونءَ جي اوهه ۽ ٿڻن جيان پيو
ڏسڻ ۾ ايندو. چوندا آهن ته ڪنهن سمي اُنهن ٿڻن مان
کير وهندو هو، پر هاڻي اُن بدران پاڻي وهندو آهي.
چون ٿا ته اها ڪالي يوگا ((Kali
Yoga جي موجود هجڻ جي ثابتي آهي.“ [10]
نالو
مٿئين بحث مان اسان کي تاريخ ۾ ذڪر ڪيل هنڌن-
جهم، ڪرهل ۽ ساڪرو پرڳڻي جي اهميت جي باري ۾ معلوم
ٿيو. ظاهر آهي ته جهم ۾ اڏيل هيم ڪوٽ به اُن هنڌ
ئي هوندو. هاڻي معلوم اهو ڪرڻو آهي ته جهم تي اهو
نالو ڪيئن پيو ۽ موجوده وقت ۾ اهو ڪهڙيءَ حالت ۾
آهي؟ رسول بخش درس اُن هنڌ تي جهم نالي پوڻ لاءِ
هڪ ڪٿا جو ذڪر ڪيو آهي ته ”جهم نالي هندو بادشاهه
هو. اُن جي ڌيءَ ڏاڍي حسين هئي، جنهن تي حسين شاهه
نالي هڪ مسلمان درويش عاشق ٿي پيو. بادشاهه سڱ ڏيڻ
لاءِ شرط رکيو ته هتي پاڻي ناهي. پاڻي پيدا ڪري ڏي
ته پوءِ سڱ ملندءِ، بس پوءِ درويش عشق ۾ ڪاهي
پيو. جتي جتي بڙڇي کوڙيندو ويو، اُتان پاڻي نڪرندو
ويو. ان طرح سڱ ملي ويس،پوءِ شهر جو نالو جهمپير
پئجي پيو.“ [11]
رسول بخش درس اڳتي جهم جي معنيٰ ٻڌائي آهي ته
”هونئن جهمپير جو اصل نالو جهم آهي، جنهن جو تاريخ
۾ ذڪر ملي ٿو. جهم جي معنيٰ آهي جهميل يا هيٺانهون
هنڌ. چوڌاري ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ سر سبز ۽ وڻڪار واري
ايراضي آهي. ماضيءَ ۾ اُتي قدرتي چشما هوندا هئا،
جتي جابلو علائقن جا تمام گهڻا ماڻهو واپار سانگي
ايندا هئا. ڪنهن دَور ۾ جهم تمام وڏو واپار مرڪز
هو، انڪري ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اُن کي ڪانٽو به
سڏيندا هئا. ڳوٺاڻا اڄ به هن شهر کي رڳو جهم
سڏيندا آهن. پير جو اضافو بعد ۾ حسين شاهه جي
مزار جي ڪري ٿيو.“ [12 ]
جهم تي پير جو اضافو بعد ۾ حسين شاهه جي مزار جي
ڪري ٿيو. حسين شاهه عرب جي هڪ فوجي دستي جو اڳواڻ
هو. اُن جي شهادت لاءِ رسول بخش درس، مرزاقليچ بيگ
جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”جڏهن عربن سيوهڻ فتح ڪيو
۽ پوئتي وريا ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسينہ پنهنجن
ساٿين سميت هيم ڪوٽ جي قلعي ۾ لڪل هو. عرب فوج جي
اُتي ساڻس جهڙپ ٿي. حسين شاهه اُن ويڙهه ۾ مارجي
ويو ۽ شهزادو جيسينہ درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي طرف
هليو ويو. حسين شاهه ساٿين سميت اُتي ئي دفن ٿيل
آهي.“ [13]
اهڙيءَ طرح اُن هنڌ تي قبرستان جو وجود پئجي ويو.
حسين شاهه جي قبر کي عقيدمند ”پير“ ڪري مڃڻ لڳا.
اهڙي نموني ”جهم“ جي پويان ”پير“ لفظ جو اضافو ٿي
ويو.
اهي ته هئا ناليوارن تاريخدانن جا هيم ڪوٽ جي باري
۾ خيال، هاڻي ڏسجي ته ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل جهم پرڳڻو ۽
هيم ڪوٽ ڪهڙي هنڌ تي آهن، جنهن تي عرب فوج حملو
ڪيو هو ۽ جتان راجا ڏاهر جي پٽ جيسينہ ڀڄي وڃي
راوڙ جي قلعي ۾ پناهه ورتي هئي. اسان سڀ کان
پهريائين جدا جدا تاريخن جا ورق اُٿلائي، جهم
پرڳڻي ۽ جهم ڪوٽ جي باري ۾ آيل ذڪر سان گڏ اُن جي
صحيح بيهڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
محمد بن قاسم شيراز جو گونر هو ته هن کي حجاج بن
يوسف سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. محمد بن قاسم
ڇهه هزار لشڪر ۽ ڪيترا هزار اُٺ ساڻ ڪري سنڌ ڏي
راهي ٿيو. حجاج ڪجهه سامان ٻيڙين جي ذريعي ديبل
طرف روانو ڪيو. محمد بن قاسم مڪران، ديبل، نيرون
ڪوٽ، سيوستان، سيم وغيره فتح ڪرڻ بعد ڪئمپ ڪيو
ويٺو هو ته کيس اها خبر ملي ته سندس فتح ڪيل
سيوستان ۾ چندرام بغاوت ڪري وري قلعي تي قبضو ڪري
ورتو آهي. محمد بن قاسم بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ
محمد بن مصعب کي هڪ هزار سوار ٻه هزار پيادا ڏئي
سيوستان موڪليو. سيوستانين قلعي کان ٻاهر نڪري جنگ
ڪئي، پر شڪست کاڌي. اُتان چندرام مجبور ٿي جهم طرف
ڀڳو. محمد بن مصعب به سيوستان فتح ڪرڻ بعد اچي
محمد بن قاسم سان مليو. اُن دوران راجا ڏاهر جو
موڪي بن وسايو به غداري ڪري اچي محمد بن قاسم سان
مليو. چچ نامي ۾ آيو آهي ته ”جڏهن موڪي پٽ وسايي
جي محمد بن قاسم سان بيعت ڪرڻ جي پڪي خبر ڏاهر کي
پهتي، تڏهن راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جيسينہ کي تيار
ڪري اسلام جي لشڪر جي سامهون ٿيڻ لاءِ ٻيٽ جي
قلعي ۾ موڪليو، جيئن هو پاڻيءَ مان لنگهي نه سگهي.
جيسينہ تيار ٿي پوري اسباب ۽ جنگي هٿيارن پنوهارن
سان ڪوتڪہ ندي جي رمني ڪناري تي پهتو. (هوڏانهن)
محمد بن قاسم (ڏاهر جي) لشڪر جي سامهون جهم ۽
ڪرهل جي پرڳڻن ۾ اچي لٿو ۽ اٽڪل پنجاهه ڏينهن اُتي
رهڻو پيس.نيٺ اناج ۽ گاهه گهٽجڻ لڳو ۽ اناج جي
آمدني گهٽ ٿيڻ جي ڪري لشڪر پريشان ٿي پيو ۽ مخالف
گاهه کائڻ جي گهوڙن ۾ بيماري پيدا ٿي. جيڪو گهوڙو
بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪهي ٿي کاڌائون.“ [14]
حجاج کي جڏهن گهوڙن جي بيماري جي خبر پيئي ته هن
ٻه هزار گهوڙا محمد بن قاسم ڏي موڪليا ۽ خط ذريعي
کيس جلد کان جلد درياهه پار ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.
محمد بن قاسم اُن خط جو جواب ڏنو ته ”خلاف مزاج
غذا ۽ بي وقت کائڻ پيئڻ ڪري رطوبت ۽ طبيعت ۾ خرابي
پيدا ٿي آهي. جهڙي طرح به ممڪن هجي سُرڪو روانو
ڪيو وڃي، ڇو جو لشڪر کي اُن جي تمام گهڻي ضرورت
آهي.“ [15]
حجاج بن يوسف هن کي سرڪي ۾ ڪپهه ٻوڙي اُن جون
ڳنڍيون ڀري موڪليون هيون، جيئن ضرورت وقت سرڪي
مليل ڪپهه کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي استعمال ڪئي وڃي.
”جڏهن حجاج جو لکيو محمد بن قاسم کي پهتو، تڏهن
فرمان جي حڪم موجب هڪدم اُتان منزل پٽي جهم جي
علائقي ۾ ساڪري جي زمين ۾ پهتو ۽ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون
هٿ ڪرڻ ۽ تختا تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.“ [16]
ٻيڙين تيار ٿيڻ بعد ” محمد بن قاسم مهراڻ جي پيٽ
جي اندازي موجب سڀ ٻيڙيون الهندي ڪناري تي هڪٻئي
سان قطار ڪري ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو. پوءِ جنگي بهادر
هٿيار پهري ٻيڙين ۾ ٿي ويٺا ۽ پتڻ جي اُنهي جاءِ
مان جيڪا کين هٿ آئي هئي، منڍواري ٻيڙي کڻي
جوڙيائون ۽ اُها مهڙ واري ٻيڙي (لهواري وهڪري سبب)
وڃي اڀرندي ڪناري تي بيٺي. اسلام جي لشڪر تير
وسائي ڪافرن کي ڪناري کان پري ڪيو ۽ هڪدم ميخون
ٺوڪي پل ٻڌائون. (بس پوءِ ته) سوارن ۽ پيادن حملو
ڪيو ۽ اڀرندي ڪناري ڇلنگيون ڇلنگيون ٿي ٽپيا ۽
صفون ٻڌائون ۽ ڪافر ڀڄي ويا. عرب لشڪر غالب ٿي
کين جهم (جي حد) کان ٻاهر ڀڄائي ڪڍيو.“ [17] تنهن
کان پوءِ اسلام جو لشڪر ٻيٽ جي قلعي کان راوڙ
ڏانهن روانو ٿيو.
تاريخ جي شاگردن جي هميشه ان ڳالهه ۾ دلچسپي رهي
آهي ته اُهو ڪهڙو هنڌ هو، جتان عرب لشڪر سنڌو
درياهه پار ڪري راجا ڏاهر سان منهن مقابل ٿي راوڙ
جو قلعو فتح ڪيو هو. ان باري ۾ ماهرن جا مختلف
رايا آهن، جيئن محمد حسين ڪاشف پنهنجي هڪ مضمون ۾
”جهم ۽ اگهم ڪوٽ“ جي قديم جاگرافيائي بيهڪ ڳولڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. هن جو خيال آهي ته ”محمد بن قاسم
جنهن جهم پرڳڻي/شهر وٽان درياهه پار ڪيو هو، اُهو
جهم چنبڙ تعلقي ۾ ٽنڊي الهيار کان ٽي ميل اوڀر
طرف آهي.“ [18]
معموريوسفاڻي پڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ان ڳالهه جي
تصديق ڪندي لکي ٿو ته، ”محمد بن قاسم موڪي جي مدد
سان جهم جو گهيڙ درياهه پار ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو.
اهو جهم جو گهيڙ تعلقي ٽنڊي الهيار جي تپي چنبڙ جي
ديهه ونگي ۾ آهي، جيڪو هنڌ نيرون ڪوٽ کان 25- 30
ميل اوڀر ڏکڻ آهي.“ [19]
ڪن محققن وري محمد بن قاسم جي درياهه ٽپڻ واريءَ
جاءِ کي روهڙي ۽ بکر سان ملايو آهي، جيئن ”سنڌ جا
قديم آثار“ جي حاشئي ۾ آهي ته ”ڏاهر واهڙ جي ٻئي
طرف هو. هن جاهين ٻڌ کي حڪم ڪيو ته درياهه جي
ٻيڙين واري پتڻ تي ڪڙي نظر رکي، جيئن دشمن اُتان
ٽپي نه سگهي (چچ نامو). سو جيڪڏهن محمد بن قاسم
اوڀارين ۽ جاهين اولاهين ڪپر تي هڪٻئي جي سامهون
هئا ته قلعو ضرور وچ درياهه ۾ هوندو. محمد بن قاسم
جو اڳتي وڃڻ ۽ پوئتي موٽڻ ته من ڪٿان لانگهو ۽ گهٽ
گهيڙ تاڙي سگهجي، سو هڪ وقت جهم جي علائقي ۾ آيو.
اهو جهم وارو پير آهي، جنهن جو گنبذ روهڙيءَ ۾ نظر
اچي ٿو ۽ ننڍڙي ٻيٽ تي آهي. اهو ٻيٽ بکر آهي، پر
تن ڏينهن ۾ درياهه اُتان ڪونه وهندو هو، سو بکر جي
علائقي کي ’ٻيٽ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“ [20 ]
ڪيترن تاريخ نويسن مٿئين ٻيٽ واري هنڌ کي تاريخي
طور تي غلط ٻڌايو آهي، ڇو جو اُنهن ڏينهن ۾ درياهه
اُتان ڪونه وهندو هو. سکر ۽ روهڙيءَ وارو وچ وارو
وهڪرو عربن جي فتح کان اٽڪل پنج سو سال پوءِ واقع
ٿيو.
جنرل هيگ وري محمد بن قاسم جي درياهه پارڪرڻ واري
هنڌ جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ٻڌايو آهي ته
”هاڻي اهو انومان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته عربن سنڌو
ڪهڙي ٿاڪ وٽان اُڪريو هو. چچ نامو هن ٿاڪ کي جهم
قلعي جي سامهون ٻڌائي ٿو، جنهن کي ٻيٽ واري پرڳڻي
جو مکيه قلعو سمجهيو ويندو هو. هتي بيان ڪيل جهم
وارو قلعو درياهه جي اوڀارين ڪنڌيءَ سان وسندو
هو.“ [21]
تاريخ معصوميءَ جي مصنف عرب لشڪر جي درياهه پار
ڪرڻ واري هنڌ لاءِ لکيو آهي ته، ”جڏهن محمد بن
قاسم سيوستان جي فتح مان مطمئن ٿيو ته ڪن ماڻهن
جو خيال ٿيو ته الور طرف توجهه ڏئي ڏاهر کي دفع
ڪرڻ کپي.....سڀني انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو ۽
ٽلٽي ڳوٺ جي سامهون درياهه پار ڪري تختگاهه طرف
روانو ٿيو. ڏاهر...تيار ڪري اسلامي لشڪر جو مقابلو
ڪرڻ لاءِ رواني ڪئي، جنهن وڃي گچيري ڍنڍ جي ڪناري
پڙاءُ ڪيو....ڍنڍ جي ڪناري ٻنهي جو مقابلو ٿيو.
آخرڪار ڪافر ڀڄي ويا ۽ ڪيترا ڍنڍ ۾ ٻڏي مئا.“ [22
]
تاريخ معصوميءَ جي حاشئي ۾ آهي ته قلمي نسخن ۾ لفظ
گجيري، ڪنجري، گچري ۽ ڪجبري وغيره لکيل آهي. اسان
جو خيال آهي ته جيڪڏهن محمد بن قاسم ٽلٽيءَ جي
سامهون درياهه پار ڪيو هوندو ته ضرور اُن هنڌ تي
ڇانوڻي ڪئي هوندي، جيڪا اڄڪلهه ”گچيري“ جي نالي
سان مشهور آهي. اُن ڪتاب جي تصحيح ڪندڙ ۽ حاشيا
لکندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته مون ٻڌو آهي
ته اُن شهر جي ڀرسان قديم زماني ۾ هڪ ڍنڍ هئي،
جنهن جا نشان اڄ به موجود آهن.
ڊاڪٽر بلوچ ان ڳالهه جي اڳتي وضاحت ڪئي آهي ته ”پر
جيئن ته چچنامي ۾ لکيل آهي ته ’محمد بن قاسم جهم
جي گهيڙ وٽان درياهه پار ڪيو هو ۽ ٻنهي مخالف لشڪر
جي وچ ۾ راوڙ ۽ جيپور جي وچ ۾ هڪ خليج جي ويجهو
مقابلو ٿيو هو، ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته
اُها ڪينجهر ڍنڍ کان سواءِ ٻي ڪانه آهي.
تحفةالڪرام (فارسي) جلد 3، ص 181۾ لکيل آهي ته
”کولاب کنجره در قريب زمين سوندره و جهم خليجي به
تمام فصاست“ يعني ڪنجره ڍنڍ، سونڊا ۽ جهم جي ويجهو
هڪ نهايت ڪشاده خليج آهي.“ [23]
ڊاڪٽر بلوچ ٻئي هنڌ چچ نامي جي حاشئي ۾ پنهنجي
راءِ جو هيئن اظهار ڪيو آهي ته ”محمد بن قاسم
نيرون ڪوٽ کان گهڻو هيٺ لاڙ ۾ جهيم، ڪرهل ۽ ساڪري
جي ايراضي ۾ ڪنهن هنڌان درياهه ٽپيو ۽ سندس لشڪر ۽
ڏاهر جي فوج جي وچ ۾ جنگ واري ايراضي، مهراڻ جي
دوآبي ۽ اُن جي مختلف ڇوڙ وارين شاخن واري ايراضي
هئي ۽ راوڙ جو قلعو خود هڪ اهڙي شاخ ’ڌڌا واهه‘ جي
لڳ هو.“ [24]
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ صاف طور تي ٻڌائي ٿو ته،
”جهم جو پرڳڻو غالباً اُهي ساڳي ايراضيءَ تي
مشتمل هو. جنهن جومرڪز ’جهم پير‘ جي زيارتگاهه
آهي. جهم پير معنيٰ ’جهم جي ايراضي جو پير‘. ”جهم“
جي معنيٰ هيٺاهين نشيب واري زمين جا موجود جهم پير
کان اتر طرفان شروع ٿئي ٿي ۽ ويندي هيٺ ڏکڻ طرف
هلي وڃي ٿي، جنهن ۾ سونهري ۽ ڪينجهر جون ڍنڍون به
اچي وڃن ٿيون. اُنهي نمندي يا جهم يا نشيب واري
ماٿري جو ڏاکڻيون دنگ تقريباً ڪينجهر ڍنڍ جو
ڏاکڻيون ڇيڙو سمجهڻ گهرجي. جو ٺٽي کان تقريباً
19-20 ميل اُتر طرف آهي.“ [25]
بلوچ صاحب ڪرهل پرڳڻي جي بيهڪ جي باري ۾ ٻڌايو آهي
ته ”ڪرهل وارو پرڳڻو جهيم پرڳڻي جي لڳولڳ ڏکڻ ۾
هو ۽ ممڪن آهي ته اُن جي ڏاکڻي سرحد موجود ٺٽي شهر
کان به ڪافي ڏکڻ طرف تائين پکڙيل هجي.“ [26]
تاريخي حوالن ۽ جاگرافيائي شاهدين کان پوءِ اسان
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته محمد بن قاسم
درياهه کي جهم وٽ پار ڪري راوڙ تي حملو ڪيو هو.
اهو جهم وارو هنڌ موجود ٺٽي ضلعي جو ”جهم پير“
آهي، نه ڪو ٻيو هنڌ. هاڻي ٻيو سوال اهو آهي ته
محمد بن قاسم جيڪو اُن دور ۾ درياهه پار ڪيو هو
اُهو درياهه ڪهڙو هو ۽ اُن وقت اُن وهڪري کي ڪهڙي
نالي سان سڏيو ويندو هو.
ان ڳالهه جو پيرو کڻڻ کان اڳ اها ڳالهه ذهن نشين
ڪرڻ کپي ته اوائلي دور کان وٺي سنڌ جي سر زمين تي
درياهي وهڪرا مٿي جي وارن جيان ڦهليل آهن، جن جو
اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ماهر صحيح انگ ۽ رخ معلوم
ڪري نه سگهيو آهي. ان کان سواءِ اها ڳالهه به ڌيان
۾ رکڻ کپي ته ”اڄ وارو سامونڊي ڪنارو محمد بن قاسم
واري دور کان چاليهه ميل کن اڳتي آهي.“ [27] ان جو
چٽو ثبوت سڪندر اعظم جي دور 326-325-م جي سنڌ جي
نقشي ۾ اُن وقت سامونڊي ساحل واضح طور ڏسي سگهجي
ٿو.
بهرحال مٿيون شاهديون ذهن ۾ رکي اُن وقت وهندڙ
درياهي وهڪرن جي ڏس لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ايڇ. ايم. ايليٽ عرب لشڪر جو درياهه پار ڪرڻ جو
سربستو احوال ڪندي لکي ٿو ته، ”جڏهن محمد بن قاسم
ميڙي چونڊي ٻيڙيون ڪٺيون ڪري پل تيار ڪرڻ لاءِ
سلهاڙي رهيو هو ته ٻي ڪٺار سان راسل پنهنجي
تابعدارن، وڏيرن، راڄوڙن سان گڏ اچي ٻيڙين واري پل
بنائڻ ۾ رنڊڪون ۽ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو هو. اُن
کان پوءِ محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته الهندي ڪناري
سان پاڻ ۾ سلهاڙيل ٻيڙين جي ڊيگهه درياهه جي ٻيٽ
جيتري ٿي وڃي ته اُنهن جو اُتريون پاسو درياهه جي
لهواري پاسي لوڙهيو وڃي. اهڙيءَ ريت ٻيڙين جي پل
جي هڪ ڇيڙي کي درياهه ۾ لوڙهيو ويو. ٻيڙين تي
هٿيار بند تيرانداز وهاريا ويا، جن ٻئي پاسي راسل
سان آيل فوج تي تيرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. اهي
گهٽ گهيڙ جڏهن پوئتي هٽي ويا ۽ عرب فوج سلامتيءَ
سان وڃي ٻئي پار پهتي، ڪناري تي مضبوط ڪلا کوري
ٻيڙين جي پل کي سوگهو ڪري ٻڌو ويو. بعد ۾ گهوڙي
سوار ۽ پيادل فوج هن پل تان لنگهي پار پهتي. اُتي
بيٺل ڪافرن فوج کي ماري ڀڄائي کين جهم جي قلعي ۾
پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو.“ [28]
محمد بن قاسم جنهن هنڌان درياهه پار ڪري جهم ڪوٽ
جا وڃي دروازا کڙڪايا هئا، ان لاءِ ايڇ. ٽي.
لئمبرڪ پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
”اُڪاروٽ درياهه قدرتي سوڙهو هو ۽ اُن جي وهڪري جي
ورڇجڻ ڪري وچ سير ۾ هڪڙوننڍڙو ٻيٽ ٿي پيو هو، پر
ان تر مان اهونالو اُن ٻيٽ تان نه پر ان ڳالهه جي
ڪري پيو هوندو ته اُن کي ڪافي پنڌ اوڀر ۾ سنڌوءَ
جي هڪڙي وڏي شاخ ڦريو ٿي آئي. اُن شاخ جي موجود
هجڻ جو ڏس هڪ سامونڊي لڙائيءَ بابت البلاذري جي
احوال مان ملي ٿو. هيءَ لڙائي محمد بن قاسم جي
حڪم کان ڏهاڪو ورهيه پوءِ شاخ جي دوآٻي اندر عربن
۽ راجا ڏاهر جي پٽ جيسينہ جي وچ ۾ لڳي. محمد بن
قاسم کي اوڀر ۾ ايڏو پري هن کٻي هٿ واري شاخ
تائين وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانه پيئي هئي ۽ اسين يقين
سان نٿا چئي سگهون ته اُها ٻي شاخ کان ڪهڙي هنڌ
ڌار ٿيندي هئي. چچنامو رڳو اُن ٻي شاخ کي ئي وڏو
مهراڻ ڪري ڄاڻائي ٿو، اُن کي ساگره
Sagrah
يا ساڪره وٽان پار ڪيو ويو هو، جيڪو جهم
Jhim علائقي ۾ هو. پهريون نالو سانگل ۽
ٽالمي جي ساگپ جو پڙاڏو ٿو لڳي ۽ سمجهيو ٿو وڃي ته
اُهو مير پور ساڪري جي شڪل ۾ اڃا تائين قائم
آهي.مير پور ساڪرو سچ پچ آهي به اُن هنڌ وٽ، جتان
درياهه جو الهندو ڇوڙ آڳاٽي زمين ۾ لنگهندو هو.
ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته هاڻوڪو جهمپير اُن تر جي
پراڻي نالي کي قائم رکيو اچي.“ [29]
آثار قديمه جومشهور ماهر هينري ڪزنس به ان خيال جو
حامي آهي ته عربن جي لشڪر هڪ ٻيٽ وٽان درياهه کي
پار ڪيو هو. هو پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾
لکي ٿو ته ”محمد بن قاسم ٻيٽ جو فائدو وٺي هڪ وڏي
درياهه بدران ٻن سوڙهن واهڙن کي ٻيڙين جي ٺهيل پل
رستي پار ڪري، ٻيڙين کي ڪناري تي ئي درياهه جي
موڪراڻ مطابق ورت وسيلي هڪ ٻئي سان سلهاڙي هيٺئين
پاسي واري ٻيڙي مضبوط ٻڌي مٿئين پاسي کي وهڪري ۾
ڇڏيو ويو، جيڪو ڦيرو ڏئي پرينءَ ڀر واري ڪناري سان
وڃي لڳو.“ [30]
ميجر ريورٽي پنهنجي مشهور ڪتاب
The Mehran of Sind and its Tribetaries ۾ سنڌ اندر پاڻيءَ جي شاخن ۾ ٿيندڙ
تبديلين کي ٻارهن مختلف نقشن ۾ ڪجهه قدر نمايان
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ان خيال کي واضح ڪيو آهي
ته مهراڻ پهريائين اروڙ جي ڀرسان لنگهي اوڀر نارا
واري ڍوري سان گڏ اڳتي هلي مرحلي وار پنجن شاخن ۾
ورهائجي ويندو هو.
هيٺئين نقشي ۾ عرب دور ۾ مهراڻ يا هاڪڙو واهندو کي
وڌيڪ نمايان ڏيکاريو ويو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اولهه ۾
رهندڙ هڪ ننڍڙي شاخ ڪنڀ آهستي آهستي وڌڻ شروع ڪيو
آهي.
ان نقشي ۾ ريورٽي اروڙ کي نديءَ جي سڄي هٿ تي ۽
برهمڻ آباد کي ڪجهه قدر هيٺاهون ڏيکاريو آهي. اُن
دور ۾ ديبل کي مکيه بندر طور ظاهر ڪيو ويو آهي.
ريورٽي پنهنجي نقشي ۾ ”ڪنڀ“ نالي هڪ واهڙ اروڙ جي
ٿوري اولهه کان وٺي هالا تائين ڏيکاري ٿو. ٻيو
پراڻي وهڪري جي ٻيٽ ۽ مٿي بيان ڪيل وهڪري ۽ هاڪڙي
جي گذرگاهه جي وچ تي ڏيکاريو آهي. پر هو صاحب اهو
ڪونه ٿو ڏيکاري ته اهو ڪٿان کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪٿي
ختم ٿئي ٿو. [31]
عربن جي چوڻ مطابق سنڌو درياهه اُنهيءَ پراڻي
وهڪري ڪنڀ مان بار بار وُڙهو آهي. اُنهن پراڻن آبي
گذرگاهن مان گهڻو ڪري هڪ اهوبه آهي، جنهن جو عربن
ورجائي ورجائي ذڪر ڪيو آهي.ڪنڀ اُن وقت سيوستان
(موجود سيوهڻ) ۽ مهراڻ درياءَ جي اولاهين شاخ جي
وچ تان وهندو هو، جنهن جي ٻيٽ مان سنڌو درياهه
پنهنجي رخ جي مٽا سٽا سبب بار بار پئي گذريو آهي.“
[32]
ڪنڀ درياهه جو ذڪر چچ نامي ۾ آيل آهي. جيئن محمد
بن قاسم جو سيوستان جي قلعي تي حملي جو احوال چچ
نامي ۾ آهي ته ”محمد بن قاسم رات ڏينهن لاڳيتو جنگ
جاري رکي. اٽڪل هڪ هفتي جي مدت اندر قلعي وارن
لڙائيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بجهراءِ جڏهن ڏٺو ته
قلعي وارا تنگ ٿيا آهن، تڏهن (رات جي وقت) جڏهن
دنيا ڏامر جهڙي پردي ۾ لڪي ويئي،اُترئين دروازي
کان درياهه ٽپي لڪي ڀڄي ويو ۽ وڃي ٻڌيه جي حد ۾
پهتو. اُنهي وقت ٻڌيه جو راجا ڪاڪو پٽ ڪوتل نالي
شمني پڪو هو. سندس قلعو ڪنڀ نهر جي ڪناري تي سيم
(نالي) هو. ٻڌيه جا رهاڪو ۽ انهيءَ طرف جا اڳواڻ
سندس استقبال تي آيا ۽کيس قلعي جي آڏو اچي
لاٿائون.“ [33]
عربن جي فتح مهل سنڌ ۾ وهندڙ وهڪرن جو ذڪر ڪندي
رسول بخش درس پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”عربن
جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌو درياهه جون ٻه شاخون
هاڪڙو ۽ ساڪرو الڳ الڳ وهنديون هيون. هاڪڙو شاخ
موجوده بدين ۽ ٿر ضلعي جي حدن مان وهي ڪڇ طرف
ويندي هئي، جنهن تي بعد ۾ اروڙ جي ٻنڌ ٻڌي هاڪڙو
جو رخ موڙيو ويو. اڄ به پُراڻ نالي درياهه جو پيٽ
جهڏي جي ويجهو موجود آهي. سانڪو شاخ جهمپير جي
اڀرندي طرف ٽاڪرو علائقي سان لڳ ڪنڊ ڪري جنگشاهيءَ
کان 5 ڪلو ميٽر ٺٽو روڊ تي چاڙهي اسٽاپ وٽان وهندي
هئي. گجو کان گهاري وٽان ٿيندي ڀنڀور وٽ وڃي سمنڊ
۾ ڇوڙ ڪندي هئي.“ [34]
رسول بخش درس اڳتي اُنهن وهڪرن جي مٽجڻ سان گڏ اُن
جي پيٽ ۾ ڪينجهر، هاليجي ۽سونهري ڍنڍن جي ٺهڻ جو
ذڪر ڪيو آهي، ”سنڌو درياءُ پنهنجو وهڪرو مٽائيندو
رهيو آهي. سنڌو درياءُ ڪنهن دور ۾ موجوده شهر
حيدرآباد جي اڀرندي طرف وهندو هو ۽ اڄ الهندي طرف
وهي ٿو. جڏهن درياءُ پنهنجو رخ ٺٽي جي اڀرندي طرف
ڪيو ته جهمپير وٽ ڇڏيل درياءُ جي پيٽ ۾ برساتي
نئون، نئن ”لوياچ“، نئن ”سوڙهه“ کان سواءِ ٻيا
برساتي ڍورا ۽ نالا لوهيرو، پهاڏا، کنڙي مري وارو
ڍورو، هرولو، گهوگهڙو، ٻاڙي، ڍور، نيهيون وغيره
وهي برساتي پاڻي جو ذخيرو گڏ ڪيو، جنهن کي ڪينجهر
سڏڻ لڳا. اُن سان گڏ اڀرندي طرف سونڊن ويجهو هڪ ٻي
ڍنڍ سونهري به وجود ۾ آئي.“ [35]
مٿين حوالن مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم جهمپير
وٽان جيڪو درياءُ پار ڪيو هو، اُن کي ڪن ماهرن ڪنڀ
درياءُ ڪوٺيو آهي. ڪن سانڪرو، ساڪره، سانگل،
ساگراه ته ڪي عالم اُن کي ساگپ سڏن ٿا. ريورٽي،
هيڱ، لئمبرڪ ۽ ٻين ماهرن جي تاريخي حوالن مان
معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي حملي وقت سنڌ ۾ هڪ تمام
وڏو درياءُ پيو ڇوليون هڻندو
هو.
|