سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (2)

 

صفحو :14

پڇي نه سگهيس…

 

ڊاڪٽر ڊيڪا/ ولي رام ”ولڀ“

[ڊاڪٽر پرڻو جيوتي ڊيڪا: جنم 1989ع. تعليم بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان سائنس ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ ليننگراڊ مائننگ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽريٽ. آسامي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽  ناول نگار. ’ڪئلاش ناٿ‘ (ڪهاڻين جو مجموعو) ۽ ’آروايٽي اَمنانست هتيا‘ ۽ ’راج ساکشي‘ (ناول) ۽ ٻال ساهت جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل. گوهاٽي يونيورسٽيءَ جيالاجي ۾ اُستاد ۽ مڻيپور صوبائي سرڪار جو صلاحڪار].

 

•”ڪيئن آهين؟”

”ٺيڪ آهيان.“

”شاديءَ کان پوءِ خوش آهين؟

”ڪهڙي خوشي؟…شادي  ته سڀني جي ٿيندي آهي.“

”بلڪل ڪنوار وانگر سنواريل آهين. ساڻس گڏ ڪيڏانهن ويندينءَ ڇا؟“

”اسان جي وڏي ڀيڻ جي ٻار جو جنم ڏينهن آهي نه اڄ. پاڻ اُن لاءِ شاپنگ ڪرڻ ويا آهن. کين وئي ڪافي وقت ٿيو آهي،اڃا موٽيا ناهن.  الائي ڇو دير  ڪري ڇڏيو اٿن؟“

”۽ تون هتي انتظار پئي ڪرين. ڏاڍو پيار ڪري ٿو توکي.

”ڪيئن؟“

”ڇونه…سڀئي ته…“(شايد ’اوهان وانگر ناهن‘ چوڻ چاهيائين ٿي.)

”ڪڏهن ساڻس گڏجي  اسان جي گهر  به اچ نه- امان خوش ٿيندي.“

”هاڻي ته  گهمڻ ئي  رهجي ويو آهي. ڪڏهن ماسيءَ جي گهر، ڪڏهن پڦيءَ جي گهر، ڪٿي نه ڪٿي وڃڻو ئي پوندو آهي. اسين نه وڃون ته ماڻهو اسان جي گهر ويهو رهن، رات جو يارهين ٻارهين وڳي تائين. ايڏي دير ٿي ويندي آهي، جو  ڪاوڙ ايندي آهي.“

”دير ٿي ويندي آهي ته ڪاوڙ ڇو ٿي اچي؟“

”هاڻي ٺهيو.“

 

•”ڪيئن آهين؟“

”ٺيڪ آهيان.“

”گهر مٽايو اٿو! سس- سهري سان نڀاءُ نه ٿيو ڇا؟“

”سس- سهرو خراب ناهن. ڏير شادي ڪئي، ڏيرياڻيءَ جي رويي لاءِ ڇا ٻڌايان؟ هوڏانهن سندن ڀيڻ جي شادي ٿي چڪي آهي، پر ٿيو اهو آهي جو پنجن  ٻارن سميت پيڪن ۾ رهي هئي آهي. رنڪو ۽ ونيتا لاءِ کير به نٿو بچي. هونئن  به گهر جو خرچ پاڻ هلائين ٿا.“

”تنهنجو مڙس ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟“

”کين ڪٿي ڏسندو! صبح کان ئي  آفيس جي فائيلن ۾ ڦاٿل رهندو آهي. وري آفيس کان موٽڻ کان پوءِ ’ڪم آهي‘ چئي گهران نڪري ويندا آهن. گهر ڪيئن  ٿي هلايان، سا مون کي ئي خبر آهي. گهر ۾ ڪم ڪار لاءِ  ڪو نوڪر  به ناهي، پاڻ ته سمورو  ڏينهن ٻاهر ئي رهندا آهن.“

”پوءِ به  رات جو ته ايندو هوندو؟“

”رات جو نه ايندو ته ڪيڏانهن ويندو؟ اوهان مردن کي کپي به ڇا! گهر ۾ زال مري يا جيئي.  کين ته رڳو  اُها هڪ ڳالهه کپي.“

•”ڪيئن آهين؟“

”مڙيئي گذارو پيو ٿئي.“

”ڇا ٿي چئين! بنگلي جهڙو گهر. نوڪر- چاڪر، چوڪيدار- ڊرائيور، هر طرح جو سکيو سنسار ۽ تون چئين ٿي ته گذارو پيو ٿئي ڪنهن طرح. تنهنجو  مڙس آهي ڪٿي؟ ڪڏهن ملي ئي نٿو؟“

”ڪٿي ملي سگهندو! ٺيڪيداريءَ جي ڪمن ۾ رات ڏينهن لڳو رهندو آهي. مان ئي ملي سگهانس ته اوهان سان ڪيئن ملي سگهندو!“

”نوڪري ڇڏي ڏني اٿس ڇا؟“

”ماڻهو سڙندا هئا ساڻن. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀڪجهه ڪري ورتائين. مان ئي سمجهي سگهان ٿي ته ڪيتري محنت سان اهو سڀڪجهه ڪيو اٿن. ڏينهن رات آفيس جي ڪم ۾ لڳا رهندا هئا. گهر ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو وقت ئي نه  ملندو هئن، اهڙي ماڻهوءَ جي ڪمن جي جاچ ڪرائين ٿا. مون ئي کين چيو ته ڇڏي ڏيو اهڙي نوڪري. ڪهڙو سُک ڏنو آهي سرڪار. اسين ڪنهن طرح گذارو ڪري وٺنداسين.“

”ها، نوڪر ڇڏڻ کان پوءِ هاڻي  ته گهر ٻار سنڀاليندو هوندو.“

”گهر سنڀاليندو؟ اُهو به پاڻ هاڻي ته مون کي اها به خبر ناهي ته پاڻ هن مهل ڪٿي  هوندا. ٻڌو اٿم ته ناگالئنڊ ۾ ڪٿي روڊ جو ٺيڪو کنيو اٿن.“

”ٻارن جو ڪهڙو حال آهي.“

”ٺيڪ ئي آهن. رِنڪو انٽر ڪئي آهي. هاڻي مان چوان ٿي ته ڊاڪٽري پڙهه. پاڻ چوندا آهن ته انجنيئري پڙهي ۽ هو بي- اي ڪرڻ چاهي ٿو. ٻڌو اٿم ته اڄڪلهه- آءِ اي-ايس جوامتحان ٿئي ٿو، اڳي وانگر آءِ- سي-ايس. پوري خبر نه اٿم. وِنيتا گذريل سال وانگر هن سال به مئٽرڪ ۾ رهجي ويئي آهي.

”اڄڪلهه ته ڇوڪريون  ڪاليج ۾ به پڙهايون ته شادي مشڪل سان ٿئي ٿي. ڪٿي سٺو ڇوڪرو ملي وڃي ته  ٻڌائجو.“

”چڱو، هڪ ڳالهه پڇان، ناراض ته نه ٿيندينءَ. تنهنجي مڙس جي باري ۾  شهر ۾ ماڻهن هڪ ڳالهه هُلائي آهي. ڇا اُها سچ آهي؟ پنهنجو سمجهي پڇيو اٿم. ناراض، نه ٿج.“

”اهي سڀ ڪوڙيون آهن. اهڙيون ڳالهيون ته ماڻهن هونئن ئي  پيدا ڪندا آهن. شام جو هڪ ٻه ڏينهن آفيس جي گاڏيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي سندس گهر پهچائڻ لاءِ ويندي ڪنهن ڏٺو هو، ته  بس هُل هُلي ويو.  هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري، ڪڏهن آفيس جي ڪمن ۾ دير ٿي ويس ته کيس گهر پهچايائون ته ڇا ۾ خراب  ڳالهه آهي؟ڇا اڪيلي  ڇوڪريءَ کي گهر پهچائڻ بدران رستي تي ئي ڇڏي ڏين؟ ماڻهو ته تيليءَ کان ٿنڀ بنايو ڇڏين. ڪهڙو آفيسر، ڪهڙو وزير ڇا ٿو ڪري، ڇاٿو کائي، پاڻ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ٻڌائيندا آهن.

 

•”ڪيئن آهين؟“

”جنجال ۾ ڦاسي ويئي آهيان. پاڻ سمورو جنجال منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هليا ويا. ٻارن جو ته ڪو خيال نه اٿن.مان زال ذات ڪيترين ڳالهين کي منهن ڏيان؟“

”ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿي ڪرين؟ ٿيو ڇا آهي؟“

”ڪاوڙ نه ڪريان ته ٻيو ڇا ڪريان؟ ڪنهن جي ملڪيت کي ڪير ٿو کائي ۽ ڪير ٿو ماڻي؟ کار گهليءَ جي زمين تي ڪنهن  قبضو  ڪيو آهي؟ رِنڪو  وڪيل ته آهي پر  ڪورٽ ۾ وڃڻو مون کي ٿو پوي. مان اوڏانهن  وڃڻ لاءِ ٿي چوانس ته چوي ٿو ته فصل جو حصو وٺڻ لاءِ ڳوٺ وارن جي مار کائڻي آهي ڇا!“

رهاباريءَ جي جاءِ جي مسواڙ وصول ڪرڻ  لاءِ به مون کي ئي وڃڻو پوندو آهي. ڪيس ۽ اصيل ته آهيس ڪو نه،  سمورو  ڏينهن ڪورٽ ۾ ويهي تاش کيڏندو رهندو آهي. گهر ايندو آهي ته زال سان سس پس ۽ کل ڀوڳ ڪندو رهندو آهي. جوڻس جو ٻوٿ سُڄيل رهندو آهي. اڄڪلهه جي ڪاليج  پڙهيل ڇوڪري جو ٿي!  مون کي منهنجي منهن تي چئي ڏيندي آهي: ’اهو سڀ پيسو ڊس آنيسٽيءَ سان ڪمايل آهي.‘

”تنهنجي مڙس جي قانوني طرح ڪمايل پيسن مان ٻن ويلن جي ماني به نصيب نٿي ٿئي. ڦاٽل ڪپڙا پائي پئي گهمين ها. هاڻي ٻئي جي ملڪيت تي رعب ٿي ڏيکارين. تنهنجو مڙس ڪنهن جي پيسي جي زور تي گاڏي  ٿو ڊوڙائي؟ ڪنهن جي پيسن جون ساڙهيون پائي هر شام پارٽين ۾ ٿي وڃين؟ تنهنجا ٻار ڪانوينٽ ۾ پڙهن ٿا ڪنهن جي پيسن سان؟ مان چوانءِ ٿي ته مون عورت کي کپي به ڇا؟ وري به ڀلو ٿئي منهنجي ناٺيءَ  جو، هُوئي منهنجن ڪمن ۾ هٿ ٿوونڊائي.“

”چڱو اهو ته ٻڌاءِ ته منهنجو  مڙس توکي ڪڏهن ياد ايندو آهي؟“

”ياد ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪٿي  ملي ٿو، جنجال مان فرصت ملي تڏهن نه!“

”بلڪل ياد نٿو اچي؟“

”صبح پوڄا مهل سندس تصوير تي نظر پوندي آهي ته ياد ايندو آهي. ڇا ٻڌايان ته سمورو جنجال منهنجي مٿي ۾ مڙهي ويو.“

 

•”ڪيئن آهين؟“

”منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن به ختم ئي نٿا ٿين. منهنجي جسم ۾ ڏاڍو سور آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان اُٿي به نٿي سگهان بستري تان. پاڻيءَ جو گلاس گهرڻ تي به نٿو ملي. وقت تي ڪو دوا ڏيڻ وارو به ناهي. ڊاڪٽر شرماوئلور وڃڻ لاءِ چيو هو، پر ڊاڪٽر چوڌري چوي ٿو ته ڊائبٽيز جي مريض جو آپريشن ڪرڻ مناسب ناهي. هورِنڪو جو دوست جو آهي. ٻئي هڪ صلاح آهن. ڪيترن ئي ڊائبٽيز جي مريضن جا آپريشن  ٿيندا رهن ٿا. مون کي ڇا خبر ناهي؟ دراصل مان پوڙهي مري وڃان ته کين چين ملي.“

”پنهنجي اولاد جي باري ۾ ائين نه  سوچڻ گهرجي. هو سار سنڀال ڪري رهيا آهن.  بيماري به ته خراب آهي.“

”پنهنجو اولاد آهي ته ڇا ٿيو، سڀني کي منهنجي موت جو اوسيئڙو آهي. سندن پيءُ سموري ملڪيت منهنجي نالي ڪري ويو آهي. هاڻي اولاد وِل (Will) ڪرائڻ  چاهي ٿو. نُنهن ته گهمائي ڦيرائي چوي ٿي ته کار کار گهليءَ جي زمين ديپوءَ کي يعني منهنجي پوٽي کي پسند آهي. هو وڏو ٿي اُتي پنهنجو  بنگلو جوڙائيندو. ڌيءُ-ناٺي ته چپ پيا چٽين ته مان وِل کان سواءِ مري وڃان ته سندن حصو وڌيڪ ٿئي. رڳو رِنڪو  کي ڪوبه خيال ناهي. هُو چوي ٿو ته ’تون ٺيڪ ٿي ويندينءَ، امان!‘ ٺيڪ ڌوڙ ٿينديس. مان مري وينديس ته توکي صفا پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيندا. اوهه…اوهه..سور وڌي رهيو آهي. هو ڪمپائونڊر حراميءَ جوڦر به ته وقت تي نٿو اچي سُئي هڻڻ. زندگي بس گهليان پئي. هاڻي سڏڻ تي به ڪو نٿو اچي.“

ڊاڪٽر مون کي ڪنهن به حالت ۾ بستري تان اُٿڻ کان منع ڪئي هئي. پوءِ به نُنهن جا ناراضگيءَ جي باوجود پوٽي کي ساڻ ڪري  نڪري پيو آهيان. پر ڊپ ٿو لڳيم ته ڪٿي مٿو چڪرائجي نه وڃي ۽ ڪـِري نه پوان. بلڊپريشر جو سور سهي رهيو آهيان.

ڪيترائي ڀيرا ائين ئي پچيم، ”ڪيئن آهين؟“ اصل سوال ته ڪڏهن پچيم ئي ڪو نه. ڪيترائي ڀيرا پڇڻ چاهيم پر وات مان نه نڪتو. ’ڇا توکي خبر آهي ته مون به توکي چاهيو هو.‘ ٿوري همٿ ڪرين ها ته ’ڇا تون هڪ لوئر مڊل ڪلاس  جي ماستر سان وهانءُ ڪري سُکي رهين ها زندگيءَ ۾؟‘ اڄ پڇندس.

[انگريزيءَ تان]


 

آتم ڪهاڻي-3

رمز رانجهن جي نتِ نتِ نياري

عنايت الله عباسي

سخت آرهڙ جي ڏينهن ۾ پگهر ٽم ٽم ڪندو پيو ڳڙندن ۽ ساري ڏينهن جي ڏهاڙي به وري ڇا، فقط ڏيڍ رپيو! تڏهن به خدا جا بندا سارو ڏينهن خوش گذاريندا. هڪٻئي سان چرچا گهٻا ڪري پورهيو ڪري وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا. اُن زماني ۾ کٽين ۽ ڌوٻين جا ڪارخانا گهڻو ڪري سندن گهرن ۾ ئي هوندا هئا. سندن گهر به وڏا، اڱڻ ڪشادا، ڌوئڻ لاءِ شاهي هوديون، سُڪائڻ لاءِ ڪافي زمين. اهو پوءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ٽنڊي ولي محمد ۾ ’ڌوٻي گهاٽ‘ ٺهرائي ڌوٻين کي هوديون ۽ ڦرها الاٽ ڪيا. ان ۾ پاڻي چوويهه ڪلاڪ مهيا ملندو هو ۽ هن هيڏي ساري سهوليت جي سالياني مسواڙ صرف اڍائي رپيا هئا. هندو مارواڙي جيڪي ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم ڪندا هئا، سي ’ڌوٻي‘ سڏبا ۽ مسلمان وري ’کٽي‘ سڏيا ويندا هئا. ڪپڙي جي مر، مير، مٽي ڪڍڻ، ڌوئي صاف اُجرو ڪرڻ، ڪپڙن تان سڻڀ، مس، پان جي ڪَٿي جا داغ ۽ رنگ  جا ڌٻا لاهڻ کان علاوه ڪپڙي کي اِستري ڪري بنائڻ جا، سنڌي سومرا کٽي لاجواب ڪاريگر هئا ۽ آهن.

’ڌوٻي گهاٽ‘ بنجڻ کان اڳ جن کٽين کي گهر تي پنهنجا ڌوٻي گهاٽ نه هئا، سي وري گڏهن تي ميرا ڪپڙا کڻي وڃي ڪاري موري ڦليليءَ تي ڌوئيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڌوئي صاف ڪري سُڪائي، هَڙون ٻڌي،  گڏهن تي گهر کڻي ايندا، جت گهڻو ڪري سندن زائفائون  استري ڪنديون هيون. جيڪي ڌوٻي ڦليلي يا ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئيندا هئا، سي سڀ کُنڀ گهر ۾ ئي چاڙهيندا هئا. ڪي ڪي ته کُنڀ به ڌوٻي گهاٽ ۾ چاڙهيندا هئا. اڳ به ذڪر ڪيم ته هندو کٽي ڌوٻي سڏبا هئا، اُنهن وٽ ڍوئڻ لاءِ گڏهه گاڏيون هونديون هيون. سندن  برادريون به وڏيون هيون. سنڌي کٽين جا وري وڏا ويڙها هوندا هئا. ناهين جي پـِڙ، کُدو شاهه جي پـِڙ جمن شاهه جي پـِڙ ۾ سندن وڏا شاهي گهر هئا. سکيا، ستابا، پنهنجين جاين جڳهين وارا، جانورن ۽ هلٽ وارا، سندن ڪاڄ ڪڙا به مزيدار ته ريتون رسمون به نراليون.

هندو ڌوٻي وري ڌرمي وڏن ڏينهن تي ۽ شادي وهانءَ ۾ خوشي ملهائڻ خاطر ’تاڙي‘ پيئندا هئا. تاڙي هڪ سستي قسم جو نشو  هوندو هو، جو گهڻو ڪري غريب غُربو هندو واپرائيندو هو. اڪثر ڀنگي، ڀيل، ميگهواڙ، ڪاڇيڙا، ڪولهي ۽ مارواڙي ڌوٻي ’تاڙي‘ جام واپرائيندا هئا. چئين آني گلاس، اهڙا ٻه چار گلاس چاڙهي جو ٻاهر نڪرندا  ته بلي پير زمين تي ڪو نه ٽـِڪندن! مياڻي روڊ تي وڏي تاڙي شاپ هئي(Today-Shop)، جنهن کي ماڻهو ”تاڙي ڇاپ“ ڪري سڏيندا هئا. تاڙي ٺاهڻ جو طريقو اهو هو ته کجيءَ جي وڻ جي ٿڙ مان تازو رس ڪڍي مٽڪن ۽ ڪاٺ جي پيپن ۾ ٿورو نوشادر ملائي اُهي مٽ ۽ پيپ ڪنهن مخصوص مدت يا ڏينهن لاءِ زمين ۾ پوري ڇڏيندا. ڪجهه عرصي کان پوءِ اُهو کجيءَ جو رس مچي، منڌ ڪري ’مڌ‘ ٿي پوندو. پوءِ اُها اتان ڪڍي، ڪاٺ جي پيپن ۾ بند ڪري، مٿان ڪمپنيون پنهنجو نالو ۽ Tradeb Mark لڳائي، ٻڌي حساب سان تاڙي شاپن ڏانهن روانا ڪنديون، جت بار (Bar) وارو نمونو ٺهيل هوندو. بينچن تي ويهي غريب غربو اٺين، ٻارهين آني جي تاڙي پي نشي ۾ ڌُت ٿي وڃي گهر جا ٽپڙ ڀڃندو هو. مسلمان کٽين جا وري شادي وهانءُ ۽ ڪاڄن ڪڙن جا اجايا کٽراڳ ۽ ججها جهنجهٽ، راڄ جي ماني، برادرين جا ڀت، بُسريون، تاهريون، وڏيون مانيون، نيکيٽيون، سڀ نراليون. اُنهن رسمن رواجن ريتن ۽ روايتن  جو ذڪر، وضاحت سان مڙئي ڪنهن ٻئي باب ۾ ضرور ڪيو ويندو.

ها سائين! هاڻ ڪجهه اڳتي هلجي… زندگيءَ جي تڇ حقيقتن کي جي تـِر جيترو به سوربو ته اُهي ڪنهن دال يا ڀاڄيءَ جي ٽهڪندڙ ديڳڙي جي مٿاڇري واري اُڀامندڙ گِجيءَ وانگر نظر اينديون. پوءِ جي ڦوڪي، ڦولهي اُن سطح تي نظر ڪبي ته اُن پاڻياٺ ۾ گذريل حياتيءَ جا مشاهدا ۽ واقعا، ويرون ويرون ٿي ٻاڦ جي ڌنڌلي عڪس ۾ نمايان نظر ايندا. خميسو جيتوڻيڪ صفا جهونو ٿي ويو هو، پر  تڏهن به ٻيو نه ته به ڳالهائڻ  ۾ اڃا کڙائيءَ تڙائيءَ وارو هو. جوانيءَ ۾ خميسو خان به بلي هو.  هميشه ڀلو گڏهه ڌاريندو. اُن وقت گڏهه رکڻ، ڌارڻ، تاتڻ ته کٽين جو مها مَرڪ هو، پر خميسو اهڙو گڏهه رکندو هو جو سواريءَ جو ڀلو هجي. وٽس مال ڍوئڻ، ڌوٻي  گهاٽ تان آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ٻيا  ڪيترائي گڏهه هوندا هئا، پر سندس ذاتي چڙهيءَ جو جانور سائين ڀلو هوندو هو. اُن جي خدمت به دل جان سان ڪندو هو. کرڙو هڻڻ وقت سُرهي صابڻ سان وهنجارڻ. جانور به شڪل شبيهه جو سهڻو ۽ صاف رنگ  جو رکندو. صبح کان شام تائين ٻين گڏهن تي پيو گهر ۽ ڌوٻي گهاٽ تائين ڪپڙا آڻڻ ۽ نيڻ جا ڦيرا ڪندو. شام ٿي ته خميسو ڪنهن جو به ڪين  هوندو. ڏاڍو وهنجي سهنجي، سفيد پڻئي جي گهير واري شلوار، ريشمي ڪڙتو، ٽڪڙن سان ۽ زريءَ سان بارڊر وارو واسڪوٽ گهڻو ڪري ناسي بخمل  جو، مٿي تي بوسڪيءَ جوپٽڪو، پيرن ۾ ڪڏهن ڀوري بف جو سينڊل، نه ته  ڳاڙهي Galscet جو سنهڙي چهنب ( Norrow Toe) سان بوٽ،  اکين ۾ ڏاڍا ڪجل ڌجل پائي، گڏهه جي پٺيءَ تي فرسٽ ڪلاس ريشمي چادر  وجهي ريشمي واڳ جهلي گهران نڪرندو. واسڪوٽ جي هڪڙي کيسي ۾ Gold Flake سگريٽ جو پاڪيٽ، جيڪو ان وقت پنجين آني ملندو هو ۽ ٻئي کيسي ۾ ٻه ماچيس ۽ ٻيڙين جو بنڊل، پنجويهه پن جي ٻيڙين جو بندل هڪ آني کان ڇهين پئسي تائين ملندو هو. اندرئين کيسي ۾ ٻه چار چانديءَ جا رپيا وجهي، گڏهه تي سوار ٿي گهمندو ته ائين سمجهندو هو ته جهڙو شوقين مڙس اوڙي پاڙي ۾ آهي ئي ڪونه…!واقعي اُهو عجب وقت هو. خميسو چوندو هو: ” عباسي صاحب، اُن وقت ۾ ٽڪي چانهه جو ڪوپ، مٿان ملائيءَ جو چڪو وجهي ڏيندا. توهان  جو والد صاحب  حڪيم  عبدالڪريم صاحب  شام جو اسپتال ۾ ويٺو مريض ڏسندو ته آءٌ به بينچ جي ڪنڊ وٺي  وڃي ويهندس. مريض جي رش گهٽ ٿيندي ته مون ڏي  مخاطب  ٿي چوندو: ”ها خميسا، ڪپڙا ته ڪالهه ڏئي ۽ کڻي وئين، هاڻ وري آيو هوندين خرچيءَ لاءِ.“ آءٌ  ڪنڌ ڌوڻيندس. واسڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهندو، جيڪو آيس آڌيو يا پائلي- بس عيد ٿي ويندي. ”ميان عنايت الله ان وقت خرچيءَ ۾ پائلي وڏي ڳالهه هئي. سارو ڏينهن نبري ويندو خرچيندي پر آنا نه کُٽندا! سائين! ڪيئن ٿا ڀانيو اُهي وقت؟ ٻارهين آني سير فرسٽ ڪلاس ٻاڪرو حلواڻ جو گوشت ملندو هو. توهان جا ڪپڙا پنج رپيا سيڪڙو ڌورائيندا هئس. اُن ۾ ننڍا وڏا ڪپڙا پنجين روپئي هڪ سَو.“

سنڌي کٽين جي واقعي انگريزن جي دَور ۾ لئي هوندي هئي. هندو سنڌورڪي ولائتن  مان ڪمائي آڻي سنڌ ۾ خرچ ڪندا. اتان طرحين طرحين جا قيمتي ڪپڙا ۽ فيشن آڻيندا. کٽين کي ڏينهن وار تي خرچيون به خوب ڏيندا ته مٺايون، لولا وغيره به جام ملندا هئن. اُن کان سواءِ سندن ڌوئڻ لاءِ آيل ڪپڙا هي زالين مڙسين ائين ئي پيا استعمال ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان بنجڻ بعد، هندن جي سنڌ مان لڏي وڃڻ ڪري وڏن شهرن جا ڪمي ڪاسبي ۽ ڪاريگر طبقو گهڻو متاثر ٿيو. رازا،  واڍا، وغيره ته ڪجهه وقت جي ڪسمپرسيءَ کان پوءِ پاڻ سنڀالي ويا، پر کٽي اُسري نه سگهيا. منهجانئن گهڻن وڃي نوڪريون ڪيون. ڪن پان ٻيڙيءَ جون مانڊڻيون  کوليون. جن جا پنهنجا هلٽ ۽ ڪارخانا بند ٿي  ويا، سي وري وڏين  واشنگ ڪمپنين ۾ ڌوپَ ۽ استريءَ جا روزنداريءَ تي ڪاريگر بيٺا. ان وقت حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم  ٿي ته خميسو به شروعاتي پٽيوالن جي ڀرتيءَ ۾ کڄي ويو. هن پنهنجا ڪيترائي مائٽ ۽ ذات وارا سومرا يونيورسٽيءَ ۾ پٽيوالي طور ڀرتي ڪرايا. سگهوئي وي سي صاحب جو نائڪ ٿيو. هن گهڻو ڪري سڀني وائيس چانسلرن جي خدمت ڪئي. علامه آءِ. آءِ. قاضي کان وٺي ڊاڪٽر بلوچ صاحب تائين نائڪ رهيو. سفيد ڪوٽ ۽ لونگيءَ جو پٽڪو، سفيد ڪلر ڏاڍو ڀلو لڳندو هئس. پاٺڪن مان ڪيترا نائڪ خميسي کي سڃاڻندا هوندا.

چئي، ”ميان! مهانگائيءَ جو ويل  ٻريو پيو آهي. اسان جنهن سستائيءَ ۽ سهنگائيءَ وارا وقت ڏٺا، تن کي هي دَور ڄڻ ته کائڻ ٿو اچي. ميان! سَو جو نوٽ ڏاڍن جتنن سان جُڙندو (گڏ ٿيندو) هو. ڏينهن رات پگهر وهائي پورهيو ڪبو هو، تڏهن مس مس وڃي چئين پنجين مهيني سَو جو پتو ٺهندو هو. اُن وقت پيسي جو وڏو قدر هو، هاڻ ته ڀنگي به پيا هزارين ڪمائين. اسان جا به وقت هئا. ميان! اعتبار ڪندين، پنجين رپين ۾ عيد جو سارو اهتمام ٿي ويندو هو-تنهن ۾ وڏي گهير سان شلوار، گوڏن کان هيٺ قميص، گنجي ۽ بوٽ. رام ليلا پڻيو آنو وال، عاليشان ڪوالٽي، هٿ هڻينس ته گسڪي وڃي. اوچي ۾ اوچي پاپلين ڇهه آنا وال، ڇهه آنا گنجي ۽ اهڙو اڍائي رپئي سوڙهي چهنب سان فرسٽ ڪلاس چمڙي  جو بوٽ…سائين! ڪيئن ٿا  ڀانيو اُهي وقت!“

واقعي اُهي ڏينهن ته هئا خميسي خان جي وقت جي ماڻهن جا، پر اسين به پنهنجي ننڍي ٽهيءَ واري وقت ۾ پنجن رپين جي نوٽ مان ڏاڍا جاوا ڪندا هئاسين. عيد جي ڏينهن  پنج ڇهه دوست عيد جي مليل خرچيءَ مان پنج پنج  رپيا Share ڪڍنداسين. ان کي چون Tomy Share، ڇهه پنجان ٽيهه. هڪ اسان جو عامل ديوان دوست سڀني جي خرچ تي. عيد نماز پڙهي، مٽن مائٽن سان عيد ملي، خرچيون خڙيون ڇڏائي. صبح جو ڏهين ڌاري اسان جي اوطاق تي گڏباسين. ان وقت عيد جي خرچي چيو ويندو هو ۽ هاڻ اُن کي چون ”عيدي“، اِهو اُردو جو لفظ آهي، جو اڄڪلهه عام مروج آهي، پر اڃا به ڪيترا اهڙا ڪٽنب آهن، جي عيد جي خرچي چون.

عيد جا ٿي ته ملهائڻي به ضرور ۽ کيسي ۾ جام خرچي جا اچي گڏ ٿئي ته ان کي خرچڻ به لازم، نه ته عيد وري ڪهڙي؟ ساري سنگت شيئر ڪري ڏوڪڙ ڏيندا هئا مون کي. اهو انڪري  نه ته ڪو آءٌ ايماندار هئس، پر حساب ڪتاب جو پڪو ۽ ياداشت جو تکو هئس. روڊ مان اچي وڪٽوريا گاڏي ڀاڙي تي ڪنداسين. ٻولي ٿيندي صبح جو يارهين وڳي کان شام جو پنجين وڳي تائين، سڄا سارا ڇهه ڪلاڪ ۽ ڀاڙو وري ڇا، صرف پنج رپيا. ڪوچوان جو چانهه پاڻي، پان سگريٽ ۽ منجهند جي ماني سان جي بـِلي. وڪٽوريا واري کي ’داس‘ گارڊن هلڻ کاءِ چونداسين، (جيڪو هاڻ ’راڻي باغ‘ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو). انگريزن جو دَور هو، صاف سٿرو ماحول هو. ايڏو آدم ڪو نه هو. اُن باغ کي جهونا ۽ پوڙها ساليانو باغ سڏيندا هئا. اُن وقت به حيدرآباد ميونسپالٽيءَ پاران سنڀاليو ويندو هو ۽ اڄ ان جي ملڪيت آهي.

فرق صرف ايترو  هو ته اُن وقت شهر ۾ هندن جي اڪثريت هوندي هئي، انڪري آباديءَ جي  لحاظ کان حيدرآباد شهر جي ميونسپالٽيءَ ۾ هندو ميمبر ( جن کي ميونسپالٽيءَ جا ميبر چوندا هئا) گهڻا چونڊجي ايندا هئا. مسلمان ڪائونسلر آڱرين تي ڳڻڻ تي ڳڻڻ جيترا هوندا هئا. قاضي عبدالقيوم (قاضي اڪبر ۽ قاضي عابد جو والد صاحب) حاجي غلام علي ميمڻ، سيٺ ڪمال الدين ميمڻ، مرزا فيض علي، سيٺ عبداللطيف ميمڻ، نيڪ محمد سيلاٽو، فيض محمد سيلاٽو، محمد بخش قريشي ۽ ٻه چار ٻيا، جن جا نالا هينئر دماغ تي نٿا تري اچن.

هندو قوم صحت ۽ صفائيءَ جي اصولن جي سختيءَ سان عمل ڪندي هئي، اهوئي سبب هو جو ساليانو باغ (راڻي باغ) خاص شهرين جي صحت ۽ وندر لاءِ مخصوص هو. جيتوڻيڪ اسلام به صحت صفائيءَ جي خاص تلقين ڪري  ٿو، پر مسلمان اُن تي عمل ڪرڻ کان وانجها  ۽ وائڙا صبح شام ماڻهو وڃي باغ جو سير ڪندا هئا. جيئن ته باغ شهر کان ڳپل پنڌ تي آهي، انڪري شاهوڪار ۽ سرند ماڻهو پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين کي بگين (وڪٽوريا گهوڙي گاڏين) ۾ چاڙهي وٺي ايندا هئا. پڪا پوڙها صبح شام واڪ ڪندي هوريان هوريان پڄي ويندا. ننڍي ٽهي، نوجوان ۽ ڇوڪرا وري جاگنگ ڪندا پهچندا هئا..

صبح جو سوير  عجب  سمو هوندو هو. طرحين طرحين پکين جون مٺڙيون ٻوليون ۽ لاتيون، سانتيڪي ماحول ۾ ڏاڍو لطف ڏينديون هيون. عمر رسيده ۽ پوڙها وري پير اگهاڙا ڪري ڇٻر تي  پسار ڪندا. صحت جي اصول مطابق پير اگهاڙا ڪري چهچ سائي ڇٻر تي هلڻ، پسار ڪرڻ پيرن جي تـِرين کي سائي نرم ۽ ٿڌي ڇٻر جو ڇهاءُ ڏيڻ  سان انسان جي اکين جي جوت وڌي ٿي، نظر تيز ٿئي ٿي ۽ اکيون بيمارين کان محفوظ رهن ٿيون، پر هاڻ ته توبهن جي جاءِ آهي! هن وقت حيدرآباد جي ميونسپالٽي ڪارپوريشن آهي، پر اهڙي ته سُڃي ۽ بيڌيان جو اُن باغ جو هڻي حُليوئي بگاڙي ڇڏيو اٿائين. باغ ۾ ڳچ جڳهه نرسري ۽ گلن ڦلن جي افزائش لاءِ مخصوص هوندي هئي، جتان شهري سستي اگهه تي پنهنجي پسند جي گلن ڦلن جون ڪونڊيون  ۽ ٻوٽا خريد ڪري وڃي پنهنجا گهر سڳنڌ ۽ سونهن سان سينگاريندا هئا، سي هاڻي خانگي نرسري وارن ڏانهن عجب وچان تڪي رهيا آهن، جو هنن جا اگهه ۽وات اهڙا ته  وڏا آهن جو لاچار ايئر فريشنر تي گذران پيا ڪن.  رهيو سوال سانتيڪي ماحول جو، ته هندو مسلمان پڙهيل ۽ سنجيده هوندا هئا. اُهي ۽ سندن ٻار حقيقي معنيٰ ۾ باغ جي سير جو لطف وٺندا هئا.

هاڻ هڪ ته آدم ايترو گهڻو جو ڪا سانتيڪي جاءِ ملڻ مشڪل. ٻيو هل  هنگامو، ٽرڙائي، هو هو، رڙيون، ڪيڪون، ٽيون اُن نرسريءَ واري هنڌ تي فن فيئر جو ٽڪساٽ، جت شريفن جي ٻارن جي شرافت جا ڇوڏائي لهيو وڃن. هن شهر ۾ ڪهڙا نه سندر سندر باغ بستان  هئا  ۽ هن موجوده وقت ۾ اُتي ڪهڙي ماجرا آهي. اُن جو خلاصو ذڪر ڪنهن ٻئي باب ۾ ڏبو. هن وقت ته خيالن ئي خيالن ۾ عيد جي  ڏينهن سالياني باغ جو سير ڪندا الائي ڪٿان جو ڪٿي نڪري وياسين.

ها، سو ڳالهه پئي هلي عيد ڏهاڙي راڻي باغ گهمڻ گهتڻ جي. اُن کان پوءِ منجهند ڌاري اچي صدر پهچنداسين. ڪراچي هوٽل (هاڻ اليڪٽرانڪس جو دڪان) سامهون خواجه غريب نواز هوٽل (هاڻ الڪٽرانڪس جو دڪان) هوندي هئي. ان ۾ گهڙي وينداسين. گاڏيءَ  وارو پنهنجي گاڏي مور حجام جي دڪان اڳيان ڇانو ۾ بيهاريندو ۽ گهوڙي کي گاهه کارائيندو. هوٽل ۾ هٿ منهن ڌوئي، هڪ ڪيبن جهلي ويهنداسين مس ته بيرو علاؤالدين جي چراغ واري جـِن  جيان اچي در جي پڙدي ۾ حاضر ٿيندو. اُن وقت جي رواج مطابق ”ڇا ڇا  تيار آهي؟“ پڇيو. (هاڻ ته هر ٽيبل تي ڇپيل Menu رکيل هوندا آهن. بس پوءِ ڄڻ ته بيري کي فونوگرام واري چاٻي اچي ويئي. دراصل اُن وقت جي بيرن کي کاڌن ٻڌائڻ جي ايڏي ته پرئڪٽس هوندي هئي، جو تڪڙو تڪڙو سڀني شين جا نالا ٻڌائي ويندو. جيئن پرائمريءَ جو شاگرد ٻـِڪي جو کوڙو ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار…يڪساهي ٻڌائي ويندو آهي، تهڙيءَ طرح بيرو چوندو…ڀُڳيلو، ڪوفتا، ڪليچي، روسٽ، ڀاڄي گوشت، پياز چانپ، مغز روسٽ، بيدا روسٽ، قيمو، پاوا برياني…وغيره.

سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُن وقت ڪنهن به هوٽل تي ڪڪڙ (مرغي) جي ڪا به ورائٽي ڪا نه ملندي هئي، نه ٻوڙ نه تريل يا پڪل. اُن جو مکيه سبب اِهو هو ته حلواڻ جو ٻاڪرو گوشت هوٽلن ۾ واپرايو ويندو هو. برياني ۽ روسٽ ۾ سنڌ جي ٿري ۽ جابلو ٻڪرين جو وڏيرڙو گوشت ڪتب آندو ويندو هو، جو هڪ ته ارزان هو ۽ ٻيو اُن ۾ عجب شيري ۽ سواد هوندو هو. وري هوٽلن جا بورچي به رڌڻ جا اهڙا ته ڪاريگر، جو ڇا چئجي! خاص ڪري ڀڳيلو، قنڌاري نان سان واهه جو مزو ڏيندو هو. هاڻ نه گوشت ۾ اُها شـِيري رهي آهي ۽ نه وري رڌڻ وارن جي هٿن  ۾ شـِيري ۽ رس چس! اُن کان سواءِ ٻاڪري گوشت بدران ويساهه گهاتي ۾ گهيٽن ۽ رڍن جو گوشت پيو هلي، جنهن ۾ نه شـيري نه سواد، انڪري هن موجوده دَور ۾ ڪڪڙ تي ڌُم آهي. ڪڪڙ به وري ڪهڙا؟ فارمي، جنهن  جو سواد وري پنهنجو. مڙئي نالو مرغي، کڻي کاءُ ته مرگهي. جي ديسي ڪڪڙ ته اُها به نامراد اهڙي جو ڳرڻ جو نالو نه وٺي. کائڻ مهل ڇڙو آهي ڇڪتاڻ، ٻيو مڙئي ٿيو خير. لاچار شوروي سان پيٽ ڀري اٿيو کڙو ٿجي.

واقعي اُن وقت مرغيءَ جو مامرو هوٽلن  تي ڪو نه هوندو هو، پر جي ڪنهن وٽ مهمان ٿي وڃبو هو ته هڪدم ڪڪڙ ڪُسجي ويندو هو، ٻوڙپلاءُ تيار ٿي ويندا هئا. مهمان سمجهندو ته سندس عزت ٿي ۽ ميزبان مُرڪي مُنهن مٿي ڪندو ته ميزبانيءَ جو حق ادا ٿيو. اِهي هئا اُن وقت جا قدر ۽ احساس. سو سائين! ويٺا هئاسين صدر جي خواجه غريب نواز هوٽل ۾، جتي بيري کاڌي جو مينووري وري ورجايو، ۽ سڀ ڪنهن پنهنجي فرمائش ۽ پسند جو کاڌو طلب ڪيو. آرڊر ڏنو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ چوڪنڊي يا گول پٿر جي ٽاپ واري ٽيبل قسمن قسمن جي ٻوڙ وارين رڪيبين ۽ پليٽن سان ڀرجي ويندي. گرم گرم قنڌاري نان ايندا ويندا ۽ منٽن ۾ ئي رئي ٿيندا ويندا. بيري کي ٻاهر وڪٽوريا گاڏيءَ واري کي به ماني پهچائڻ جو آرڊر ملندو، جيڪو گاڏيءَ ۾ ويهي کائي سيراب ٿيندو.

مانيءَ مٿان وري ٻاٽلين جو دَور هلندو، هر ڪو پنهنجي پسند جي پيئندو. ليمن، وِمٽو، آرينج، راس بيري ۽ آئسڪريم سوڍا وغيره. ڇوڪر جو ٿياسي، عيد ڏينهن لئي نه ڪن ته ڪڏهن ڪن. ڪانچ جي ڌاريدار گلاسن ۾ مشروبات ڀرجي ايندا. اُن ۾ پوپا (Straw) پئجي ايندا. کائي پي، هٿ ڌوئي،  واندو  ٿبو ته بيرو صاف سٿرو ٽوال کڻي ايندو. هٿ اگهي ٻيا ته سڀ ٻاهر هليا ويندا ۽ آءٌ پهچندس بل ادا ڪرڻ لاءِ ڪائونٽر تي، جت بيرو اڳ ۾ ئي موجود هوندو. مون کي ڏسي وڏي آواز سان چوندو: تيرهن رپيا ٻارهن آنا. آءٌ هڪ ڏهين جو ٻيو پنجين جو نوٽ ڪڍي ڏيندس. باقي سوا رپيو واپس ملندو، اُهو رکندس بيري جي تريءَ تي. اُن زماني ۾ ايڏي بخشش (Tip)ڪنهن قسمت واري کي ملندي هئي. ٻاهر نڪري ڪنڊ تي پان واري دڪان تان سادا خوشبودار پان وٺبا. سڀ وات ڳاڙها ڪري ويهندا گاڏيءَ ۾ ۽ وري ٻيڙين جو بنڊل رکبو گاڏيءَ واري جي هٿ تي. اِتي اچي منجهند لڙڻ شروع ڪندي ۽ گاڏيءَ واري کي پاڙي ۾ پهچڻ  لاءِ چونداسين. پاڙي ۾ پهچي سڀڪو وڃي پنهنجي گهر وارن کي منهن ڏيکاريندو. ٻين سان ته الائي ڪهڙي ويڌن ٿيندي هئي، باقي مون کي ته سڀ پيو سُجهندو هو. بابا سائين ۽ گهر وارا سڀ ماني ڌاني کائي فارغ ٿيل هوندا. والد صاحب جن مسجد مان وچين (ظهر) نماز پڙهي، پنهنجي ڪمري ۾ هوندا، پر سجاڳ. منهنجو آواز ڪن تي پوڻ شرط هڪدم حڪم ٿيندو. ”عنايت! هيڏانهن  ته اچ.“ سندن اڳيان وڃي بيهندس. ”ڪيڏانهن ويو هئين؟“ ”بابا سائين، دوستن سان گڏ گهمڻ ويا هئاسين.“ ماني کاڌي اٿئي؟“ ”هوٽل تان کائي آيا آهيون.“ اهو جواب ٻڌي ليٽيل هوندا ته اُٿي ويهندا، جي آرام ڪرسي تي ويٺل هوندا ته ڪنڌ سان پاڻ ڏي اچڻ جو اشارو ڪندا. آءٌ ويجهو ٿي بيهندس ته ڪن ۾ آهستي هٿ وجهي چوندا ”هيٺ ٿئي…ڪُتي لت هڻيئي…مڇر منهن پَٽئي.“ پوءِ ويهي سمجهائيندا ”بابا، عيد جي ڏينهن گهر ۾ چڱي مقلف ماني تيار ٿئي ٿتي پر توهين  سڀ ٻاهران ڪـِن ڇن کايو اچو. سڳورو ڏينهن نه هجي ها ته سزا ملي ها. هاڻ وڃي آرام ڪريو.“ واقعي عيد جي ڏينهن تي چڱو چوکو کاڌي  جو اهتمام ڪيل هوندو هو. گوشت جا ٻن قسمن جا ٻوڙ، ڪڪڙ جو پلاءُ ۽ گوشت جي برياني، چاشني الڳ. ميوات به موسم آهر هرڪا موجود هوندي ۽ مشروبات به جام مهيا هوندا. پوءِ بابا سائينءَ جي دوستن، مهمانن ۽ نوڪرن جا جاوا هوندا هئا.

شام جو چئين  وڳي جيئن بابا  سائين هيٺ اسپتال لاءِ لهندا ته آءٌ کائيندس ڪلٽي. وري سڀ يار دوست گڏ ٿي گاڏيءَ ۾ چڙهنداسين شام جي  چڪر لاءِ. گاڏي تلڪ چاڙهي ڏئي هيٺ لهندي. زناني اسپتال وٽان ٿيندي، قلعي وٽان اسٽيشن کان ڦري رِشي گهاٽ  وٽان گهڙندي شامداس پارڪ ۾ پهچندي. اُتي اڌ ڪلاڪ کن باغ جو سير ۽ راند روند ڪري وري چڙهنداسين گاڏيءَ ۾. ڪاري موريءَ وٽان نسروانجيءَ جي برف جي ڪارخاني کان ٿي گاڏي مـِل ڪالوني ۽ هيرا آباد لتاڙي اچي اسڪول روڊ تي ايراني هوٽل شيرازين هائوس تي بيهندي. هتي چانهه، پيسٽري، مَٽن پيٽيز کائي فارغ ٿينداسين. اُتي به پنج ڇهه رپيا بل ايندو. شام جو ڇهين ڌاري اچي پاڙي ۾ لهنداسين. ياد رهي ته ايراني هوٽل تي گاڏيءَ واري کي اسپيشل چانهه ۽ ڪيڪ پيٽيز اسان جي بل مان ملندو هو. گاڏيءَ واري کي ٻوليل ڀاڙي پنجن رپين کان علاوه ٻه رپيا عيد جي خرچي ڏئي روانو ڪبو. اسان جي اوطاق تي ويهي آءٌ اُتي حساب ڪندس. ٻي ساري سنگت ڪچهري ڪندي رهندي. ساري ڏينهن جي گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، بخششون، خرچيون ڌرچيون ڏيڻ کان پوءِ اڃا به چار پنج رپيا بچندا، جيڪي گهڻو ڪري شيئرس هولڊر کي واپس ڪيا ويندا، جيڪي گهڻو ڪري چند آنا هوندا هئا، پر سائين اُن وقت اُهي چند آنا به وڏي اهميت رکندا هئا. هن وقت عيد ڏهاڙي چند آنا ته ڇا، پر رپين تي به ڪنهن ٻار جي اک ئي نه ٿي ٻُڏي! سو ائين هوندي هئي اُن وقت اسان جي عيد! سبحان الله، ڇا وقت هئا، ڇا انسان هئا ۽ ڪهڙي نه سستائي هئي. واقعي عجب دَور هو. هن وقت اُهي ڳالهيون ائين ٿيون لڳن جهڙا خواب!

وڏا ڏينهن ۽ عام ڏينهن برابر هڪ سمان ناهن ۽ نه وري وقت سَمو ساڳيو ٿو رهي. وقت واقعي هڪ عجيب وٿ آهي، ان جي وهڪري ۾ ڪيترو ڪجهه وهي واپري وڃي ٿو سو وري نه ٿو ملي ۽ نه ٿو موٽي. سياڻا چون ”تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي.“ ائين برابر ٿيو هوندو ته ڪي واقعا ۽ مشاهدا واقعي هڪجهڙا هجن؛ پر وقت جيڪو گذري ويو سو واپس نه ٿو وري. اهوئي سبب آهي ته جيڪي قدر، جيڪا تهذيب ۽ رسم رواج اسان جي وڏن ڏٺا، سي اسان اکين سان نه ڏٺا؛ پر ڪنين ٻڌا. وري جيڪي مزا اسان پنهنجي وقت ۾ ماڻيا، سي اسان جو اولاد خيال ۾ به نه آڻي سگهندو ۽ اهڙيءَ ريت جيڪو وقت سندن اولاد ڏسندو، اُهو ڪجهه بنهه اور هوندو.

چون ”دنيا دورنگي“-واقعي ائين آهي. اُن مان اها مراد آهي ته ڪڏهن سک ته ڪڏهن ڏک؛ ڪڏهن اُس ته ڪڏهن ڇانوَ؛ ڪڏهن لڙڪ ته ڪڏهن مُرڪ؛ ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾! ڪنهن وقت آسائش ۾ ۽ آرام ته ڪنهن سمي ايذاء ۽ اهنج. اِهي سڀ ڳالهيون  پنهنجيءَ جاءِ تي ٺيڪ ۽ بجا، پر انسان جي دماغ جي لکن خانن (Cell) ۾ جيڪي اکين ڏٺا عڪس ۽ ڪنن ٻڌا آواز سمايل ۽ سٿيل آهن، سي ڪنهن مهل لاشعور جي جهروڪن مان جهاتيون پائيندي  پاڻ پَسائڻ جا پيا جتن ڪن. سائنسدان چون ته  ”انسان جو دماغ ننڊ واري حالت ۾ وڌيڪ تيز ٿو رهي“ ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا جي  ڪيترن ئي مفڪرن، سائنسدانن، محققن، نت نيون کوجنائون ۽ حقيقتون ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ بعد وجود ۾ آنديون ته پوءِ جڏهن انسان جي دماغ جي ڪل پرزن جي همه گير حرڪت آهي ئي آهي ته انسان جي فطرت ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي ته پوءِ ڪو لئبارٽريءَ جي لائيٽ ۾، ته ڪو ياداشتن جي لسٽن ۾، ته ڪو سهانن سپنن بلي کٽ تي، ته ڪو محنت مزوريءَ جي پٽ تي. انسان ويچارو مڙئي پيو هَڄي ۽ ڳَهي؛ ۽ پوءِ ڪن جي قلمڪاري ڪئين رنگ ڪري، ڪن جا ٻول ٻائيتال ٻارين ته ڪن جون مڌر ڌنون هڻيو ماڻهو مست ڪريو وجهن. ته ڪن جون کوجنائون زندگيءَ جي ضرورتن کي سهل ۽ آسان بڻائين. ڪن جو آرٽ اهڙا رنگ پکيڙي جو بنهه بُت به چُرپر ۾ اچيو وڃي.

اِهي سڀ ڪاريگريون اُن مهاڪاريگر جون آهن جيڪو مٿان ويٺو ماڻهن جي دماغ جا ڌاڳا چوري ۽ سوري. پوءِ  جنهن جو ڌاڳو سبتو سُري ته اُن جي سائنسي ايجاد ۾ ڪروڙن انسانن جو ڀلو؛ جنهن جو ڌاڳو اُبتو سُري ته هڻيو ڪلاشنڪوف ۽ بمن سان قهر ڪريو وجهي! جيتوڻيڪ ماڻهو سڀ ماڻهو، پوءِ به ڪنهن جي سوچ ڪهڙي ته  ڪنهن جي ڪهڙي! پوءِ به انسان ڏوهه ڏئي پنهنجي قمست کي. قلم ننڍپڻ جي ناٽڪ مان نڪري الائي ڪاڏي ڪاهي پيو آهي! ها، ڳالهه پئي هلي عيد ۽ سهانگائيءَ جي، سا ته ”اڄ عيد، سُڀان گيد، پَرهينءَ ساڳيا ٽُڪر ساڳ سان“ وانگر ٿي پوي. هاڻي وري ڳالهه ڪريون ڪجهه جي.

جهڙيءَ ريت عيدون برادون اينديون رهنديون، تهڙيءَ ريت ٻيا ڏڻ وار به پيا ايندا رهندا هئا. پر سڀڪنهن ڏينهن کي پنهجو  شرف ۽ فضيلت. نانا علي محمد واڍو (ذڪر حاجي هُو ۾) اهڙن  وڏن ڏينهن تي شام جو منجي گهر کان ٻاهر وجهي ويهندو. آئي وئي کي پيو جاچيندو. ٻارن جي زرق برق لباس ۽ پوشاڪن کي پسي پيو سبحان الله ڪندو. عيد واري ڏينهن آيس جُجهڪي ته آفيم جي نشن جي پنڪيءَ مان ڪنڌ مٿي کڻي مون کي مخاطب  ٿي چوندو: ”دادا، ڏينهن ڏينهن کي پنهنجو  شرف. جي ڪير ڀانئي ڪير ڇا، پر وقت جو بادشاهه يا سرڪار سڳوري،  چاهي يا حڪم ڪري ته هڪ دفعو وري اڄوڪو ڏينهن (يعني عيد) ملهايو، توڻي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري، تڏهن به اڄوڪي ڏينهن جهڙي بهاري ۽ مزيداري نه ٿيندي. واقعي هر ڪنهن ڏينهن جو پنهنجو شرف ۽ فضيلت آهي سبحان الله!“

وري عاشوري واري ڏينهن لاءِ چوندو: ”هاءِ هاءِ…سبحان الله…دادا…مومنن اڄ ڇا ڇا نه ڪيو آهي: شربت، مـِلڪ روز، پلاءُ، چاشنيون، نياز نذر، ڪُهر، چڻا، پجيريون، ڪُٽيون، کيرڻيون، گهوڙا، ذالجناح، تابوت، سيجون، جهنڊا، نغارا، ماتم، حشام ماڻهن جا، ڦل فروٽ، الائي ڪهڙا ڪهڙا طعام ۽ مشروب، امام حسين جي نياز ۾ ٿو هلي. وري ماتم، گپاگيهه، شرناءِ، سوز ۽ سُر جا آواز. بَلي!…مومنن جو عشق ۽ عقيدو! وري ڪنهن ٻئي ڏينهن  تي اهڙو ماحول ساڳيو ٿي سگهندو؟ نه  هر گز نه، توڻي دنيا جي ساري دولت لٽائي ڇڏي، پر اڄوڪي ڏهين تاريخ محرم ۽ سال وري ساڳيو نه ٿيندو. ها، وري آئنده سال يا نصيب. جيڪي جيئرا. سبحان الله!“

واقعي اِهو صحيح آهي ته هر هڪ ڏينهن جو پنهنجو تاءُ ۽ تاب، مان، مرتبو ۽ عزت آب آهي. ائين هميشه کان ٿيندو آيو آهي ۽ ٿيندو رهندو؛ پر وقت جي وهڪري جا ور وڪڙ، داءُ ۽پيچ سدائين ساڳيا ڪڏهن ڪين ٿين. اُنهن ئي ڪٿائن ۽ قصن سبب ته ههڙا ڪتاب لکجن ٿا. سڀڪنهن جو مشاهدو به پنهنجو ته سوچ به پنهنجي. اسان جي ننڍڙي سوچ وڏن شاهه  قلمڪارن جهڙو قلم ته نه ٿي وهائي سگهي پر ”وڻي نه وڻي، وٺ رينگٽ کي“ وانگر ڪچن ڦڪن نقشن  چٽڻ  جي ڪوشش ضرور آهي، باقي پاٺڪ ڄاڻن ۽ سندن مٿي جو سور! هندو ليکڪ سادي، سليس، پراثرائتي سنڌي لکندا هئا، پوءِ ڪي ڪي هندي ۽ سنسڪرت کي به وچ ۾ آڻي ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا، پوءِ اُها سنڌي اوپري پئي لڳندي. مسلمان  مصنف وري عربي ۽ فارسي ٻولين جي شدمد ۽ مدلل لهجي کان متاثر ٿي لکندا هئا. اسين ڇوڪرا ذات، سو جيڪي ڪجهه هٿ چڙهيو، پڙهندا وتنداسين. علم جي ارزاني به وري اهڙي جو ٻي چئين آني چڱي موچاري سائيز ۽ فصاحت وارو ڪتاب ملي ويندو هو، جنهن  ۾ انمول خزانن جا علمي ڀنڊار ڀريا پيا هوندا هئا. هي دور ته آهي سائين ”ڊائجسٽن“ جو، جن جو ڳاڻيٽو ڪجي ته ڪيترا ڪتاب اُنهن جي نالن ڳڻائڻ ۾ ميڙجي ويندا. رهيو سوال پڙهي هضم  ڪرڻ جو ته سائين هاضمي جي بدران اهڙو مواد ملندو جو الٽو بدهاضمو ۽ ڪئين ٻيا پيٽ جا روڳ ٻَرا پيدا ٿي پوندا. مٿان اُنهن جي قيمت به وري اهڙي ڳري، جو گهر جي سڀني ڀاتين جا پگهار به پورا نه ٿين. ڇپائي ۽ ڪتابت به وري اهڙي سنهڙي جو سَو مان 80 سيڪڙو پڙهندڙن کي نظر جون عينڪون، تڏهن به چهٽيا پيا آهن ڊائجسٽن کي. علم جو ڇڙو نالو وڃي رهيو آهي، باقي جريدا ۽ رسالا گهڻو ڪري آهن سياسي پارٽين جي پيغام ۽ نه وسهڻ جهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون. اسان جي دَور ۾ علم پڙهي هنڊائڻ تي استاد ايترو ته  زور ڏيندا هئا، جو جيستائين شاگردن جي پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه اچي، تيستائين اڳتي نه وڌندا هئا ۽ ان وچ ۾ جي رسيس به اچي  وئي ته اُها به بند. شاگردن جو به وري علم پرائڻ جو اهڙوئي شوق ۽ چاهه هوندو هو. پرائمري  ڇوٿين ڪلاس ۾ هڪ سبق هو ”لالچي دربان“. ڪيترن پاٺڪن کي ته اُهو سبق اڃا ياد هوندو، باقي ننڍيءَ ٽهيءَ جي ڄاڻ خاطر مختصر عرض: ”ڳوٺ جي وڏيري کي سـِڪي پـِني پٽ ڄائو، ڏاڍيون خوشيون ٿيون ۽ شادمانا ٿيا. اُن وقت ۾ ’ڍوئڻي‘ جو رواج هوندو هو. يعني ڪنهن سرند يا امير ماڻهوءَ جي شادي ٿيندي يا ڪـِڪو ڄمندو ته ماڻهو مبارڪيءَ خاطر جنس  کڻي ايندا هئا. اُن جي عيوض اُهو امير شخص وري جنس جي قيمت کان ٻيڻا ٽيڻا ڏوڪڙ ڏئي غريب غربي کي خوش ڪندو هو. سبحان الله! ڪهڙا نه سٺا ۽ سچا وقت هئا ۽ عجيب انداز هئا. ٻئي ڏينهن رئيس وڏي دعوت جو اهتمام ڪيو. پنهنجن ملازمن  ۽ ڪارندن سان انتظام بابت ڳالهائيندي هن چيو. ’دعوت ۾ سڀني طعامن جو بندوبست آهي، باقي پلو ڪٿان به هٿ نه چڙهي سگهيو، ايتري ۾ هڪ مهاڻو وڏو شاهي کيرو پلو ’ڍوئڻو‘ ڪري اُن خيال سان کڻي آيو ته چڱو موچارو انعام ملندو. جڏهن ته دربان کي سُڌ هئي ته مهاڻي کي اُن وقتائي پلي جو دل گهريو انعام ملندو، سو تيستائين اندر وڃڻ نه ڏنائينس، جيستائين مهاڻي ملندڙ انعام جو اڌ کيس ڏيڻ جو وعدو نه ڪيو.

ڪچهريءَ ۾ پهچي مهاڻي سلام ڪري، ٽوڪريءَ ۾ پيل پلي تان ڪپڙو هٽايو ته رئيس ڏسي خوشيءَ مان اڇل کائي بيهي رهيو. سندس دل جي آرزو پوري ٿي هئي. اهڙي موقعي تي هوند خزانا لٽائي ڇڏي، سو وڏيري مسرت منجهان چيو ’مير بحر، تو اسان جي دل وٽان شيءِ آندي آهي، هاڻ گهُر جيڪي گهرڻو اٿئي. اسين توکي جيڪو انعام چوندين تنهن سان نوازينداسين.‘ مهاڻي ادب وچان نوڙي هٿ جوڙي عرض ڪيو ته ”سائين، اهو وعدو ڪريو ته جيڪو انعام آءٌ طلب ڪندس، اُهوئي ملندو.“ اڳيان به سنڌ جو وڏيرو هو- درياءَ دل،  سخن جو سچو ۽ وعدي جو پڪو. هن کي جواب ڏنائين ته ”بابا تون رڳو ڪُڇ ته سهي، سڀ سهنج ٿي ويهندا.“ مهاڻي معصوميت سان چيو ”ته  پوءِ سائين، منهنجن  اگهاڙن پُٺن  تي هڪ سو ڦَٽڪا هڻو.“ ڪچهريءَ ۾ ويٺل سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ته هي چوي ڇا ٿو؟ هن کي ڪيترو ئي سمجهايو  ويو، پر مهاڻو پنهنجي ضد تان لهي ئي نه. چي: ”سائين! تون حاڪم آهين، تنهنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هيءَ غريباڻي سوکڙي پري سنڌ کان ڏاڍي چاهه سان آندي اٿم. جي تون دل گهريو انعام نه ٿو ڏين ته هي تحفو ٿيو تنهنجو، پنهنجي آهي الله واهي.“ آخر رئيس  هن جي ڳالهه مڃي. پر هاڻي هي ڪو مارشل لا وارو آفيسر ڪو نه هو جو کيس ڦٽڪا هڻائي، سو سندس گهوڙي گاڏيءَ وارو چهبڪ گهرائي، نوڪر کي حڪم ڪيائين ته  هن کي هڪ سو چهبڪ هڻي. نوڪر به سئس هو، تنهن جيئن گهوڙي کي آهستگيءَ سان چهبڪ هڻندا آهن، تيئن چهبڪ ڳڻي هڻڻ لڳو. جڏهن پنجاهه چهبڪ پورا ٿيا ته اِتي مهاڻي رڙ ڪري چيو ته ”بس…سائين…بس، باقي پنجاهه چهبڪ منهنجي ڀائيوار کي لڳايا وڃن.“ وڏيري پڇيو ته اُهو ڪٿي آهي، ته مهاڻي وراڻيو ته ”سائين ٻاهر دروازي تي جيڪو اوهان جو دربان بيٺل آهي، اُهو منهنجو ڀائيوار آهي.“ سڀ وائڙن وانگي کيس تڪڻ لڳا. اهو ڏسي مهاڻي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. وڏيري ڳالهه ٻڌي دربان کي گهرائي باقي رهيل پنجاهه چهبڪ دربان کي زور سان هڻايا ته کيس سيکت ملي. ۽ مهاڻي کي انعام اڪرام ۽ ڪپڙا لٽا ڏئي خوش ڪري اُماڻيو.“

اسين ماڊرن مڊل اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين،  اُهو هندن جي هڪ خانگي تعليمي سوسائٽيءَ جي زيرانتظام هلندو هو. مسٽر ريجهومل هيڊ ماستر هو. هي صاحب والد صاحب جو نه فقط معتقد هو پر سندس ساري ڪٽنب جي ڀاتين جو علاج معالجو پڻ بابا سائين ڪندا هئا. پرائمري سيڪشن ۾ جيڪي استاد هئا، اُهي اڃا تائين مون کي ياد  آهن. پرائمري  ڪلاس جومسٽر گوبندرام، ٻئي ڪلاس جو مسٽر گنگارام، ٽئين ڪلاس جو مسٽر واڌومل ۽ چوٿين ڪلاس جو مسٽر مولچند ڪلاس ماستر هئا. اسان جو استاد مولچند هو. ڊگهو، سنهو، سدائين سفيد پاجامو ۽ قميص. ڪتابي چهرو، اکيون وڏيون ۽ ڏيا واريون، منهن تي سدائين مشڪ.جي ڪاوڙبو ته ڪجهه وقت کان پوءِ وري ساڳيا مُسڪرائيندڙ ٻول.

اُهو سبق ناٽڪ ڪرڻ جي خيال سان، ڪلاس روم ۾ ئي رٿيو ويو هو. ان ناٽڪ ۾ مسلمان ڪردارن لاءِ اسين ٽي شاگرد چونڊيا وياسين. وڏيرو ٿيو صديق ميمڻ، بدن جو ڦيڦو ۽ صفا اَڇي چمڙي؛ دربان ٿيو محمد حسين پاٽولي، سڊول بدن، ڳالهائڻ جو چالاڪ ۽ اک کان ٽيڏو؛ اوطاق ۾ ويٺل حاضرين مولا بخش سومرو، حشو، سنتو ۽ ڪـِشنو. مهاڻو مون کي بڻايو ويو. مهاڻي جي چونڊ منهنجي سانوري رنگ جي مناسبت سان ڪئي ويئي. سڀني کي ڪاسٽيوم ۽ ميڪ اپ ڪرائي ڪلاس ۾ ڊرامو ڪيو ويو، جيڪو پرائمري ۽ مڊل جي استادن ۽ هيڊ ماستر صاحب به اچي ڏٺو. سڀني مان مکيه ڪردار منهنجو هو، جيڪو کين ڏاڍو وڻيو. واقعي مون ڏاڍي سٺي اداڪاري ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح فنون لطيفه سان دلچسپي جو آغاز هتان شروع ٿيو. اُن کان پوءِ اڄ تائين ان سلسلي سان وابستگي پئي رهي آهي. اها خبر جڏهن بابا سائينءَ جي ڪچهريءَ ۾ پهتي ته ميان علي محمد اعتراض اُٿاريو ته آءٌ عباسي ڪلهوڙا خاندان جو ٻار هئس، انڪري مون کي مهاڻي وارو گهٽ درجي وارو پارٽ نه ڏيڻ کپندو هو ۽ پٺن اگهاڙا پنجاهه چهبڪ کائڻ کي به سٺو نه سمجهيو ويو. والد صاحب هنن کي نه فقط سمجهايو ته ويس ڌاري ڪو به پارٽ کڻڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، پر جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هيڊ ماستر صاحب وٽن آيو ته اُن جي شڪر گذاري مڃي وئي. اِهي هئا اُن وقت جا قدر ۽ مڃتائون.

قد ۽ قداور ۾ فرق. اڳي هر ڪنهن ڳالهه جا پنهنجا قدر ۽ مريادا هوندي هئي. هاڻ اُهي مان ۽ مڃتائون نه، پر قداوريءَ جو وقت آهي. قداوري  وري ڪهڙي؟ بت جي بيهڪ، هاٺيءَ جو ٺهڪڻ، ڊيگهه ۽ ويڪر  جي حساب سان نه، پر مانَ مرتبي، عهدي ۽لقب، دولت ۽ مايا جي ماڻ ۾ ماپي وڃي ٿي. اڳئين وقت جي دوربينيءَ سان ڏسبو ته حقيقتون ۽ حال اهڙا سچيت ڏسبا، جن جا نه هاڻي خدوخال ۽ مجال. برابر هر سمي جو رنگ ڍنگ پنهنجو پر اُنهن جي ڀيٽ ۾ هن وقت جي ڳالهه ئي ڪجهه اور آهي!

چاچو ميجر چوندو هو ”اسان جي وقت جي سنگت ياريءَ جي ڪهڙي بات ڪجي! اتفاق سان منهنجو ڪو دوست ڪنهن ٻئي شهر مان  مون وٽ ايندو يا واٽ پنڌ تي ڪو منهنجو سنگتي مليو، ته خوش خير عافيت بعد ڪنهن هوٽل ۾ ماني ٽڪيءَ کان سواءِ ڪيئن ڇڏبو! وري رات زوريءَ پاڻ وٽ ٽڪائي، خوب خدمتون چاڪريون ڪري، ٻئي ڏينهن مهمان جي ٻانهن ڏيندو. منهنجي ڪنهن گهاٽي يار کي. اُهو به وري سارو ڏينهن ٽهل ٽڪور ڪري، رات رهائي، ٽئين  ڏينهن آڻي منهنجي حوالي ڪندس. ان وچ ۾ مهمان جي دانهن پئي پوندي ته ٻيلي شهر آيو هئس هڪ ڏينهن لاءِ پر ٽي ڏهاڙا ٿي ويا! ڇا هو ته  يار جي ميار نه ملي ته سندس سنگتي ٻاهران آيو ۽ سندس يارن هن جي ڪا خدمت ئي ڪانه ڪئي. اِهي هئا اُن وقت سنگت ساٿ ۽ ياريءَ جا قدر ۽ ماپا. هن زماني ۾ دوست يار ته ٺهيو، پر ڪوويجهو مـِٽ مائٽ به ڪم سانگي مهمان ٿي اچي ته پيا لڪندا وتنداسين. سچ پچ مزمان الله سائينءَ جي نعمت آهي. اُهو شخص ۽ گهر وڏي ڀاڳ وارو آهي، جنهن وٽ مهمان ٿو اچي. چون ”مهمان  پنهنجي روزي پاڻ سان ٿو آڻي.“

پر ڇا ڪجي؟ هڪ ته شهر گيري، فليٽن ۾ گهٽ ٻوسٽ واري محدود مڪاني گنجائش واري رهڻي ڪهڻي. ٻيو مهانگائي، جنهن ۾ گهر جي ڀاتين جو گذر سفر ئي مشڪل، ته مٿان مهمان جي آمد هيڻو ڪريو وجهي. ٽيون جي پري جو مـِٽ آهي ته رهائجيس ڪٿي؟ اڳي ته هر ڪنهن وٽ حيثيت سارو اَڀري اوطاقڙي مڙئي هوندي هئي، جنهن  ۾ آيو ويو، دوست يار، عزيز اقارب ٻه گهڙيون ٽڪي، شهر جو ڪم ڪار لاهي، خير جو ڳوٺ روانو ٿيندو هو. ارزاني ۽ سهانگائيءَ واري وقت هو، جنهن ۾ ڪيترا به مهمان اچن، تڏهن به گران ڪو نه لڳندا هئا ۽ ميزبانيءَ ۾ به مزو ايندو هو.

بابا سائينءَ جو هڪ دوست ميان پير محمد فوٽو گرافر هو. هو اُن وقت جي مشهور ۽ ماهر فوٽو گرافرن مان هڪ هو. سج جي روشنيءَ تي فوٽو ڪڍندو هو. ساري سنڌ جي خاندانن جي فردن جي گروپ فوٽو گرافي ڪري خوب  ڏوڪڙ ڪمائيندو هو. درٻيلي ضلعي نوابشاهه ۾ سندس فوٽو گرافيءَ جو دڪان هو. گهڻ ڳالهائو ۽ بزرگ ٽائيپ. جڏهن به اسان وٽ مهمان ٿي ايندو هو ته پيا خوش ٿيندا هئاسين ته اَبي جو جهونو يار آيو آهي. جيترا ڏينهن اسان وٽ ٽـِڪيل هوندهو هو ته اڳئين زماني جي عجيب حقيقتن ۽  سندس وقت جي ڳالهين ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو. واقعي سندس گفتن مان گهڻو فيض ملندو هو.

هن وقت جو نوجوان ته بزرگن کان ائين وؤن ٿو وڃي، ڄڻ ته ڪي ڪوڙهيا هجن، جن جو پاڇو به مٿس نه پوي. مجموعي طرح اڄڪلهه جا بزرگ به وري ڪهڙا آهن (چڱن کان معذرت سان)، جن ساري ڄمار سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڃائي يا واپار ڌنڌي  ۾ چور بازاري، ملاوت، ذخيره اندوزي ۽ هيڪاندي منافع خوري ڪري سهڻيون سونهاريون رکيو ساڌ پاڪ ٿيو پيا هلن! ”هيري سندي هير، ٽنگ ڀڳي نه رهي.“ سو اهڙن عمر رسيده پوڙهن ۽ جهونن جي حياتيءَ جا جڏا جهاز، هوريان هوريان  ٽلڪندا وتن، جن مان نه ڪنهن کي هوند ۽ نه شڪر. جن جا من سدائين مايا موهيا، تن کي انساني قدرن جي ڪهڙي پروڙ ۽ساڃهه. ساڃهه ۽ سمجهه علم سان ايندي آهي. هن زماني جي والدين  ۽ ڌنڌي وارن جي اڪثريت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليم تائين محدود  جيڪا ڪنهن به علم جي اُتاهينءَ  جي پيرن جي خاڪ به نه ڇهي سگهي آهي. هاڻ رڳو ڊوڙ ۽ تمنا اِها ته  دولت هجي کوڙ. اُنهن وقتن جي سچائيءَ جا قصا ڇيڙجن ٿا ته دل کي آسيس اچيو وڃي، ۽ نئين ٽهيءَ جي ٻڌندڙن کي ماٺ کڄيو وڃي.

پرسو نائي (حجام)  ست پيڙهياتو نائي هو. اصل مارواڙي، پر ابن ڏاڏن کان وٺي سنڌ ۾ رهندڙ. تمام صاف چٽي سنڌي ڳالهائيندو هو. اُن وقت رواج هو ته وڏا ۽ سکر ماڻهو نوڪر موڪلي حجام يا نائي کي گهر تي گهرائي وٺندا هئا. والد صاحب جن سونهاري رکندا هئا، جيڪا فرينچ ڪٽ هوندي هئي. سندن سنوارت ٺاهڻ لاءِ پرسو پندرهين  ڏينهن، سيارو ته ٽين وڳي ۽ اونهارو ته چئين وڳي، اچي سهڙندو. اسپتال جي اولهه واري دريءَ جي ڪنڊ ۾ ٻه ڪرسيون رکايون وينديون. هڪ تي پرسو ٻئي تي سامهون بابو سائين. پرسي جا حجام جا اوزار دريءَ جي دڪي تي. اسان سڀني ڀائرن جا وار هر مهيني پرسوئي لاهيندو هو. نائي ۽ حجام معنيٰ ڳالهين جو ڳهير، سو پرسي جو هٿ مشين يا ڦڻي ڪينچيءَ تي هلندو رهندو ۽ وات مشين وانگر ڳالهائڻ ۾ هلندو رهندو. واقعي ڳالهيون ڏاڍيون مزيدار ڪندو هو. موضوع تي گفتگو  ڪندو رهندو. جيئن ته پاڻ هندو هو سو هـِندڪيون ڳالهيون مڙئي گهڻيون ڪندو هو. چوندو ”حڪيم صاحب، اسان ۾ چوڻي آهي:

ستانوي ست چڙيو، اٺانوي جَئه تاڙ،

نوانوي نرجاڳيو، پوي سَو جَئه جئڪار!  

”اسين اڻپڙهيل ڄٽ نائي ماڻهو، سو اسان جي سمجهه ۾ ته اهي سياڻن جا نقطا نٿا اچن. توهين حڪيم صاحب آهيو. چوندا آهن حڪيم معنيٰ ’ڏاهو، سياڻو‘. توهين دنيا جا گهڻائي علم سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ هندي پڙهيل آهيو. اِن چوڻيءَ جو مطلب ڇا ٿو ٿئي؟“

بابا سائين وراڻي ڏيندو، ”اسين مسلمان آهيون. اسين اُن جي معنيٰ ۽ مطلب پنهنجي عقيدي جي نقطئه نظر سان ڪڍنداسين. توهان جا مهراج ۽ پنڊت اُن جي معنيٰ حياءُ، شرم، عورت جو ستر (ڪنوارپ) يعني اُن سان دنيا مان ست ويندو هليو. بي حيائي، بدڪاري، بڇڙائي وڌي ويندي، عورتون اُن کان عاري ٿي وينديون، اٺانوي هٽ تاڙ، معنيٰ 1998ع ۾ دنيا ۾ جنگيون لڳنديون، ملڪن جي وچ ۾ لڙايون ٿينديون. حملن ۽ بمبارين ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو عوام مري ويندو. هل هنگاما ۽ هڙتالون عام ٿي وينديون. نوانوي نرجاڳيو معنيٰ 1999ع ۾ حضرت موسيٰ آسمان مان  هيٺ لهندو سالن پوري ٿيڻ تي اما مهدي هن دنيا ۾ ظاهر ٿيندو ۽ ساري دنيا مسلمان ٿيندي ۽ ڏينهن قيامت ٿيندو…!“

[هلندڙ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com