هڪ ڀيري نامياري فلمساز الفرڊ هچڪاڪ شا کي چيو ته
”توکي ڏسي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ملڪ ۾ ڏڪار آيل
هجي.“ برنارڊشا به ٺهه پهه وراڻيو ”پرالفرڊ، توکي
ڏسي محسوس ٿو ٿئي ته اُن ڏڪار جو سبب تون آهين، جو
ايڏو ٿلهو ٿي ويو آهين.“ برنارڊشا خوش خوراڪ هو نه
ڪي فاقه مست. ٻيانوي سالن جي عمر ۾ هن اعلان ڪيو
ته هو گوشت خوريءَ جي انڪري مخالفت ڪري رهيو آهي
جو ان سان انسان جي قوت ضايع ٿي ٿئي ۽ ان سان قدرت
جي ڪارخاني کي به نقصان پهچي ٿو. لاتعداد جانورن
جو ڪوس ٿو ٿئي ۽ ڪڪڙ ۽ مڇيون انساني خوراڪ بڻجن
ٿيون.
حيوانات جي سلسلي ۾ هو ڪڏهن به جذباتي نه هو. هو
پاڻ ته ڪتا پالڻ پسند نه ڪندو هو پر اڪثر چوندو هو
ته هن اهڙي گهر ۾ پرورش پاتي آهي، جتي هڪ ڪتو به
پلجي رهيو هو. شايد جانورن ۽ حيوانن سان سندس
اُنسيت جو هڪ سبب اهو به هو. هو اڪثر چوندو هو ته
”جيڪڏهن مان ڪڏهن اڪيلو آهيان ته ڪتي سان ڳالهائي
سگهان ٿو. جيئن اڪثر ٿيندو آهي ۽ مون کي اڪيلائيءَ
جي ضرورت هوندي آهي، ان صورت ۾ هڪ ڪتو مون کي هرگز
پريشان ڪري نه ٿو سگهي.“ جيستائين شا جي ڪپڙن جو
تعلق آهي ته جنگ جي دوران مون هن جي لاءِ دستانا
اُڻيا. اُنهن ڏينهن ۾ مون فوج جي جوانن جي لاءِ
ڪيترائي دستانا اُڻيا هئا ۽ مون جيڪي دستانا شا کي
ڏنا، اُهي آڱرين بنان هئا، جن کي ٻنهي زال مڙس
گهڻو پسند ڪيو ۽ اهڙين ٻين جوڙن جي به فرمائش
ڪيائون ته جيئن هو هڪ هڪ جوڙو الڳ الڳ ڪمري ۾ رکي
ڇڏين ۽ ضرورت وقت کڻي پائين.
جنگ جي دوران ايندڙ پهرين ڊسمبر ۾ هو پاڻ کي
نمايان ڪرڻ لاءِ ڊگهو اڇو ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرندو
هو. رستن تي گهمڻ گهتڻ بابت هو بيحد محتاط هوندو
هو. ڪارن ۾ ايندڙ ملاقاتين کي رستو ٻڌائڻ سان هن
کي خاص قسم جو چاهه هو. هو لڪڻ گهمائيندو رهندو
هو، جيڏانهن به ويندو هو. اُهو لڪڻ ساڻس گڏ هوندو
هو. پوءِ رڳو دروازي تائين اهو ڏسڻ ڇو نه وڃي ته
رستي تي رش ته ڪانهي. هو هڪ مغلوب نه ٿيندڙ شريف
دانشور رهيو. سندس خيال هو ته هن جو اڇو ڪوٽ ڏسي
ڪارون هلائيندڙن کي گهڻي مدد ملي ٿي. هڪ شخص کي
اهو چوندي به ٻڌو ويو ته شا کي اهو ڪوٽ پائڻ نه
کپي ڇو ته رات جي اونداهه ۾ جڏهن موڙ مڙندي هڪ
ڊگهو پاڇو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ماڻهو هڪدم گهٻرائجي
ٿو وڃي ته اهو جن ڀوت ته ڪونهي!
برنارڊشا سدائين ڍنگ سان ڳالهائيندو هو. ڌنڌ ۾
سدائين ڇٽي ساڻس گڏ رهندي هئي. کيس به ونسٽن چرچل
جيان مختلف قسمن جا هيٽ گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو.
هو وقت تي هر شيءِ کي ترجيح ڏيندو هو. ان سلسلي ۾
هن پنهنجو الڳ لائحه عمل ٺاهيو هو ۽ ان مطابق
ملاقاتون به ڪندو هو. آچر جي ڏينهن به هوعام ڏينهن
جيان ڪم ڪندو هو. کيس سالگره ملهائڻ کان چڙ هوندي
هئي: شايد ان جو سبب وڌندڙ عمر جي يادگيري هئي يا
وري ممڪن آهي ته اِهي تقريبون کيس قدامت پرستيءَ
جي علامت محسوس ٿينديون هجن. عمر جو وڌڻ هڪ فطري
عمل آهي. چارلوٽي سالگره ملهائڻ وارا اِن عمل جي
مخالفت ۾ سندس ڀرپور حمايت ڪندي هئي ۽ هنن ڪڏهن به
پنهنجي سالگره نه ملهائي. ڪرسمس جي ڏڻ تي مسز شا
ڪجهه ڪرسمس ڪارڊ ۽ سوکڙيون ٻين کي موڪليندي هئي پر
پاڻ ڪنهن کان به ڪرسمس ڪارڊ يا سوکڙي وصول نه ڪندي
هئي. هنن جي لاءِ اِهو ڏينهن به عام ڏينهن جهڙو
هو ۽ اُن ڏينهن به هو اُهوئي کائيندا هئا، جيڪو
عام طور تي ٻين ڏينهن تي کائيندا هئا. ڪو به ماڻهو
سندن گهر جي سامهون بيهي ڪرسمس جو گيت نه ڳائيندو
هو ۽ نه وري ڪڏهن نوڪر چاڪر کي اِها همٿ ٿي جو هو
کين واڌايون ڏئي يا ڪا سوکڙي ڏئي. جيئن جيئن وقت
گذرندو ويو، هن گهراڻي کي ڄڻ وساريو ويو. ڪو به
ڪرسمس جي ڏينهن تي کين ياد نه ڪندو هو، دراصل سڀ
سندن پسند ۽ ناپسند جو خيال رکندا هئا.
برنارڊشا جي وقت جي پابندي مشهور هوندي هئي.
پنهنجي پناهه گاهه اندر هوڪم ۾ ايترو ته رڌل هوندو
هو جو کيس ٻنپهرن جي مانيءَ لاءِ باربار سڏڻو
پوندو هو. جيڪڏهن ڪو ملاقاتي مانيءَ تي مدعو ڪيل
هوندو هو ته اُن جي اچڻ کان ڏهه منٽ اڳ کيس اطلاع
ڪرڻو پوندو هو ته جيئن هن جي آمد کان اڳ هو سندس
آڌر ڀاءُ لاءِ اُتي موجود هجي. ٻنپهرن جي مانيءَ
کان پوءِ هو ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪندو هو. اُن دوران
سندس حڪم هوندو هو ته کيس هرگز نه سڏيو وڃي.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو ڪڏهن به ٻنپهرن جو نه سُتو.
اُن وقفي جي وچ ۾ سندس هٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور
هوندو هو.
کيس گرامو فون سان به ڪا خاص دلچسپي نه هئي. ٽي.
وي پروگرام کان اڳ هو گانن ٻڌڻ جو چڱيرو شوقين هو.
اها حالت سندس زال جي به هئي.
اُنهن ڏينهن ۾ ريڊيو تي هو اسڪولن جا پروگرام
دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد
آهي ته هڪ ڏينهن هو ڏاڍي دلچسپيءَ سان اصلي ۽
هٿرادو ڀاڻ بابت بحث ٻڌي رهيا هئا. مانيءَ جي
دوران هو هڪٻئي سان نه ڳالهائيندا هئا، جنهن جي
باري ۾ شا چوندو هو ته ”اسين ٻئي هم خيال ته
آهيون!“
جوانيءَ ۾ هڪ ڀيرو هوڪٿي ڏهين يا ساڍي ڏهين وڳي
رات جو سمهي رهيا. صبح جو اُٿيو ته چوڻ لڳو ته
”جڏهن مان اُٿيس ته پوڙهو نظر پئي آيس“. تنهن کان
پوءِ هو رات جي مانيءَ کان پوءِ ڪڏهن به جلدي نه
ستو. رات جي مانيءَ کان پوءِ هو دير تائين ريڊيو
چالو رکندو هو، ايتريقدر جو پروگرام ختم ٿي
ويندوهو. گهڻو ڪري هو خاص اسٽيشن يا پروگرام لڳائي
گهري ننڊ سمهي پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به
ٿيندو هو جو گهربل پروگرام اُن وقت شروع ٿيندو هو
جڏهن هو سمهي رهيو هوندو هو. هو ڪيٿولڪ خيالن ۽
عقيدن وارو هو. سندس مطالعو به گهڻو وسيع هو. پڙهڻ
کان سواءِ ٽينس کيڏڻ، ترڻ، سائيڪل هلائڻ، ڪاٺيون
ڦوڙڻ ۽ ڪار هلائڻ وڻندو هئس. اُنهن سڀني مشغولين
جو مکيه ڪارڻ پنهنجي صحت کي صحيح رکڻ هو.
شا قسم تمام گهٽ کائيندو هو. ٽيهن سالن جي رفاقت ۾
مون فقط ٻه ڀيرا کيس ڪاوڙ ۾ ڏٺو. هڪ ڀيري هن ڪاوڙ
۾ چيو”شيطان آخر ڇا ٿو چاهي؟ هن جو مطلب ڪهڙو
آهي؟“ ٻئي ڀيري مون کيس چوندي ٻڌو ”اُن گستاخيءَ
تي لعنت هجيس،“ پر منهنجو پنهنجو صبر ۽ تحمل هن
جهڙو نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مان منجهانئس بيزار ٿي
ويندي هيس، خاص طور تي تڏهن جڏهن هو چوندو هو ته
مون کي دنيا جي ڪا به طاقت پنهنجيءَ جاءِ تان لوڏي
نه ٿي سگهي ۽ جڏهن هو هرمد مقابل سان ائين پيش
ايندو هو، ڄڻ اُن جي هستي ڪا شيءِ ئي ڪانهي. هڪ
ڀيري ته اهڙي بيزار ٿي پيس جو جيڪڏهن ممڪن هجي ها
ته اُن ئي وقت گهر ڇڏي هلي وڃان ها. ٿيو هيئن جو
هن منهنجا ڪجهه فرض هڪ مرد جي حوالي ڪيا ۽ کيس خبر
هئي ته ڪا به عورت سيڪريٽري اهو برداشت ڪري نه ٿي
سگهي. هن رٿ ڏني ته هو مون کي اُهي ئي خط
موڪليندو، جيڪي ٽائيپ ڪرڻا هوندا. مون سختيءَ سان
جواب ڏنو ته ”مان فقط هڪ ٽائيپسٽ ٿيڻ پسند نه
ڪنديس.“ ان جواب تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ لکيائين:
”ماءِ ڊيئر بلانچي! نيٺ تو مون کي ڌڪ هڻي ڪڍيو نه!
اسان ڪيترن ورهين کان وٺي هڪٻئي سان گڏ آهيون ۽
اُنهن سالن ۾ تو ڪيترا لفظ ٽائيپ ڪيا آهن ۽ اُنهن
۾ بيشڪ توکي دل لڳيءَ جي ڇيڙ ڇاڙئي ڏسڻ ۾ آئي
هوندي. بي رحميءَ جي حس مون ۾ به موجود آهي، پر
مون پنهنجي ان حس کي ڪڏهن به استعمال نه ڪيو آهي.
توکي ان لقب کان بچائڻ لاءِ ته تون به دنيا جي وڏي
احمق عورت آهين، توکي سرٽيفڪيٽ ڏيندس ته تون
شاپروف آهين ۽ احمق هرگز نه آهين ۽ اهو اسان لاءِ
تمام بهتر رهيو آهي ته تون منهنجي فلسفي ۽ نظرين
کان متاثر نه آهين ۽ تنهنجي شخصيت به مون کان
متاثر ڪونهي جيئن اڪثرملازم ٿيندا آهن. البت هڪ
ڳالهه خراب آهي ته تون منهنجي فلسفي ۽ نظرين کي
ڇڙو شغل ۽ هڪ طرفو سمجهين ٿي، مهرباني ڪري ان هڪ
طرفيءَ تي ٿورو ويچار ڪر.“
جارج برنارڊشا طرفان اهو انوکو خط هو جيڪو مون کي
مليو. پنهنجن ملازمن جي باري ۾ سندس سوچ جو اهو
انداز به بلڪل انوکو هو. جيتوڻيڪ ملازم هن جي باري
۾ ڪجهه ٻيو سوچيندا هئا، سندس نرڙ ۾ هر وقت گهنج
پيل هوندا هئا. شايد ائين ئي هو ڪنهن جي مداخلت
کان سواءِ هڪ مَنو ٿي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو۽
مزي جي ڳالهه اها ته هن جي زبان مان ڪڏهن به
پنهنجي ڪنهن نوڪر جي باري ۾ ساراهه جا لفظ ڪونه
نڪتا هئا. هر نوڪر اِهو سمجهندو هو ته معمولي
غلطيءَ تي کيس هو ڇنڊ پٽيندو، پر ائين ٿيو ڪڏهن به
ڪو نه. هن ته ڪڏهن اهو به نه ڏٺو ته ڪير ڪم کان
لهرائي رهيو آهي ۽ ڪير بيڪار ويٺو آهي. جڏهن کيس
ڪنهن جي موجودگيءَ جو خيال ايندو ته نوي سالن جي
عمر ۾ هُو سرءُ جي ڇڻيل پَن جيان هوا آڌار هوندو
هو، ۽ مون کي ڏسندي ئي هر ڪرسيءَ تان اُٿي کڙو
ٿيندو هو.
جيستائين هڪ طرفي رويي جو تعلق آهي ته هو ان کان
بلڪل اڻڄاڻ ۽ پنهنجيءَ ۾ مگن ۽ پرسڪون هوندو هو ۽
هن جي دل ۾ ڪنهن جي خلاف ڪا به نفرت نه هوندي هئي.
هن جا جواب ڏاڍا چٻيل چٿيل هوندا هئا. هڪ يا ٻه
شخص اهڙا هئا، جيڪي مون کان وڌيڪ شا کي سڃاڻندا ۽
سمجهندا هئا. هنن مون کي چيو ته هن جي ذهن تي بي
رحميءَ جو زنگ چڙهي چڪو آهي. بيٽرائس ويب جي ذهن ۾
اِهو هو. هو اڪثر کيس ”شرارتي ڀوت“ چوندو هو،
جنهن مان سندس مقصد فقط اهو هوندو هو ته پنهنجو
رويو درست ڪري، پر هن جي باري ۾ چيسٽرٽن جواهو چوڻ
بلڪل ٺيڪ هو ته، ”جارج برنارڊشا تي هن دنيا جي
ڪنهن به جادوءَ جو اثر ڪونهي.“ مان اهو نه چونديس
ته شا لقبن جو خواهشمند نه هو. کيس پنهنجي لاءِ
ڪنهن بهترين لقب جي خواهش هئي ۽ هر لقبن جي اهميت
کان به چڱيءَ طرح واقف هو. 1925ع ۾ کيس ادب جو
نوبيل انعام، جيڪو ساڍن ڇهن هزارن پائونڊن تي
مشتمل هو، ڏنو ويو. پر هن چيڪ وٺڻ کان انڪار ڪندي
چيو ته ”سندس پڙهندڙن ۽ دوستن هن جي گذر سفر جي
لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رکيو آهي.“ هن چيو: ”اهو چيڪ
هڪ لائيف بوٽ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي، جيڪا هڪ
ٻڏندڙ کي اُن وقت ڏني ويئي آهي، جڏهن هو ڪنڌيءَ تي
پهچي چڪو آهي.“ هن سويڊن جي حڪومت کي چيو ته”هوءَ
اُن رقم مان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادب سکڻ ۽ پڙهڻ ۽
اُن جي واڌاري لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو وڃي.“ ان
ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته شا کي پيسي
ڏوڪڙ جي اهميت جو احساس نه هو، پر هو اُن جي حصول
لاءِ پريشان به نه هو. هو سدائين غريبن کي اميرن
تي ترجيح ڏيندو هو. هو هاريءَ جي مقابلي ۾ بادشاهن
سان ڏاڍي صاف گوئيءَ سان پيش ايندو هو. شهرت جي
باري ۾ سندس راءِ هئي ته ”اِهو هڪ نقاب آهي، جنهن
کي هر شخص کي منهن تي ضرور پائڻ کپي، بلڪل ائين
جيئن هو ڪوٽ ۽ پتلون پائي ٿو. اُهو هڪ ٻهروپ آهي،
جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسين ڊوڙ ڊڪ ڪريون ٿا!“
اصلي برنارڊشا اُن نقاب جي پويان لڪل هو، جنهن کي
بظاهر اسين ڏسي رهيا هئاسين هن جي ظاهريت هڪ ٻيو
روپ هئي جنهن کي هن اوڍيو هو. هو صاف صاف چوندو
هو ته ”مان شهرت کان بلڪل متاثر نه آهيان، ان کي
ته مون خود گهڙيو آهي.“
مذاق اُڏائيندڙ ته اِهو ضرور چوندا ته جارج
برنارڊشا پاڻ کي سبز باغ ڏيکاريندو هو، جڏهن هو
چوندو هو ته ”هو هن ڪائنات ۾ رنگ ڀري.“ اُن مان در
حقيقت سندس اشارو هي هو ته قدرت منجهس رنگ ڀري. هو
اڪثر غلط مفهوم سمجهڻ وارن تي لکندو هو. هو پاڻ کي
هڪ ماڻڪ سمجهندو هو، جنهن جي ذريعي سماج جي
درستيءَ جا لفظ بني نوع انسان تائين پهچن ٿا. مان
ان باري ۾ ڪجهه به نه چونديس ته ڪا غيبي طاقت هن
کان لکرائي يا چورائي رهي هئي. مان شا جي طرز عمل
جي پوئلڳ نه هيس ۽ سندس چواڻي ته هن جي فلسفي ۽
شخصيت کان مرعوب به آهيان. منهنجي زندگيءَ جا اصول
منهنجي ويجهو ڪافي دلچسپ هئا. شايد اُن عظيم انسان
کي به پنهنجا اصول ۽ نظريا ايترا عزيز نه هوندا.
مان جيستائين به ساڻس گڏ رهيس، ان سلسلي ۾ منهنجي
حيثيت بلڪل هڪ اوپري جهڙي رهي.
منهنجي ذاتي راءِ هيءَ آهي ته جيڪڏهن جارج
برنارڊشا پاڻ کي هڪ ذريعو نه سمجهي ها ته پنهنجن
پڙهندڙن جي لاءِ هڪ به سٺي شيءِ لکي نه سگهي ها.
هن لکيو اُن لاءِ جو هو پيدائي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ
جي لاءِ ٿيو هو. جوانيءَ ۾ جڏهن هو لنڊن آيو ته هر
روز پنج ڇهه صفحا لکندو هو. سندس لکڻين ۾ ناول جا
ورق، ادب تي مضمون، ڊراما، موسيقي ۽مهاڳ وغيره
شامل آهن. جيئن ڪو شخص نشي جو عادي ٿي ٿو وڃي تيئن
لکڻ هن جي عادت هئي. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ هن چيو
هو ”جيڪڏهن مان لکڻ ڇڏي ڏيان ته ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ
جي طلب ۾ ئي مري وڃان.“
هو چوندو هو: ”ادب ۽ خوبصورتي زندگيءَ جي لاءِ
بيحد ضروري آهن.“ پر حقيقت هيءَ آهي ته هو زندگيءَ
۾ اُنهن ٻنهي شين کي حاصل ڪري نه سگهيو. هن وٽ
اُنهن جي لاءِ وقت ئي نه هو. هن جو گهر ۽ اُن ۾
موجود فرنيچر معمولي قسم جو هو. باغيچو به مڙيئي
نالي ماتر هئس، اُن لاءِ جو کيس گلن سان ڪا به
رغبت نه هئي. کيس گلن جا نالا به نه ايندا هئا ۽
گل پٽڻ هن کي نه وڻندو هو. هڪ ڏينهن هڪ ملاقاتيءَ
چيو ته هن جي ڪمري ۾ هڪ به گل نه آهي. جواب ۾ جارج
برنارڊشا وراڻيو:”مان ٻارن سان پيار ڪريان ٿو ۽
مون کي اِها ڳالهه بلڪل نه وڻندي آهي ته ٻارن جا
مٿا اُنهن جي ڌڙ کان ڌارَ ڪري هڪ ٿانو ۾ سجائي
ڪمري ۾ رکي ڇڏيان.“ سندس ذاتي شيون پنهنجن گهربل
هنڌن تي جڏهن کيس ملي وينديون هيون ته هو اُنهن جي
باري ۾ سوچيندو به نه هو ته اِهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي.
هن ڪڏهن به اِهو نه ڏٺو ته ڪمرو ڪنهن صاف ڪيو به
آهي يا نه! سندس سڀ کان وڏو مطلب اِهو هو ته کيس
اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي ۽ اسين سڀئي ملازم اِن ڳالهه تي
خوش آهيون ته اسان کي کيس اڪيلو ڇڏي هڪ مَنو ٿي ڪم
ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا. وقت جو بچاءُ هن جي لاءِ
هڪ ڳجهارت بنجي ويو هو. ”منهنجو خيال آهي ته مان
ٻنپهرن جي ماني نه کاوان،“ هڪ ڏينهن هو مون کي چوڻ
لڳو. اُن ڏينهن هو ڪجهه وڌيڪ شوق سان ماني کائي
ويو هو. ”ٿورو سوچ ته سهي، ماني پچائڻ ۾ ڪيڏو نه
وقت ٿو ضايع ٿئي ۽ هاڻ وري ٿانون ڌوئڻ ۾ به وقت
زيان ٿيندو، ان مان ڪهڙو فائدو؟ بس، اهوئي ته مون
ڏاڍي اطمينان سان کاڌو آهي ۽ اها ڪيڏي نه ڇسائپ
جهڙي ڳالهه آهي!“
ايوٽ جي قدامت ڏسي هڪ ڏينهن خيال آيس ته هو به هڪ
سَو ورهين جي ڄمار ماڻيندو. هو سخت ٿڪاوٽ ۽
ڪمزوريءَ جي باوجود به بدستور ڪم ڪندو رهندو هو.
لکڻ جي رفتار گهٽجي چڪي هيس ۽ شارٽ هئنڊ جا لفظ
صحيح نموني لکي نه سگهندو هو. هو هر روز ڪا نه ڪا
شيءِ وڃائي رهيو هو. ڪڏهن هٿ مان پينسل ڪـِري
پوندي هيس ته ڪڏهن پنو. نظر به ڪافي گهٽجي چڪي هيس
۽ ڪنن کان به ڳرو ٿيندو پئي ويو.
ڪنهن حد تائين چکڻ جي حس به ڪمزور ٿي ويئي هيس.
عام پوڙهن جيان شا کي پنهنجي پيريءَ تي ذرو به ڏک
نه هو ۽ بحيثيت برنارڊشا جي به کيس ڪو افسوس نه
هو، جيڪو آخرت جي سفر جي تياري ڪري رهيو هو ۽ جيڪو
اسان ماڻهن مان بيزار ٿي چڪو هو ۽ کيس افسوس ته
رڳو اِن ڳالهه جو هو ته وقت هن جو قلم جهلي ورتو
آهي ۽ هو اهو چئي نه سگهيو آهي، جيڪو هن چوڻ ٿي
چاهيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته پنهنجي
زندگيءَ جي اُنهن آخري ڏينهن ۾ جارج برنارڊشا کي
ڪڏهن به ڊبلن جي ڪناري يا ٽور ڪاهل تي گذريل
جوانيءَ جا ڏينهن ياد نه آيا هئا، نه وري کيس
ٽريفالگراسڪوائر ۾ وليم مورس جي ڌيءَ سان عشق ۾
گذاريل آچر جا ڏينهن ياد ايندا هئا، نه وري کيس
چارلوٽيءَ سان گذاريل گهڙين جي ياد ايندي هئي. بلڪ
مون ڪيترائي ڀيرا کيس گهري ننڊ ۾ ستل ڏٺو ۽ پوءِ
جڏهن سجاڳ نه ٿيڻ واري ننڊ ۾ سمهي پيو ته مون
محسوس ڪيو ته هڪ ڏيئو وسامي ويو آهي.
[ساروڻيون-2]
سنڌ مدرسي ۾ تعليم ۽ هاسٽل لائيف
رحيم خان ”جرس“ جوکيو
ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ حسن علي آفنديءَ
1885ع ۾ سنڌ مدرسو قائم ڪيو. قائداعظم محمد علي
جناح به ڪجهه عرصو هتي تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان
قائم ٿيڻ وقت سڄي سنڌ ۾ جيڪي به مشهور مسلمان
سياستدان، وڪيل، بئريسٽر، انجنيئر، ڊاڪٽر، ماهر
تعليم، دانشور ۽ برجستا آفيسر هئا، سي سڀ سنڌ
مدرسي جا تعليم يافتا هئا.
ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي مان هيڊ ماستر سائين محمد
ابراهيم جويي جي وڃڻ کان پوءِ تعليم جو حال سٺو نه
هو. اسان ٺٽي جي شاگردن هاءِ اسڪول مان پنجون درجو
انگريزي پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسي جو رخ
ڪيو. مان جيئند خان بروهي (هن وقت انگريزي اخبار
جو صحافي)، محمد صفر قريشي (هن وقت رٽائرڊ
انجنيئر)، مصري خان سرڪي ۽ ٻين اپريل 1950ع ۾
اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڪڍائي سنڌ مدرسي ۾ ڇهين درجي
انگريزيءَ ۾ داخلا ورتي. اُن زماني ۾ ڇهين درجي
انگريزيءَ کي پـِري مئٽرڪ چوندا هئا. سنڌ مدرسو
ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو فريئر روڊ تي هو.
اُن ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر جي شاگردن لاءِ سٺي هاسٽل
به هئي. اسان جڏهن داخلا ورتي ته مدرسي جو پرنسپل
هڪ ائنگلو انڊين مسٽر ڪي. آءِ. ٿامس هو. مدرسي جي
بلڊنگ ٻـِه-ماڙ هئي، جنهن ۾ ڪلاس روم، سائنس هال
۽ پرنسيپال جي آفيس هئي. پـِري مئٽرڪ ۽ مئٽرڪ
ڪلاسن لاءِ اُن زماني ۾ قابل استاد هئا، جن ۾
انگريزيءَ جو استاد مسٽر ناصر حسين هو، جنهن کي
رين ائنڊ مارٽن گرامر برزبان ياد هو ته مئٿميٽڪس
جو استاد مسٽر خير محمد سومرو هو، جنهن کي اٿاويل
جي آلجبرا برزبان ياد هئي. سنڌي سبجيڪٽ جو اُستاد
مسٽر عبداڪريم پيرزادو هو ته سائنس ٽيچر هڪ پارسي
صاحب هو ۽ عربي ۽ فقہ جو استاد مديني منوره ۾ ويهه
سال معلمي ڪندڙ مولوي محمد مدني هو. اهي سڀيئي
نهايت ماهر ۽ قابل استاد هئا.
سنڌ مدرسو هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل هڪ ئي چار ديواريءَ
۾ هئا. اسان رهڻ لاءِ هاسٽل ۾ داخلا ورتي. هيءَ
هاسٽل هڪ جهڙن ڪمرن ۽ ڊبل ماڙٽن بلاڪن تي مشتمل
هئي. اهي بلاڪ هئا: حسين علي هائوس، سردار هائوس،
ٽالپور هائوس (يا خيرپور هائوس). موجوده دَور ۾
اُنهن ٽنهي هائوسن ۾ ايس. ايم. سائنس ڪاليج آهي.
مدرسي جو مين گيٽ فريئر روڊ تي هو. هن گيٽ جي ٻنهي
پاسن ۽ پوءِ اوڀر طرف مٿي ذڪر ڪيل هائوسن جي هاسٽل
جا ڪمرا هئا. هاسٽل جي اولهه طرف سُني مسجد هئي،
ان جي پاسي ۾ هاءِ اسڪول بلڊنگ ۽ پاسي ۾ اهل تشيعت
جي مسجد هئي. هاسٽل جي اوڀر واري قطار جي پٺيان
ڏکڻ ڪنڊ تي هاسٽل لاءِ مودي خانو ۽ بورچي خانو هو،
جتي ميس اسٽاف رهندو هو. وچ ۾ راندين لاءِ ميدان
هو ۽ ميدان جي ڏکڻ ۾ هڪ شيڊ نموني جاءِ هئي، جنهن
۾ ڊگهيون ٽيبلون ۽ ٻنهي پاسن کان بينچون هيون. اهو
اسان جو ڊائننگ هال هو.
هاسٽل ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر جا سڄيءَ سنڌ مان آيل
اڍائي سَو کن شاگرد رهندا هئا. هر ڪمري ۾ ٻه ٻه
شاگرد رهندا هئا. ٻن سالن جي عرصي تائين مون سان
گڏ ماريپور جو هڪ مڪراني شاگرد ملنگ نالي رهيو. هو
ٻڌائيندو هو ته هن جا مائٽ انگريزي (ذڪري) فرقي جا
آهن، پر هو خود سُني مسلمان آهي. هاسٽل لائيف سخت
پابنديءَ واري لائيف هئي. صبح جو پنجين وڳي اُٿي
فجر جي نماز تي وڃڻو پوندو هو. هر نماز ۾ حاضري
ڀربي هئي. پيش امام صاحب نماز کان پوءِ وٽس رکيل
رجسٽر مان ڇوڪرن جا نالا وٺندو هو ۽ حاضر شاگردن
کي جواب ۾ لبيڪ چوڻو پوندو هو. نماز کان پوءِ
ضرورت مطابق واش روم مان اچي وري هٿ منهن ڌوئي
وٺبو هو ته ستين وڳي نيرن جو بيل وڄندو هو ته اسان
سڀ ڊائننگ هال ۾ پهچي ويندا هئاسون، جتي گيهه کان
سواءِ هڪ پَٽڙو ڦُلڪو ۽ چانهه جو ڪوپ ملندو هو.
چانهه ۾ کير گهٽ هوندو هو. اُها نيرن ڪري پنهنجي
ڪمري ۾ اچي ٽائيم ٽيبل مطابق ڪتاب تيار ڪندا
هئاسون ته اسڪول جي گهنٽي وڄندي هئي. اسيمبليءَ ۾
قومي ترانو ڳائي پنهنجن ڪلاسن ۾ پهچندا هئاسون،
جتي مختلف پيرڊ هلندا هئا. اسڪول پڙهي ڏيڍ وڳي
هاسٽل جي ڪمري ۾ پهچي ڪتاب رکي ظهر جي نماز لاءِ
مسجد ۾ پهچندا هئاسون. نماز پڙهي سڌو ڊائننگ هال ۾
ايندا هئاسون، جتي ٻنپهرن جي ماني ڪڏهن پَٽڙي دال
سان ته ڪڏهن ڇِر جهڙي ڀاڄيءَ سان ته ڪڏهن گوشت جي
ٻوڙ سان ملندي هئي. (جنهن ۾ ٽُٻين هڻڻ سان به
ٻُوٽي هٿ ڪا نه ايندي هئي، باقي هڪ اڌ پٽاٽو هٿ
ايندو!) ۽ ماني جيتري کائو اوتري ملندي هئي.
مانيءَ کان پوءِ ڪمرن ۾ اچي پنجين وڳي تائين آرام
ڪندا هئاسون. پوءِ عصر (وچين) نماز پڙهي سانجهيءَ
نماز تائين اسڪول گرائونڊ ۾ مختلف رانديون (ڪرڪيٽ
۽ فٽبال ) ڪندا هئاسون. پوءِ مغرب نماز پڙهي سڌو
ڊائننگ هال ۾ اچي ٻنپهرن جي ماني کائي ڪمري ۾ اچي
اُتان پوءِ سومهڻي نماز پڙهي واپس پنهنجن ڪمرن ۾
پهچي رات جو يارهين وڳي تائين ڏنل هوم ورڪ ۽ ٻي
پڙهائي ڪندا هئاسون. هاسٽل پروٽيڪٽر يا سپرنٽينڊنٽ
سائين عبدالڪريم پيرزادو ۽ ساڻس گڏ هڪ هاسٽل نگران
ٽيچر ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل جي ڪمرن جو چڪر هڻندا هئا ته
ڇوڪرا پڙهن ٿا يا نه.
هاسٽل ۾ ڪمري، الماري،کٽ، ٽيبل ڪرسي ۽ کاڌي سميت
ماهوار ٽيهه رپيا ڏيڻا پوندا هئا. اسڪول جي ٽيوشن
في جدا هئي. آچر رات پڙهائي ڪانه ٿيندي هئي. اُن
رات پلاءُ (گوشت ۽ پٽاٽي وارو هڏو ڀت) ملندو هو.
اُهي ڪنهن اهڙي تيل ۾ رڌل هونديون هيون، جي مان
کائي نه سگهندو هوس. آچر رات کي اسان ”گولڊن
نائيٽ“ چوندا هئاسون. آچر ڏينهن نيرن کان پوءِ
ويندي رات جي مانيءَ تائين ٻاهر نڪرڻ جي موڪل هئي.
پوءِ جي اسان وٽ پيسو هوندو هو ته ٻاهر گهمي لئه
ڪندا هئاسون، پر جي پيسا نه هوندا هئا تڏهن به
ٻاهر ضرور ويندا هئاسون ۽ سڄو ڏينهن ناسون هڻندا
هئاسون. پوءِ ڌڪاڌاما کائي رات جي مانيءَ کان اڳ
موٽندا هئاسون. بولٽن مارڪيٽ کان صدر، سولجر،
بازار ۽ راڻي باغ تائين سنهي پٽڙيءَ تان ٽرامون
هلنديون هيون. ٽرام کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ”ٻه
مُنهين بلا“ چوندا هئا، ڇو ته اُها فارورڊ ۽ رورَس
ٻنهي طرفن کان تيز هلندي هئي. ٽرام جو ڀاڙو صرف
پنج پيسا هو. مدرسي جي مک دروازي جي ڀرسان ريجهو
مڪراني چانهه ۽ موهڻيون وڪڻندو هو. بک ۾ هڪ آني جي
موهڻي ۽ ڇهن پيسن جو چانهه جو گلاس ڏاڍو مزو ڏيندو
هو.
1951ع ۾ اسين جڏهن ڇهون درجو انگريزي پاس ڪري ستين
درجي يعني مئٽرڪ ۾ پهتاسون ته پرنسيپال مسٽر ڪي.
آءِ. ٿامس استعفا ڏيئي هليوويو ۽ اُن جي جاءِ تي
نَون آيل ’ڀائرن‘ مان هڪ فضل الرحمان نالي
پرنسيپال بنيو. هن صاحب چارج وٺندي ئي سنڌي
استادن ۽ هاسٽل جي سنڌي شاگردن کي تنگ ڪرڻ شروع
ڪيو، جيئن سنڌي استاد نوڪريون ڇڏي وڃن ۽ شاگرد به
اسڪول ۽ هاسٽل ڇڏي ڪراچيءَ مان نڪري وڃن! هاسٽل
پروجيڪٽر کي هٽائي پنهنجو خاص هڪ چمچو (اُهو به
’سنڌي‘) رکيائين. اُهو ڪڏهن رات جو اچي چوندو هو
ته ”گهڻو نه پڙهو، بجليءَ جو بل گهڻو ٿو اچي.“ جي
سوير بجلي بند ڪري سمهي رهندا هئاسون ته چوندو هو
ته ”سُتا ڇو پيا آهيو، پڙهو ڇو نٿا؟“ اهڙيءَ طرح
پرنسيپال وٽ رپورٽون ڪري شاگردن کي بي عزت
ڪرائيندو هو. مودي خاني ۾ راشن گهٽ ڪوالٽيءَ وارو
اچڻ لڳو. مٿئين چمچي کي هڪ ڀيرو سنڌي استادن مار
به ڪڍي، پر پوءِ به هُو نه سُڌريو ۽ پرنسيپال به
زندگي عذاب بنائي ڇڏي. آخر اسان هاسٽل ۾ رهندڙ
شاگردن ويهن ڄڻن جي هڪ ائڪشن ڪاميٽي بنائي (ان
ڪاميٽيءَ ۾مان به شامل هوس). مدرسي جو انتظام هڪ
بورڊ ”سنڌ مدرسه بورڊ“ هلائيندو هو، جنهن جو
چيئرمن محمد هاشم گذدر صاحب هو. اسان ائڪشن
ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر گذدر صاحب کي دانهن ڏيڻ
لاءِ سندس بنگلي (باغيچه ايريا) تي وياسون.
چوڪيدار ننڍو گيٽ کولي پڇيو ته ڪير آهيو. اسان کيس
ٻڌايو ته اسان مدرسي هاسٽل ۾ رهندڙ سنڌي شاگرد
آهيون. بورڊ جي چيئرمن گذدر صاحب سان ملڻ آيا
آهيون. چوڪيدار گيٽ بند ڪري بنگلي اندر ويو ۽ واپس
اچي چيائين ته ”صاحب چوي ٿو ته ڀڄي وڃو، نه ته
موچڙا کائيندؤ.“ ائين چئي گيٽ بند ڪري اندر غائب
ٿي ويو. پوءِ اسان ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر مولوي
عبدالغفور سيتائي صاحب وٽ سندس آفيس ۾ پهتاسون. هن
صاحب سان ڏک سُور اوري پوءِ اسان وري هڪ انگريزي
اخبار
"Sindh Observon"جي
ايڊيٽر پير علي محمد راشدي صاحب وٽ وياسون، جنهن
جي ان زماني ۾ وڏي ڌاڪ هئي،ٻنهي ايڊيٽرن اسان کي
همدرديءَ سان ٻڌو ۽ پنهنجن اخبارن ۾ ان پرنسيپال
بابت شڪايتن شايع ڪرڻ جي حامي ڀري. راشدي صاحب ته
اسان کي اها صلاح به ڏني ته اسان سنڌ سرڪار جي
وزيرن سان ملون.
ٻئي ڏينهن اسان ائڪشن ڪاميٽيءَ جا سڀيئي ميمبر شام
جو سنڌ جي وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي
بنگلي تي وياسون. گيٽ سيڪيورٽي آفيسر ٽيليفون تي
کهڙي صاحب جي پي. اي کي ٻڌايو ته سنڌ مدرسي جي
شاگردن جو هڪ وفد چيف منسٽر صاحب سان ملڻ چاهي
ٿو. پوءِ پتو پيو ته پي.اي اسان کي ٽرڪائي ڇڏيو.
مايوس ٿي پوءِ اُتان نڪري هڪ وزير صاحب سيد ميران
محمد شاهه صاحب جي بنگلي تي پهتاسون. شاهه صاحب
اندر گهرايو، اسان کي همدرديءَ سان ٻڌائين، پر
تسلي جهڙو جواب ڪو نه ڏنائين. پوءِ اسان اُتان
نڪري هڪ ٻئي وزير غلام رسول ڪيهر صاحب جي بنگلي تي
پهچي هن سان ملياسون. اُن به سکڻو دلاسو ڏنو. آخر
۾ اسان رات ڏهين وڳي اڃا هڪ ٻئي وزير مير غلام علي
خان ٽالپر جي بنگلي تي پهتاسون ۽ گارڊ روم تان
ٽيليفون تي جڏهن مير صاحب کي ٻڌايو ته سنڌ مدرسي
جا ”شاگرد“ ملڻ آيا آهن ته هن صاحب پنهنجي پي.اي
کي حڪم ڏنو ته بنگلي جي روشن باغيچي ۾ ڪرسيون ۽
ٽيليفون وجهي شاگردن کي ويهاري پهرين چانهه پاڻيءَ
سان سندن تواضع ڪئي وڃي. اسان جڏهن چانهه پي ورتي
ته مير غلام علي ٽالپر صاحب به بنفس نفيس تشريف
فرما ٿيو. اسين سڀ اُٿي بيٺا سون ته مير صاحب اول
هڪ هڪ سان هٿ ملايو. پوءِ پاڻ هڪ شاهي ڪرسيءَ تي
ويهي سڀني کي وهڻ لاءِ اشارو ڪيائين. اسان پنهنجون
تڪليفون ۽ آزار، جيڪي پرنسيپال اسان کي ڏنا هئا،
اُهي تفصيل سان کيس ٻڌايا. مير صاحب غور ۽
همدرديءَ سان ٻڌندو رهيو، پوءِ اسان کان پڇيائين
ته توهان کهڙي صاحب وٽ ويا هئا؟ اسان مير صاحب کي
ٻڌايو ته اُتان ته اسان مايوس ٿي موٽيا آهيون، جو
شايد وچ واري عملي ئي اسان کي موٽائي ڇڏيو. اهو
ٻڌي مير صاحب پي. اي کان ڊگهي تار وارو ٽيليفون
سيٽ گهرائي اسان سڀني جي روبرو کهڙي صاحب کي چيو
ته ”کهڙا صاحب! اها وزارت عظميٰ توهان وٽ هميشه ڪا
نه رهندي. هي سنڌ مدرسي جا شاگرد، سنڌجا ٻچا،
توهان جي در تي فرياد کڻي آيا، مگر افسوس جو اُنهن
جي ڪا داد رسي ڪانه ٿي.“ مير صاحب اسان کي خاطري
ڏني ته ”مان توهان لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪندس، پر
توهان هڪ ڀيري وري به کهڙي صاحب ڏانهن وڃو.“ اسان
واري وفد جواب ڏنو ته توهان کان جيڪا مهرباني پڄي
سگهي، اسان جي مدد ڪريو. اهڙيءَ طرح مٿي ذڪر ڪيل
اخبارن جي ساٿ ۽ وزيرن جي مدد تي اسان جي جدوجهد
هلي. وري به سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر محمد ايوب
کهڙي صاحب کي جس هجي، جو ستت ئي پنهنجن لوهي هٿن
سان هن پرنسيپال کي هٽائي اسان تان اهو آزار لاٿو.
پاڪستان بنجڻ وقت ڪراچيءَ جي آدمشماري صرف ٽي لک
هئي ۽ 1951ع تائين مهاجرن جي اچڻ ڪري اُها وڃي
پنجن لکن تي پهتي، تڏهن به اڃا ڪراچي پراڻي
آباديءَ تي مشتمل هئي. بولٽن مارڪيٽ، لي مارڪيٽ،
امپريس مارڪيٽ، لياري، حاجي ڪئمپ، ڪلان ڪوٽ،
بغدادي، ڪياماڙي، هوا بندر، باغيچو، لس ٻيلو
هائوس، صدر، سولجر بازار وغيره مکيه هنڌ هئا. شهر
صاف سٿرو ۽ ڪشادو هو. لالو کيت ۽ گوليمار ته
ٻهراڙيءَ جا حصا هئا. شهر ۾ هر جاءِ تي واپاري
توڙي عام ماڻهو ”سنڌي“ ٻولي ڳالهائيندا هئا. شهر
جا ڪيترا حصا ۽ هوٽلون ته سڄي رات کُليل رهنديون
هيون، جو ڪنهن به قسم جي بدامني يا خوف ڪو نه
هوندو هو. ٽريفڪ گهٽ هئي، ٽانگا، ٻگهيون ۽
وڪٽوريائون هلنديون هيون. رڪشا کي ٻهراڙيءَ جا
ماڻهو ’کشڪو‘ چوندا هئا. سستائيءَ جو زمانو هو.
ٽانگي جو پاڙو 4 آنا، 8 آنا هوندو هو. سائيڪل رڪشا
جو به مفاصلي مطابق 4 آنا، 8 آنا هوندو هو. سڀ
کان وڌيڪ صاف سٿرو علائقو صدر جو هوندو هو. صدر ۾
ٻه عاليشان سئنيمائون پيراڊائيز ۽ پئليس هونديون
هيون. تعليمي ادارا به تمام گهٽ هئا.
ٺٽي ۾ هاءِ اسڪول ۾ تعليم دوران سائين محمد
ابراهيم جويي جيڪا ادبي سُتي وڌي هئي، اُها جاري
هئي. 1950ع ۾ سنڌ مدرسي جي ”ڪرانيڪل“ ۾ منهنجو هڪ
مضمون ”بت شڪن“ شايع ٿيو، جيڪو حضرت ابراهيم عليہ
السلام جي متعلق هو. مدرسي جي سنڌي شاگردن سنڌي
ٻوليءَ ۾ هڪ رسالو ”اُميد“ جي نالي سان جاري ڪيو.
ان ۾ منهنجو هڪ مضمون ”فاني دنيا“ جي عنوان سان
ڇپيو.
اسان جڏهن مدرسي جي هاسٽل ۾ رهائش اختيار ڪئي ته
معلوم ٿيو ته هتي اسان جي استاد سائين رسول بخش
پليجي جا ٻه ڀائر مسٽر محمد حسن ۽ مسٽر عبدالرحمان
(هي وڪيل آهي) به هن هاسٽل ۾ رهن ٿا ۽ هيٺين درجن
۾ پڙهن ٿا. سائين پليجو پنهنجن ڀائرن سان ملڻ لاءِ
جڏهن سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ آيو ته هاسٽل ۾ ٺٽي
هاءِ اسڪول جا پنهنجا ڳچ پراڻا شاگرد ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو. رسول بخش پليجو صاحب اُن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾
”قانون“ پڙهندو هو ۽ هڪ هفتيوار سنڌي اخبار
”صداقت“ جوسب ايڊيٽر به هو. پليجي صاحب سان جي
هاسٽل ۾ هڪ ”ترقي پسند ادبي سنگت“ جو بنياد رکيو ۽
هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن خصوصاً ٺٽي جي شاگردن کي
ميمبر بنايو. هاڻي پليجو صاحب هر آچر تي ”ادبي
سنگت“ جي گڏجاڻي ڪندو هو، جتي مضمون ۽ مقالا
پڙهيا ويندا هئا ۽ بحث مباحثا ۽ تقريرون ٿينديون
هيون ۽ پاڻ ڪميونزم کي واکاڻيندي اسان کي ڪميونزم
تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو، جيڪي لينن، اسٽالن ۽
روس جي انقلاب بابت هوندا هئا. ان طرح پليجو صاحب
ڪميونزم جو خوب پرچار ڪندو هو.
اُن زماني ۾ هفتيوار ”صداقت“ ۾ منهنجو هڪ مضمون
سنڌ جي وڏيرن جي فيصلن متعلق ڇپيو، جنهن ۾ مون
ڪجهه جابلو ٻولي(ڪوهستاني سنڌي) استعمال ڪئي هئي.
اُن مضمون تي اُن زماني ۾ جهمپير جي هڪ جمال الدين
ڪوهستانيءَ وڏو گوڙ ڪيو ۽ جنگشاهيءَ ۽ ٺٽي ۾
منهنجي لاءِ پڇا ڪيائين ته هي ڪير آهي؟ خبر پوڻ
تي ڪجهه ماڻهن کي چيائين ته مان هن ڇوڪر کي مار
ڪڍندس. اهي خبرون مون تائين به پهتيون، سو هاسٽل ۾
منهنجي روم ميٽ ملنگ مڪرانيءَ سان ذڪر ڪيم ته هن
چيو ته ”اڙي واجا…فڪر مڪان!…والله، هڪڙي ئي ٽَڪر
سان مٿو ڪچو ڪري ڇڏيندو سانس.“ هڪ آچر ڏينهن
منهنجو روم ميٽ پنهجي ڳوٺ ماريپور ويل هو ۽ مان به
ٻاهر وڃڻ لاءِ مين گيٽ وٽ پهتس. دراصل نه مون
ڪڏهن اُن جمال الدين ڪوهستانيءَ کي ڏٺو هو ۽ نه
وري هو مون کي ذاتي طور سڃاڻيدو هو، سو گيٽ تي
سٿڻ، ڪوٽ ۽ ٽوپيءَ وارو هڪ اوپرو ماڻهو مليو.
چيائين ته هتي اسان جي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪر رحيم خان
جوکيو رهي ٿو. اُن سان ملڻ آيو آهيان. مان فوراً
سمجهي ويس ته هيءُ ئي جمال الدين ڪوهستاني آهي،
سو چيومانس ته رحيم خان جوکيو ته ڪالهه موڪل وٺي
ڳوٺ ويل آهي، توکي اُتي ڪيئن ڪو نه مليو؟ چيائين
ته ڪجهه ڪمن ڪارين جي ڪري مان ٽن ڏينهن کان ڳوٺان
نڪتل آهيان. پوءِ پڪ ٿيم ته اُهوئي ڳوليندڙ همراهه
آهي. بهرحال هو هليو ويو.
ان زماني ۾ ٺٽي ضلعي جي مالماڙي ڳوٺ جو هڪ استاد
عبدالعزيز جوکيو ڪراچيءَ ۾ پرائمري ماستر هوندو
هو. هو صاحب سٺو اديب ۽ شاعر به هو. مان هن جا
مضمون اخبارن ۾ پڙهندو هوس، سو هن جي ائڊريس هٿ
ڪري ساڻس ادبي خط و ڪتابت شروع ڪيم ته هو صاحب مون
سان سنڌ مدرسي هاسٽل ۾ ملڻ آيو ۽ پاڻ سان ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو تازو ڇپيل ڪتاب ”ٻيلاين جا
ٻول“ وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو. اهڙي ٿُلهي ڪتاب جي قيمت
اُن وقت صرف پنج رپيا هئي. مگر مون لاءِ پنج رپيا
وڏي ڳالهه هئي، سو مان خريد ڪري نه سگهيس ته عزيز
صاحب مهرباني ڪري اهو ڪتاب مون کي عارضي طور تي
پڙهڻ لاءِ ڏيئي ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ماستر
عبدالغفور جو دوست هو ۽ ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ جون
ڪاپيون کيس وڪڻڻ لاءِ ڏنيون هئائين. اُن زماني ۾
مون ماستر عبدالعزيز جي معرفت ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي
جوکيا قوم جي تاريخ لکڻ لاءِ خط لکيو. ان جي جواب
۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي موٽ ڏني ته ”هو سنڌ جي
تاريخ لکي رهيو آهي، جنهن ۾ سماٽ قوم ۾ ’جوکين‘ جو
ذڪر به هوندو.“
بهرحال، مون اپريل 1950ع ۾ ڇهين درجي ۾ سنڌ مدرسي
۽ هاسٽل ۾ داخلا وٺڻ ۽ ٻه سال تعليم پرائڻ کان
پوءِ اپريل 1952ع ۾ ڪراچي بورڊ مان سيڪنڊ ڊويزن ۾
مئٽرڪ پاس ڪئي. ياد رهي ته 1952ع تائين مادري زبان
۽ اختياري زبان (عربي) کان سواءِ هر سبجيڪٽ جو
ذريعئه تعليم ’انگريزي‘ هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان
پوءِ مان جنگشاهي شهر ۾ ماهوار=/74
رپين جي پگهار تي انگريزيءَ جو ماستر ٿيس.
[اڻ ڇپيل آتم ڪٿا ”دنيا…هيءَ منهنجي دنيا“ تان
ورتل] |