ڊاڪٽر فريده
ڏاهري
رُئان راتو ڏينهن
چوڏينهنءَ جي رات ۾ چؤڌاري سانت وارو ماحول، جيئن
چنڊ پوري آسمان جي وچ تي پنهنجي پوري جوڀن ۾ رقص
ڪري رهيو هو، تيئن ياسمين جو جوڀن به رقص ۾ هو،
هوءَ پنهنجي گھر جي وڏي ڪشادي اڱڻ ۾ ستل هئي ۽ چنڊ
کي گھوري رهي هئي، دل ئي دل ۾ ڳالهائي رهي هئي،
(چنڊ تنهنجو به جوڀن آهي ۽ منهنجوبه جوڀن آهي. تو
۾ مون ۾ فرق اهو آهي، ته توکي هر مهيني جي
چوڏينهنءَ تاريخ جوڀن ملي ٿو. هر مهيني توکي نئين
زندگي ملي ٿي، پر مون کي زندگي به هڪ دفعو ملي آهي
۽ جواني به هڪ دفعو، ايئن ئي کيس چنڊ سان
ڳالهائيندي ننڊ اچي وئي.
ياسمين جي پيءُ عبدالخالق کي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾
ڪو چڱو عهدو مليو هو، سندس تازو وڏيري ٿيل پيءُ
نئون تازو بنگلو ٺهرايو هو ۽ هُو ڳوٺ واري گھر کي
الوداع ڪري نئين گھر ۾ آباد ٿيا هئا، سندن بنگلي
جون ديوارون به عبدالخالق تازي مليل شهرت ڪري تمام
وڏيون ڪرايون هيون. ياسمين کي اهي وڏيون ديوارون
جيل جيان محسوس ٿيڻ لڳيون، کيس ڳوٺ جو سرتيون،
ٻنيون ٻارا، مستيون مذاق، گھٽين ۾ کيڏندڙ ٻار، ڇا
ڇا ور ور ڏئي نٿي ياد آيو، هر وقت پنهنجي خيالن ۾
گُم سُم ڪنهن گھري سوچ ۾ ٻڏل، ڪنهن گھري پيڙاءَ ۾
پيڙهجندڙ ياسمين کي ماڻس محسوس ڪيو، کائنس
پڇيائين: ”ڌيءُ ياسمين الله تعاليٰ تنهنجي پيءُ کي
ايترو نوازيو آهي، بنگلا گاڏيون، نوڪر چاڪر، هيڏي
وڏي ڪراچيءَ جي شهر ۾ رهائش پوءِ به آئون توکي خوش
نٿي ڏسان، ڌيءُ ڪهڙي ڳالهه آهي مون کي ٻن پُٽن
(جيڪي تنهنجي پيءُ اعليٰ تعليم لاءِ ٻئي ملڪ
موڪليا هئا) کان پوءِ ڏاڍي سڪ مان تون ڄائينءَ،
ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا توکي پريشان ڪري پئي.“
ياسمين ڪجھ دير خاموش رهي پوءِ ماءُ سان مخاطب ٿي:
”امان آئون اڪيلي ٿي پئي آهيان هتي اچي ۽ مان
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ٿي چاهيان.“
پهرين
ته ماڻس حيران ٿي وئي، پر پوءِ چيائين تنهنجي پيءُ
سان ڳالهه ڪري ٿي ڏسان.
ريشمان مڙس سان ياسمين جي پڙهائي، بابت ڳالهه ڪئي،
پهرين ته عبدالخالق انڪار ڪيو پر ڪجھه سوچ فڪر کان
پوءِ ها ڪئي پر ڪجھه شرط به رکيائين ته ياسمين
برقعي ۾ يونيورسٽيءَ ويندي. گاڏي ڊرائيور ۽ هڪ
سيڪيورٽي لاءِ گارڊ به ساڻس گڏ هوندا، ريشمان خوش
ٿي ۽ ياسمين کي ڳالهه ٻڌائي.
ياسمين جي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ٿي وئي ۽ ڪلاسز
به شروع ٿي ويا. ياسمين هڪ عاليشان گاڏيءَ ۾ گارڊ
سميت برقعي ۾ ملبوس يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکيو، هرڪو
کيس عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳو ڄڻ هيءَ ڪا جن يا ڪو
راڪاس هجي، ڇوڪرا ته پري پر ڪا ڇوڪري به سندس
ويجھو نه پئي وڃي، ايئن ٻه مهينا کن گذريا ياسمين
پنهنجي انهيءَ حال تي پريشان ٿي وئي ۽ ماڻس کي
چيائين:
”امان بابا کي چئو مون سان گارڊ نه موڪلي مون کي
ايئن ٿو لڳي مان يونيورسٽيءَ ۾ ڪو جن يا ڀوت هجان،
مون سان ڪا به ڇوڪري دوستي ته ڇا پر ڳالهائي به
نٿي.“ سندس ماءُ جي چوڻ تي سندس پيءُ اها ڳالهه
مڃي ۽
هاڻ ياسمين سان فقط هڪ ڊرائيور هو، هڪ ڏينهن
پنهنجي ڪلاس فيلو سمرين جو هٿ پڪڙي بيهي رهي
چيائين، ”سمرين مان ڪا جن ته نه آهيان جو مون سان
ڪير ڳالهائي ئي نٿو.“
”سمرين مرڪندي چيس پياري توتي سڀ مرن ٿا، هن نقاب
جي اندر لڪيل سمبارا جھڙي مورتيءَ کي ڏسڻ چاهين
ٿا، پر پياري تنهنجي پويان گن مين ڏسي سڀ ڪو پيو
توکان پاسيرو ٿئي، پياري هيءَ يونيورسٽي آهي ڪو
جنگ جو ميدان نه آهي.“
”سمرين هاڻ ڪو به گن مين نه ايندو بس نه.“ (ٻئي
کلن ٿيو).
آهستي آهستي سمرين ۽ ياسمين جي دوستي پڪي ٿي وئي ۽
سيميسٽر به اچي پورو ٿيو. بالاچ خان ياسمين ۽
سمرين جو ڪلاس فيلو هو. سندس تعلق هڪ وڏ گھراڻي
سان هو، پر پاڻ روايتي وڏيرائپ کي پسند نه ڪندو
هو، بالاچ لاءِ ڇوڪرين جي ڪمي نه هئي، پر ياسمين
کيس برقعي اندر به ڪشش ڪرڻ لڳي ۽ هر وقت کيس ڏسڻ
لاءِ بيقرار رهندو هو ۽ ياسمين به بالاچ جي نظرن
کي سمجهي وئي. هڪ دفعي بالاچ ياسمين ۽ سمرين کي
ڪاريڊور ۾ گڏ ويندي سڏ ڪري چيو: ”جي توهان مائينڊ
نه ڪريو ته مان توهان سان گڏ هلان.“
”سمرين وراڻي ڏئي چيس: ڪيڏانهن ٿا اسان سان گڏ هلو
مسٽر بلاچ!
بالاچ جيڏانهن توهان وڃو پيا تيڏاهن! اسان ته
ڪينٽين پيا وڃون سموسا کائڻ ۽ چانهن پيئڻ!
بالاچ ته پوءِ مان به هلان ٿو سموسا کائڻ ۽ چانهن
پيئڻ!
سمرين (هڪدم ياسمين ڏي نهاريو ۽ اشارو سمجھي وئي)
ڀلي هلو جناب بِل به ڀرجو سموسن کائڻ جو ۽ چانهن
پيئڻ جو!
بالاچ (خوشيءَ مان) جي جي اها ته منهنجي خوش نصيبي
ٿيندي.
ائين وقت گذرندو ويو ۽ ٻيو سيميسٽر به اچي پورو
ٿيو، بالاچ ۽ ياسمين جون هاڻ يونيورسٽي ان کان
پوءِ فون تي ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، ياسمين هاڻ اڳ کان
وڌيڪ خوش رهڻ لڳي، پاڻ سجائڻ هر وقت تيار ٿيڻ، سٺا
ڪپڙا، سٺيون پرفيوم وغيره هڻڻ لڳي هئي، هاڻ هر وقت
شيشي جي سامهون بيهي پنهنجي تعريف ڪرڻ لڳي، ايئن
ئي ٽيون سيمسٽر به اچي پورو ٿيو ۽ هاڻ سندسن
فائينل سيمسٽر به پورو ٿيڻ وارو هو.
بالاچ پنهنجي مائٽن کي بابا ڏانهن موڪل ڪٿي بابا
منهنجي لاءِ ڪو قدم نه کڻي وٺي، ياسمين بالاچ کي
چيو، بالاچ خوشي سان ها ڪئي ۽ يڪدم پنهنجي والد
رئيس الهداد سان ڳالهه ڪئي. سندس والد عبدالخالق
کي چڱي طرح سڃاڻندو هو ۽ سندس لالچي طبيعت کان پڻ
چڱي طرح واقف هو، بالاچ جي پيءُ ها ڪئي ۽
عبدالخالق ڏانهن رشتي جو پيغام موڪليو، عبدالخالق
نياپي ملڻ شرط ئي گھر ۾ ماتم مچائي ڇڏيو.
”عبدالخالق (ڪاوڙ مان) ريشمان رئيس الهداد جي
گھران ياسمين لاءِ رشتي جو پيغام آيو آهي، ضرور
ياسمين کي سندس پٽ يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺو هوندو تڏهن
ئي رشتو موڪليو اٿس.“
”ريشمان ته پوءِ ڇا ٿي پيو خانداني رئيس آهن
انهيءَ ۾ ايتري ڪاوڙ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“
”بيوقوف عورت مون ياسمين کي يونيورسٽي پڙهڻ جي
اجازت ڪنهن مقصد تحت ڏني هئي، پنهنجي سياست جون
پاڙون مضبوط ڪرڻ لاءِ، رئيس ربنواز مون کان ياسمين
جو رشتو گھريو هو“.
ريشمان وراڻيو.
”پر کيس ته پٽ جو الاد نه آهي! ”اڙي بيوقوف عورت
ڳالهه پوري طرح ٻڌ ته سهي، رئيس ربنواز کي پٽ جو
اولاد آهي ئي ڪو نه ۽ پٽ جي اولاد لاءِ ٻي شادي
ڪرڻ ٿو چاهي، رئيس ربنواز جا مون تي احسان آهن
پهرين ٺيڪيداري به رئيس ڏياري ۽ سياست ۾ به رئيس
اينٽري ڪرائي اڄ جيڪي ڪجھ آهيان سو رئيس جي بدولت
آهيان. ”پر ياسمين ته اڃان ٻاويهن سالن جي آهي ۽
رئيس ته سٺ سالن جو پوڙهو آهي.“
”اڙي بيوقوف عورت ڪجھه عقل کان ڪم وٺ مون ياسمين
کي پڙهايو ئي انهيءَ ڪري آهي ته، يا ته رئيس جي پٽ
جي ماءُ ٿيندي، جي رئيس جو ٽائيم پورو ٿي ويو ته
رئيس کان پوءِ سندس حلقي ۾ سندس سيٽ تي اليڪشن ۾
بيهاريندوسانس.“
”پر ياسمين ته کيس ننڍپڻ کان چاچا ٿي چئي“ ريشمان
وراڻيو.
”اڙي بيوقوف عورت ڪرينا ڪپور به سيف علي خان کي
انڪل چوندي هئي ۽ پوءِ وري سيف جي بيبو ٿي وئي،
هاڻ وڌيڪ سوال جواب بند ڪر ۽ جيڪا هيءَ رشتي جي
جيڪا چوچڙي دکي آهي اها باهه نه ٿي وڃي انهيءَ کان
اڳ ياسمين کي سمجھاءِ ۽ هاڻ سندس يونيورسٽي بند ڪر
گھڻي ٿي پڙهائي، عبدالخالق ڪاوڙ ۾ اهو چئي ڪمري
مان اٿي هلي ويو.
ريشمان ياسمين جي ڪمري ۾ وئي ، ياسمين شيشي جي
سامهون بيٺي هئي ۽ سمجھيائين ته امان ضرور بالاچ
جي رشتي جي باري ۾ ٻڌائڻ آئي آهي سو ڀڄي وڃي ماءٌ
کي ڳراٺڙي وڌائين.
ريشمان ڌيءُ تنهنجي پيءُ تنهنجو رشتو طئي ڪري ڇڏيو
آهي ۽ چيو اٿس ته اَٺن ڏينهن اندر تنهنجي شادي
آهي. ياسمين وري ماءُ کي ڳراٺڙي پائي امان ايترو
جلدي اڃان فائينل سيمسٽر جا پيپر رهيل آهن اهي ختم
ته ٿين“
سندس ماءُ سمجھي وئي ته ياسمين ڪنهن جي رشتي بابت
پئي سمجھي سو ڪجھ چئي نه سگھي ۽ ڪمري مان هلي وئي،
انهي وچ ۾ ياسمين پنهنجي ۽ بالاچ جي شادي شده
زندگيءَ جي باري ۾ الائي ڇا ڇا سوچيو هو، پنهنجي
زندگيءَ جا سمورا خوبصورت پل بالاچ سان گڏ محسوس
ڪيا. انهن ئي خيالن ۾ هوءَ بالاچ جي ڪنوار به ٿي
وئي، ڪيترو خوبصورت سندس تصور هو. ياسمين پنهنجي
سوچ ۾ پئي سوچيو ته زندگي مون تي هاڻ مهربان ٿي
آهي، زندگي او زندگي تون ڪيتري خوبصورت آهين هوءَ
سوچن ئي سوچن ۾ آسمان تي اڏامڻ لڳي، جيترا خواب
بالاچ سان گڏ زندگي گذارڻ جا ڏٺا هئائين سي سڀ سچا
محسوس ٿيڻ لڳا هئس. سندس جوڀن ڀري جواني کيس هاڻ
بار نٿي لڳي، رکي رکي خوشيءَ جا اڌما ٿي پيدا ٿيس،
سندس ماءُ ڪيترو وقت هن هي حالت ڏسندي رهي، سندس
ڪيفيتون سمجھي وئي ته ياسمين غلط فهميءَ جو شڪار
ٿي وئي آهي، ڌيءُ جي اها ڪيفيت ڏسي روئي پئي.
ريشمان او ريشمان.
(ريشمان ڇا ٿا چئو) هن جمعي تي رئيس ربنواز مـڱڻي
جي رسم ڪرڻ لاءِ ايندو ياسمين کي تيار ڪري ڇڏجان.“
عبدالخالق اوچتو چيو.
ريشمان
بلڪل خاموش هئي نيٺ پاڻ ڏاڍو ڪري ياسمين جي ڪمري ۾
وئي ۽ ياسمين سان نظرون ملائڻ کان بغير چيائين
”ڌيءُ ياسمين جمعي جي ڏينهن يارنهن وڳي تنهنجي
مڱڻي آهي رئيس ربنواز سان!“
ياسمين حيران ٿي وئي سندس مٿان ڄڻ ڪا ِوڄ اچي ڪري
هئي، سندس اڳيون ڦاٽي ويون ۽ دل تيز تيز ڌڙڪڻ
لڳيس، نيٺ دل وڏي ڪري ماءُ کي چيائين امان چاچا
ربنواز کي ته پٽ جو اولاد ڪونه آهي؟ پوءِ ڇا لاءِ
منڊي کڻي ايندو ۽ جيڪو رئيس الهداد جن رشتو موڪليو
آهي ان جو بابا جواب نه موڪليو آهي ڇا؟
”ريشمان ڌيءُ تنهنجي پيءُ رئيس الهداد کي ڪوبه
جواب نه ڏنو آهي، باقي تنهنجي هن جمعي تي مڳڻي جي
رسم رئيس ربنواز سان طئي ٿي آهي، اهو تنهنجي پيءُ
جو فيصلو آهي.“
ياسمين جو دماغ ڦرڻ لڳو ۽ وڃي بيڊ تي ڪري ۽ بي هوش
ٿي وئي، جلد ڊاڪٽر اچي ويو ۽ ياسمين هوش ۾ آئي،
ڊاڪٽر سندس والدين کي پريشانيءَ جي ڳالهين کان
پاسو ڪرائڻ جي تاڪيد ڪري هليو ويو، ياسمين بلڪل
خاموش ٿي وئي سندس فون بند ڪريو ويو، جمعي جي
ڏينهن يارنهن بجي کيس تيار ڪيو ويو ۽ ياسمين بلڪل
پٿر جي مورتيءَ جيان ٿي وئي هئي سندس عقل هوش حواس
سڀ ڄڻ غم ٿي ويا هئا، رئيس ربنواز کيس مڱڻيءَ جي
منڊيءَ سان گڏ هڪ گاڏي ۽ هڪ بنگلي جا ڪاغذ تحفي
طور پيش ڪيا جيڪي عبدالخالق ٻنهي هٿن سان وٺي ۽
پنهنجي ٽجوڙيءَ ۾ رکيا، ٻئي جمعي تي نڪاح جي رسم
رکي وئي.
”ريشمان او ريشمان ڪٿي آهين.“
(ريشمان جي آيس) هيءُ وٺ پورا ٽيهه لک اٿئي.
ياسمين کي شاپنگ ڪراءِ ۽ جيڪو مايون ميڪ اپ شيڪ اپ
ڪنديون آهن پارلر ۾ اهي به ڪرائينس، رئيس ڏاج کان
منع ڪيو آهي باقي ياسمين پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ
وٺڻ چاهي ته ڀلي وٺي، ۽ هي منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ به
رکي ڇڏ ۽ نڪاح جو جوڙو به پاڻ وٺجان مڱڻي ته
سادگيءَ سان ٿي وئي، پر نڪاح تي شهر جي وزيرن ۽
مشيرن جو فيمليون اينديون پنهنجي تياري سٺي ڪجان“
سندس ماءُ ياسمين جي ڪمري ۾ وئي، ”ڌيءُ ياسمين پاڻ
کي سنڀال تنهنجي قسمت جو فيصلو ٿي چڪو آهي هاڻ ان
کي قبول ڪر ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت رک تنهنجي پيءُ
تولاءِ ڪجھ غلط نه سوچيو هوندو.“ ياسمين خاموش
هئي.
”سمرين، ياسمين جي ڪا خبر ڏي ان جو الاهي ڏينهن
کان فون بند آهي.“
”سمرين، بالاچ خان، وڏيرا ٻار آهن جڏهن دل چوين ته
ڳالهائين ۽ جڏهين دل چوين ته نه ڳالهائين، مون سان
به هن جو ڪو رابطو نه آهي ۽ فون به بند اٿس“ بابا
وڏا ماڻهو آهن مون اڳ ئي سوچيو هو ته انهن کان
پاسو ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي پر الائي ڪيئن دوستيءَ ۾
گرفتار ٿي ويس.“
”نه نه سمرين، ياسمين ايئن بلڪل نه آهي، ضرور ڪنهن
مصيبت ۾ آهي، مون سندس لاءِ رشتو موڪليو هو ڪٿي ان
سبب جي ڪري ته کيس روڪيو نه ويو آهي“
بالاچ چيو.
”ته اڇا توهان رشتو موڪليو آهي“ سميرين وراڻيو.
”سمرين ڀيڻ ڪيئن به ڪري ياسمين جو حال معلوم ڪري
ڏي، بالاچ پريشان ٿيندي چيو.
بالاچ خان مان ڪڏهن به سندس گھر نه وئي آهيان،
الائي سندس گھر وارا ڪهڙي قسم جا آهن پر مان ڪوشش
ڪيان ٿي سمرين هن جي پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ
چيو.
ٻئي ڏينهن سمرين جي فون بالاچ خان کي آئي (بالاچ
فون تي ڳالهائيندي) ڇا رئيس ربنواز سان سندس نڪاح،
۽ سندس هٿن مان فون ڪري پئي بالاچ پنهنجي پاڻ کي
مشڪل سان سنڀالي وري سمرين کي ڪال ڪئي ۽ سموري
حقيقت معلوم ڪئي.
سمرين به بالاچ کي فائينل سيمسٽر جا پيپر ڏيڻ کان
پوءِ نه ڏٺو ۽ بالاچ خان يونيورسٽيءَ کي الوداع
چئي پِيءُ سان گڏ سياست ۾ اچي ويو، ياسمين ڪنوار
بنجي رئيس ربنواز جي گھر آئي، اها ئي خاموش پٿر
جيان چپ ئي چپ. رئيس ساڻس گھڻو ئي ڳالهايو، پر
ياسمين جي زبان سڪي ڄڻ ٺڪر ٿي وئي هئي، رئيس به
شادي جي هڪ سال کان پوءِ دل جي اٽيڪ پوڻ ڪري
پنهنجا سؤ ورهيه پورا ڪري راهه رباني ورتي.
عبدالخالق پنهنجي سوچ مطابق ياسمين کي پارٽيءَ
طرفان ٽڪيٽ وٺي اليڪشن ۾ بيهاريو. ياسمين جي
سامهون رئيس الهداد جو جانشين بالاچ خان هو،
ياسمين ۽ بالاچ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اليڪشن م
بيٺا، اليڪشن ۾ بالاچ خان جي ڪاميابي ٿي ۽ ياسمين
جي هار، بالاچ خان وري ياسمين ڏانهن رشتي جو پيغام
موڪليو. جنهن ۾ رئيس ربنواز جي وڏي گھر واريءَ
بيگم زليخا سندس مدد ڪئي ۽ عبدالخالق سان قطع تعلق
ڪري ياسمين جي لاءِ آيل رشتو ياسمين جي راضپي
سان قبول ڪري کيس پنهنجي ڌيءُ وانگر رخصت ڪيو ۽
ان کان اڳ ياسمين جي پيٽان رئيس ربنواز جو جانشين
پيدا ٿيو، جيڪو ياسمين بيگم زليخا جي حوالي ڪيو.
يار محمد چانڊيو
ڪمري
۾ سگريٽ نه ٻرندو
”نرگس! …او نرگس!! “.
”جي ... جي ... آيسِ!! “.
ڪجھ لمحا گذريا ته تاج وري آواز ڏنو:
”نرگس - ڪٿي آھين؟ ... ماچيس کڻي، بتي ٻاري وڃ!…
اوندھ ۾ منھنجو ساھُ ٿو گهُٽجي!!“
تاج جي بيچيني ڏسڻ وٽان هئي. ڪمري جي اونداھي ۽
بخار جي شدت ۾ تڙپندڙ تاجَ وڏا وڏا ساھَ ٿي کنيا .
هڪ اڌ ساعت گذري ته نرگس ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ھن
ماچيس جي تيلي ٻاري. ڪمري ۾ موجود اونداھيءَ کي
ڀڄائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ... هڪ تيليءَ جي پويان
ٻِي ۽ ٽين تيلي ٻرندي وسامي وئي، پر روشن دان ۾
رکيل بتي نه ٻري نه ٻري!!
”ڇو نه ٿي ٻري؟“
” الائي! “.
”ڪڏھن - ڪڏھن ائين به ٿيندو آ!“
”ڪيئن؟ “
”اونداهي ۽ روشني پنھنجو توازن برقرار رکڻ لاءِ
پنھنجي پنھنجي طاقت ڏيکارينديون آھي!“
”مون نه سمجهيو؟“
”ماڻھوءَ جو من ڪڏھن ڪيئن ته ڪڏھن ڪيئن هوندو
آ؟... ڪڏھن انڌيرا ۽ تنھايون ڀانءِ اچن ته وري
ڪڏھن روشنين ۽ ھجومن ۾ رھڻ جي حسرت جاڳيو پوي!...“
”صحيح ٿا چئو! … واقعي ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو
آھي ته ماڻھو روشني ڪرڻ چاھيندو آھي، پر اونداھيءَ
جي آرزوءَ ۾ ڪمرو روشن نه ٿيڻ گهرندو آھي “.
”برابر نرگس “.
ماچيس جي چوٿين تيلي ٻري وري وسامي وئي.
”بتيءَ ۾ تيل ڪونھي ڇا ؟ “.
”آھي “ .
”پوءِ ڇو نه ٿي ٻري؟ “.
”الائي! “.
تاج ڪمري جي اونداهيءَ ۾ ٿاٻڙندو نرگس تائين پھتو،
چيائين ”نرگس مون کي ڏي ماچيس “.
هن ماچيس جي پنجين تيلي ٻاري بتيءَ جي وٽ مٿان رکي
اوچتو هلڪي دانھن ڪئي .
”ڇا ٿيو؟ “.
”هٿ سڙي پيو “.
”ايتري ۾! …“ . نرگس جي آواز ۾ شرارت جي مرڪ ڊوڙي
آئي .
”نرگس “.
”هان! …هان!! ... “
”ڪنھن تي ٿي کلين؟ ... مون تي! “.
”نه! “.
”باقي ؟“.
”بتيءَ جي اجائي ضد تي ، جڏھن ٻرڻو ئي اٿس ته دير
ڇو ٿي ڪري ...“
”نه ٻرندي - تو جيان اونداهي هن کي به پسند آھي“ .
”ٻرندي ته ضرور... “.
نرگس تاج کان هٿ ڇڏائي روشن دان ۾ رکيل بتيءَ کي
پنھنجي ويجهو آندو.
”ٻڌ نرگس“.
”هون.“
”اونداهي ساھه ڇو منجهائيندي آ؟... “
”اونداهي ۽ خاموشي موت جي راڪاس جھڙي هوندي آھي،
انڪري!“ نرگس بتيءَ جي سڙي ويل وٽ کي ٿورو مٿي ڪري
وراڻيو: ”هاڻي تيلي ٻار!“
اونداهين ڪمري ۾ ماچيس جي ڇھين تيلي، بتيءَ جي وٽ
کي ڇھيو ته ڪمرو روشنيءَ سان سينگارجي ويو.
”نرگس! “
”هون“.
”هڪ ڏينھن هيءَ اونداهي منھنجو ساھ نپوڙي وجهندي“
”ائين نه چئبو آھي.“
”ڇو؟“
”ساھ قيمتي هوندا آھن، ان لاءِ خير جا لفظ ٻولجن“
”۽ اونداھي ڇا آھي؟ “
”مون کي خبر ناهي“
”باقي توکي ڪھڙي خبر آھي؟“
”مون کي اهو پتو آھي ته سماج جي اونداهي تنھنجي دل
۾ خوف جو زهر ڀري ڇڏيو آھي ... ڪمري جي اونداهي
توکي سڪون سان رهڻ نه ٿي ڏئي!...“
”سچ ٿي چوين!“ تاج جي دل ڄڻ مڃي ورتو، وراڻيائين
”پوءِ مان ڇا ڪيان نرگس؟...“
”سماج سان مقابلو! “
”ڪيئن ڪيان؟؟“
”اندر جي حساسيت ختم ڪري، سماج جي سفاڪيت کي ختم
ڪر!! “
”مون لاءِ اهو ئي ته وڏو چئلينج آھي!“
”انھن چئلينجز جي سامهون ديوار ٿي بيھ ... ماڻھو
جنھن سماج ۾ رھي، ان جي حقيقتن کي قبول ڪري!! …“.
”اهو ئي ته نه ٿو ٿي سگهي مون کان!“
تاج جو من بيقرار ٿي پيو . هن اٿي وڃي بتي جي
ٻرندڙ وٽ واري باھ مان سگريٽ دکائي ورتو .
”ڏس نرگس، هن امن جي نگريءَ ۾ بدامنيءَ جي باھ
ڀڙڪي رهي آھي ... امن جي ڌرتي خون ۾ ڳاڙھي ڏسي
منھنجون اکيون ٻوٽجي ٿيون وڃن ... اسان جي ڳڀرن
علم جي روشن ڪرڻن جي راھ ڇڏي هٿيارن جي واٽ ڇو
ورتي آھي؟؟....“
”اهو جيڪو سڀ ڪجھ ٿي رھيو آھي، انھن جو ٿيڻ يا نه
ٿيڻ تنھنجي وس ۾ آھي؟...“
”نه!“.
”پوءِ پريشان ڇو پيو ٿئين؟“.
”ڊپ ٿو ٿئي ؟ “
”ڪنھن کان ؟؟ “
”حالتن جي سنگينن کان!!“.
”جڏھن حالتون ئي تنھنجي وس ۾ ناهن، ته پوءِ انھن
حالتن جي المين کي پنھنجي وَسَ ۾ ڇو ٿو سمجهين؟...
ان المين جي پيڙا تنھنجي دل کي ڇو ٿي نفيس ڪري؟...
تنھنجي دل جي نفاست ڪمري جي اونداهيءَ کان به ڊڄي
ٿي!؟“
”ها!“.
”ڇا؟ ... ھ َ...ها...؟“
نرگس جي نماڻپ سندس آواز مان بکي ظاهر ٿي ته تاج
پنھنجون جهڪيل اکيون مٿي کڻي نرگس جي اکين ڏانھن
واجهايو .
”نرگس!“.
”ڇا ڪَري نرگس؟“
”پنھنجا ڳوڙها اُگھي نرگس!.. مون سان ساٿ ڏي نرگس
- روئي نه!!“
”ڪھڙو ساٿ، ڇا ڪيان مان؟“
”تون سڀ ڪجھ ڪري سگهين ٿي نرگس!“
”۽ تون ڪجھ به نه ٿو ڪرين سگهين ...ها نه!!“
”مان به ڪندس!“
”ڇا ڪندينءَ؟“
”همت! “.
”نالو همت - ڪم بي همتن وارا! … بيڪار ۽ بي
همٿيا مرد گهر ۾ ويٺل عورتن کان به پري هوندا آھن
- بزدل ... ڪانئر...“
”۽ ڪانئر ؟... “
”ڪانئر پکي هوندا آھن... ڊڄڻا! …مارِيءَ جي خوف
۾ سدائين بک هنن جو مقدر هوندي آھي!! …“
”اهو مقدر- يا اهڙو مقدر
منھنجي حصي ۾ به آھي نرگس!“
”هُو پکي آھن- تون انسان!!“ نرگس جي آواز ۾
رنجش جو عنصر نمايان هو، چيائين ”تاج! … تون
سمجهين ڇو نه ٿو؟ ... خوف پکين جو مقدر آھي ،
انسانن جو نه!! “.
”مون کي به پکي سمجھ نرگس! “.
”ڪھڙو پکي ... ڪانئر؟... ها نه ؟؟ “.
”نه! “.
” باقي؟ “.
”ڪو به! “.
”باز؟ “.
”نه اهو نه! … اهو خونخوار پکي آھي!“
”ڪانءُ! “ .
”نه اهو به نه! “.
”چمڙو؟ “.
”هرو ڀَرو صفا اهڙو به ناهيان! “.
” ڳيرو؟ “.
”ها ڳيرو چئه! ...اهو امن جو علمبردار پکي
آھي!!…“.
”تون ڳيرو پکي آن؟ “
”ها ائين کڻي سمجھ!“
”سمجهان ڇو؟ … تون آھين ئي ڳيرو ... اُٿ! … نه
رهائينديس مان ڳيري کي پنھنجي گهر ۾!! …“ . اوچتو
نرگس جي آواز ۾ سختي اچي وئي، هن تاج جي ڪالر کان
پڪڙي کيس ڪمري کان ٻاهر آندو .
”ڪاڏي؟“
”نڪر گهر کان ٻاهر ڳيرا! … ڳيرن جا دوست! …
ڳيرا برابر امن سان پيار ڪندا آھن، پر تو جيان
سدائين خوف ۾ رهي، پنھنجي حياتي آکيرن ۾ ناهن
گذاريندا!! “.
تاج جون اکيون کليل رهجي ويون. هن خوف گاڏڙ
کليل اکين سان نرگس جي سوڙھي گرفت مان پاڻ آجو ڪرڻ
چاهيو :
”مون کي ڇو پڪڙيو ٿي؟ “.
”پھريان ته سگريٽ اڇل!“
”پر ڇو؟؟ “.
”تنھنجي وات جي بدبوء هن سماج جي انڌيري جھڙي
آھي ... مان ان انڌيري ۾ رهڻ نه ٿي گهران...!! “.
تاج پنھنجي چپن ڏانھن کڄي ويل سگريٽ کي ڦٽو
ڪيو، پر نرگس جي ڪروڌ ۾ ڪمي نه آئي .
”هل تاج! “.
”ڪاڏي؟ “.
”هل! سماج جي انڌيري کي ڀڄائي ڪڍڻو آھي ...هل
تاج هل...!!“
نرگس جي هٿن ۾ تاج جو هٿ پڪڙيل هو ۽ تاج جي هٿ
۾ روشن بتي!…هنن پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪري، سمورين
ڳلين جو چڪر ڪاٽيو .
”تاج!“.
”هون!!“.
”هڪڙي بتيءَ جي روشني رات جي انڌيري کي شڪست
ڏئي ٿي- انسان جي جاڳرتا سماج جي اونداهي جو خاتمو
نه ٿي آڻي سگهي؟؟...ڪٿي آھي تنھنجي سماج جو
انڌيرو؟ ... ڪٿي آھن ان سماج جي اونداهيءَ جا نشان
- ڪي عڪس؟؟...“
تاج چپ رهيو .
”تاج! “ نرگس وري ڳالھايو ” انسان روشني جو مرڪز
آھي ... سماج يا رات جا انڌيرا هن جي آڏو ڪابه
حيثيت نه رکندا آھن! … تاج! جتي خوف ختم ٿيندو
آھي، زندگيءَ جي شروعات اتان ئي ٿيندي شروع ٿيندي
آھي!! ... ٻڌاءِ تنھنجي خوف کان آزاد زندگيءَ جي
شروعات ڪڏھن ٿيندي؟؟“
تاج گهر ايندي وڏا وڏا ساھ کڻي ٽھڪ ڏنا ۽ پوءِ
هن نرگس جي اکين ۾ گهوري ڏٺو، چيائين: ”واقعي سماج
جي اوندھ اسان جو تصور آھي ... باقي قدرت جون
راتيون اسان جي روشنين آڏو ڪا حيثيت نه ٿيون رکن!
... اٿ نرگس ڪمري جي بتي وسائي ڇڏ - سماج ۾ ڪابه
اونداھي ناهي!! …“
” ڪمري جي بتي هڪ شرط سان وسامندي! “
” شرط؟ “
” ها! “
” ڪھڙو شرط؟؟ “
” ڪمري ۾ سگريٽ به نه ٻرندو!! “.
اونداهي ڪمري ۾ نرگس ۽ تاج جا ٽھڪ گونجي اُٿيا!! |