سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:13 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 

 

 

 

چينُ ۽ آرام پنهنجو ڪل وڃائي موٽيا،

پنهنجي هٿ سان لعل هيرا هَڙَ ڦُرائي موٽيا.

وئي سڱن ڪاڻ ڪن ڪپائي موٽي آئي پيرَ تي،

اِن پهاڪي چوڻي وانگر نَڪُ ڪپائي موٽيا.

تن کي ڪا پرواهه ناهي نڪ جي، آهن بي نَڪا،

سود خاطر ڌوڙ ۾ پَٽڪو گڏائي موٽيا.

جنس گهٽ ۽ اگهه به ڪروڙ ٿا چون کولي ٻُڌو،

دين ايمان ڪجهه ٽَڪن تي سڀ لُٽائي موٽيا.

مارا ماري، هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان جو دور آ،

سڀ لتاڙي ليڪا پنهنجو خود پَڏائي موٽيا.

هول مان جن پيٽ پنهنجو آ ڀريو دل هول ٿي،

حال کان بيحال ٿي خود کي کڻائي موٽيا.

ننگ ۽ ناموس، جن کي ڄاتو حافظ هو سدا!

سيئي لڄ شرم و حيا لاهي لڄائي موٽيا.

نانگ نڪري ويو هليو ۽ نانگ جي ٻِر جي مٿان،

ڪيئي آيا ۽ ويا مُرليون وڄائي موٽيا.

بزمِ شعراء ۾ هلي تنهنجي پچر اڪبر چوان،

تنهنجا ڳڻ ۽ تنهنجون ڳالهيون ڳائي ڳائي موٽيا.

 

] 29 شعبان المعظم 1440هه/ 6- مئي 2019ع، قصر گل جوڻاڻي شريف [

 

طالب المحبوب

 

 

 

ڪيئن هن ڪاڪ تي ڪونڌر ڪنڌار آيا ويا،

ڪئين پڳدار آيا ويا ڪئين سردار آيا ويا.

 

ڪنين کي هت نه ڪل پيئي ڪنين کان ڪونه سٽ سمجهيو،

ڪئين پڙهيا لکيا ڀليا، ڪئين هوشيار آيا ويا.

 

انهيءَ طلسم جي نگري کي نه پرکي ڪو سگهيو سامي،

اٿي هليا ويا آڌوتي، ڪئين مرلار آيا ويا.

 

ڪنين ڪشتا ته ڪي منگتا ڪنين کي نانگ بگرين ۾،

ڪنوٽيا چير ڪن ڪاپڙ ته ڪي ڪن ڍار آيا ويا.

 

ڪنين مڻڪي اندر مڻڪا ڪنين مڻڪو نڪو ڇڻڪو،

ڪنين کي ڇير پيرن ۾ ته ڪي مڻيادار آيا ويا.

 

کٽن تي ٿي کليا جيڪي کٽون تن جون کڄي ويئون،

لٽي ڌڙ ڌوڙ ۾، تن جا پو ڀون ۾ ڀار آيا ويا.

 

ڪنڌي هن ڪاڪ جي قبرون، پرين پرديسن جو پس،

مڙئي مومل وڌا ماري، سپه سالار آيا ويا.

 

ڀڀوتن ڀونءِ ۾ بت پيا، مٿان پيا ڀونءِ تي مينهڙا،

تنين کي ڪل نه پئي ”طالب“ مٿن ملهار آيا ويا.

 

فراخ جانوري

 

 

 

غزل

گل ڦل ۽ مهڪارون تنهنجي صورت آ،

منهنجي لاءِ بهارون تنهنجي صورت آ.

آءٌ صدين کان تاسو تايل صحرا جيئن،

جُهڙ ڦُڙ مينگهه ملهارو تنهنجي صورت آ.

فطرت جي انمول بدن تي پاتل ڄڻ،

چوليءَ رنگ ستارون تنهنجي صورت آ.

ڪهڙي وحشي توکي آهي درد ڏنو؟

اڄ ڇو لڙڪن لارون تنهنجي صورت آ.

توکي ڏسندي ڀرجن ڪنهن پل نيڻ نٿا،

اُڀ ۾ ڪونج قطارون تنهنجي صورت آ.

غزل

ساهه ڪنهن جي سار ۾ اٽڪي پيو آ،

ڄڻ لغڙ ڪو تار ۾ اٽڪي پيو آ.

هيءَ جهُڙالي شام سانوڻ جي ۽ بارش،

هن مٽيءَ مهڪار ۾ اٽڪي پيو آ.

تڙپي تڙپي زندگي ساري ٿي جنهن کي،

سو پرائي پار ۾ اٽڪي پيو آ.

او مٺي! تنهنجو ديوانو تو پڄاڻان،

درد جي سنسار ۾ اٽڪي پيو آ.

مون مسافر جيءُ جوڳيئڙو ”فراخ“،

هڪ ڪليءَ جي پيار ۾ اٽڪي پيو آ.
 

نجم سرهيو

 

 

 

 

جيڪو سامهون سچ، تنهن کان مُنهن نه موڙ،

بُراين کان بچ، ناتو تن سان ٽوڙ.

سامي تنهنجا رايا، سرس ڪجهه سوايا،

مايا ئي مايا، اُونهو عجب ڪو اسرار آ.

ڄَٽ ڄَٽِ مان ناهيان، پيئي جا پروڙ،

تاريخون سڀ ڪوڙ، ساڻ ڀريون آهن پيون.

اڄ اياز! اُتم ۽، ڪيرت، مالهي پاڻ،

ڪري روح رهاڻ، سُتا ڌرتيءَ گود ۾.

ويو پکيڙي پنهنجي، خوشبو پاڻ ايازُ،

سُتل هاڻ ايازُ، ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾.

مٽي منهنجي مَن جي، ڀوري وجهن بار،

ڏکن وڌا ڏار، جيون سارو پيو جهري.

اڙي موت مهربان! تنهنجا لک احسان،

تو آئي آسمان، ملڻ ٿيو محبوب سين.

برحق آهي موت! فطرت جو فساد،

ڪيڏو هيءُ تضاد، ”نجم“ نبريو ناهه ڇو؟

*

آيل! ڏس اجايون، ماڻهن جون ڦشريون،

ڄڻ ڪڪريون ٽڪريون، ڪارونجهر جي ڪورسين.

روهيڙي گُل رَنگ، ڳاڙها سونهري،

مُند هنڊول(1) وڏي، سونهن عطا ڪئي سنڌ کي.

جڏهن لهندا لُڙَ، جهمريون هڻندا جهُڙ،

ساري هن سنسار ۾، سُڪا ڦٽندا ٿُڙ،

ماڻهن مُنهن مُهڙ، جرڪي پوندا جڳ ۾.

سڀ کي ماريندو ميان، ڇا نه مرندو پاڻ،

يا ڇا موت ساڻ، ايندو پنهنجي انت ڏي.

سِيما(2) جيئن سُور جي، حد نه آلا لاحد،

پيار ائين پابند، ناهي دين ڌرم جو.

هاڻ ته اڃان هي، ٿا ورق ورن وجود جا،

سارا شعر پڙهي، ٿو اُڃ اُجهايان عام جي.

جيئن آ رِليءَ ٽُڪَ، سورن ائين سبيوم،

ڪري وڏي چُڪَ، ناتو لاتم نينهن سين.

(1) هنڊول= بسنت رُت، جڏهن ته هنڊول ۽ بسنت راڳڻيون به آهن. (2) سِيما= سرحد.

 

خادم حسين علوي

 

 

 

 

غزل

حال دل جو آ عيان آهي ڪٿي،

دل سندم جو رازدان آهي ڪٿي.

درد دل جا دلربا سان اوريان،

گر هجي هت درميان آهي ڪٿي.

همسفر ٿي ساٿ ڏي جو هر گهڙي،

سو سچو سو پاسبان آهي ڪٿي.

حال کان بي حال جنهن ڪئي زندگي،

”سو ستمگر بدگمان آهي ڪٿي.“

جو پڄائي منزلِ مقصود تي،

دوستو سو ڪاروان آهي ڪٿي.

دور اهڙو آيو آهي ڇا ڪجي،

مهربان نامهربان آهي ڪٿي.

جنهن ڪئي ظلم و ستم جي انتها،

تنهن جو اڄ نام و نشان آهي ڪٿي.

خوش رهي دلبر سدائين خوش رهي،

ٿو دعا هردم گهران آهي ڪٿي.

آرزو ”همدم“ جي آهي دوستو،

شل ملان هُن کي ڏسان آهي ڪٿي.

غزل

مون ساڻ اٿس قرب سان دعويٰ ڪري ڇڏيئين،

ڇا ڇا ٻڌايان مون لئه ڇا ڇا ڪري ڇڏيئين.

وهمن وڪوڙيو هو مگر دلبر لئه ڇا چوان،

انداز سڀ سوچن سندا سَولا ڪري ڇڏيئين.

حسن و جمال جي ڀلا تعريف ڇا ڪجي،

ناز و ادا سان ڄڻ مون کي شيدا ڪري ڇڏيئين.

هرهڪ زبان تي چاه جو  چوٻول هو مگر،

اڄ ڌار ڪري ڄڻ مون کي ادنيٰ ڪري ڇڏيئين.

ڪهڙي ڪيان تعريف ڀلا دلربا سندي،

”دعوت قبولي قرب جي وه وا ڪري ڇڏيئين.“

اڄ اوچتوئي هُن سان ملاقات ٿي وئي،

مون لئه خوشن جو سامان پيدا ڪري ڇڏيئين.

ڪيڏي نه آ خوشي ملي محبوب جي هٿان،

مون کي ته هر نگاهه ۾ اعليٰ ڪري ڇڏيئين.

مولا ڪيو آ ڪرم جو ”همدم“ ملي ويو،

منهنجو نصيب برترو بالا ڪري ڇڏيئين.

 

شمس صابر

 

اي شاهه قلندر

سُڻ مُنهنجو سوالُ، اي شاهه قلندر،

هيڻي جو ٻُڌ تون حالُ، اي شاهه قلندر.

در تنهنجي تي آيو جيڪو خالي سو ڪين وريو،

لعلن جو آهين لعلُ، اي شاهه قلندر.

هي سِر تي آه هڪڙو جيڪر هُجن هزار،

گهوريان مڏيون ۽ مالُ! اي شاهه قلندر.

سِنڌُ تي ڪيو تو اَحسانُ تنهن لاءِ تنهنجا ٿورا،

تو هِي ڀَلايا ڀالَ، اي شاهه قلندر.

دربانُ تنهنجي دَرَ جو ”صابر“ ٿو سَڏائي،

تون ئي آن تنهن جو رکوالُ، اي شاهه قلندر.

 

غزل

بَزم آهي رنگُ لاتو، مُحبُ مهمان ٿي وَيو،

مُشڪ عنبر ويا اُڏي، زُلف پريشان ٿي وَيو.

 

تجربو آ زندگي لئه، ڏاکڙن جو هي سَفَرُ،

ڪاميابي جو ئي ڪارڻُ، دل جو اَرمان ٿي وَيو.

 

اُنَ جو تصور ۾ اچڻُ ٿو پڻ مسيحائي ڪَري،

اَڄُ خيالن ۾ خُفيه، دَردَ درمان ٿي وَيو.

 

هِي جان آ، اُن جي ”صابر“ پاڻ کي پيو سورَ ڏي،

هِي ڪَٺن هو مسئلو جو سو به آسان ٿي وَيو.

 

 

بخشل باغي

 

 

 

 

وايون

پاڇي ۾ پَلِي منهنجي، مون ساڻ گڏ ئي ڄائي،

هر هڪ جنم جُدائي.

ڏک کان وڏي نه آهي، تنهنجي اها خدائي.

هر هڪ جنم جُدائي.

ڪيڏا نه روپ ڌاري، ۽ ويس مَٽي آئي.

هر هڪ جنم جُدائي.

مون مان دُکي سُرن سان، هي دانھن ڪٿان آئي؟

هر هڪ جنم جُدائي.

ورلاپ وڇوڙن جا، ور ور ڪري ٿي وائي.

هر هڪ جنم جُدائي.

جنهن ۾ نه تون هجين سا، هر زندگي اجائي.

هر هڪ جنم جُدائي.

دل ۾ رهي سدائين، دردن جي روشنائي.

هر هڪ جنم جُدائي.

توکي ڏٺم ته ٿي پئي، خود ساڻ آشنائي.

هر هڪ جنم جُدائي.

*

پاڻيءَ تي پير تنھنجا، لھرن جي تون رَواني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

تو واءَ کي ڏني آ، وارن جي بادباني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

پاڻيءَ ۾ عَڪس تنھنجا، تون رنگ آسماني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

تو سمنڊ سان مِلايو، تنھنجي آ مھرباني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

تون جَر مٿان ستارا، تڙ تڙ جي ترجماني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

ڪَجلا جي سَر تي لھندڙ، تون سانجهه جي نشاني،

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

ڪڪرن ۾ ڪَجلَ تنھنجا، بَرسات ۾ بَرفاني.

جوڀن نديءَ جو تو ۾.

 

اعجاز ڀاڻپوٽو

 

 

 

 

غزل

هر بار اکيون تنهنجون، ڪن وار اکيون تنهنجون.

ماري نه وجهن مون کي، سرڪار اکيون تنهنجون.

جيئڻ جا عزم آڇن، دلدار اکيون تنهنجون.

ڌڪ ساڻ ڇڏين چيري، تلوار اکيون تنهنجون.

هاري مان آهيان هيسيل، ڀوتار اکيون تنهنجون.

هڪ ڏينهن وٺي وينديون، ٻي پار اکيون تنهنجون.

غزل

ساهُه سنڌ جي سدائين سيڻن ۾ رهي،

جنهن جو نقشو نرالو نيڻن ۾ رهي.

رسامان نه رشتن اندر شل رهن،

ڀاءُ مرڪي سدائين ڀيڻن ۾ رهي.

طعام تنهن ۾ سدا تازا پچندا رهن،

ماکي مصري مکڻ ڀي کيڻن ۾ رهي.

ڀرو سوچي اُن جي نه هت جاءِ آ،

تنهنجو دسمن هميشه ڪڻين ۾ رهي.

کوهه تنهنجا ته زم زم آڇيندا رهن،

تنهنجو ڏوٿي ته ورتن تيڻن ۾ رهي.

وروڌي وطن تي ٿي لعنت وسي،

ويري ڀومي ونگار ويڻن ۾ رهي.

تنهنجا جوڌا ”اعجاز“ جيئن هر جنم،

ڏهيسر ٿو ڏهه ڏهه جيڻن ۾ رهي.

 

خطائي ٿيٻو

 

 

 

 

نظم

تاريخ ساز ماڻهو

ناري جي ڳل تي ڳوڙهو

حاجي صديق ماڇي

خالي ملان ڪٿي هو

هن سولنگي سڏائي

خود کي نٿي پڏايو

توحيد جي ته داعيءَ

رب جو بندو سڏايو

عاشق رسول اهڙو

شرڪان پري رهيو ٿي

فرقا بندي ڪندڙ سان

موران نه هو ٺهيو ٿي

بي باڪ ’راڄ محمد‘

شاعر ’وفا پلي‘ ڇا

راڄن جي راڄ راڻي

’عبدالڪريم‘ سان گڏ

’معمور يوسفاڻي‘

جوڻيجو جوان ’قادر‘

’شمشير حيدري‘ ڇا

مستانو ’علي بابا‘

گفتي ’گرامي‘ گوهر

سڀني سان ٽهڪ هن جا

سڀني سان خوش خوشاڻي

محبوب ڪيڏا ماڻهو

هن جي اکين ڏٺا هئا

’منٺار‘ ساڻ گڏجي

مرسل جي در تي پهتو،

ڀاڱي ۾ هن جي آيو

ڪريم جو بدل حج

ماڇي سان گڏ ملان هو

واهه جا نصيب گڏيس

هن جي اندر مان گذريون

’ڪارو‘ جون ڇا نه بينون

’سينگار‘ جون صدائون

’لنجواڻيءَ‘ جون لاتيون

آلاپ ’عابده‘ جا

سامهون ويهي ته جن جي

هن جي ڪنن ٻڌا هئا

حاجي صديق ماڇي

خالي ملان ڪٿي هو

تاريخ جو پنو هو

کولي پڙهيو نه تو ڇو

ٿي موت واچ آيو

تاريخ جي پني کي

ڪيڏانهن اُڏاري ويو آ

’خانڻ‘ يتيم ٿي ويو

حاجي گذاري ويو آ

هن جي اندر رهيون ٿي

ڪيڏيون حسين يادون

حاجي صديق ماڇي

خالي ملان ڪٿي هو

’حمزي‘ جو ساٿ ۾ هو

مولود خوان ۽ شائق،

هُن جي اذان ۾ هو،

ڀريل جذب بلالي

حاجي صديق ماڇي

خالي ملان ڪٿي هو

ناري جي ڳل تي ڳوڙهو

تاريخ ساز ماڻهو

تاريخ جو پنو هو

تاريخ جو پنو هو

کولي نه تو پڙهيو ڇو.

 

اسدالله ٿهيم

 

دينداريءَ سان گڏوگڏ معاملو تون رک سڌو،

ڏي نه ڌوڪو تون بندن کي ٿي نه تون من جو مندو.

آ حقيقت پيش مون آڏو ادا تنهنجي ڪئي،

مسئلو تون ڪر پڇا شرعي ڌنڌو تون رهه ڪندو.

دين ۾ ڪيڏو اول ڀل تون هجين اسلام تي،

جي بندن جا حق ٿو کائين تو جهڙو ناهي گندو.

مير مدنيءَ کان سِکيا اصحابَ جيڪي معاملا،

ڏس حديثن کي عمل ڪر ٿي نه غافل ۽ انڌو.

حق پراوا جي تو کاڌا ڪونه بخشيندئي خدا،

ڏي ڀري بخشيندئي مالڪ راضي جي ٿيندئي بندو.

هت به تن لئه آ خواري آخرت ۾ ڀي سزا،

ڪين ربّ کي وڻندا آهن جي بندن کي ڏين رندو.

سچ ”ٿهيم“ آهي لکيو وهنوار اهڙو عام آ،

ربّ کان معافي گهر ”اسد“ توفيق ان کي ڀي ڏيندو.

*

سهڻو نبي اعليٰ اُتم آهي سڄي سنسارَ ۾،

رهبر نه ڪوئي رهنما اهڙي ڀلي ڪِردارَ ۾.

هو فيض جاري سڀ مٿان هر خاص ۽ هر عام تي،

دشمن به قيدي ٿيا اچي اهڙو اثر دلدارَ ۾.

ماڻهو ته عاشق ها گهڻا سوري ڏنو جن ساهُه هو،

پر جيت ۽ ڪي جانور ها عاشقن جي قطارَ ۾.

اخلاقُ سهڻي جو ڏسي ڪلمو پڙهي ويٺا ڪيئي،

جنهن جنهن ڏٺو ويو جڪڙجي سهڻي سڄڻ جي پيارَ ۾.

سڀ حُسن گڏجي قطارَ ۾ بيهن وَڏي مقدارَ ۾،

سينگار جي عربين اچن مدني مٿي سينگارَ ۾.

مان”ٿهيم“ دل جي ڳالهه کي لفظن ۾ ڪيئن ظاهر ڪيان،

اُلفت ”اسدَ“ عربي سندي مان ٿو رکان هر وارَ ۾.

 

علي بخش اُداسي

 

 

 

 

 

نظم

وري ايندا نه گهر دلڙي، صبر اختيار ڪر دلڙي،

روئي سڏڪا نه ڀر دلڙي، صبر اختيار ڪر دلڙي،.

ويا جي ٿي جدا آهن وري منٺار ڪون ايندا،

سڏڻ تنهنجو اجايو آ سهڻا سردار ڪون ايندا.

روئين ڇو ٿي رڙيئن ڇو ٿي، پرين ۽  پيار ڪون ايندا.

وڃين ٿيا پيارا پرور کي مڃو جن آ امر دلڙي.

سڄڻ  هر ويل سارين ٿي  رڳو تون لڙڪ هارين ٿي،

وڃو آسڻ  نهارين ٿي  روئي مونکي روئاڙين ٿي.

ستل ڪي سور اٿارين ٿي   روئي تون سج اڀارين ٿي،

روئڻ تنهنجو اجايو آ  هتي ناهي قدر دلڙي.

اهڙيون سوچون ڪري دلڙي اجايو ڇو ستائين ٿي،

ڪري تون سڏ سڄڻن کي مون کي رڻ ۾ رلائين ٿي.

 ڏسي آسڻ  ڪري دانهون  چري تون ڇو سڏائين ٿي،

هتي روئڻ ھتي روئڻ ڪهڙو ٿيندو اثر دلڙي.

ويهي تنها وڻن هيٺ  سڄڻ ياد ڪرين ڇو ٿي،

قدر جت ناهي لڙڪن جو اتي سڏڪا ڀرين ڇو ٿي.

ويا وڻجار ڪون ايندا روئين ڇو ٿي رڙيئن ڇو ٿي،

موٽي منٺار ڪون ايندا سدا روئودي عمر دلڙي.

اداسي نا وري ايندا هاڻي دلڙي وساري ڇڏ،

اچن جي ياد اکڙين مان ٻه ٽي تون لڙڪ هاري ڇڏ.

رهيا هاڻي ڏينهن حياتي جا نماڻي ٿي گذاري ڇڏ،

هجن شال هاڻ جنت ۾ اهي دعائون گهر دلڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org