مهتاب اڪبر راشدي
امداد:
سيبتو ۽ ذميدار شاعر
قدرت جڏهن ڪرم ڪندي آهي ته پيداوارن کان اڳ اهو
ماحول به ميسر ڪندي آهي جي واهوند نه ورن ۽ برسات.
وسي نه هوند مون سنگ ڏسڻ ۾ نه آهن. اهو قدرت جو
ڪمال آهي جو چوڏس چانڊوڪي ڪري ۽ ريگزار کي گل و
گلزار لڳائي. امداد جي شاعر ٿيڻ ۾ به اسان کي قدرت
جي ڪرم نوازي نظر اچي ٿي. سندس ڏاڏو سيد اسدالله
شاهه فدا پنهنجي دور جو وڏو عالم هو. هن ننڍي کنڊ
جي اهم علمي مرڪز ۽ مشهور ديني درسگاهه ديوبند مان
تعليم حاصل ڪئي ۽ عملي طرح خلافت تحريڪ ۽ ٻين
سياسي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. سندس لائبرريءَ ۾
هزارين ڪتاب هئا جن مان ڪيترائي عالم علم حاصل
ڪندا هئا. اسدالله شاهه ”بهار اخلاق“ نالي ادبي ۽
علمي رسالو پڻ ڪڍندو هو. جنهن ۾ ان دور جا اهم ۽
ادبي، سماجي ۽ سياسي مسئلا شايع ڪيا ويندا هئا.
امداد جو والد سيد فضل محمد شاهه جيتوڻيڪ ڪتابن جو
ڪوڏيو ته نه هو. پر هُو عوامي طبيعت جو مالڪ هو.
انسانن سان گڏ جانورن سان به پيار ڪندو هو. سيد
فضل پنهنجي دور جو وڏو عاشق ۽ منصف مزاج شخص هو.
اهي ٻئي خاصيتون يا خوبيون امداد ڏانهن الوٽ ٿيون.
البت امداد جي تعليم ۽ تربيت ۾ سيد ميران محمد
شاهه (ثاني) جو وڏو حصو آهي. سيد ميران شاهه
پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ متحرڪ شخص هو. سنڌ جي
علمي توڙي سياسي تحريڪن ۾ ميران شاهه جو وڏو ڪردار
آهي. خود لطيف جي سياسي تحريڪ ۽ شاهه سائين جي
قومي ڪردار کي نروار ڪرڻ ۾ سيد ميران محمد شاهه جو
وڏو هٿ رهيو آهي. امداد ننڍپڻ ۾ سائينءَ سان گڏ،
لطيفي ڪچهرين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ويندو رهندو هو،
جنهن ۾ ان دور جا وڏا عالم، اسڪالر شريڪ ٿيندا
هئا.
ٻئي طرف سندس ڳوٺ ٽکڙ هونئن ئي عالمن، اديبن،
شاعرن جي سرزمين سڏيو ويندو هو. هند جي لکنوءَ سان
ڀيٽ ڏيڻ لاءِ سنڌ مان پکين ۽ ڪڪڙ جو مثال ڏنو
ويندو هو. انهن علمي ۽ ادبي مرڪزن لاءِ مشهور هو
ته اتان جا عالم ماڻهو به مالڪن وري ٻولي
ڳالهائيندا هئا. عملي گهڻي ڳالهه تي موزون محاورا
۽ تجنيس جو هي استعمال ڪندا هئا.
اهڙي ماحول کان علاوه قدرت امداد جي فني ٽريننگ
لاءِ اول کيس ”سنڌ لغت آفيس“ ۾ مقرر ڪرايو. جتان
هن لفظن جي صحيح بيئت، شيئت، ماهيت ۽ معنيٰ سکي.
ان کان پوءِ علمي سکيا لاءِ ”انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي جهڙي ساکائتي اداري ۾ ريسرچ فيلو مقرر
ٿيو. جتي هن ڪيترن ئي تخليقي پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو.
جتان پوءِ وري ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ ۾ سنڌيءَ
ٻوليءَ جو سبجيٽ اسپيشلسٽ ٿيو. سچ ته هن بورڊ ۾
ٻوليءَ، ٻاراڻي شعور جي اوسر ۽ نيسر لاءِ جيڪو ڪم
ڪيو. ان تي وڌيڪ تخليق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪجهه وقت
لاءِ هو ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ سيڪريٽري ۽ مهراڻ
رسالي جو ايڊيٽر به مقرر ٿيو ۽ ان دوران هن اوڏي
محنت سان هر حوالي سان سانڍڻ جهڙا پرچا ڪڍي
ڏيکاريا.
اهي سڀ نوڪريون اهڙيون هيون، جتي ڪم ڪرڻ سان گڏ
هر روز ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جو موقعو ٿي مليو. انهن
ئي موقعن اسان جي شاعر جي آبياري ڪئي. امداد
ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجي دؤر جي شاعرن ۾ نرالي
حيثيت رکي ٿو. اهو ان ڪري جو هن جي ٽکڙن کان وٺي
ڄام شوري تائين مناسب تربيت ٿيندي رهي. هن کي لفظن
جي بيهڪ ادائيگي، نغمگي سان گڏ، معنويت جي پوري
پوري ڄاڻ آهي. کيس خبر آهي ته جذبن ۽ لڙڪن کي لفظن
جي سڳي ۾ پوئڻ ايترو سولو نه آهي:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو نه آهي.
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو نه آهي.
ها! امداد جي شعري ماحول ۾ هڪ ٻيو عنصر به آهي.
جنهن کيس جوانيءَ ۾ جلا بخشي ۽ هيءُ ان جي سحر ۾
اڃان تائين مسحور آهي. کيس ان کانسواءِ سڄي دنيا
دشمن ٿي نظر اچي. چئي ٿو:
سحر امداد سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏچڻ
۽ سڄڻ ري رڻ، ايترو سولو نه آهي.
اهڙي طرح ماحول جي حوالي سان ڄام شوري سنڌ
يونيورسٽيءَ امداد کي ڇا ڇا نه عطا ڪيو هوندو
ڄامشوري جي شام وارين مست هوائن کان هُو ڪيئن منهن
موڙي سگهيو هوندو.
ڄام
شوري جون هوائون!
ٿورڙو هوريان گهلو.
ڪجهه لکيل، ڪجهه اڌ لکيل
ڪجهه اڻ لکيل
جيڪي پنا،
ميز تي آهن رکيل
سي اڏارينديون وڃو
ياد يارن جي ڏيارينديون وڃو.
جيڪڏهن تون ڪڏهن ڪتاب کڻين.
۽ انهي جو اهو پنو کولين
مان، جنهن ۾ گلاب جان هجان
هي رستو ساڳيو رستو آهي
جنهن تان تو ڪالهه موڪلايو
هونئن به واندا ڪونه هئاسين
اڄ ڪجهه آهي سور سوايو.
اها هڪ حقيقت آهي ته هر اديب ۽ شاعر پنهنجن لکڻين
ذريعي پڙهندڙن کي دل جي دنيا جي اسرارن ۾ حصيدار
بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان ڪري ذري گهٽ هر
تخليقڪار پنهنجي پنهنجي دور ۾ جدت جو دعويدار به
رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان حوالي سان
اڪثريت جو رويو سطحيت جو شڪار هوندو آهي. جيڪڏهن
دعويٰ رڳو دعوي تائين محدود هجي ۽ ان جو عملي
اظهار نظر نه اچي ته پوءِ ويساهه ڀرپور ماحول پيدا
نه ٿي سگهندو. ساڳئي وقت هُن حيثيت کان به ڪو
انڪار ناهي ته هر دور جا وڏا ۽ سچا تخليقڪار ڪنهن
به موضوع کي هڪ جيتري سهولت سان اظهارڻ جي فن ۾
ماهر هوندا آهن. سندن هر تخليق ان قسم جي فنڪارانه
آسانيءَ جو شاهڪار هوندي آهي ۽ هير جي جهوٽن جهڙي
تازگي ۽ فڪري اڏام جي ڪري سندن شاعريءَ جا ڪردار
صدين تائين زنده رهندا آهن. ان حوالي سان هاڻوڪي
ڪري ويٺا آهن ته اهي نئين دؤر جي تقاضائن مطابق،
جديد ادب جي آبياريءَ واري ذميواري نڀائي رهيا
آهن. منهنجي خيال ۾ سندن اهڙو رويو انهن جي
اڇاترائي ۽ ڪم مائگيءَ کي وائکو ٿو ڪري. ان مسئلي
تي سحر امداد جا هن (هوا جي سامهون) شعري مجموعي ۾
ڄاڻايل ويچار هينئين سان هنڊائڻ جهڙا آهن. هُو
نواڻ جو مفهوم واضح ڪندي چوي ٿي: ”جدت مان مراد
مجهول تجريديت ۾ مفهوم جو گم ٿي وڃڻ ناهي. جدت ۽
نواڻ قديم روايتن کي نواڻ عطا ڪرڻ به آهي ته انهن
کي نئين رنگ ڍنگ سان بيان ڪرڻ به آهي. لفظن ۾
ڪردارن کي نئون جنم ڏيڻ به آهي.“
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته امداد جي شاعريءَ ۾ مفهوم جي
چٽائي سبب کيس پنهنجن همعصرن ۾ نرالو ۽ مٿڀرو مقام
حاصل آهي. نه رڳو ايترو پر، سندس شاعريءَ جي ان
قسم جي سهنجائي، همه معتبر ۽ مثبت شاعراڻي رويي جو
ڏس ڏئي ٿي. ان بنياد تي مون کي هيئن چوندي ڪابه
هٻڪ نٿي ٿئي ته امداد پوري فڪري سگهه جي باوجود
انتهائي سولڙو شاعر آهي. هن جي شاعري پڙهندڙ توهان
کي ڪٿي به اهو احساس نه ٿيندو ته کيس پنهنجي ڳالهه
ڪرڻ ۾ ڪا وڏي ڪوشش وٺڻي پئي هوندي. ڪنهن به موضوع
تي انتهائي وابستگيءَ سان لکڻ جو کيس وڏو هنر آهي.
امداد حسينيءَ جي باري ۾ راءِ ڏيندي خاطريءَ سان
چئي سگهجي ٿو ته هو انتهائي ذميدار شاعر آهي. لفظن
جي چونڊ ۽ انهن جي مناسب استعمال جو فن ته ڪو
کانئس سکي. مون اهو نوٽ ڪيو آهي ته هن جي ڊڪشن ۽
سندس عام ڳالهه ٻولهه واري ٻوليءَ ۾ ڪو خاص فرق
محسوس نٿو ٿئي. هن جو تخليقي اظهار ۽ عام اسلوب
وارو لهجو هڪٻئي ۾ جذب ٿي ويا آهن. مان سمجهان ٿي:
دل ۽ ذهن جي اهو هم آهنگي ۽ جاذبيت کانسواءِ ههڙو
اظهار ممڪن ئي ناهي.
هليا ته پيار ڪريون، پيار زندگي آهي
ڌڪار ڌار نه دل ۾، ڌڪارجي نه وڃين.
لاڙ ۽ وچولي ۾ ”هليا“ ”هلي آ“ جي عام استعمال واري
صورت آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ عام لهجي
کي ايئن اختيار ڪرڻ جا ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا،
پر اصل اهميت ان جي فطري جڙاءَ جي آهي. عام لفظن ۽
انهن جي پسمنظر توڙي پيشمنظر کي امداد وانگر جذب
ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪرڻ لاءِ جيڪو ذهن ۽ جيڪا دل کسي
اها هر ڪنهن جي حصي ۾ اچي سگهي. امداد جي شاعريءَ
۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي وڻندڙ مثال موجود آهن، جن
کي پڙهي/ٻڌي چئي سگهجي ٿو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾
امداد جو نالو معيار، وابستگي ۽ سيبتائپ جو سگهارو
اهڃاڻ آهي.
سنڌ:
ويدن کان وٺي ڪلاسيڪي ادب توڙي جديد ادب جو هڪ
لافاني استعارو آهي. جيڪو ڪڏهن سک، سانت، شادابي ۽
آباديءَ جي علامت رهيو آهي، ته وري ڪڏهن عشق،
محبت، اخلاص ۽ احترام جو نالو. هر سچيت سيبتي شاعر
سنڌ جي سکن ۽ سورن، انعامن ۽ انيائن جو ذڪر ضرور
ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح امداد به سنڌ جي سونهن ۽ سورن
جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت اثرائتي انداز ۾
ڪيو آهي:
ڪيئن نه امداد سنڌ جي نالي
کوٽيون ٿي ويون کريون يارو!
سون ميڙيو ۽ ڪنهن کنئي چاندي
مون کنيون برهه جون ڀريون يارو!
يا سنڌ جي دائميت لاءِ چوي ٿو:
ڪچي تند جئن جند
مرنداسين تون آءٌ ٻئي
مرڻي ناهي سنڌ.
امداد واقعاتي شاعري به ڪئي آهي. اهي واقعا جن سنڌ
جي سماج، معيشت، زراعت کي بنهه ڌوڏي ڇڏيو. خاص طور
تي مارشلائي دؤر جنهن ۾ ڳوٺاڻي توڙي شهري زندگي
بلڪل تباهه ٿي وئي هئي، ان جو ذڪر ڪندي امداد چئي
ٿو ته:
شهر ۾ آهي ڪرفيو آرڊر،
جي کليل آهه ڪو دڪان ڪٿي،
ته ان تي ڪفن وڪامجي ٿو.
جيڪو آهي جتي رهي سوالي
ٿوري چرپر جي موٽ ۾ گولي
زندگي آهي اڄ هتي نه هُتي
جسم جو ملهه فقط ڊبل روٽي
ڪير ٿو پيٽ تي ٻڌي پٿر
ٻار ڦٿڪي مري رهيا آهن.
صرف هڪ اونس کير جي خاطر.
ٻئي هنڌ چئي ٿو:
هي نظريه ضرورت جا پوئلڳ منافق
هٿ ٺوڪيا مفڪر، هر دور جا چنيسر
ايجنٽ دشمن جا، غدار هي وطن جا.
امداد جي انهن سڀني خوبين کان مٿانهين وري سندس
شخصيت آهي. کلڻو ملڻو، پنهنجي طبيعت وارو، جهيڙي
جهٽي کان پري. پنهنجي دنيا ۾ گم. ان سڪون جو وڏو
سبب ”سحر“ جو ساڻس گڏ هئڻ به آهي. جنهن نه صرف کيس
سنڀاليو آهي، جيڪا نه صرف ڏات جي معترف آهي، پر
اُن سان گڏ سندس زندگيءَ جي هر ڏکي سکي وک ۾ ساٿ
ڏيڻ واري پڻ الله سندن ساٿ سلامت رکي ۽ تخليق جو
سفر پڻ.
نصير مرزا
فرسٽ ڪلاس فڪشن
نگار
غلام
نبي مغل صاحب (بلڪه منهنجي لاءِ ته ادا غلام نبي)
۽ جڏهن کان کين مون پڙهيو ۽ پوءِ ڏٺو، منهنجا ته
ان وقت کان وٺي پاڻ فيوريٽ فڪشن نگار ۽ ڇا ته ڪمال
جا ڪاريگر ڪرافٽ مين ڪهاڻيڪار! ها! مون هِن سترهن
ارڙهن ورهين جي ڦوهه جوان، مغل صاحب جي پهرئين
ڪهاڻي
’تر‘ به ته پڙهي هئي ۽ ان بعد ٽماهي
’مهراڻ‘
۾ ڪهاڻي
’شيشي
جو گهر‘ به. ۽ ڇا ته هن جوان ڪهاڻيڪار جا ڀاڳ؟
خبر پيئي هئم... ننڍي کنڊ جي عظيم سياستڪار ۽
سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز صاحب جي ساٿيءَ حشو
ڪيولراماڻيءَ جڏهن شاهڪار سنڌي ڪهاڻين کي انگريزي
۾ آڻڻ جو پراجيڪٽ هٿ ۾ کنيو، ته اجهو اهڙي
selection
۾ مغل صاحب جي ڪهاڻي
’شيشي
جو گهر‘
به سندس پيشِ نظر رهي. ۽ ايترو ئي نه،
PTV
ڪراچيءَ تان پوءِ سـُٺين سنڌي ڪهاڻين کي
’ناٽڪ رنگ‘
جي عنوان سان ڊرامائي تشڪيل ڏيئي پيش ڪرڻ جو سلسلو
جو شروع ڪيو ويو ته هي اجهو علي بابا سندن ان ئي
ڪهاڻيءَ کي ڇا ته خوبصورتيءَ سان ڊرامو بنائي
ڏيکاريو ۽ ائين هيءَ ڪهاڻي
’ڊرامي‘ جي صورت ۾ به
Hit بلڪه سُپرهِٽ!
معنيٰ سٺ ستر جي ڏهاڪي ڌاري ڪهاڻي ميدان ۾
نروار ٿيندڙ، هن مغل صاحب، اُٿندي ئي معرڪا سر ڪرڻ
شروع ڪري ڏنا ۽ ان سان ئي
Talented ڪهاڻيڪار جي، سنَد به کيس ملي وئي. تڏهن
’شيشي
جي گهر‘ بعد سندس ڪهاڻي
’ريشمي وار‘ سهڻي رسالي ۾ شايع جو ٿي ته جديد سنڌي ڪهاڻي اوچتو ڪرنٽ
پڪڙيو ۽ ٻئي پاسي واري جنهن کي پڙهڻ سان اسان جهڙن
جوان جماڻ پڙهندڙن جا اُن وقت ڪن کڙا ٿي ويا
هئا.... (جي؟ ڇا کڙا ٿي ويا، ڪن!) جنهن سان هر طرف
جنس جي موضوع ۽ گڏ آرٽ ۽ ڪرافٽ واري ٽريٽمينٽ جي
حوالي سان پڻ همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ هن جي وڏي جئه جئه
ڪار ٿيڻ شروع ٿي وئي. هتي ڇا حرج جي هيءُ به لکندو هلان ته چاليهه واري ڏهاڪي کان جديد سنڌي ڪهاڻيءَ
پاڻ کي نروار جو ڪرڻ شروع ڪيو ته ان دوران جيڪي
خاص ڪهاڻيڪار نمايان ٿيا انهن ۾: نادر بيگ مرزا،
امر لال هنڱوراڻي، آسانند ممتوراءِ، پوءِ جمال
ابڙو، اياز قادري، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو،
پوءِ آغا سليم، امر جليل، نسيم کرل، ماهتاب محبوب
۽
even موهن ڪلپنا به اهڙن دبنگ ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ڪيو ويو، تڏهن
اسان جي هِن مغل صاحب جي ڄمار اڃان ويهه ٻاويهه
ورهين مس هئي جو 1964ع ڌاري ڪهاڻي مجموعي
’نئون
شهر‘
سان هن جي انٽري ٿي ۽ جنهن سان پڻ همعصرن ۾ هو
نشانبر ٿيو. جنهن بعد سندن هڪ ٻئي پويان ڪهاڻين جا
هيءُ
مجموعا به ايندا ويا...
’رات
جا نيڻ‘،
’رات منهنجي روح ۾‘ ۽
’سٺ ستر اسي‘
وغيره..... اهڙن مجموعن ۾ سندن ڪهاڻين جا عنوان به
هي ڇا ته مزيدار ۽ پُرلطف. جيئن مثال طور
’سيٺ
مراد عليءَ کنڊ واري جو لِيڪ ٿيل پيٽ
’کِکو
پلو ڄام تماچي ۽ الرجي‘....
هونئن هيءَ ڪهاڻي
’يعني
کِکو پلو ۽ الرجي‘
کي ته مغل صاحب جي آتم ڪٿا جو چيپٽر به سمجهو....
لکيو اٿن،
’چانهه جنهن ۾ ڪوئلي يا ڪاٺيءَ جي بوءِ، اها مون کي اصل نه
وڻي‘،
’ڦوٽي
وجهڻ سان چانهه ۾ خوشبو ٿيندي آهي. پر مون کي اها
به نه وڻي‘... ائين ڪرهت جي شديد احساس کي شدت سان لکڻ جو به مغل صاحب
۾ ڇا ته حيران ڪندڙ هنر.... مثال طور ڪهاڻي
’ريشمي وار‘
۾ مائيءَ جي وات مان ايندڙ پن جي ٻيڙيُن جي اُلٽي
ڏياريندڙ ڌپ....يا ڪهاڻي
’کِکو پلو ۽ ڄام تماچيءَ‘ ۾ بيگم جي وات مان ايندڙ مڇيءَ جي بوءِ،
۽ گڏ الرجي جو ذڪر.... يا ڪهاڻي
’ٻوساٽ‘ جا هي ڊائلاگ... جنهن ۾ جمعي، راڄل کي
ديسي شراب جي خالي بوتل ڏيکاريندي چيو پئي: ”جيئن
هن مان دارُو، نڪري چڪو، تيئن تون به خالي... تڏهن
راڄوءَ جو آواز سندس خالي پيٽ جي کوهه مان پڙاڏي
وانگر نڪتو.“
اصل ۾ انهيءَ پنجاهه سٺ واري ڏهاڪي ۾
اردوءَ ۾ به اهڙي ئي اسٽائيل جي ڪهاڻين لکڻ جو
چالامان هئو. مثال طور سعادت حسن منٽُو بر وزن (One-two) يا عصمت چغتائي، غلام عباس ۽ سندس ڪهاڻي
’آنندي‘ يا پوءِ منٽوءَ جي
’بوءِ‘،
’ڪالي شلوار‘،
’کول
دو‘ ۽
’ٺنڊا گوشت‘
جهڙا مشهور افسانه. تڏهن سنڌيءَ ۾ صرف هيءُ غلام نبي مغل ئي هو. جنهن ان اسٽائيل جون ڪهاڻيون پئي
لکيون... تڏهن سندس اهڙين بولڊ ڪهاڻين تي ڪجهه
نقادن وال وال جيڏيون زهريليون زبانون به چؤطرف
ڦيرايون، پر هُو، پنهنجي اسٽائيل سان سڀ ڪجهه ئي لکندو
رهيو ۽ آئون ڀانئيان ته مغل صاحب جي اهڙيءَ طرز
وارين ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي بدران بيان جي رنگيني ۽
پُرلطف ڊائلاگس تي هن جو وڌيڪ ڌيان رهندو هو.
ڀانئيان ٿو مغل صاحب بعد ئي نسيم کرل، ماڻڪ،
نورالهديٰ شاهه يا
even
خيرالنساء جعفريءَ به، پوءِ اهڙن موضوعن وارين
ڪهاڻين ۾، جنس کي لکڻ شروع ڪيو هو، پر سمجهان ٿو
ته غلام نبي مغل جهڙي بولڊنيس ڪنهن به سنڌي
ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ۾ نه پئي ڏيکاري.
ڪهاڻي
’احساس جا زخم‘
جو هيءُ دلچسپ ڊائلاگ ڏسو...
”آئون توکي وڻان ٿي؟“ هُو پڇي ٿي.
وراڻي ٿو، ”تون منهنجي عشق جو دين
ايمان... ۽ مون لاءِ نظريهِ پاڪستان آهين... ۽ اڻ
ڇليل بادامي پڻ“....
پڇي ٿي.... ”پر اڻ ڇليل ڇو؟“
چويس ٿو، ”ان لاءِ جو، تون سانوري آهين.“
اڇا! صرف اهڙا موضوع ئي ڪٿي؟ مغل صاحب وٽ
ڪردارن جي ٻي به ته جام رنگارنگي آهي، جنهن ۾ شهر
جا لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، رازا، واڍا... موچي، عورتن جا
دلال، سگريٽ ۽ ٻيڙيون ڇڪيندڙ چالاڪ عورتون جيڪي
سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جي ڏيڍين يا دروازن جي
فريمن ۾ مون کي بيٺل نظر آيون آهن، ۽ اهڙا ڪردار
سندس افساني
۾ ڏسندي ۽ پڙهندي پڙهندي اوچتو محسوس ٿيندو رهيم.
اڙي واهه، اهي سڀ ڪردار ته حيدرآباد واسي هجڻ سبب
جهڙا اڳ ئي منهنجا ڏٺل ۽ وائٺل. پوءِ مغل صاحب جي
ڪهاڻين جا منظرناما.... مثال طور:
شاهي بازار، فقير جو پڙ، ريشم گلي، پرورشاهه جو
پڙ، واڍن جو پڙ، ڀوڄالو شاهه واري چاڙهي، يعقوب
ڪاسائيءَ وارو پڙ، کوکر پاڙو، لاکا مسجد، نوحاڻي
مسجد، امام علي شاهه جو اوتارو، لجپت روڊ ۽ هي
اجهو راحت سئنيما جي پويان کليل ميدان تي درگاهه
مهر علي شاهه، جنهن جي ڀرسان هڪ قديم ترين
ڪربلا... جتي عاشورن ۾ مغل صاحب ۽ طارق اشرف صاحب
گڏجي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ بانس جي سنهينُ ڪاٺين ۽
رنگين پنينُ مان تعزيو ويٺا ٺاهيندا ۽ سينگاريندا
هئا ۽ اجهو ٿورا سال ٿيا، مغل صاحب، ان قديم ڪربلا
لاءِ باقائده نئون ۽ سهڻو تعزيو به ته ٺهرائي اتي
رکرايو آهي. ياد اٿم محرم الحرام ۾ جڏهن اٺينءَ جي
رات جماعتين جي جهولي سان آڌيءَ وقت کوکر پاڙي ۾
مغل صاحب جن جي ماڙيءَ واري گهٽيءَ وٽان جلوس
گذرندو هو ته، کير پتي چانهه ۽ چڻن جو نياز به هو
ورهائيندو نظر ايندو هو.... ۽ پوءِ گل شاهه جي
حاويلي، جتان شهزاده قاسم جي ميندي جي برآمد ٿيڻ
وقت اهڙي ماتمي جلوس ۾ مغل صاحب، طارق اشرف صاحب ۽
ادا مدد علي سنڌي ۽ هيءُ سڀ مون کي اتي به نظر اچي ويندا هئا.
ڀانئيان ٿو مغل صاحب جن جو اڳوڻو گهر به
ته گل شاهه واري حاويلي جي ڀرسان ئي ڪٿي هوندو هو.
۽ گمان غالب ته سندن ولادت به ان ئي گهر ۾ ٿي
هوندي... جتي هن وقت محمدي گرلز اسڪول ۽ واپڊا
وارن جي آفيس آهي.
المختصر ته مغل صاحب جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن
جي ويرائٽي سان گڏ افسانوي ادب ۾ منهنجي لاءِ
attraction جو خاص سبب هيءُ به رهيو ته، هو پنهنجي فڪشن ۾ خالص
حيدرآباد واري سنڌي ٻوليءَ ۽
dialect
کي گهڻو پيو لکندو آهي، جيڪو حيدرآباد واسي هجڻ
سبب مون کي گهڻو ئي پسند به پيو ايندو آهي. خير،
حيدرآباد شهر ۽ جنسي موضوعن کان قطعه نظر مغل صاحب
جو لکيل هاڻي هي جملو ڏسو... لکيو اٿن، ”هڪ هنڌ
گهڻو رهڻ ڪري، ماڻهو بيٺل پاڻيءَ وانگر ٿيو پوي.
ان ڪري چاهيندو آهيان ته جوڳي رمندو ڀلو.“ ائين
جوانين وارين جولانين کي ڪهاڻين ۾ لکندي لکندي،
جيئن جيئن، هن جو تاريخي، سياسي ۽ سماجي شعور وڌيو
ته هن جي فڪشن ۾ موضوعن جي نت نواڻ به ايندي وئي.
آرٽ، ڪرافٽ، ڪردارنگاري ۽ ٽيڪنڪ ۾ ته مغل صاحب اڳ
ئي باهنر، باڪمال هئا. پوءِ ڪهاڻي، ناوليٽ ۽ ناول
لکڻ سان گڏوگڏ اندر جي اوٻر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ
اخبارن ۾ ڪالم نگاريءَ جو سلسلو جو پاڻ شروع ڪيو
ته سندس اهڙن ڪالمن جا ٽائٽل به ڇا ته مزاحمت
ڀريا! مثال طور:
’اڇا اکر‘
۽ ’يڪ نعره حيدري‘،
جيڪي ٻڌائن ٿا ته اهڙن اخباري ڪالمن ۾ سندن ڇا
content هوندو! پوءِ مزاحمتي طرز سان لکڻ وارن هن جي ناولن جا نالا
به ڪيڏا نه باغيانه، جيئن مثال طور
’وطن واويلا‘ (موضوع: شهيد محترما بينظير ڀٽو)،
’دونهاٽيل راتيون‘ (موضوع: سنڌ جي سماج سان وقت جا روايتي هاڃا)،
’مون کي ساهه کڻڻ ڏيو‘، (موضوع: ڪاروڪاري) پوءِ
’همه منصور هزار‘ ۽ هي شاهڪار ناول
’اوڙاهه‘،
جيڪو 1988ع وارن حيدرآباد شهر ۾ نمودار ٿيندڙ
لساني فسادن ۽ پاڙن مان شهري آبادي (سنڌين) جو
هنگامي بنيادن تي لڏپلاڻ بابت آهي. ڀانئيان ٿو
تاريخي شعور سان اردوءَ ۾ لکيل ناولن
’آگ
ڪا دريا‘،
’آنگن‘
۽ ’اداس نسلين‘
وانگر سنڌي ۾ به جيڪي ٻه بهترين ناول سامهون آيا
آهن، انهن ۾ هڪ آغا سليم صاحب وارو ناول
‘اونداهي
ڌرتي روشن هٿ‘
۽ ٻيو هيءُ مغل صاحب جو ناول
’اوڙاهه‘ ڳڻائي سگهجن ٿا. هن ناول کي بيشڪ ته ارغون ترخانن جي
ظالمانه دؤر،
ورهاڱي جي هاڃن ۽ ننڍي کنڊ جي ٽٽڻ ۽ پوءِ لساني
فسادن جي ذڪر تي پڄاڻيءَ تائين پهچايو ويو آهي، پر دراصل، ناول ۾ اندر جيڪو ڪجهه به آهي،
اهو دراصل ڄڻ سنڌ جي دفاع لاءِ وقت جي هاتارن
اڳيان مغل صاحب جو ڄڻ
Protest به آهي. سمجهان ٿو، سنڌي ڪهاڻيءَ جي سئو سال سفر دوران سوين
اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي هنگامي بنيادن تي ۽ وقت جي حالتن پٽاندڙ ۽ همصر دور جي
ماحول کي نظر ۾ رکي ئي لکيون پئي ويون. ۽ ڪالهه
کان اڄ تائين وڏي تعداد ۾ لکجندڙ اهڙين سنڌي
ڪهاڻين..... جن جا ڪهاڻيڪار هئا: نادر بيگ مرزا،
امر لال هنڱوراڻي، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، اياز
قادري، نسيم کرل، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، امر
جليل وغيره ۽ جن جي ڪجهه ڪهاڻين وانگر، مغل صاحب
جون به ڪي ڪهاڻيون جيڪي اڄ به آئوٽ ڊيٽيڊ نه، پر
دورِ حاضر سان
relevant
سڏي سگهجن ٿيون. اِجهو انهيءَ پس منظر ۾، هيءُ ڪجهه سٽون لکندي لکندي الائي ڇو مون کي
وهم ته، وڏيون يعني شاهڪار ڪهاڻيون لکجڻ جو دور
وڏن ڪهاڻيڪارن جي دنيا مان هليو وڃڻ يا خاموش ٿي
وڃڻ سبب جهڙوڪر ختم ئي ته ٿي ويو آهي. يعني
ڪهاڻيون لکجن ته بي شڪ پيون پر سُٺيون يا شاهڪار
ڪهاڻيون لکجڻ واري فيڪٽري هاڻي سنڌ ۾ ته جهڙوڪ بند
ئي ٿي چڪي آهي.
ته بس، هن ليک جي هاڻي آخري ڳالهه، جيڪا
هيءَ ته منهنجي نوي ساله ناني غلام بانو مرحومه،
جيڪا مغل صاحب جي ذات ڀائي هئي ۽ جيڪا مائي خيري
مسجد يعني فقير جي پڙ اندر نقاشن ۽ سومرن واري
پاڙي لڳ گنج بخش پڙ ۾ رهندي هئي ۽ پيريءَ تائين،
ڪنهن حسين حُور جهڙي لڳندي هئي. سدائين ويٺي مون
کي چوندي هئي، بابا! جنهن جنهن به حيدرآباد جي
خوشبودار ۽ خوشگوار هوائن ۾ ساهه کنيو ۽ درياهه
سنڌ جو آبحيات (مٺو جل) پيتو هوندو، وقت سان گڏ ان
جي ڄمار برابر ته وڌندي پيئي، پر اُهو ماڻهو پوڙهو
ڪڏهن به نه ٿيندو.
۽ يارو! ناني بانوءَ جي انهيءَ گُفتي کي
مون ته سدائين محض بس سندس گفتو ئي پئي سمجهو.
پر هاڻي.... هيءُ جو، جڏهن جڏهن به، لال گُلال، گلاب جي گل مثل، مرڪندڙ
مهڪندڙ، سهڻي ۽ سمارٽ، سدابهار، سدا جوان، اسي
ساله هن فڪشن نگار، غلام نبي مغل صاحب کي هر وقت
هشاش بشاش پيو ڏسندو آهيان، ته دل ئي دل ۾ چوڻ به
ته لڳندو آهيان: هائو ٻيلي! ناني مون واري چوندي
واقعي سچ هئي:
ــ حيدرآباد جو ماڻهو،
ڪڏهن به پوڙهو
ٿي ئي نٿو سگهي. |