سيد شاهه مردان شاهه
وائي
ساري رات سنڀار پنهنجي تات پرين کي.
جاڳي جاڳي جانب لاءِ اکڙيوون تون اُجار.
ثمر کڻج ساڻ تون آهي پنڌ آپار.
جر تي ڦوٽو جيئن آهي تيئن پڻ تون آهين يار.
بي حياتي خواب مثل ڌيان ايهوئي ڌار.
هت نه هلي ڪنهن جي، صاحب سڀ ڄمار.
بيوس نه ٿي تون ”مردان“ ساڻِي ٿيندو رب سائين.
*
جاڳي جاڳي جاڳ، ڇڏ نڀاڳي ننڊ کي.
متان ڀورا ڀليو آهين هي نه تنهنجو ماڳ.
اُها ليلان اڄ نه لڀي ٿي جنهن ڪيا چنيسر سان چاڳ.
ڪرت ڏسو ڪنئرو جي جنهن کي سدا مليو سهاڳ.
جيڪي ”مردان“ جاڳيا محب لاءِ ڀلا اُنين جا ڀاڳ.
’جمال‘
مراد گبول
غزل
مان نه هڪڙو پر هزارين، تو مٿي مستان ٿيا،
تنهنجي اُلفت ۾ رڳو، اَرمان تي اَرمان ٿيا.
مون ته تومان ائين ٿي ڀانيو، درد ڏيندين دلربا،
درد دردن تي وڌي، اَرمان عاليشان ٿيا.
قُرب تو مونسان ڪري، آ قرب ۾ مون کي ڪُٺو،
تنهنجي روسامي سان سهڻا، سوز جا سامان ٿيا.
تو ڇڏيو آ محب ماري، موت ڇا ايندو ٻيو،
ڇا مُئل ماڻهوءَ سندا، دنيا ۾ ڪي درمان ٿيا.
ٿو ڪرين حملن تي حملا، فوج پنبڻن جي وٺي،
تنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نيشان ٿيا.
رت جا رشتا ٽُٽي ويا، ڪير ڪنهنجو ڪونه آ،
نفرتون پيدا ٿيون، انسان اڄ حيوان ٿيا.
ڪالهه ڪهڙا قُرب هئا، اڄ مُنهن مٺا موڙيو ڇڏين،
بي رُخي تنهنجي روش تي جيءَ ۾ جولان ٿيا.
دل ڏئي مون درد ورتو، آهي نِوڙت نياز سان،
مون مٿي محبوب جا ڪي، اَڻميا احسان ٿيا.
ڪو پتو پهرين نه پيو، تون ٿو اچين جاني ”جمال“،
تنهنجي آمد جا اسان وٽ اوچتو اعلان ٿيا.
غزل
هنج هونگاري هليا ويا ڪانگ ڪارا ٿا ڏِسون،
مُحبتون وييون هليون، دلبر دغارا ٿا ڏِسون.
ڪاريون ڪُنڊيون قطاريو، ٿي جتي چالُون چُنيون،
اڄ اُتي مجبور ماڻهو، مالَ وارا ٿا ڏِسون.
مُرڪ هئي جن جي ته مُنهن تي، کل خوشي ڪيڏي نه هئي،
ڪُلفتون ڪاوڙ ڪٽر ۽ غم غُبارا ٿا ڏِسون.
اَنب، ڄاريون ۽ ڄَمون، ناهي نِمن ۾ ڪا نَمي،
دم ڌمايا ديوين، ٽانگر نه ٽارا ٿا ڏِسون.
ٿي ٿڌا پاڻي مٺا، هر هنڌ جت حاصل ٿيا،
اڄ اتي واري وَسي پئي، کوهه کارا ٿا ڏِسون.
کيرَ کچڻيون کوڙ هئا، ويا ڌڻ ڌنارن سان ڪَٺي،
باغ ٿي بيدي ويا، مُشڪل گُذارا ٿا ڏِسون.
پُرسڪون ماحول ناهي، مُلڪ منهنجي جو ”جمال“،
موڪلائي وئي محبت، قلب ڪارا ٿا ڏِسون.
ج.ع منگهاڻي
غزل
واٽ تان ڪنڊا ھٽائڻ جو عمل سھڻو لڳو،
ٻار کي اڳتي وڌائڻ جو عمل سھڻو لڳو.
ٻاٻري ٻيرن وڪوڙيا ذھن ماڻھوء جا اچي
رت ھارڻ ھٿ ڦَٽائڻ جو عمل سھڻو لڳو
چپ سيتل ماٺ جو راڪاس بيٺو راڄ ۾،
دانھن سان اڳتي ڌڪائڻ جو عمل سھڻو لڳو.
منھن رٺل سڀ ٻوٿ سڄل ڪين ٿي وڻيا الا،
ٽھڪ سا کلندي سڏائڻ جو عمل سھڻو لڳو.
سنڌ جي سڏ تي منگهاڻي جان ڀي قربان آ،
زندگيءَ جا ڏينهن وڌائڻ جو عمل سھڻو لڳو.
غزل
مينهن، وِڄون، ڪڙڪاٽ، هوائون، تنها مان،
رات، اُداسي، درد، هچائون، تنها مان.
ڊپ، وحشت، ڊيها، حيرت ويرانيون،
اوندهه ڪاري، کوڙ بلائون، تنها مان.
چهرا پٿر، دليون پٿر ڪڻيون خواب،
منظر، اکيون، لڙڪ، صدائون، تنها مان.
دشت، مسافت، راهون، مٽي، شوڪارا،
مارڳ، دانهون، ماڳ، دعائون، تنها مان.
سُڏڪا سُڏڪا، روح اُڃارو، ماندو تن،
خالي هٿ، ڊهيل ريکائون، تنها مان.
ياد انوکي، شام، وڇوڙا، تارون تار،
گهايل سوچون، زخم، دوائون، تنها مان.
خوشبو، پوپٽ، گُل، ’مُنگهاڻي‘، واس، غزل،
مُرڪون، تاڙا، ٽهڪ، ادائون، تنها مان.
شگفته شاهه
اڄ جي سَسُئي
آئون...
اڄ
جي دور جي سَسُئي
آھيان
مون پنھنجي منزل ماڻڻ لاءِ
ڀنڀور کي ڇڏيو آهي
سماج جي جھنگن جھڙن ۾ ڀٽڪان پئي
ڪيئي حيوانن جھڙا ڪردار
مونکي ڊيڄارين ٿا
منھنجي ڪردار تي حملو ڪن ٿا
سندن طنز ۽ طعنا
ڪنڊا بنجي
منهنجي پيرن ۾ ڇُڀي
انھن کي رتو رت ڪن ٿا
منھنجي راھ ۾
ريتن ۽ رسمن جا ڏونگر آھن
پر... آئون عزم ڪري چوان ٿي:
"آڏو ٽڪر ٽر، متان روھ رتيون ٿئين..!"
مونکي خوف آهي ته اڳتي
اڳتي وحشي ڌراڙ جھڙو ڪردار
منھنجي عزت ۾ اکيون کوڙيندو
پر... اڄ....
آئون ڊپ مان زندہ دفن نه ٿينديس
ھن کي مات ڪري
پنھنجي منزل تي پُڄندس
منھنجي منزل پنھونءَ جي روپ ۾
پاڻ مون کي اچي ڳوليندي
ھن ڀيري...
جيئري مون
کي ڪيچ پُڄائيندي.
قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو
غزل
وري محب مٺڙا ملائي خدا شل،
اچن يا ته تن ڏي، گهُرائي خدا شل.
رهان قرب ۾ جيئن، قابو اهي ڀي،
ڪمند قرب قابو ڪڙائي خدا شل.
اڏيل دل ۾ جن لاءِ، آهن اوطارا،
پڪي تن سان ياري لڳائي خدا شل.
رهڻ ڏي نٿو جو، رفيقن رقيب،
اڏا تن جا جلدي، جلائي خدا شل.
رکي جيئن محبت، مٺن لئه ٿو ”مخلص“،
تني کي به مجنون، بنائي خدا شل.
مناجات
خدايا شعر منهنجي کي، روحاني ڪا رواني ڏي،
محبت ميم ۾ مائل، يقيني ۾ يگاني ڏي.
ڪيم هيءَ التجا تو در، اڙين آڌار تون آهين،
صفا صافي سچي دل سوچ واري ۽ سهاني ڏي.
عنايت جون عطائون ڪر، حقيقي حب ڏي مون کي،
پرين ڀر پاند منهنجي کي، هدايت ڪا حقاني ڏي.
رسول الله ﷺ جو روضو ڏسان، چائنٺ چُمان ان جي،
چوان صلو عليٰ سُر سان، خدايا خوش لحاني ڏي.
وڃي حاجين سان گڏجي هيج مان حاضر ٿيا حج لئي،
ڪريان طواف ڪعبي جو، ڪرم سان ڪامراني ڏي.
ڇڏي هيءَ سنڌ جي ڌرتي، عرب جي ملڪ ۾ پهچان،
تون ”قادربخش“ کي قادر، نگهه ڪا عارفاني ڏي.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
غزل
ڪَذابَ کان ڪڏهن به اقرار نه گهُرجان،
اغيار کان اُلفت جو اظهار نه گهُرجان.
رکجان نه برادر ۾ ڪا اُميد ڀلائي،
پنهنجن کان سايئه ديوار نه گهُرجان.
علماءِ دين جون تقارير ٻُڌي پوءِ،
مسالڪ ۾ منجهي الله جو اِسرار نه گهُرجان.
رت جي رشتن کي دلي راز نه ڏي مور،
پنهنجن مان ڪڏهن ڪوبه مددگار نه گهُرجان.
اخلاق و ادب واري نسليءَ سان نينهن رک،
ڪمتر کان يار ”فدا“ پيار نه گهُرجان.
امير شهر آهي گر تڪبر ۾ تنگ دل،
نِشت برابر جو اختيار نه گهُرجان.
غزل
حجاب مان هي، نقاب ڇو آ،
سندم اکين لاءِ عذاب ڇو آ.
اسان جون ديدون دعائون ڪن ها،
وڃايو تو هي ثواب ڇو آ.
زلف ته ظاهر کڙين تي آهن،
ڍڪيل پو چهرو گلاب ڇو آ.
رات ڏٺو مون سپنو جيڪو،
سچو نه ٿيو سو خواب ڇو آ.
ڪيم وفا جو سوال توکان،
مليو نه اُن جو جواب ڇو آ.
”فدا“ ته ليکو ڪيو نه ڪڏهن،
”فدا“ سان پو هي حساب ڇو آ.
زبي پروين ڏاهري
نظم
اهو ممڪن نه آ
اهو ممڪن نه آ جو وساري ڇڏيون؛
ننڍپڻ جا سرتا ، ۽ هڪ جيڏيون!
تن سان گهاريل گهڙيون ۽کيڏيل رانديون؛
ڦر- ڦر سونٽو، رسيءَ- راند، لِڪ لِڪوٽيون؛
پل ۾ پرچڻ ، رسڻ، هُو ڪٽيون ۽ ٻڌيون
سکين سنگ ڪيل سي گڏين- شاديون؛
ڳائي وڄائي پرڻائڻ گڏيون،
هٿ سان سبيل اهي پڙا- چوليون،
مڻين جا زيور ۽ ٺاھيل سُٽ مان سڳيون؛
محفلن ۾ گڏجي ٻڌل چونڪڙيون،
عيدن تي هڪٻئي کي ڏنل سوکڙيون،
خرچيون خط، ميندي، ڪائي جون چوڙيون،
هٿ جي سئين جون ڏنل چونگيون،
سي آزاد، معصوم بي فڪر ساعتون،
ڪيئن وساري ڇڏيون!؟
اهو ممڪن نه آ،
۽ هو جي سرتين ساٿ هئا،
ٽهڪ ڇڙواڳ هئا، چلولا چاڳ هئا،،
کيچلا خواب هئا، خيال گلاب هئا .
هڪٻئي سان ڪيل سي مستيون، مشڪريون،
حسناڪين سان ڀريل حسين هجتون،
پوپٽن جي پرن جهڙيون رنگين رونقون،
هڪٻئي جي وڃي گهر، ڪيل ڪچهريون؛
ٽولن ۾ ٽهڪن سان ڀريل سي گهڙيون،
تصور جي تختيءَ تان مٽائي ڇڏيون
اهو ممڪن نه آ،
۽ نيڻن- ٺار سي پر بهار هستيون!
جن جي تصور سان ئي،
من جون مکڙيون ٽڙي گل ٿي ٿئي پيون،
چپن پنکڙيون ڀي ٿي مرڪي پيون،
جن جي سنجوڳ ۾ زندگي،
ڄڻ ته ڪوس. قزا ست رنگي،
ان پل هر موسم لڳي گل رنگي،
پيار جو گيت منظر آلاپڻ لڳا،،
۽ روح ۾ ڄڻ رچي وئي نغمگي.
من چليون محبتون، اڻچيون چاهتون،
جي نيڻن ۾ سپنن جيان اٽڪي پيون،
سي لڙڪن سان گڏ ورهائي ڇڏيون،
اهو ممڪن نه آ،
پاڻ ٿياسين سکي،
ڍنڍ جا ڄڻ پکي،
ولر کان وڇڙي،
جا ڪٿي وئي اڏي، ڪا ڪٿي وئي اڏي،
پنهنجي پنهنجي آکيري ۾ گم ٿي ويئي.
هاڻي جي ڪٿي ٿا ملئون قسمتي،
ڪري ياد ماضي،آلين اکين سان پئون ٿا کلي؛
ويل وقت جون سي سندر ساعتون،
وقت جي هٿن مان جي کسڪي ويون،
تن کي ساري اڄ ڀي ٿا محضوض ٿيون،
دل جي ڦرهيءَ تان سي سارون ميساري ڇڏيون!
سڀ ڪجھه ها سڀڪجھه وساري ڇڏيون!
اهو ممڪن نه آ،
اهو ممڪن نه آ.
( نوٽ: ننڍپڻ جي سڀني سکين جي نانءُ)
ممتاز کوکر
حمد
پاڪ رَب وڏو ڪريمُ آ، رحمتن ڀريو رحيم آ.
لاعلاج جو علاج ٿي، هينئڙي جو هيج هاج ٿي،
خود حاڪمي حڪيم آ.
جوڙيئين آدم منتيءَ مان، شان سان بُلند لامڪان،
هو صراط مستقيم آ.
هيءَ اُمت خوش نصيب آ، جو مليو مٺو حبيب آ،
مصطفيٰ ٿيو مُقيم آ.
وردُ پڙهه نبيءَ جي مٿان، اَللهم صَلي اللهُ ڪر
بيان،
نانءُ ئي سندو عظيم آ.
ڀل حَمد ۽ نعمت لک پيو، تات ”ممتاز“ رَک پيو،
پاڻ الف پاڻ مِيمُ آ.
نعت
مدني مٺا ڪائنات ۾ اسرار سان منور ٿيا،
جلوا گريءَ جابجاءِ انوار سان منور ٿيا.
ميلاد آمد مصطفيٰ نبين به ملهائي هئي،
اڳ باطني ۽ ظاهري تهوار سان منور ٿيا.
جيجل امڙ گهر آمنه جي روشني پُر نور ٿي،
اَفلاڪ ۽ ڌرتيءَ مٿي، مُهندار سان منور ٿيا.
خوشبوءَ سان وڻ راهه ۽ گل ڦل سڀئي واسي پيا،
گلشن سڄي ۾ واسي، هٻڪار سان مُنور ٿيا.
رَب پاڪ ڪيئن محبوب کي درشن ڪرايو دوبدو،
هرجاءِ خوشيءَ جا عرش تي گونجار سان منور ٿيا.
”ممتاز“ جا غم دور ڪر، مالڪ نبيءَ جي واسطي،
هي خواب دل جي آس جا، اشعار سان مُنور ٿيا.
عابد نياز ميمڻ
غزل
قدم قدم تي نشان مليا صنم صنم جي صداقتن جا،
رڌم رڌم تي ترن ٿا نغما رڳو صنم جي شڪايتن جا.
اسان جي قسمت اوھان جي قسمت الڳ الڳ آھي فطرتن
کان،
پري ته ناھي نگاھ اٽڪي جدا وئي ٿي نزاڪتن کان.
ھي واديون جي ڏسين ٿو پر ۾ اھي ٿي شھزاديون دلين
جون،
جمال سارا چئي رھيا ھن ڪمال اُلفت
عنايتن جا.
ڪي ڪوڙ سارو ڪي سچ ٻڌائن نظر نظر جو ڪمال آھي،
اسان جا جذبا ھري ويا ھن بجاءِ
ڏک جي رعايتن جا.
اسان جي اُلفتَ
حَسين
آھي حَسين
تون ڀي گھڻو آن
’عابد‘،
مگر مٺا ڇو پري ڪيو تو اسان پڄاري ھون الفتن جا.
غزل
گمنام پيچرن تي ڪنھن کي ڇڏي ھليو ويو،
نادان ھو وري سڀ گوندر گڏي ھليو ويو.
دنيا ۾ اجنبي جان تنھائي ۾ رھي ڪو،
سڀ مال ۽ مڏيون ھت ٻئي لاءِ
اڏي ھليو ويو.
ھي پيار جون ڪي واديون شھزاديون ھون من جون،
احساس دل ۾ سانڍي ڪوئي لڏي ھليو ويو.
گل پيار جا ھو پوکي پنھنجي چمن ۾
’عابد‘،
اڄ تائين ڪو نه موٽيو جيڪو سڏي ھليو ويو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
غزل
لڙڪ ڪرندڙ مون هـر اُگهيو آھي،
شعـر تـڏهين ڪـو سـرجـيو آھي.
جيڪو هر شخص لئه پناھ خانو،
ڪين مـون لئہ سـو در کليـو آھي.
سُـــک ۾ ڀــائــيوار پـــر ڏکـن ۾ ڇو،
يــار منهنجـو ئي بس حصو آھي.
در کــليل کـي آ دز ڄمي وئي پر،
تــو نـه پــاتـو اڃـــان ليــئو آھي.
ڪيــن هــن کـي وسـايو طوفانو،
منهنجي گهر ۾ هي هڪ ڏيئو آھي.
لوڪ چئي ٿو چريو چريو شوڪت،
سـچ لکـي ٿـو تــڏهن چـريو آھي.
غزل
تــو تي ئي وشواس ڪيوسين،
دردن جـــو اڀــياس ڪيوسين.
معــاف ڪـرڻ جهڙو ڪاٿي هو،
شاعر ٿي بس قياس ڪيوسين.
نيـــڻ اڙائي پــرديسيءَ ســـان،
ڪين پلڪ آســـاس ڪيوسين.
يــار انهــن گــلَ روڙيـــا رهنڊي،
رڻ ۾ جــن لئه واس ڪيوسين.
درد ســتارن جيئـن پيا جرڪي،
پنهنجــو مـن آڪاس ڪيوسين.
تـــن جـــيون ۾ صــدما آڇـــيا،
جن جن جو احساس ڪيوسين.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
غزل
اوهان جي هردم پچار جانان،
سدا طلب تات ڌار جانان.
ڇا سونهن جوڀن، جوان جذبا،
غضب اٿئي پڻ نکار جانان.
خيال اعليٰ، بلند ۽ بالا،
عجيب جڳ ۾، اُڏار جانان.
حسين صورت، چمن ۾ جيئن گُل،
وڻن ٿا نقش و نگار جانان.
ڀونر گُلن تي، نه هاڻ آيا،
لڳي ٿي هر دلفگار جانان.
نه دم، دلاسو، نه پيار پيارا،
سُندر اوهان جو فرار جانان.
مرڻ مهل ڪو، نشان نه ملندءُ،
قبر، قبو ۽ مزار جانان.
ملڻ جي حسرت، اڃا اڌوري،
نراس ”عادل“ جو پيار جانان.
غزل
چؤطرف گهنگهور ڪاري ٿي گهٽا،
مند مينهوڳي ملهاري ٿي صفا.
محبتي مَنُ سان ملاقاتون ٿين،
پيار جي هر دل مٿان ٿي پئي سخا.
چاهه جو چنگ چوريو چارڻ وري،
سر ڏيڻ لئه ڏس اٿيا جاني جُدا.
قرب جو ڪاٿو ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
ڇو ته ان لئه سورڻا پوندا سڳا.
عشق جي وادي ۾ ڪيئن داخل ٿجي،
دلربا ان لئه کپن ٿا حوصلا.
هڪ شمع تي ڪيئن پتنگا ٿا سڙن،
رند پروڙن راز اهڙن کي سدا.
هر خطا کان پوءِ خطا ٿيندي رهي،
موٽ ۾ ”عادل“ انهيءَ لئه ٿي سزا.
ڊاڪٽر حبيب الرحمٰن چوهاڻ
غزل
نيڻ جڏھن سياڻا سياڻا ٿيا،
خواب سارا اياڻا اياڻا ٿيا.
عشق ڪر ۽ نوان ڦٽ ڏي او پرين،
زخم سارا پراڻا پراڻا ٿيا.
عمر گذري وئي ھن سفر ۾ مگر،
نه ميسر ڪٿي ڪي ٺڪاڻا ٿيا.
ماڻھپي جي ڪئي ڳالھه ڇو تو ڀلا،
وڻ؛ پھڻ سڀ وڳاڻا وڳاڻا ٿيا.
جن جي اکڙين ۾ منزل ٿي جرڪي ڪڏھن،
ڄاڻ ڪاڻا سي ڪاڻا سي ڪاڻا ٿيا.
جن اجاريو پي عڪسِ وطن او پرين،
ڄڻ سمورا وڪاڻا وڪاڻا ٿيا.
بک در در نچائي پئي ننگ جي،
گم ڪاڏي تنين جا سي داڻا ٿيا.
جيڪي والي ھا محلات جا اڄ ڪٿي،
وقت جي خاڪ جو کاڄ راڻا ٿيا.
اڄ وري ياد تنھنجي جون ويرون چڙھيون،
اڄ وري نيڻ دريا نماڻا ٿيا.
ڏور دلڙي کان ڪيڏو رھيا پر ’حبيب‘،
ساھ وانگر اباڻا اباڻا ٿيا.
غزل
ھي تنھنجو چوڻ آھي ڪا باک ڦٽي ناھي،
اک کولي ته ڏس سھڻا دنيا ۾ ٿيو ڇاھي.
ڪجھه سور سٺا تڏھين ڪجھه رنگ پرايا ٿم،
احساس ٿيو جڏھين دردن کي بقا آھي.
مان رڃ جو راھي ھان پاڇن جو ڪيم پيڇو،
ھڪ شخص جي ڳولا ۾ ھڪ شھر ويم ٺاھي.
ھي سچ اڙانگو آ توکي به پتو پوندو،
رسندو جڏھين تنھنجو ھي ڳاٽ سڄڻ ڦاھي.
ھر ڳالھه بري ناھي ھر شخص برو ناھي،
حڪمت جو اھو گفتو سمجھايو مونکي ڏاھي.
مان درد جو ساگر ھان دريا ڪو ڪري مون ۾،
ھي سڪ سندو سودو ذھنن تان ڪو اڄ لاھي.
سڀ ماڻھو بکارا ھن ھي ديس ڇڏي ويندا،
ڪو پاڻ ڪريون بلو ۽ مال ڪڍون ڪاھي.
ھڪ آس حبيب آھي شل مھر ٿئي مون تي،
ھي من جو پکيئڙو ڇو مايوس ٿيو آھي.
بهادر ٽالپر
غزل
چري دلڙي چڪن ٿا چاڪ، ڇڏ رِيسون،
حُسن هن جِي هرهنڌ هاڪ، ڇڏ رِيسون.
ڏسي هن کي بي قابو ٿي، وئين هينئڙا،
لُٽائي تو ڇڏي اِملاڪ، ڇڏ رِيسون.
ستارن جيئن چمڪ هُن ۾ هئي ڏاڍي،
کسي دلڙي ڪري ويو خاڪ، ڇڏ رِيسون.
سڏائي سڪ مان مونکي آکيائين ڪجهه ائين،
”صبر ڪر روح اي رولاڪ“، ڇڏ رِيسون.
هجر ڪيئي هزارين بس ڇڏيا ٻوڙي،
رهيو ڪوئي نه هڪ هُوڙاڪ، ڇڏ رِيسون.
”بهادر“ ڪيئن ڀلا بيوس ٿيا ماڻهو،
ٿڪن لئه هئا نه ڪِي ڪي ٿاڪ، ڇڏ رِيسون.
غزل
غزل ڪنهن چيو: ”اڄ لکي وٺ غزل!“
چيم: ”ڇا لکان مان نه شاعر مثل!“
ڪري پير پنهنجا پِٿون جي ويا،
ڏٺم ڪينَ اهڙا ارادي اٽل،
پڇائون پيا پاڻ جون پاڻ ڪن،
کُليا ڪين خود تي، هُئا هو لڪل.
اچانڪ کُليو در ڏٺم هُوءَ هئي،
پڇيائين: ”ڪِهي ڪم ۾ آهين رُڌل!“
چيم: ”چاهه مان توکي ساريم پئي،
ڪري وئين جو مونکي قتل در قتل!“
ڏئي پوتِ منهن تي روئڻ هوءَ لڳي،
جاڳائي وئي جوش منهنجو سُتل،
بيهي ڀر ۾ مونکان پڇيائين منهنجو،
اکين ۾ به ڏاڍي هوس ڪا اُٿل،
نيڻن مان نيسارا وهي جو هليا،
اڙي! آئون ڪيڏو هوس سنگدل.
ڪٿان کان ڪٿي هو ”بهادر“ پڳو،
سفر پوءِ به هن جو نه ٿيو هو سڦل!
غلام رسول گل
غزل
وارياسي دل جي ڌرتي تي گھمڻ،
مور وانگر سانوري آئي ٽلڻ.
بخملي چادر کي گوڏي تي رکي،
ڀرت ھٿڙن سان لڳي تنھن تي ڀرڻ.
منھنجي ھن مايوس تن من سان وري،
مرڪندي آھي پڳي خوشيون ونڍڻ.
اوڏياڻي کان اڏايم گھر ڏسو،
تنھن تي آئي نام آ پنھنجو لکڻ.
جان منھنجي تي وڳو ڦاٽل ڏسي،
درزياڻي آ پڳي تنھن کي سبڻ.
محب جي طرفان ڏسو تحفو کڻي،
ڪانگ آيو چھنب ۾ آ گل ڏيڻ.
غزل
حسن جي باغ جو مالھي ھجان ھا،
گلن جي ھر گھڙي سيوا ڪيان ھا.
اچن ھا سير جي خاطر جي سھڻيون،
انھن جي سونھن تان صدقي وڃان ھا.
ھجن ھا جي خوشيون منھنجي ته ھٿ ۾،
ورھائي سي ته سڄڻن کي ڏيان ھا.
سڏي دل سان اگر ھا جي پيارو،
ڳلي تنھن جي وڃين مرڪي لڳان ھا.
گلابي رت پڳي آ جام جيڪر،
ھٿان پنھنجي پيارل جي پيان ھا.
اڏي گھر خاصخيلي تنھن ۾ پنھنجو،
پري تن کان نه اصلي گل ٿيان ھا.
طارق امام جوڻيجو
غزل
سانورا سهڻا! اچي گڏ ويھه تون، وڻڪار ۾،
سيڪُ تُنهنجي سونهن جو، ٿورو وٺان ٿڌڪار ۾.
ٿو حياتي مان گذاريان، يار محوِ رقص ٿي،
راز آهي رمز آهي، رب رکي دلدار ۾.
ڏس ته پوپٽ ڪينءُ ٿو، مکڙيءَ ڏي رمندو اچي،
ن گھمي چوگرد ٿو، هن جي اچي مهڪار ۾.
هاڻ ڀائين يا نه ڀائين، يار پنهنجو پاڻ ڄاڻ،
هي حياتي هاڻ ڪٽجي، ويندي تُنهنجي سار ۾.
ڇا ضروري آهي ويهي، راڄ ۾ ڳالهيون ڪجن،
رک ڀرم ٿورو پرين تون، خيال جي اظهار ۾.
ديد ديدن سان ملائي، تو هو ديوانو ڪيو،
هاڻ ٿو مجزوب کي، در در پنائين پيار ۾.
عشق جو ”طارق“ خفو، آهي وڏو ڪجھه سمجهه وٺ،
سوچ ڪر ڪجھه، ھڙ هلي ويندي انهي مّنجهدار ۾. |