پُنهل
ڏهر
محمد عارف ڪلهوڙو
سوانح ۽ شاعري، تحقيق ۽ تنقيد جي
روشنيءَ ۾
سنڌي ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪندي هڪ آڳاٽي
نامياري عوامي شاعر ”محمد عارف ڪلهوڙي“ جو نالو
معلوم ٿيو. ادبي تاريخ جي مطالعي مان اهو به معلوم
ٿيو ته هن شاعر جا ڪيترائي منظوم ڪتاب، سنڌ جي
مختلف پبلشر ادارن پاران آڳاٽوشايع به ٿيل آهن ۽
انهن سڀني جو موضوع عشقيه لوڪ داستان آهي.
سنڌ جي انهيءَ عوامي شاعر جي زندگيءَ جي باري ۾
تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. انهيءَ عوامي شاعر جي
سوانح متعلق تقريباً سنڌي اديبن (سواءِ هڪ اديب
جي) لکيو آهي ته هيءُ سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حاڪم
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جو فرزند هو.
اسان هتي هن مقالي ۾ تنقيد ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾
اهو معلوم ڪنداسين، ته اهو عوامي شاعر واقعي سنڌ
جي ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبي جو پٽ هو يا ڪو ٻيو
هو. تنهنڪري سڀ کان پهريان هن جي چيل ۽ ڇپيل لوڪ
داستانن جو تفصيل سان تعارف پيش ڪنداسين ته جيئن
انهن جي مطالعي مان به مدد وٺي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون
ته اهو عوامي شاعر ڪير هو.
اسان کي هن مهل تائين هن جي چيل صرف ٻن منظوم
عشقيه داستانن ”سسئي پنهون ۽ عمر مارئي“ جي باري ۾
معلوم ٿي سگهيو آهي، جيئن ته هيءُ وقت جو ناميارو
عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. تنهنڪري اهو چئي سگهجي
ٿو، ته انهيءَ جو انهن ٻن منظوم عشقيه داستانن کان
سواءِ ٻيو به ڪافي ڪلام مختلف صنفن تي ڇپيل هوندو،
جيڪو هن وقت اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ناياب يعني
گم ٿي چڪو آهي. جيئن ته تحقيق گونا گون آهي، ٿي
سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڪن ناياب قلمي ذخيرن جي هٿ
اچڻ سان اسان هن نامياري عوامي شاعر جو ٻيو ڪلام
به هٿ چي وڃي. تنهنڪري في الحال اسان سندس جي هٿ
آيل انهن ٻنهي منظوم عشقيه داستانن ’سسئي پنهون‘ ۽
’عمر مارئي‘ جو تفصيلي تعارف پيش ڪري رهيا آهيون.
اسان کي هن وقت تائين انهن متعلق جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي
سگهي آهي سا هيٺ پيش ڪري رهيا آهيون ته جيئن
پڙهندڙ حضرات کي چڱي طرح ڄاڻ پئجي سگهي ته سندس
اهي داستان ڪهڙن نالن سان ڪڏهن ۽ ڪٿان شايع ٿيا
آهن. هاڻي هن جي پهريائين چيل منظوم داستان ”سسئي
پنهون“ جو تعارف پيش ڪنداسين.
انهيءَ سسئي پنهونءَ جي عشقيه منظوم داستان جي
باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”گذريل
صدي اوڻويهين صدي عيسوي“ جي پوئين اڌ تائين هي
ڳاهن واري ڳالهه ڪافي مقبول ۽ مشهور هئي، جو ان کي
ڪنهن صاحب ان وقت قلمبند ڪيو، جنهن جو رچرڊ برٽن
پنهنجو انگريزيءَ ۾ مختصر ترجمو تيار ڪيو.
ٻئي طرف عوامي شاعرن مان محمد عارف ڪلهوڙي پڻ هن
ڳاهن واري ڳالهه جو خاڪو ذهن ۾ رکي، ڊگهن سنڌي
بيتن ۾ نئين سر سسئي پنهونءَ جو قصو جوڙيو
......... شايد تيرهين صدي هجري/ اوڻويهين صدي
عيسويءَ جي شروعات ڌاري هي قصو جوڙيائين. بعد ۾
ڪنهن صاحب جڏهن محمد عارف جي بيتن کي قلمبند ڪيو،
تڏهن ڳاهن واري ڳالهه مان ڪي ڳاهون پڻ گڏي
ڇڏيائين. اهو ڪنهن ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو سو چئي نٿو
سگهجي، پر غالباً اها تاليف 1850ع کان 1862ع واري
عرصي ۾ ٿي. ان کانسواءِ 1850ع بعد جڏهن سنڌ جي
ادبي ذخيرن کي گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ جون ڪوششون پڻ شروع
ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي تعليم جو ذخيرو بڻي.
انهيءَ دور ۾ گولڊ سمڊ نالي هڪ انگريز آفيسر ۽
اديب سسئي پنهونءَ جي قصي کي انگريزي ترجمي سان گڏ
شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ غالباً پنهنجي ڪنهن
منشيءَ کي هن قصي جي متن تيار ڪرڻ لاءِ چيائين،
جنهن محمد عارف واري بيتن کي قلمبند ڪيو ۽ ڳاهن
واري ڳالهه مان ڪي ڳاهون پڻ ڳالهه جي ڀرتي خاطر
محمد عارف واري بيتن ۾ گڏيائين. ڪئپٽن گولڊ سمڊ
هُوبهو انهيءَ متن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو
سسئي ۽ پنهون جي عنوان سان سنه 1963ع ۾ لنڊن ۾
شايع ٿيو. هن وقت تائين محمد عارف جي جوڙيل قصي
سسئي پنهون جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو متن اهوئي هو، جيڪو
ڪئپٽن گولڊ سمڊ جي ترجمي سان گڏ شايع ٿيل آهي.
انهيءَ ڇپيل متن کي ڏسڻ مان معلوم ٿيندو ته بيت
نمبر 29 کان 34 تائين بيت (2) ۽ وري نمبر 70 کان
97 تائين بيت (3) خود ڳاهون يا ڳاهن جو نقل آهن.
ڇاڪاڻ ته اهي محمد عارف جي جوڙيل ڊگهن بيتن کان
سٽاءُ توڙي اسلوب بيان ۾ نرالا آهن. پڇاڙيءَ وارو
بيت نمبر 13 (2) پڻ ساڳيو اهو بيت آهي جيڪو ڳاهن
واري ڳالهه ۾ آهي ۽ اسلوب ۾ پڻ محمد عارف جي بيتن
کان الڳ آهي.“(1)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ منظوم داستان جي باري ۾
وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سسئي پنهون جو عشقيه داستان
پهريائين غالباً محمد عارف ڪلهوڙي جوڙيو.“(2)
”ڊاڪٽر بلوچ انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ۾،
۽ مختيار احمد ملاح پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي
ته قصو سسئي پنهون جو، ٺاهيل محمد ٿعارف ڪلهوڙو
ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي 1867ع کان اڳ ڇپايو.“
نئين زندگيءَ ۾ لکيل آهي ته اهو داستان 1867ع ۾
ڇپيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته”هن جو ٻيو
ڇاپو 1867ع ۾ ڇپيو. جنهن جو تعداد هڪ هزار ۽ قيمت
ٻه آنا هئي.“ وري ٻئي هنڌ لکي ٿو ته هن جو ٻيو
ڇاپو 1871ع ۾ ڇپيو.(3)
ياد رکڻ گهرجي ته گولڊ سمڊ جي انگريزي ترجمي سان
گڏ اهو ڪتاب قصه ”سسئي ۽ ڄام پنهون“ جي نالي سان
1863ع ۾ لنڊن مان ڇپيو هو. هن ڇاپي جي باري ۾
مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته ”ميجر گولڊ سمڊ جو
ٽيون وڏو ڪارنامو اهو به هو ته هن سنڌ جي وڏي
مشهور قصي سسئي پنهون جو انگريزي ترجمو ڪري 1863ع
۾ لنڊن مان شايع ڪرايو. اهڙيءَ طرح هن سنڌ جي
مشهور قصي کي يورپي دنيا ۾ متعارف ۽ مشهور ڪرايو.
ان سلسلي ۾ هن محمد عارف جي بيتن کي هُوبهو ۽ دلڪش
انداز ۾ ترجمو ڪيو. بعد ۾ ساڳئي ڪتاب کي هن هڪ
نئين انداز ۾ پيش ڪيائين يعني هڪ طرف سنڌي بيت ته
ٻئي طرف ان جو منظوم ترجمو اڄ به ترجمي جي دنيا ۾
خصوصي ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن ترجمي سان گڏ
انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو پسمنظر ڏنو آهي
۽ قصي سسئي پنهون کي تاريخي حوالن سان بيان ڪيو
آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي لوڪ
ڪهاڻين واري سيريز ۾ هن ترجمي کي ساراهيو آهي.(4)
هن منظوم داستان جي باري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي لکيل مٿي ڄاڻايل تبصري مان معلوم ٿئي ٿو ته هن
وقت تائين محمد عارف ڪلهوڙي جي هن عشقيه داستان جا
جيڪي به ڇپيل متن آهن تن ۾ ٿورو ڪلام ”ڳاهن جي
ڳالهه“ طور ڪنهن ٻئي شاعر جو چيل به شامل آهي ۽
باقي سمورو ڪلام محمد عارف ڪلهوڙي جو ئي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ محمد عارف ڪلهوڙي جو چيل
اهو سمورو منظوم داستان پنهنجي لوڪ ادب جي مرتب
ڪيل ڪتاب ”سسئي پنهون“ جي صفحي 102 کان 123 تي
روايت 4 ”محمد عارف ڪلهوڙي جا چيل بيت“ جي عنوان
سان شامل ڪيا آهن.(5)
محمد عارف ڪلهوڙي جي چيل منظوم داستان سسئي پنهون
جي تعارف پيش ڪرڻ کان پوءِ هاڻي اسان سندس چيل ٻئي
منظوم عشقيه داستان ”عمر مارئي“ جو تفصيلي تعارف
ڏئي رهيا آهيون. سنڌي ادب خاص طور تي سنڌي شاعريءَ
جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته محمد عارف
ڪلهوڙي جي چيل هن منظوم داستان وڏي شهرت ماڻي آهي.
جنهنڪري هن داستان جا ڪافي ڇاپا مختلف نالن سان
مختلف ادبي ادارن ۽ پبلشرن پاران شايع ٿي چڪا آهن.
انهن جو تعارف تفصيل سان هيٺ پيش ڪجي ٿو.
1- قصو عمر مارئي جو. ڍاهيل محمد عارف ڪلهوڙو ۽
پٽس غلام محمد جو.پهريون ڇاپو سن 1886ع، ڪمشنر
صاحب بهادر سنڌ جو ڇاپخانو. ٻيو ڇاپو 1988ع
اسلاميه پريس ، ليٿو.. اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته
انهيءَ جو ٻيو ڇاپو 1890ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ لکي ٿو ته اهو ڪتاب ورنيڪيولر لٽريچر
ڪميٽي ڇپيو ۽ شايع ڪرايو.(6)
هن داستان متعلق صوفي شاعر هدايت علي تارڪ ڄاڻايو
آهي ته، محمد عارف ڪلهوڙي ۽ سندس پٽ غلام محمد،
عمر مارئي جو قصو ٺاهيو. هن جي ٺاهيل قصي عمر
مارئي کي سنڌي شاگردن جي لٽريچر ڪميٽي شايع ڪرايو.
جنهن کي آخوند عبدالرحيم درست ڪيو هو.(7)
هن داستان جي باري مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، پهريون محقق آهي جنهن
1871ع ۾ عمر مارئي جو قصو تاريخي حوالن سان لکيو،
جنهنڪري سنڌي جو پهريون تحقيقي ڪتاب پڻ چيو ويندو
آهي هي قصو نظم توڙي نثر ۾ جوڙيل آهي. هي قصو پڻ
ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي چونڊيو ۽ ڇپايو.(8) ياد
رکڻ گهرجي ته هي داستان آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
جو لکيل نه آهي، بلڪ ڇپائڻ وقت هن انهيءَ کي
داستان کي شايع ڪرائڻ لاءِ سڌاريو ۽ سنواريو. ٿي
سگهي ٿو ته هن داستان کي نثر ۾ هن آندو هجي، ڇاڪاڻ
ته نظم ۾ اهو محمد عارف ڪلهوڙي ۽ پڻس غلام محمد جو
چيل آهي.
2- اصل وڏو قصو عمر مارئي، از محمد عارف ڪلهوڙو،
ڇاپو ٽيون، 1965ع شمسيه ڪتب خانو سکر.
3- عمر ۽ مارئي جو قصو. از محمد عارف ڪلهوڙو ڇاپو
پنجون 1971ع منظور احمد اينڊ برادرر شڪارپور. (9)
4- عمر مارئي راتين سان ڇاپو ؟ ، سال ؟، پوڪرداس
تاجر ڪتب خانو (10)
5- قصو عمر مارئي جو ٽيهن راتين سان. ڇاپو؟، سال؟
،شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور.
6- ميان محمد عارف ڪلهوڙو ۽ پڻس ميان غلام محمد جو
عمر مارئي نثر ۽ نظم قيمت چار رپيه ڇاپو نائون
1980ع شڪارپور (11)
7- شاعر محمد عارف ڪلهوڙي جا بيت (12)
8- ٽيهه راتيون مارئي (13)
9- قصو عمر مارئي، سڌاريندڙ، آخوند عبدالرحيم وفا.
(14)
هاڻي هن لوڪ داستان جي ٺاهيندڙ سنڌ جي هن عظيم
عوامي شاعر ”محمد عارف ڪلهوڙي“ جي سوانح تي نظر
وجهون ۽ ڏسون ته اهو شاعر ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪڏهن ٿي
گذريو ۽ ڪٿي جو رهواسي هو وغيره.
انهيءَ سلسلي ۾ اسان جڏهن سندس آڳاٽيل ڇپيل لوڪ
داستانن کي ڏسنداسين ته انهن داستانن ۽ صرف داستان
جو نالو ۽ شاعر جو نالو ڇپائيءَ جو هنڌ ڇاپو ۽ سال
ڄاڻايو ويو آهي. سندس سوانح جي باري ۾ وڌيڪ ڪجهه
به نه ڄاڻايو ويو آهي.
هن عوامي شاعر جي سوانح تي روشني وجهڻ لاءِ سڀ کان
پهرين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪوشش ڪئي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
پنهنجي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ مرتب ڪيل ڪتاب ”سسسئي
پنهون“ جي مقدمي ۾ صرف ايترو لکي ٿو ته، ”چئي نه
ٿو سگهجي ته محمد عارف ڪلهوڙو ڪڏهن ٿي گذريو مگر
هو (ميان عبدالنبي جي پٽ محمد عارف کان سواءِ ٻيو)
ڪو عوامي شاعر هو ۽ شايد تيرهين صدي هجري يعني
اوڻويهين صدي عيسوي جي شروعات ڌاري هي قصو
جوڙيائين.“ (15)
سوانح جي باري ۾ اها ڳالهه واضح لکڻ بعد وري
انهيءَ ڪتاب جي عنوان ”محمد عارف ڪلهوڙي جا چيل
بيت“ هيٺ ساڳئي صفحي جي حاشئي ۾ ساڳئي شاعر جي
سوانح وري هن طرح ڄاڻائي ٿو، ”محمد عارف خان
ڪلهوڙو سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبي
جو وڏو پُٽ هو..... مير بجار خان جي مارجڻ بعد
ميان عبدالنبي افغانستان ڏي ڀڳو ۽ پنهنجا ٻار ٻچا
ولي عهد محمد عارف خان سان گڏ جوڌپور جي راجا
بجيسنگ ڏانهن ڏياري موڪليا. ان بعد ميان عبدالنبي
اڃا حيات هو. جو محمد عارف هڪ لڙائي ۾ نسبت 1851ع
يعني 1794ع ۾ مارجي ويو. سندس قبر ليه ضلعي مظفر
ڳڙهه ۾ آهي(16) اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
پنهنجي لوڪ ادب جي هڪ ٻئي ڪتاب ”هفتا ڏينهن راتيون
۽ مهينا“ ۾ ٻه ”ٽيهه راتيون“ مارئي جي عنوان هيٺ
شاعر جي مختصر سوانح ۾ لکي ٿو ته، هن راتين جو
شاعر عارف ڪلهوڙو آهي ۽ غالباً اهو ساڳيو محمد
عارف خان ڪلهوڙو آهي جو سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران
ميان عبدالنبي جو وڏو پٽ هو. هي هتي ڏنل ٽيهه
راتين مان محمد عارف ويهه راتيون چيون ۽ وفات وقت
پنهنجي پُٽ غلام محمد کي باقي ڏهه راتيون ٺاهڻ جي
وصيت ڪيائين. جنهن باقي ڏهه راتيون ٺاهي ٽيهه
راتيون مڪمل ڪيون.“ (17)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پوءِ بعد ۾ جن به سنڌي اديبن
سنڌ جي ادبي تاريخ ۽ سنڌ جي شاعري جي تاريخ تي ڪم
ڪيو آهي. تن به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿي ڄاڻايل لوڪ
ادب جي ڪتابن تان ئي پنهنجي پنهنجي ڪتابن جي هن
شاعر جي اها ساڳي سوانح لکي آهي. جيڪا ڊاڪٽر بلوچ
صاحب لکي آهي. پڙهندڙن جي ڄاڻ خاطر انهن اديبن جون
سندس لکيل اهي سوانحي سٽون به هيٺ ڏجن ٿيون ته
جيئن پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکت کان سواءِ
انهن ٻين اديبن جي لکت مان به واقف ٿي سگهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پوءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، ساڳي اها ڊاڪٽر بلوچ صاحب واري لکت سندس ئي
مذڪوره ڪتاب تان کڻي بغير حوالي ڄاڻائڻ جي هن طرح
لکي آهي، ”محمد عارف ڪلهوڙو سنڌ جي آخري ڪلهوڙي جي
حڪمران عبدالنبي جو فرزند هو. ميان عبدالنبي جڏهن
افغانستان ڀڳو ته پنهنجا ٻار ٻچا ولي عهد محمد
عارف خان سان جوڌپور جي راجا بجيسنگ ڏانهن
موڪليائين. ان بعد ميان عبدالنبي جيئرو هو جو
محمد عارف هڪ لڙائي ۾ 1794ع ۾ مارجي ويو. سندس قبر
ليه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ آهي.مارئي جون راتيون چيون
اٿس، ويهه راتيون چيون هئائين. باقي راتيون چوڻ جي
لاءِ پنهنجي پُٽ غلام محمد کي وصيت ڪيائين. جنهن
ٽيهه راتيون مڪمل ڪيون.“ (18)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي کان پوءِ ڊاڪٽر
عبدالجبار عابد لغاري به پنهنجي ڪتاب ۾ هن شاعر
جي سوانح متعلق ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب
واري اها ساڳي عبارت بغير ڪنهن حوالي ڏيڻ جي لکي
آهي ته ”عارف ڪلهوڙو ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان
عبدالنبي جو فرزند هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ميان
عبدالنبي افغانستان فرار ٿيندي اهل و عيال کي محمد
عارف سان گڏ جوڌپور جي راجا بجي سنگهه ڏانهن
موڪليو، پر 1794ع ۾ هُو هڪ لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو.
سندس قبر ليه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ آهي. هن داستان
مارئي جون راتيون ڳايون آهن. ويهه راتيون ته پاڻ
ڳايائين ۽ باقي لاءِ پنهنجي پُٽ غلام محمد کي وصيت
ڪيائين، جنهن انهن کي مڪمل ڪيو.“ (19)
اڳتي هلي هيءُ صاحب پنهنجي هڪ ٻي تصنيف ۾محمد عارف
متعلق مٿين سوانح ڄاڻائڻ کان پوءِ وڌيڪ لکي ٿو ته
”محمد عارف سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. هي ٻيو عباسي
ڪلهوڙو حڪمران خاندان جو فرد هو، جنهنجو نالو ميان
سرفراز ڪلهوڙي کان پوءِ تاريخ ۾ آيو آهي...... ان
مان اهو پتو پيو ته ڪلهوڙا خاندان جو ٽيون شاعر
غلام محمد ڪلهوڙو به هو.“ (20)
آخر ۾ نامياري صوفي شاعر هدايت علي تارڪ جي هن
شاعر جي باري ۾ ڄاڻايل ڄاڻ پيش ڪجي ٿي. هن لکيو
آهي ته ”هي ٻيئي پيءُ پُٽ شاعر هئا. انهن متعلق
اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪيتري قدر پڙهيل هئا.
عمر مارئي جو قصو ٺاهيائون ويهه راتيون محمد عارف
ڪلهوڙي مڪمل ڪيون ته عُمر پوري ٿي ويس ۽ فوت ٿي
ويو. بقايا ڏهه راتيون هن جي پُٽ غلام محمد
ٺاهيون. هن جو ٺاهيل قصو عمر مارئي به سنڌي شاگردن
جي لاءِ لٽريچر ڪميٽي شايع ڪرايو، جنهن کي آخوند
عبدالرحيم پوءِ درست ڪيو هو.“ (21)
جڏهن سنڌ جي ادبي تايخ جي مطالعي دوران مون کي
سنڌ جي انهيءَ حڪمران گهراڻي جي هڪ باذوق فرد محمد
عارف ڪلهوڙو جي شاعري ۽ سندس انهيءَ (مٿي ڄاڻايل)
سوانح مان خبر پيئي ته هي ناميارو عوامي شاعر سنڌ
جي حڪمران گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ته پوءِ مون کي
شوق ٿيو ته سندس سمورو ڪلام هٿ ڪري سهيڙيان ۽ ان
سان گڏ سندس مفصل سوانح مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي
شايع ڪرايان ته جيئن سنڌ جي حڪران گهراڻي سان تعلق
رکندڙ هن باذوق فرد جوڪلام ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي ۽
شايع ٿي هميشه جي لاءِ بچي وڃي. پنهنجي انهيءَ ذوق
۽ خيال کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ جي لاءِ مون سنڌ
جي سياسي تاريخ خاص طور تي ڪلهوڙا دور ۽ سنڌ جي
ادبي تاريخ جو مطالعو ذور و شور سان شروع ڪري ڏنو
۽ انهيءَ مطالعي دوران اهو سمورو مواد جيڪو هن جي
باري ۾ هٿ آيو، سو ڪندو پئي ويس. جڏهن هن شهزادي
جي سياسي دور جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيم ته دل ۾
شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳس ته هن
افراتفري ۽ دربدري واري دور ۾ هن ڪلهوڙي شهزادي
اها شاعري ڪيئن ڪئي هوندي. جڏهن ته سندس دور زندگي
۾ هڪ هنڌ ويهڻ ۽ سندس فرصت جو نالو ئي ڪونهي. ڇا
اهو شاعر محمد عارف ولد ميان عبدالنبي ڪلهوڙي (سنڌ
جي آخري ڪلهوڙي شهزادي) جو پٽ آهي. يا ٻيو ڪو
محمد عارف نالي ڪلهوڙو آهي. انهيءَ سوچ دوران
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکيل ۽ مٿي ڄاڻايل انهن لفظن
ته، ”چئي نٿو سگهجي ته محمد عارف ڪلهوڙو ڪڏهن ٿي
گذريو. مگر هو (ميان عبدالنبي جي پٽ محمد عارف کان
سواءِ ٻيو) ڪو عوامي شاعر هو ۽ شايد تيرهين صدي
هجري يعني اوڻويهين صدي عيسوي جي شروعات ڌاري هي
قصو جوڙيائين.“ ۽ وري ”هن راتين جو شاعر عارف
ڪلهوڙو آهي. غالباً اهو ساڳيو محمد عارف ڪلهوڙو
آهي جو سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبي
ڪلهوڙي جو وڏو پُٽ هو.“ پڙهڻ کان پوءِ مون کي وڌيڪ
پڪو پُختو يقين ٿي ويو ته هي شاعر محمد عارف
ڪلهوڙو ولد ميان عبدالنبي ڪلهوڙو نه آهي بلڪ محمد
عارف ڪلهوڙي نالي ڪو ٻيو ڪلهوڙو شاعر آهي.
وري جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هن شاعر سوانح متعلق
هي جملو پڙهيم ته، ”هتي ڏنل ٽيهه راتين مان محمد
عارف ويهه راتيون چيون ۽ وفات وقت پنهنجي پُٽ غلام
محمد کي باقي ڏهه راتيون ٺاهڻ جي وصيت ڪيائين.
جنهن باقي راتيون ٺاهي ٽيهه راتيون مڪمل ڪيون.“ ته
ان کان پوءِ وڌيڪ تجسس ٿيو ته تاريخ جي ڪتابن مان
ڏسان ته محمد عارف ولد ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي
”غلام محمد“ نالي ڪو پُٽ هو به سهي يا نه؟! ان بعد
جڏهن مان ڪلهوڙان جي دور متعلق سنڌ جي تاريخ جي
گهرائي سان مطالعو ڪيو ته مون کي ڪٿي به ميان محمد
عارف ولد ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي ڪنهن به پُٽ جو
نالو ”غلام محمد“ ڏسڻ ۾ نه آيو. بلڪ سندس پُٽن
محمد علي ۽ غلام علي معلوم ٿيا.
نامياري محقق ۽ تاريخدان غلام رسول مهر، ڪلهوڙن جي
دور متعلق لکيل پنهنجي مايهء ناز تصنيف، ”تاريخ
سنڌ ڪلهوڙا دؤر“ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي متعلق
جيڪو پنهنجي طرفان تحقيقي شجرو ڏنو آهي تنهن ۾
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ سندس پُٽ ميان محمد عارف
ڪلهوڙي جو اولاد هن طرح ڄاڻايل آهي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي هڪ ٻئي نامياري محقق مهر
ڪاڇيلوي ميان محمد عارف ولد ميان عبدالنبي ڪلهوڙي
جي اولاد متعلق لکيو آهي ته ”ميان محمد عارف ولي
عهد جا ٻه پُٽ هئا. جڏهن پاڻ جوڌپور ۾ هو ته انهن
ڏينهن 1843ع ۾ وڏو صاحبزادو ميان محمد علي پيدا
ٿيو. ان کان پوءِ ننڍو صاحبزادو ميان غلام علي به
جوڌپور ۾ پيدا ٿيو. ميان محمد عارف جو سڀ اولاد
جوڌپور ۾ رهيو. جن کي جوڌپور ۾ سنڌي صاحبزادي جي
نالي سان سڏو ويندو هو. ميان محمد عارف جي جوڌپور
مان وڃڻ کان پوءِ سندس جاگير سندس وڏي پُٽ محمد
علي جي نالي ڪئي وئي. (23)
اهڙيءَ طرح اڳتي هلي خود ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
به اهڙو اقرار ڪيو آهي ته، ”محمد عارف پنهنجي جاءِ
تي پنهنجي پُٽ محمد علي کي مقرر ڪيو. راجا وڏي
سياڻپ سان محمد علي کي معزز مهمان طور پاڻ وٽ
رهايو ته جيئن سنڌ تي حملي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.
سندس واسطي اهو وڏو اعزاز هو جو راجا کيس پاڻ سان
گڏ شڪار تي وٺي ويو ۽ خرچ پکو ڏنائين. ميان محمد
علي ولد ميان محمد عارف جي پُٽ جو نالو مير محمد
هو.“ (24)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ ٻي جاءِ تي پڻ ميان محمد عارف
ڪلهوڙي جي اولاد جي باري ۾ ڄاڻائي ٿو ته، فضل علي
خان صاحب ۽ محمد عارف خان صاحب جا پُٽ پنهنجي
پيءُ ميان عبدالنبي خان صاحب سان مارواڙ ۾ رهيا.
محمد عارف خان صاحب جي موت کان پوءِ، ميان
عبدالنبي جي مرضي موجب، هن جي جاگير سندس پُٽ محمد
علي خان صاحب جي نالي منتقل ڪئي وئي.“ (25)
مٿين تحقيق ۽ خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي بعد واري
تحقيق جي روشنيءَ ۾ بخوبي معلوم ٿي ويو ته مذڪوره
شاعر محمد عارف ڪلهوڙو سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جو پُٽ بلڪل نه هو ۽ نه وري
غلام محمد نالي ڪو ميان محمد عارف جو پُٽ هو.
افسوس آهي جو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر
عبدالجبار عابد لغاري صاحب به بغير ڪنهن تحقيق ڪرڻ
۽ سوچڻ سمجهڻ جي غلطي مٿان غلطي ڪندي سنڌ جي هڪ
عوامي شاعر محمد عارف ڪلهوڙي کي ڪلهوڙي حڪمران
ميان عبدالنبي جو پُٽ ۽ غلام محمد نالي ڪلهوڙي کي
سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبي جو پُٽ ۽ غلام
محمد نالي ڪلهوڙي شاعر کي ميان محمد عارف ڪلهوڙي
جو پُٽ ڄاڻائي سنڌي ادب (شاعري) جي تاريخ ۾ هڪ وڏي
غلطي ڪري ويا آهن. هتي اسان جو تنقيد ڪرڻ جو مقصد
هرگز اهو نه آهي ته خوامخواهه ڪنهن لکندڙ تي تنقيد
ڪجي. بلڪ اسان جي هن تنقيد جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ
ادب (شاعري) جي تاريخ ۾ انهي مٿي ڄاڻايل غلطيءَ جي
تصحيح ڪرڻ آهي ته جيئن آئنده سنڌ جي ادبي شاعر
(شاعري واري) تاريخ تي قلم کڻندڙ محققين انهي
غلطيءَ کي وري نه ورجائين.
آخر ۾ هاڻي ٿورو اهو به سوچون ته اهو عوامي شاعر
محمد عارف ڪلهوڙو ۽ سندس پُٽ غلام محمد ڪير هئا ۽
ڪٿان جا ويٺل هئا، وغيره. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي
هڪ محقق ”ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي“ اسان جي
هن طرح رهنمائي ڪئي آهي ۽ معلومات فراهم ڪري اهو
اُلجهيل مسئلو واضح طرح سان حل ڪري ڇڏيو آهي. هُو
لکي ٿو ته، ”ميان محمد عارف ڪلهوڙو هٽڙي (ضلع
لاڙڪاڻو) جو رهاڪو تعليم فقط سنڌي ٻاراڻو درجو،
ڌنڌو زمينداري، نظم نويس، ڪهاڻيڪار، جيئن ته عمر
مارئي داستان مٿان سنڌ جي ننڍي وڏي شاعر طبع
آزمائي ڪئي آهي. شاعر مارئي جي بندي خاني جون ٽيهه
راتيون نظم ۾ بيان ڪرڻ ٿي چاهيون، مگر هن کي
حياتيءَ ساٿ نه ڏنو. ويهه راتيون پوريون ڪري پنجهٺ
ورهين ۾ ڌڻي در پهتو. بيت بازي ۾ شاعرانه روايتي
ڍنگ اختيار ڪيو اٿس.
ميان غلام محمد ڪلهوڙو ولد ميان محمد عارف ڪلهوڙو
پنهنجي والد جيان تعليم ۾ فقط ٻاراڻو درجو پڙهيو.
ورثي ۾ زميندار ٿي رهيو. ٻئي پيءُ پُٽ نظم نويس
هئا. عمر مارئي جو داستان هنن ٻنهين شاعرن ٽيهن
راتين ۾ بند ڪيو آهي. ويهه راتيون محمد عارف چئي
پوريون ڪري وفات ڪري ويو. باقي ڏهه راتيون سندس
پُٽ چيون. ڄڻ ته بيت بازي ۾ پنهنجي والد جو نظم
رٿابندي جي کوٽ جو پورائو ڪري ڇڏيو. آخري ڏهه رهيل
راتين جو پورائو ڪندي ميان غلام محمد بيت بازي جو
اختيار ڪيل ڍنگ پيش ڪيو آهي.“ (26)
مٿين تاريخ ۽ تصديقي تحقيق کان پوءِ جڏهن پڪ سان
معلوم ٿي ويو ته مقالي ۾ بيان ڪيل شاعر محمد عارف
ڪلهوڙو سنڌ جي آخري ڪلهوڙا حڪمران ميان عبدالنبي
جو پُٽ نه آهي، ۽ بلڪ هڪ ٻيو عوامي شاعر آهي ته
پوءِ مون انهيءَ شاعر جي ڪلام کي سهيڙڻ ۽ سندس
سوانح لکڻ وارو خيال دل تان لاهي ڇڏيو.
حوالا:
1.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) لوڪ ادب سلسلي جو
ڪتاب نمبر 32 مشهور سنڌي قصا، عشقيه داستان نمبر
4، سسئي پنهون ڇاپو پهريون1976ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد. ماهه آڪٽوبر صفحو 40 کان 42 مقدمو.
ماهنامه نئين زندگي حيدرآبد ماهه آڪٽوبر 1953ع،
صفحو 18.
مختيار احمد ملاح، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، سنڌي ٻوليءَ
لاءِ ڪيل خدمتون، ڇاپو پهريون 2021ع، سنڌي ٻولي جو
با اختيار ادارو حيدراباد، صفحو 176.
2.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ
ڇاپو ٽيون 1990، پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو صفحو 454.
3.
انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون، ڇاپو ٻيو2009ع،
سنڌي لئنگويج اٿارٽي
حيدرآبد صفحو 36.
مختيار احمد ملاح، اوڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي
تاريخ ڇاپو پهريون 2017ع، بلاول انسٽيٽيوٽ آف
هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه، صفحو 271.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڪٺمال، ڇاپو پهريون2002ع،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
صفحو 578 ۽ 579.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ جلد
ٽيون، ڇاپو پهريون 2006ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي
حيدرآبد صفحو 07.
ماهنامه نئين زندگي حيدرآباد ماهه آڪٽوبر 1953ع
صفحو 18
نوٽ: معلوم ٿئي ٿو ته، داستان سسئي پنهون، جيڪو
ورنيڪيولر لٽريچرڪاميٽي پاران 1867ع کان اڳ ۾ ڇپيو
هو، سو آخوند عبدالرحيم عباسي سرڪار کي مرتب ڪري
ڏنو هو. (ڏسو جواهر لغات سنڌي اڪيچار صفحو 2 کان 3
مهاڳ.
4.
ماهنامه نئين زندگي حيدرآباد ماهه آڪٽوبر 1953ع،
صفحو 18.
اوڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ صفحو 206 ۽
207.
5.
لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب نمبر 32، مشهور سنڌي
قصا، عشقيه داستان نمبر 4، سسئي پنهون صفحو 102
کان 123.
6.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب
نمبر 37، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جي حب الوطنيءَ جو
داستان عمر مارئي ڇاپو ٻيو 1983ع، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو صفحو 179.
ٽه ماهي مهراڻ نمبر 1، سال 2009ع سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو صفحو 45 ۽ 46.
ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 1ن سال 1995ع سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو صفحو 117.
آخوند عبدالرحيم عباسي جواهر لغات سنڌي
اڪيچار_______ ڇاپو پهريون1993ع، سنڌي بولي جو
باختيار ادارو حيدرآباد، صفحو 02 ۽ 03 مقدمو.
7.
هدايت علي تارڪ، تاريخ شعراءِ سنڌ (اردو) مترجم،
محمد حفيظ الرحمان حفيظ ڇاپو 1945ع بهاولپور صفحو
23 ۽ 24.
8.
اوڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ صفحو 270.
9.
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڇپيل سنڌي ڪتابن جي
ببليوگرافي 1947ع _ 1973ع. ڇاپو پهريون 1976،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالااجي سنڌ يونيوريسٽي ڄام شورو
صفحو 199، 468 ۽ 470.
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سج جهڙا پرين، ڇاپو
پهريون2018ع، شيخ اياز اڪيڊمي شڪارپور صفحو 106.
10.
فهرست ڪتب خانه پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور سال
1913.
11.
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾
حصو ڇاپو پهريون 2009ع، انسٽيتيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ
يونيورستي ڄام شورو صفحو 619 ۽ 620.
ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي، لاڙڪاڻو سڀيتا سندو
ناڻو ڇاپو پهريون 2017ع، دودائي سانگي پبليڪيشن
لاڙڪاڻو صفحو 216 ۽217.
12.
لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 37، مشهور سنڌي قصا،
سنڌ جي حب الوطني جو داستابن عُمر مارئي صفحو 179
کان 202.
13.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ ادب ڪتاب سلسلي جو
ادب نمبر
ستون، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا ڇاپو پهريون
1961ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو صفحو 150 کان
177.
14.
سنڌي ادب جي تاريخ جلد تيون، صفحو 07.
ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي 1947ع _ 1973ع صفحو
36.
15.
لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 32، مشهور سنڌي قصا،
عشقيه داستاب نمبر 04، سسئي پنهون صفحو 40 مقدمو.
16.
ساڳيو صفحو 102 حاشيو.
17.
لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب نمبر ستون، هفتا ڏينهن
راتيون ۽ مهيان صفحو 150.
18.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب ڪي ختصر
تاريخ (اردو) ڇاپو پهريون 1983ع، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو صفحو 160 ۽ 161.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ
ڇاپو پهريون 1993ع ڪاٺياواڙ اسٽورز لاڙڪاڻو صفحو
104.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي بيت، سٽاء ۽ اوسر. ڇاپو
پهريون 2002ع مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور صفحو 211 ۽
212.
19.
داڪٽر عبدالجبار عابد لغاري سنڌي شاعر جي مختصر
تاريخ ڇاپو پهريون 1999ع مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور،
صفحو 65
20.
داڪٽر عبدالجبار عابد لغاري سنڌ جا صوفي شعراء
ڪرام، ڇاپو پهريون 2008ع شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد صفحو 94 ۽ 95.
21.
تاريخ شعراء سنڌ (اردو) صفحو 23 ۽ 24.
22.
غلام رسول مهر تاريخ سنڌ، جلد ڇهون ڪلهوڙا دؤر،
حصو ٻيون (اردو) ڇاپو پهريون 1958ع سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد صفحو 1120.
غلام رسول مهر تاريخ سنڌ جلد ڇهون ڪلهوڙا دؤر ڀاڱو
ٻيو (سنڌي ترجمو)مترجم، ابن حيات پنهور ۽ شمشير
الحيدري، ڇاپو پهريون 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد صفحو 1010.
23.
مهرڪا ڇيلوي، کلهوڑا
شکست کے
بعد (اردو) ڇاپو ٻيو 1994ع مهر پبليڪيشنز
ميرپورخاص صفحو 82 ۽ 83.
24.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، باقيات از ڪلهوڙا، ڇاپو
پهريون 1996ع، ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي ڪراچي صفحو
11 ۽ 13.
25.
Doctor N.A Baloch, Sindh Studies Historical
Centre, Uneversity of Sindh, Jamshoro, Page 276
and 277.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي تاريخ تحقيقي
مقالا ترجمو، عنايت بلوچ، ڇاپو پهريون 2017ع،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد
صفحو 334 ۽ 335.
26.
لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو، صفحو 216 ۽ 217.. |