ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
سنڌ-
ثقافتي اڀياس
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيقي مقالن جو هيءُ
مجموعو سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي ٽنهي اهم
پهلوئن جو احاطو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾
ان کي نهايت وسيع معنيٰ وارو لفظ ڪلچر
(Culture)
جو عنوان ڏنو ويو آهي. البت سنڌيءَ ۾ ثقافتي لفظ
ان جي پوري مفهوم تي حاوي نٿو ٿئي ڇو ته اهو
اڄڪلهه محدود معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، اهوئي سبب
آهي جو هن ڪتاب جو پهريون مقالو ’موئن جو دڙو جي
ثقافت‘ کان وڌيڪ ان جي تهذيب جو اڀياس آهي، هونئن
به موئن جي دڙي جو تعلق تاريخ کان اڳ واري دؤر سان
آهي، ان ڪري علمي دنيا ۾ ان لاءِ تهذيب يا تمدن جو
لفظ وڌيڪ جامع حيثيت سان استعمال هيٺ آيل آهي،
البت هتي ڊاڪٽر صاحب ڪلچر لفظ جو استعمال ڪري
تهذيب جي ڪجهه پهلوئن جي نشاندهي ڪئي آهي، هونئن
به ڏسجي ته هتي مصنف جي آڏو محدود موضوع هو جنهن
تي هُو روشني وجهڻ گهري ٿو.
موئن جي دڙي جي تهذيب تي آثارِ قديمه جي حوالي سان
ڪيترن وڏن عالمن گهڻو ڪجهه لکيو آهي، پر هتي ڊاڪٽر
صاحب سنڌونديءَ جي جن وهڪرن ۽ پراڻن ڦاٽن تي قائم
بستين جي حوالي سان جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي،
اهي هن کان اڳ اوجهل رهيون آهن، هتي اهم ڳالهه اها
آهي ته سنڌونديءَ جي ڪجهه ڦٽل ماڳن کي پهريون ڀيرو
زير بحث آندو ويو آهي، هن سلسلي ۾ قرهيو پير،
مرکان ۽ ڪونج سر جا ماڳ خاص اهميت وارا آهن، جتان
چين جا پراڻا سڪا به ڊاڪٽر صاحب جي ذاتي کوجنا جي
نتيجي ۾ کيس 1963ع ۾ دستياب ٿيا هئا، ان جو مطلب
ته تاريخ جي ان زماني ۾ سنڌ جو واپار چين سان به
هلندڙ هو، هڪ لحاظ سان اها نهايت اهم دريافت آهي،
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي طور انهن ماڳن
جو مشاهدو ڪيو ۽ اتان جيڪي سڪا وغيره کيس مليا اهي
پوءِ سنڌ جي علمي ادارن جي حوالي به ڪيائون، مثلاً
ڊاڪٽر صاحب طرفان ڏنل اهڙا ڪجهه سڪا سنڌالاجي
ميوزم ڄامشوري ۾ به ڏسي سگهجن ٿا.
هن مجموعي جو ٻيو مقالو نهايت اهم موضوع بابت آهي،
جنهن ۾ سنڌ اندر وقت ۽ فاصلي ٻين لفظن ۾ زمان ۽
مڪان کي تاريخي طور ڪيئن ماپيو ويو آهي، ان جا
ڪهڙا ماپا استعمال هيٺ رهيا آهن، انهن تي تفصيلي
روشني وڌي وئي آهي. انساني تهذيب ۾ فاصلي يا ڊيگهه
ويڪر جي ماپ جو بنيادي ايڪو انسان جو پنهنجو جسم ۽
ان جا عضوا جهڙوڪ آڱر، ٻه آڱريون، گرانٺ، چاڙهي،
هٿ، ٻه هٿ، قدم، ٻرانگهه، آدم قد وغيره رهيا آهن،
سنڌ ۾ به ان قسم جا ماپا وجود ۾ آيا هئا، هن سلسلي
۾ ڊاڪٽر صاحب البيرونيءَ جي جڳ مشهور تصنيف ڪتاب
الهند ۾ ڏنل ماپن کي زيرِبحث آندو آهي ته هن وٽ پڻ
سنڌ جي انهن ماپن يا ماڻن جو ذڪر ملي ٿو، جيتوڻيڪ
هو ان کانسواءِ هندن جي انهيءَ نظام تي به پوري
روشني وجهي ٿو.
هن کان پوءِ وقت جي ماپ جي سلسلي ۾ پل، گهڙي، پهر،
ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال بابت ذڪر ڪيو ويو آهي،
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي خاص دريافت اها آهي ته
هُو ٻڌائي ٿو ته سنڌ کي هندن ۽ عيسائين وانگر
پنهنجو سَن يا ڪئلينڊر هو، جنهن کي
(Sindh Era)
ڪوٺي ٿو ۽ ان جو آغاز چيٽ 548 شڪاڪلا يا بڪرمي کان
ٿيو هو جيڪو اسلامي يا هجري 29 رمضان 4 هجري يا 4
مارچ 626 عيسوي جي برابر هو. سندس چوڻ آهي ته اهو
سن پنجين صدي هجري/يارهين صدي عيسوي تائين عمل هيٺ
هو.
هن مقالي جي ٻئي حصي ۾ سنڌ جي وڏي عالم محمد هاشم
ٺٽوي سنڌ ۾ نماز جي وقتن خاص طور ٻپهري جي وقت
بابت سج جي پاڇي جي حساب سان ٺٽي ۾ باقاعده ٻه سال
تجربا ڪري جيڪو نتيجو قائم ڪيو ان جو تفصيل ڏنو
آهي، اهو هڪ نهايت دلچسپ بحث آهي ته ان وقت جڏهن
واچون يا گهڙيال نه هئا ته عالمن ڪهڙي طريقي سان
وقت جي ماپ ڪئي، هن سلسلي ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته
جيئن ته مسلمانن وٽ مهينن جو شمار چنڊ جي مهينن
سان ٿئي ٿو جيڪي ڦرندا گهرندا رهن ٿا، پوءِ اهو
ڪيئن ممڪن هو ته هڪ دائمي ڪئلينڊر قائم ڪيو وڃي.
انهيءَ لاءِ مسلمان عالمن هندي يعني بڪرمي مهينن
جي شناخت تي زور ڏنو جنهن سان اهو مسئلو حل ٿي وڃي
ٿو. اهوئي سبب آهي جو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ
اهڙو نظام جوڙيو جنهن ۾ انهيءَ طريقيڪار جي وضاحت
۽ سمجهاڻي ڏني.
هن مقالي جي آخري حصي ۾ قلندر شهباز جي مزار تي
ٿيندڙ ڌمال جي وقتن جو جنهن طريقي سان تعين ڪيو
وڃي ٿو، ان روايت کي مزار جي سنڀاليندڙ کان معلوم
ڪري تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. بلڪ ان لاءِ
تاريخي طور ڪم ايندڙ پن گهڙي جو طريقو استعمال ٿئي
ٿو. اها نهايت دلچسپ دريافت آهي ته ڌاتوءَ جي هڪ
وٽي ۾ بلڪل سنهو سوراخ ٿيل هوندو آهي، جنهن کي
پاڻيءَ سان ڀريل هڪ وڏي ديڳڙي ۾ رکندا آهن ۽ ان
سان وقت معلوم ڪندا آهن. تاريخي طور بيروني پنهنجي
تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ وقت معلوم ڪرڻ جي ان ٽيڪنڪ
جو ذڪر ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحب پڻ ان جا حوالا ڏنا
آهن.
ٽئين مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي نار يا هرلي کي
سنڌ جي ايجاد هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، ان لاءِ سندس
وڏو دليل آهي ته موئن جي دڙي جو ايڏو شهر گهڻي
عرصي تائين آباد رهڻ ۽ اتي کوهن جو ملڻ مان اندازو
ٿئي ٿو ته اتان جي شهرين لاءِ پاڻيءَ جو مستقل
بندوبست هو، جنهن لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري آهن، هڪ
ته سنڌونديءَ جي ڪا ڇاڙهه اتان ڀرسان گذرندي هئي.
۽ ٻيو ان شاخ يا واهه مان پاڻي کڻي اندر گهرن ۾
پهچايو ويندو هو ۽ اهو ’نار‘ جي ايجاد کان سواءِ
ناممڪن هو، مطلب ته نار سنڌ جي ايجاد آهي ۽ اتان
ئي اهو هنر عرب سرزمين ڏانهن منتقل ٿيو سنڌي لفظ
’نار‘ ۽ عربي ’ناعوره‘ ۾ اهائي مشابهت موجود آهي.
عرب دؤر ۾ وري سنڌ جي زراعت ۾ عربي اصطلاح هاري،
مجيري، ڪاسو، جريب، فردو وغيره استعمال ۾ اچڻ لڳا.
عرب دؤر ۾ اروڙ وٽ سنڌوءَ جي جنهن شاخ تي وڏو بند
ٺاهيو ويو، ان جو عربي نالو ’سڪرالميد‘ رکيائون.
شهر سکر جو نالو اتان ورتل آهي ڇو ته عربيءَ ۾
ساڪره ۽ سڪر جي اهائي معنيٰ آهي، اهوئي اروڙ جو
بند يا ٻند هئي جنهن ڏانهن مشهور بيت ۾ حوالو ملي
ٿو.
هن مقالي جي ٻئي حصي ۾ نار جي مختلف ڀاڱن جو بيان
ڪيو ويو آهي جيئن سنڌ جا ڪاريگر ان کي ٺاهيندا
هئا، نار سنڌ جي ايجاد آهي ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب
عربي مصنف الجزيءَ جي ڪتاب جو حوالو آڻي ٿو جيڪو
پنجين/يارهين صديءَ جي تصنيف آهي، ان ڪتاب ۾ اهو
ان کي ’الدولاب السندي‘ ڪوٺي ٿو، اهو ڪتاب
انگريزيءَ ۾ ’ڊونالد آرهل‘ ترجمو ڪيو آهي.
چوٿون مقالو سنڌ جي روايتي هنرن ۽ دستڪارين بابت
تاريخي ۽ ڪنهن حد تائين عملي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. هن
سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ٺڪر جا ٿانوَ اچن ٿا، جيڪي
انساني تهذيب جي پراڻن آثارن طور موئن جي دڙي مان
به مليا آهن، عرب دؤر کان اڳ ديبل ۾ چمڙي جي
خوبصورت رڱائي ۽ سنڌ جي ڪاريگرن طرفان عورتن لاءِ
خصوصي جُتين ٺاهڻ جو هنر ايڏي اعليٰ پايي جو ٿيندو
هو جو انهيءَ جُتين جي تعريف ۾ عربي شاعرن پنهنجا
شعر چيا آهن جيڪي ثبوت طور ڊاڪٽر صاحب حوالي طور
پيش ڪيا آهن.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ٻين هنرن ڪاٺيءَ ۾ جنڊيءَ جو هنر
۽ ان تي سهڻا رنگين گل چِٽ ڪڍڻ ۾ سنڌ جي ڪاريگرن
کي ڪمال حاصل هو. هن سلسلي ۾ ڪاشيءَ جو هنر،
ڪاشيءَ جي سِرن جو پچائڻ وغيره کي به ڊاڪٽر صاحب
چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح هٿ جي هنرن ۾
لونگيون، اجرڪ، رليون، گربيون، سوسيون، ڀرت جا
مختلف قسم پڻ بيان ڪيا ويا آهن. سوسي نالي جي
وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب اهو انڪشاف ڪيو آهي ته اهو
خاص ڪپڙو جيڪو عورتن لاءِ هو، ايران جي شهر ’سوس‘
۾ گهڻو مقبول هو، ان ڪري ان تي اهو نالو ’سوسي‘
پئجي ويو، اهڙيءَ طرح ’گربي‘ اصل ۾ ’غربي‘ هو يعني
جيڪو ان کان به اڳتي اولهه يعني ’غرب‘ جي ملڪن
تائين موڪليو ويندو هو، هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب
اهڙن هنرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هينئر سنڌ مان
ختم ٿيڻ وارا آهن يا ختم ٿي چڪا آهن، جن ۾
ڪمانگري، چمڙي تي زردوزي وغيره شامل آهي. هُو اهو
به ٻڌائي ٿو ته اهي ڪاريگر پنهنجي هنر ۾ ڪمال حاصل
ڪندا هئا ۽ عام ماڻهن جي نسب نامن وانگر پنهنجا
ڪسب ناما به محفوظ ڪندا هئا جنهن ۾ پنهنجن استادن
جا نالا ياد رکندا هئا.
پنجون مقالو ڪنڊلا وڻ بابت تحقيق آهي جيڪو سامونڊي
ٻوٽو آهي، هن ٻوٽي بابت ڊاڪٽر صاحب جو ڌيان مشهور
اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر حميدالله ڇڪايو جنهن ان جو
حوالو الدينوريءَ جي ڪتاب النبات ۾ ڏٺو هو، سنڌ جي
تاريخي شهر ديبل ۾ اهو چمڙي کي رڱڻ لاءِ ڪم ايندو
هو، مشهور لغت دان صغانيءَ پڻ پنهنجي لغت ۾ ان کي
سامونڊي ٻوٽو ڄاڻايو هو، ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي
سامونڊيءَ پٽيءَ ۾ ان ٻوٽي کي مقامي ماڻهن جي مدد
سان ڳولي لڌو ۽ ان جي تصديق سنڌ يونيورسٽيءَ جي
باٽني ڊپارٽمينٽ وارن کان ڪرائي، انگريزن جي دؤر ۾
اسٽاڪ نالي انگريز ڪراچيءَ ۾ ان رنگ جي استعمال جو
ذڪر ڪيو آهي، جيڪو چمڙي کي رڱڻ لاءِ ڪم ايندو هو.
ڇهون مقالو سنڌي لوڪ ادب ۽ ان جي مختلف صنفن بابت
سرسري جائزو پيش ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن حد تائين سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل چاليهن جلدن جو نهايت
مختصر نموني ۾ احاطو ڪري ٿو، ان جا مخاطب سنڌي
ماڻهن کان وڌيڪ ٻاهريان ماهر ۽ عالم آهن.
ستين مقالي ۾ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخي جائزي کان
سواءِ سنڌي موسيقي ۽ سنڌي موسيقار پهريائين ڪيئن
ايران پهتا جن جو ذڪر فارسيءَ جي وڏي شاعر
فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ ملي ٿو، ان کان پوءِ اسلامي
دؤر ۾ سنڌي موسيقار پهريائين بغداد ۾ پوءِ اڳتي
اسپين ۾ پهچن ٿا. اهو هڪ نهايت دلچسپ ۽ تحقيقي
موضوع آهي جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي علمي مهارت جي
گواهي ڏئي ٿو، مشهور عربي مصنف جاحظ ٽين صدي
هجريءَ ۾ اهڙي گواهي ڏني آهي.
هن مقالي ۾ وڏو تحقيقي انڪشاف اهو آهي ته مشهور
موسيقار زرياب جنهن خليفي هارون الرشيد جي دربار ۾
ڳايو هو جنهن کي ڊوزي ۽ نڪلسن جهڙن عالمن فارسي
نسل جو ڄاڻايو آهي، اهو اصل ۾ سنڌي نسل جو هو جيڪي
ڪيترن نسلن کان بغداد ۾ آباد هئا. اهو زرياب ئي هو
جيڪو پوءِ اندلس ۾ پهتو هو جنهن کي اندلس جي عالم
سانوري رنگ جو ڄاڻايو هو، پر ساڳيءَ وقت هن کي
ڪَرد ۽ فارسي نسل جو به سمجهيو ويو هو، ليڪن
’زرياب‘ جي نالي سان مشهور ٿيڻ ۽ خود ان لفظ مان
ئي اندازو ٿئي ٿو ته اهو لقب کيس فن ۽ سريلي آواز
سبب مليل هو. زرياب لفظ جي معنيٰ آهي سون وارو،
هونئن زرياب جو اصلي نالو علي بن نافع هو جيڪو
خليفي مهديءَ جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ هو مشهور
موسيقار اسحاق الموصليءَ جو شاگرد هو، ڊاڪٽر صاحب
جي تحقيق موجب هن جو نسلي تعلق سنڌ جي جيسلمير
قبيلي سان هو جيڪي صديون اڳ سنڌ مان هجرت ڪري ويا
هئا. انهن ئي موسيقارن جو ذڪر جاحظ پنهنجي ڪتاب
’الفخر السودان علي البيضان‘ ۾ ڪيو آهي ۽ ان کان
سواءِ مسعوديءَ جي ڪتاب ’مروج الذهب‘ ۾ پڻ ان جو
ذڪر ملي ٿو.
مقالي جي ٻئي حصي ۾ عربي فارسي راڳڻين حسيني، يمن،
زنگلوا سنڌي، جهنگلو وغيره جي بڻ بڻياد بابت بحث
ڪيل آهي ۽ اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي ۾ آيل راڳڻين
آبري، کنڀات وغيره بابت به خبر پوي ٿي.
آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب عزيز بلوچ جنهن کي اسپيني موسيقي
فليمنڪو تي مهارت حاصل هئي، ان جي حوالي سان ٻڌائي
ٿو ته اسپين راڳ ڪينٽي جُنڊو جو بڻ بڻياد سنڌي
راڳڻي مان ورتل آهي.
اَٺون مقالو سنڌونديءَ ۽ سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙين ۽
ٻيڙن بابت اهم تاريخي ۽ لغوي معلومات فراهم ڪري
ٿو، پهرين ان ڳالهه تي بحث ڪيو ويو آهي ته لفظ
ٻيڙي ڪيئن وجود ۾ آيو ۽ ان کان پوءِ ٻيڙين جي قسمن
جو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور ’لهري‘
ٻيڙيءَ تي خاص روشني وڌل آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاهري
بندر جو به ذڪر اچي ويو آهي، اهڙيءَ طرح ٻيڙيءَ جي
ڀاڱن ۽ ان جي ٺهڻ جو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي
مختلف حصن جا ڪهڙا نالا آهن، ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق
موجب لفظ ٻيڙو جڏهن معرب ٿيو يعني ان جو عربي روپ
بارج يا بارق آهي ۽ پوءِ اهو لفظ يورپي زبانن ۾ پڻ
ان نموني داخل ٿيو. هن مقالي ۾ ٻيڙين ۽ ٻيڙن جي
مختلف قسمن ۽ نالن بابت تمام غير معمولي ڄاڻ ڏني
وئي آهي. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي ۾ ملندڙ ٻيڙين
جي نالن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ مڪڙي، طراز،
جهاز ۽ غراب اچي وڃن ٿا.
نائون مقالو چوڪنڊي قبرن خاص طور ڪلمتي قبرن ۽
انهن جي نقاشيءَ بابت آهي جن ۾ سڀ کان پهريائين
تاريخي معلومات ڏني وئي آهي ته ڪلمتي ڪير هئا ۽ ان
کان پوءِ قبرن جي خاص قسمن جو بيان ڪيو ويو آهي ته
انهن کي گهڙيون يا روميون ڇو چيو ويو آهي، يا اهي
نالا ڪيئن وجود ۾ آيا. تاريخي لحاظ کان ڪلمتي توڙي
ٻين بلوچ قبيلن جي پنهنجي اصلي ماڳ کان هجرت
پهريائين بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي روشني
وڌي وئي آهي. اهو احوال تاريخي ڪتابن ۾ گهٽ ملي
ٿو. دولهه دريا خان يعني ڄام نظام الدين جي وزير ۽
سپهه سالار مبارڪ لاشاريءَ جو به تاريخي ذڪر ڪيو
ويو آهي. اهڙيءَ طرح پندرهين صديءَ ۾ رندن ۽
لاشارين درميان قبائلي جهيڙن ۽ لڙاين جو روايتي
حوالو پڻ اچي ويو آهي.
ڏهون مقالو سنڌي ٻولي ۽ ان جي صورتخطيءَ بابت آهي
جنهن جي شروعات ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ
بڻياد بابت پنهنجو منفرد نظريو ورجايو آهي ته سنڌي
ٻولي جيئن هن کان اڳ سمجهيو ويو آهي ته اها سنسڪرت
مان نڪتل آهي. ان جي بجاءِ سنڌي ٻولي سنسڪرت کان
وڌيڪ قديم آهي جيڪا سنڌوماٿريءَ جي ٻولي آهي.
موجوده سنڌي ٻوليءَ جا آثار ڇهين صدي عيسوي کان
ملن ٿا جنهن جو ذڪر اوائلي عرب مؤرخن جي تاريخن ۽
تذڪرن ۾ ملي ٿو. تاهم سڀ کان وڌيڪ بيرونيءَ جي
ڪتابن خاص طور سندس ڪتاب ’الصيدينه‘ ۾ سنڌ مان
ملندڙ جڙي ٻوٽين جا نالا آهن جيڪي هُو سنڌيءَ ۾
لکي ٿو جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتخطيءَ
جو پڪو ثبوت ملي ٿو، بيرونيءَ جي مشهور تصنيف
’ڪتاب الهند‘ جي قديم ترين نسخي مان جيڪو پيرس جي
عجائب گهر ۾ محفوظ آهي، عربي الف- بي جي اکرن تي
ڏنل واڌو ٽٻڪن جي صورت بلڪل واضح نظر اچي ٿي. ان
ڳالهه جي نشاندهي سخاؤ جهڙو جرمن عالم به ڪري ٿو
جنهن سڀ کان پهرين ان ڪتاب کي ترجمو ڪيو هو.
ڊاڪٽر صاحب جي نظر ۾ ’مقدمة الصلواة‘
ڪتاب جيڪو ڏهين صدي هجريءَ جي آخر جي تصنيف آهي ان
۾ انهيءَ صورتخطيءَ جو تسلسل ملي ٿو. ان لحاظ کان
انگريزن جولاءِ 1853ع ۾ جيڪا سنڌي صورتخطي قائم
ڪئي اها ڪا نئين ڪونه هئي بلڪه اها سنڌ جي عالمن
طرفان مروج صورتخطيءَ جي ڪجهه وڌيڪ سڌريل صورت
هئي، ليڪن ان ۾ به هنن کان ڪي اوڻايون رهجي ويون.
يارهون مقالو قرآن شريف جي پهرين سنڌي ترجمي بابت
آهي، جيڪو 270هه/883 ۾ ڪيو ويو ۽ اهڙو ذڪر ڪتاب
’عجائب الهند‘ ۾ ملي ٿو جنهن جو مصنف بزرگ بن
شهريار آهي، هو لکي ٿو ته اهو عالم جنهن ڪشمير جي
راجا جي فرمائش تي اهو ترجمو ڪيو، ان جو تعلق سنڌ
جي عرب دؤر ۾ راڄڌاني منصوره سان هو. ڊاڪٽر صاحب
تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو آهي ته ٻي صديءَ کان
وٺي منصوره ۾ اهڙين علمي سرگرمين جو پتو پوي ٿو
جنهن جو وڏو ثبوت سنسڪرت ۾ لکيل برهماسڌانتا جو
عربي ترجمو آهي جيڪو ابراهيم الفرازيءَ منصوره ۾
سال 117هه ۾ ڪيو هو.
ٻارهون مقالو سورهين صدي سنڌ جي عالم مخدوم جعفر
بوبڪائي جو طريقئه تعليم بابت تصنيف ’حاصل النهج‘
بابت آهي، جيڪو اصلي وڏي ڪتاب ’نهج التعلم‘ جو
اختصار آهي، هن ڪتاب جي خاص اهميت اها آهي ته اهو
سنڌ- هند ۾ تعليم جي طريقئه ڪار بابت پهريون ڪتاب
آهي جيڪو 976/1568 ڌاري مڪمل ڪيو ويو.
تيرهين مقالي ۾ تذڪره مشائخ سيوستان تي روشني وڌي
وئي آهي جنهن ۾ قلندر شهباز ۽ اتي مدفون ٻين تيرهن
ولين جو ذڪر ملي ٿو، هن تذڪري جي خاص اهميت انڪري
به آهي جو ان ۾ قلندر شهباز جي مقبري جي سڀني
اوائلي ڪتبن کي نقل ڪيو ويو هو. انهن ۾ اهو ڪتبو
به شامل آهي جيڪو سلطان محمد تغلق جي قلندر شهباز
جي احاطي ۾ عارضي مدفن بابت آهي جنهن ڪري اها غلط
فهمي هئي ته سلطان محمد تغلق اتي دفن ٿيل آهي. اها
غلط فهمي وڏي تاريخدان مولانا محمد شفيع کي ٿي هئي
جنهن پاڻ اهو ڪتبو ڏٺو هو ۽ تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر
دائود پوٽي به ان جي راءِ کي صحيح سمجهي تاريخ
معصوميءَ جي حاشيي ۾ ان کي نقل ڪيو هو، ڊاڪٽر صاحب
ان موضوع تي مدلل مقالو لکي ان غلط فهميءَ جي
تصحيح ڪئي هئي.
چوڏهون مقالو سهروردي ميان وال طريقي جي ابتدا ۽
اؤسر بابت نهايت اهم تاريخي ۽ تحقيقي انڪشافن تي
مبني آهي، سڀ کان پهرين ميان آدم شاهه ڪلهوڙو سيد
محمد جونپوريءَ جي مهدوي طريقي ۾ داخل ٿيو جيڪو
905/1500 ۾ پاڻ سنڌ ۾ جيسلمير کان ٿيندو بکر ۾ آيو
هو، آدم شاهه کان پوءِ سندس پٽ دائود ۽ ان کان
پوءِ الياس ۽ ان کان پوءِ سندس ڀاءُ شاهه علي
مهدوي طريقي تي پوريءَ ريت پابند رهيا، ليڪن شاهه
علي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ نصير محمد ميان وال
طريقي جو بنياد رکيو جنهن پراڻي طريقي ۾ ڪجهه
تبديليون ڪيون. اهو ميان نصير محمد هو جيڪو مخالف
سياسي حالتن جي ڪري ڪجهه عرصي لاءِ پنجاب هليو
ويو، جتي هو ساهن پال پنجاب ۾ نوشه گنج بخش وٽ وڃي
ترسيو جيڪو پوءِ نوشاهي سلسلي جو وڏو پير ٿيو،
اهڙو ذڪر فقير سيد غلام محي الدين نوشاهي قادري جي
بياض ۾ ملي ٿو.
ميان نصير محمد پنجاب کان موٽڻ بعد دادو ضلعي جي
جابلو علائقي ۾ دؤر دراز هنڌ ڳاڙهي ۾ اچي رهائش
اختيار ڪئي ته جيئن پنهنجي طريقي کي ڪنهن ٻاهرين
مداخلت ۽ مخالفت کان سواءِ ڦهلائي سگهي، هن پنهنجي
سلسلي ۾ ميان جي تصور کي خاص مقام ڏنو جنهن جو
بيان سندن چئن رسمن الاتوهار، دُعا، آزي ۽ گفتار ۾
ملي ٿو، هونئن سنڌ ۾ فقط سيدن کي شاهه يعني
’بادشاهه‘ جو لقب حاصل هو، پر ميان نصير محمد
پنهنجن خاص ساٿين کي ان لقب سان سڏڻ شروع ڪيو جنهن
ڪري ڏهوٽ ذات جو پنجو نالي شاه پنجو سڏجڻ لڳو،
گاجي کوسو گاجي شاهه بنجي ويو ۽ وسايو چانڊيو شاه
وسايو ٿي ويو. اها روايت ميان نورمحمد به قائم رکي
جو بهارو جهنجهڻ شاهه بهارو ۽ الهه بخش جهنجهڻ کي
الهه بخش شاه سڏجڻ ۾ آيا.
’مراة دولت عباسيه‘ موجب ميان نصير محمد وڏين
ڪرامتن وارو هو ۽ کيس ٽي لشڪر هئا: هڪ فقيرن جو،
ٻيو جِنن جو ۽ ٽيون ڪاني هڻڻ وارن جو. جن ڪڍڻ جو
رواج يا علاج به اهڙيءَ طرح شروع ٿيو جنهن لاءِ
’شاه گودڙيو‘ جي مزار اڃا تائين گهڻو مشهور آهي،
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر صاحب هن طريقي ۾ ميانوال فقيرن
جي درگاهن تي رائج ڪجهه ٻين رسمن جو ذڪر ڪيو آهي.
پندرهين مقالي ۾ سنڌ ۾ حديث جي مشهور ڪتاب ’صحيح
بخاري‘ بابت خاص طور مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي
ورتل علمي ڪاوشن تي روشني وڌي وئي آهي جنهن ۾
احاديث جي اطراف يعني ڪنهن حديث ۾ موجود خاص مقصد
ڏانهن اشارو ڪندڙ حصي کي الڳ ڪري ٻڌايو ويو آهي،
اهو جديد علمي دنيا ۾ هڪ قسم جو اشاري سازيءَ جو
فن
(Index)
يا معجم به چئي سگهجي ٿو، محمد هاشم ٺٽويءَ کان اڳ
سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ابوالحسن ٺٽويءَ پڻ صحيح
بخاريءَ جي اطراف تي ڪم ڪيو هو، بلڪ هن حديث جي
ڇهن ڪتابن ’صحاح سته‘ جا مڪمل حاشيا به لکيا جيڪي
هن وقت تائين ڪيترا ڀيرا شايع ٿي چڪا آهن،
ابوالحسن جي مسند احمد بن حنبل جنهن شرح جو هتي
ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪتاب پڻ ٽن جلدن ۾ تازو سنڌ جي
ٽن عالمن جي تحقيق سان بيروت مان شايع ٿيو آهي،
البت محمد هاشم ٺٽويءَ جو ’حيات القاري باطراف
البخاري‘ تحقيق جي آخري مرحلن ۾ آهي.
سورهين مقالي اندر سنڌ ۾ فارسي تصنيف ۽ تاليف جو
عمومي جائزو پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تاريخ، تذڪره
نويسي، سوانح، ملفوظات، شاعري، مثنويات، لغت،
انشاء، طب ۽ نجوم وغيره جهڙن موضوع تي سنڌ جي
عالمن جي تحريرن بابت سرسري ذڪر ملي ٿو. جيتوڻيڪ
سنڌ ۾ اوائلي آثار غزنوي دؤر حڪومت کان ملن ٿا، پر
سنڌ بابت پهرين باقاعدي تصنيف فتحنامه يا چچنامه
آهي جيڪو عربيءَ تان فارسيءَ ۾ ستين صديءَ جي
شروعات 613هه ۾ ترجمو ٿيو هو، اصل ڪتاب ان وقت سنڌ
جي گاديءَ جي هنڌ شهر روهڙيءَ جي قاضي خاندان مان
مليو هو. فتحنامه سنڌ هند ۾ تاريخ جي موضوع تي
پهرين مڪمل تصنيف آهي، ان اهميت جي پيش نظر ڊاڪٽر
صاحب ان جي فارسي متن کي نئين سر تحقيق سان مرتب
ڪيو جيڪو اسلام آباد مان سال 1983ع ۾ شايع ٿيو.
هن مقالي ۾ هر موضوع جي مناسبت سان ڪن اهم تصنيفن
جا نالا ڏنا ويا آهن، ان ۾ سنڌي عالمن جون ڪي
اهڙيون تصنيفون به آهن جيڪي پنهنجي خاص اهميت سبب
سنڌ کان ٻاهر ڇپيون يا شايع ٿيون جهڙوڪ عبدالرشيد
ٺٽويءَ جون شاهجهان جي دؤر ۾ ٻه لغاتون فرهنگ
رشيدي ۽ منتخب اللغات شاهجهاني جيڪي 1872 ۾ ڪلڪتي
۽ 1891 ۾ نولڪشور ڇاپيون هيون. اهڙيءَ طرح
صيدالمراد في قوانين صياد دائود خان عباسيءَ جو
ڪلڪتي مان ۽ بازنامه خدايار خان عباسيءَ جو پڻ
ساڳئي هنڌان شايع ٿيا هئا.
سترهين مقالي ۾ برطانيه جي تسلط کان اڳ سنڌ ۾
تعليمي نظام تي مختصر طور روشني وڌي وئي آهي جنهن
جو خاص نمايان پهلو اهو هو ته تعليم مفت هوندي
هئي، جنهن جو اقرار انگريزن جي اقتدار قائم ٿيڻ
بعد ايلس جي 1854 ۾ مرتب ڪيل رپورٽ ۾ ملي ٿو. سنڌ
۾ ان وقت جي مڪتبي ۽ مدرسن جي تعليم بابت رچرڊ
برٽن پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ چڱي طرح روشني وڌي آهي.
ارڙهون مقالو شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس راڳ
جي روايت يعني اداري بابت آهي. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ
آهي ته شاهه لطيف راڳ کي باقاعدي هڪ مخصوص روايت
طور پنهنجي نگرانيءَ ۾ رائج ڪيو، جنهن لاءِ هن خاص
قسم جو دنبورو ٺٽي مان ٺهرايو هو جنهن ۾ پنج تارون
هيون، اهو ان ڪري ته جيئن سنڌ جي پنهنجي نج
موسيقيءَ واري روايت کي جاري رکي سگهجي. انهي
ارادي سان شاهه لطيف 1144/1731 ۾ ڀٽ شاهه تي ان جو
آغاز ڪيو. ان ريت اها شروع ڪيل روايت صدين کان وٺي
اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي، ان جو مطلب ته اهو راڳ
۽ اها روايت شاهه لطيف جي درگاهه ۽ سندس راڳائي
فقيرن سان مخصوص آهي، هن موضوع تي ڊاڪٽر صاحب هڪ
پورو ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ بابت تصنيف
ڪيو آهي، شاهه لطيف جو دنبورو پنهنجي قسم جي ايجاد
هئي جنهن جي ٽيڪنيڪي پهلوئن تي به هن مقالي ۾ ڪجهه
روشني وڌي وئي آهي. بلڪه اهو ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو ان
کي به بحث هيٺ آندو ويو آهي.
اڻويهين مقالي جو عنوان مولانا جلال الدين رومي ۽
شاهه عبداللطيف آهي، اهو مولانا رومي هو جنهن
پنهنجي مثنويءَ ۾ سنڌ ۽ هند جو هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو
هو:
سنديان را اصطلاح سند مدح
هنديان را اصطلاح هند مدح
ترجمو: سنڌ وارن کي سنڌ جي زبان سونهي ٿي ۽ هند
وارن کي هند جي زبان سونهي ٿي.
مثنويءَ روميءَ جو سنڌ ۾ سڀ کان پهرين شاهه لطيف
جي تڙڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي بيتن ۾ اثر نمايان
نظر اچي ٿو ۽ ان کان پوءِ اهو اثر شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ ان کان وڌيڪ واضح ۽ صاف جهلڪي ٿو. اهوئي
سبب آهي جو شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ لاڳيتو ڇهن
بيتن ۾ ان جو اعتراف ڪيو بلڪه ان ريت مولانا
روميءَ طرفان سنڌ وارن جي ڪيل تعريف سبب کيس خراج
عقيدت پيش ڪيو:
طالب قصر سونهن سر، اي روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي.
مثنوي روميءَ ۽ شاهه لطيف جي درميان اها عظيم
الشان فڪري هم آهنگي آهي، جو شاهه لطيف جي وفات
کان پوءِ جڏهن سندس رسالو مرتب ڪيو ويو ته هنن
شاهه جي رسالي جو پهريون بيت اهو رکيو جيڪو
مثنويءَ جي بيت سان وڌ ۾ وڌ هم آهنگ هو، اهو بيت
هن ريت آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري
هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجهون هڏن لئه هاري.
(سر سسئي)
مثنويءَ روميءَ جو پهريون بيت وري هن ريت آهي:
بشنو از ني چون حکايت مي کند
و از جدائيها شکايت مي کند.
ترجمو: نڙ کي ٻُڌ جي پنهنجي ڳالهه ٿو ٻڌائي، دراصل
هُو پنهنجي جدائي (فراق) جي دانهن پيو ڪري.
ڊاڪٽر صاحب هن مقالي کان اڳ سال 1958 ۾ انگريزيءَ
۾ هڪ ٻيو مضمون شاهه لطيف پاڪستان جو رومي نالي
عنوان سان به لکيو هو جنهن ۾ پڻ ٻنهي عظيم شاعري
جي انسان ذات لاءِ پيغام تي روشني وڌل آهي.
هن ڪتاب جو آخري مقالو نڙ ۽ ان جي موسيقيءَ بابت
آهي جنهن ۾ سنڌ اندر نڙ جي موسيقي ۽ ان کان پوءِ
ايران ۽ ترڪيءَ ۾ نڙ جي موسيقيءَ ۽ ان جي وڄائڻ جي
فن تي شاندار علمي بحث ٿيل آهي، اهو مقالو ڊاڪٽر
صاحب جي ذاتي ۽ علمي مشاهدن تي مبني هڪ شاندار
تحرير آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بنيادي طور هڪ محقق هو ۽ هن
ڪتاب جي هر مقالي مان پڙهندڙ اها جهلڪ چڱيءَ طرح
محسوس ڪري سگهي ٿو، ٻين لفظن ۾ هر مقالي ۾ هڪ نئين
حقيقت کي پيش ڪيو ويو آهي.
رسول بخش تميمي
سنڌو درياهه جا مشهور ڇوڙ ۽ سامونڊي کاريون
گلاب جو گل گلستان جو روح هوندو آهي، اهڙيءَ طرح
سنڌ جو روح سنڌوندي آهي، جنهن کي جدا جدا نالن سان
سڏيو ٿو وڃي، مُنڍ ۾ آياسين، اڳتي پورالي، سير
دريا، سوني تند، سنڌو سدا سهاڳڻ، سون ورني ۽ مهراڻ
وغيره. سنڌو ۽ مهراڻ قديم نالا آهن، جن سان اسان
جي ملڪ کي سنڌ سڏيو ٿي ويو. سنڌ ۽ سنڌوندي ٻئي
هڪڙي جنم جي پيداوار آهن. سنڌوندي دنيا جي وڏين
ندين مان سترهون نمبر آهي، هندوئن ۽ مسلمانن جي
ڏند ڪٿائن ۾ هن نديءَ جي تعريف ڪيل آهي. مسلمانن
جي روايتن موجب بهشت مان چار دريا، نيل، فرات،
جيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا. جن مان سيحون سنڌوندي آهي.
ڪاڪو ڀيرومل رگ ويد مان سنڌونديءَ جي متعلق منڊل
ڏهين مان ڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ سٽون کنيون آهن. ڪاڪو
هڪ رشي جي چواڻي لکي ٿو:
”اي سنڌو!
جڏهن تون ميدانن سان وهين ٿي، تڏهن بيشمار کاڌو
پاڻ سان آڻين ٿي.
تنهنجو پاڻي اُتم آهي.
اي سنڌو!
جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته تون
نؤورني ڪنوار وانگر آهين، سنڌو سدائين جوان ۽
سدائين سهڻي آهي، سنڌوءَ جي گڙگاٽ، ڌرتيءَ تان
اُٿي ٿي ۽ اها آسمان ڀريو ڇڏي. سنڌو تمام زور سان
وهي ٿي ۽ منهن مڻيادار اٿس. سندس پاڻيءَ جو آواز
اهڙو ٿو ٿئي، جو ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ ته مينهن جون
اورڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن، اجها سنڌو ڍڳي وانگر
رنڀندي پيئي اچي.
اي سنڌو! جيئن سئائون ڳئون، کير سان ڀريل اوهن سان
پنهنجن ڦرن طرف ڊوڙون پائن ٿيون، تيئن ٻيون نديون
جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي، توڏانهن رنڀنديون اچن
ٿيون.“
ڪاڪي ڀيرو اڳتي مزيد مثال پيش ڪيا آهن:
سنڌوءَ جا عجيب آهي (ڪنهن جي فتح ڪرڻ جي ڪينهي“
سان سڌي وهي ٿي. سندس ورڻ يا رنگ اڇو ۽ روشن آهي.
(پاڻي ميرو نالي)
هوءَ وڏي ندي آهي، هن جي پاڻيءَ ۾ تک آهي ۽ چئني
پاسن ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿي ۽ جيڪي به حرڪت ڪندڙ ۽
چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار ناهن. جهڙي
سنڌو آهي. سنڌو يا مهراڻ هماليه جبلن جي اوچين
چوٽين تي وجود ۾ آيل مانسرور ڍنڍ مان نڪري ٿي اها
ڍنڍ ڪيلاش جبل تي آهي. بلڪه ان کان به اڳتي ڪيلاش
پهاڙن مان چاليهه ميلن اڳتان نڪري ٿي. ساڳئي ڍنڍ
مان هندستان جي مشهور گنگا ندي پڻ نڪري ٿي.
سنڌوندي تقريباً سوا ٽي هزار ڪلوميٽر پنڌ ڪري ضلعي
مان گذري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌونديءَ کي
سنڌ جي گهڻن شاعرن پڻ ساراهيو آهي.
سنڌوندي سنڌ ۾ جيوت جي جياپي جو خاص ذريعو آهي. هن
جو ناماچار ڏيهان ڏيهه ڏور پئي رهيو آهي، هن جي
تاريخ توڙي تهذيب پڻ شاندار ۽ تاريخ ساز رهي آهي.
هن ڪيئي دور ڪيئي انقلاب ڏٺا آهن. هن کي ڪيئي بند
ٻڌا ويا، ڪيئي جهلون وڌيون ويون، ليڪن ندي آهي سا
پنهنجا گس پنڌ، وهڪرا ۽ رخ ڦيرائيندي پئي رهي آهي.
هن جي ڪپن تي ڪيئي تهذيبون ڊٺيون ۽ وٺيون ڪيئي
بستيون اڏيون ۽ اجڙيون آهن.
سنڌونديءَ کي جيڪي نديون ڀرتي ڪن ٿيون، تن ۾ ڪابل
ندي، سنڌوءَ کي ساڄي ڪپ کان اٽڪ وٽ ڀرتي ڪري ٿي.
ڪابل نديءَ کي ڪونر ۽ سرات نديون شاخن طور ڪم اچن
ٿيون، ڪابل نديءَ بعد ٻي ڪرم ندي افغانستان جي
مٿاهين پٽ جي ڏکڻ کان نڪري، ڪرم واديءَ کي لتاڙي،
سنڌونديءَ ۾ پوي ٿي. ٽوچي ندي به ڪرم نديءَ جي
شاخ آهي. اڳتي ڊيرا اسماعيل خان وٽ ڏکڻ طرف کان
گومل يا گومتي ندي جيڪا برساتي ندي آهي. سا به
سنڌونديءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. سو اها ندي پوٺوهار
لتاڙي اچي سنڌونديءَ تي پوي ٿي. هڪڙي ننڍي ندي
هاروي پڻ سنڌوءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. پنجاب علائقي مان
پنج نديون جهلم، راوي، ستلج، بياس ۽ چناب به
منزلون ماريو اچيوس سنڌونديءَ جو پيٽ ڀرين، ڀرتيءَ
جو سلسلو مٺڻ ڪوٽ وٽ پورو ٿئي ٿو، اڳتي وري سنڌو
پنهنجي ورڇ شروع ٿي ڪري. مولائي شيدائيءَ جي لکت
موجب اڳ جمنا ۽ ستلج جي وچان سرسوتي ۽ دروشادتي ٻه
ننديون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، پر هاڻي اهي
مٽجي ويون آهن. اڃان به سرسوتي واري هنڌ گهگهر ندي
وهي ٿي. جا راجپوتانه جي وارياسي پٽ ۾ گُم ٿي وڃي
ٿي.
هاڪڙو سنڌونديءَ جو پهريون وهڪرو آهي، جيڪو جدا ٿي
عربي سمنڊ ۾ پيو ٿي، هاڪڙو جنهن جي ڪپ تي هڙپه
جهڙي عظيم تهذيب پروان چڙهي، سو سنڌوءَ جي سڀ کان
پراڻي شاخ آهي، جيڪا پجنڊ وٽان نڪري بهاولپور کان
ٿيندي ريگستان ٿر کي اورانگهي عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي
ٿئي. رگ ويد جي منڊلن ۾ اهڙو ذڪر ڪيل آهي ته
سرسوتي ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. بدر ابڙو جي لکاڻي
موجب شوالڪ جبلن مان نڪرڻ وقت نديءَ جو نالو
سرسوتي آهي، ان کان پوءِ مختلف هنڌن تان ٿي اچي
ٿي، جتي منجهس گهاگهرا ندي ٿي شامل ٿئي ٿي. ضلعو
بهاولپور وٽان هيءَ ندي هاڪڙو نالي سان داخل ٿئي
ٿي,
جتان رحيم يار خان مان ٿي صادق آباد کان موجود سنڌ
جي حدن ۾ داخل ٿي، جتي هن جا نالا نارو ۽ ريڻ ٻڌجن
ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا سمٿ جي حوالي سان لکي
ٿو: هن ڍوري جا قديم اهڃاڻ راجا اشوڪ جي زماني (25
ق.م) ۾ سندس حڪومت جي نقشي مان ملن ٿا. سڪندراعظم
جي آمد وقت سنڌ ۾ ٻه درياءَ وهندا هئا. جن مان هڪ
اوڀر طرف واري حصي کي سيراب ڪندو هو. هيءُ اهو
ساڳيو وهڪرو آهي جنهن کي هاڪڙو يا وهند چيو وڃي
ٿو. الانا صاحب وڌيڪ حوالا ڏيندي لکي ٿو ته: سمن
جي شروعاتي دؤر ۾ ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ به اهو
نالو ملي ٿو.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بيهه، مڇي لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.
ميحر راورٽي جي تحقيق مطابق، هاڪڙو ٻن شاخن ۾
وهندو هو. محترم معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيق موجب
هاڪڙي جا ٻه وهڪرا الهندو هاڪڙو ۽ اڀرندو هاڪڙو
هئا. الهندي هاڪڙي جا آثار هن وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾
پڌرا موجود آهن، جنهن تي ٻين آثارن سان گڏ ’نهٽو‘
جا عظيم آثار هن وقت به موجود آهن.(1) مولائي
شيدائيءَ جي ’جنت السنڌ‘ ۾ سنڌ جي موجوده نقشي ۾
پڻ سنڌوءَ جي ٻن شاخن جي نشاندهي ٿئي ٿي. سنڌوءَ
جي هڪ شاخ روهڙيءَ وٽان ڦٽي ٿي، جيڪا خيرپور،
نوابشاهه، ٿرپارڪر ضلعن کي لتاڙي ڪڇ جي رڻ مان
لکپت کي سامهون سمنڊ ۾ وڃيو ٿي پوي. مولائي شيدائي
راورٽيءَ سان وڏو اختلاف ڪري ٿو. حقيقت ۾ سمجهه ۾
اچي ٿو ته مولائي حقيقت کي ڪافي قريب آهي. اسان جي
خيال مطابق به مولائي درست رستو اختيار ڪري تاريخي
نشانن کي پڌرو ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته برهمڻ آباد
وٽان هڪ ڦنگ نڪري عمرڪوٽ طرف ويندو ۽ ننگرپارڪر
وٽان سمنڊ ۾ ڪِرندو هو. ٻيو ڦنگ جنهن کي پراڻ سڏيو
ويو سو ونگي پتڻ کان ڦرندي لاڙ ڀٽ کي آباد ڪندو
رهمڪي بندر، سنڌڙي وٽان ڪور کاري ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
سنڌڙي بندر، علي بندر، بستا بندر هن ڍوري تي آباد
هئا.
کاڙڪ جنهن تي راجا نند جو ڪوٽ واقع هو، اها شاخ
اڳتي مينرو درياءَ سڏبو هو، جنهن تي هميتن سيلائين
۽ ٻانڀڻين جا شهر وسندا هئا. جڏهن ته رڙي جو شهر
گونگڙو مان نڪتل حمر واهه تي آباد هو. مينر شاخ
اڳتي سمنڊ ۾ حرامي ڍورو ۾ پوندي هئي.
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سنڌوءَ جو هڪ وهڪرو ڪلري
وارو ڪينجهر کان ٿيندو هاليجي ڍنڍ واري گس تان ئي
گجو طرف وڃي گهاري کان ڀنڀور کان سمنڊ ۾ ڪِري ٿو.
جنهن جو مٿي حوالو ڏيئي آيا آهيون، پر اهو ڪلري
شاخ کان ساموئي ۽ ڪلان ڪوٽ وٽ آڻي پوءِ گجو طرف ٿو
ڄاڻائي، اهو صحيح ناهي اهو به وهڪرو ضرور هو ليڪن
ڪلري ڪينجهر وارو وهڪرو ئي گجو طرف ڏي وڃي ٿو نه
ڪي ساموئي وارو ڪلري واري شاخ کي ڀنڀرو وٽ سسئي
وارو درياءَ به چوندا هئا. انهيءَ شاخ جا پيرا
اڃان به پڌرا آهن.
موجوده وقت سنڌوندي ڪوٽڙي الهريکو وٽ ٻن ڦاڪن ۾
تقسيم ٿئي ٿي. ليڪن اڳتي هلي اولهه طرف واري ڦاڪ
مان به ٻه منهن نڪرن ٿا. کاري کي آمهون سامهون هڪ
ڦنگ ڪميٽي بندر طرف اولهه ڏکڻ وڃي ٿو ۽ بيو ڦنگ
اوڀر ڏکڻ طرف مڙي ٿو. انهيءَ کي رهڙو ڍورو چون ٿا،
جيڪو 1948ع تائين ڏهه فوٽ ويڪرو وهندو هو. ليڪن هن
وقت هڪ ڪلوميٽر ويڪر وارو آهي. اولهه اتر واري ڦنگ
کي قلندرم حيدري ڍوري سڏين ٿا. آبڪلاڻيءَ جي مند ۾
اهي ڍورا پارڪرن جيءَ کي جوکي ۾ وجهڻ برابر هوندو
آهي. اليگزينڊرس جي لکاڻي اوڻهين صدي جيمنڊ ۾ سنڌو
ٻن شاخن بگهاڙ ۽ ستا ۾ ورهائجي ٿي ويو. سڄي بگهاڙ
۽ کٻي سستا شاخ هئي، پرنس جي لکڻ مطابق کاٻي واري
شاخ وڏي درياءَ وارو ڏيک ڏيئي ٿي ۽ سندس ويڪر هڪ
هزار گز آهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ستن
شاخن ۾ ورهائجي ٿي. سندس اهو ورهاڱو 35 ميلن ۾ ٿئي
ٿو. ساڄي واري بگهاڙ شاخ پير پٺو، ٻُهارا ۽ ڌاراجا
کان لنگهي جڏهن پنجويهه ميل سمنڊ کي ويجهو رسي ٿي
ته ٻن حصن پٽي ۽ پٽياڻي ۾ تقسيم ٿئي ٿي. سواءِ
ديبل، ڀنڀور جي باقي سڀ بندر سنڌونديءَ جي شاخن جي
ڪپن تي هئا. انهن ۾ لاڙي بندر، وڪر بندر، سوکي
بندر، ڪيٽي بندر، جاکي بندر، گهوڙا ٻاري بندر،
ڌاراجا بندر، شاهه بندر، اورنگها بندر، سنڊويندر،
علي بندر، سنڌڙي بندر، بستا بندر، الهيه بندر، اهي
سڀ ڪچي جا بندر هئا.
انهن بندرن ذريعي ڏيساور سان ڏيتي ليتي هلندي هئي.
سنڌوندي پورالي ندي پڻ سڏجي ٿي، انڪري هن جي رخن
بدلجڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هوندي هئي. جڏهن چاهي
پنهنجو رستو بدلائي ڇڏي، سندس انهن ڦيرن گهيرن سبب
وسنديون وٺيون ۽ ڦٽيون ٿي ۽ ڪيترائي بندر بازارون
اُجڙي ٿي ويون. انهن شاخن تي انيڪ پتڻ پڻ هئا ۽
ڪجهه اڃا به آهن. هتي آئون فقط موجوده وقت درياءَ
جي مٿي قائم پتڻ ڳڻائيندس. جيڪي پنجاهه جي لڳ ڀڳ
آهن. اڳئين سمه سنڌونديءَ ۽ سندس شاخن کي پار ڪرڻ
لاءِ ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ٿيندي هئي. محمد بن قاسم
پڻ سنڌوءَ جي شاخ ڪلريءَ کي جهمپير وٽان ۽ ٻين
هنڌن تان ٻيڙين جون پليون جوڙي پار ڪيو هو.
سامونڊي کاريون:
سنڌوندي انيڪ شاخن ۾ ورهائجي قديم زماني کان وٺي
هيل تائين عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ پئي ڪيو آهي. جيئن ته
مٺو پاڻي سامونڊي پاڻي ته وزندار آهي، انڪري سمنڊ
کي به ڪن صدين کان ڌڪيندو پئي رهيو آهي، ۽ سنڌوءَ
جي شاخن ڪافي کاريون وهڪرا جوڙيا آهن. هونئن ته
سمنڊ ۾ پڻ لاتعداد کاريون ۽ ڍوريون، ڍورا بنجندا ۽
بند ٿيندا پئي رهيا آهن. هتي ڪجهه مکيه ڍورين،
کارين ۽ وهڪرن جو تفصيل ڏجي ٿو، انهن مان ڪن جي
ماپ ڏجي ٿي:
مهراڻ:
هن وهڪري کي مهراڻ جو نالو ڏنو ويو آهي، ليڪن هي
پڻ مهراڻ يا سنڌونديءَ جي شاخ هئي، جيڪا موجوده
حيدرآباد کان ٿورو اڳتي نڪري منصوره، جوده
شهدادپور لڳ لنگهندو نصرپور طرف مڙي ٿي ويو، ڊاڪٽر
بلوچ صاحب هن کي لوهاراڻو درياءُ ٿو سڏي ٿو. مشهور
محقق ۽ تاريخدان محترم معمور يوسفاڻيءَ موجب
وهيندي يا واهند کانپوءِ ٻيو وڏو وهڪرو هو، جيڪو
سکر، اٻاوڙي کان مُڙي وڄڻوٽ جي کنڊرن وٽان جيسلمير
۽ خيرپور جي حدن مان نڪري کپري تعلقي مان ٿيندو
عمرڪوٽ وٽ اچي ڇوڙ ڪندو هو.(2) هيءَ شاخ بدين ضلعي
مان موجوده ٽنڊو باگو وٽان ٿيندي، هاڪڙو سان ملي
ڪوري کاريءَ ۾ داخل ٿيندي هئي. انهيءَ تي جوڻ، فتح
باغ جا شهر آباد هوندا هئا. اهو ڍورو پراڻ ئي آهي.
جيڪو جهڏي شهر باغ جي پتڻ، نندي شهر کان اُتر پاسي
ونگي کان هيٺ ٽنڊو باگو لڳ وهندو هو. ٽنڊو باگو
کان ميل کن پري ڏکڻ طرف هن کي ننڍو نيرو يا سهڻي
وارو درياءُ چوندا هئا. ننڍي شهر وٽ هن کي بدرو
سڏيندا آهن. وهيندي يا واهند متعلق محترم معمور
يوسفاڻي صاحب لکيو آهي ته هن وهڪري کي هاڪڙي جي
اڀرندين شاخ پڻ ڪوٺين ٿا، ۽ ٻيا محقق انباله جي
مٿان شيوالڪ وٽان نڪرندي ڏيکارين ٿا، پاريننگر جو
پراڻو بندر ۽ تاريخي شهر هن وهڪري تي هو. (3) جڏهن
اهي ڍورا هن پٽ کي آباد ڪندا هئا تڏهن لاڙ پٽ ۽ ڪڇ
جو ڳچ حصو سرسبز ۽ شاداب هو. ڪڇ ۽ سنڌ ۾ آمدرفت
عروج تي هئي. 1762ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو موري
وٽ بند ٻڌايو، جنهن کي الله بند چيو ٿو وڃي، تڏهن
هيءُ حصو صفا ڀڙڀانگ ۽ سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ واپار کي
پڻ تمام گهڻو ڌڪ رسيو. 1819ع ۾ آيل زلزلي ته
ماڳهين ڀينگ ڪري وڌي سڄو علائقو (اڪثر سامونڊي)
لوڻ جون کاڻيون بڻجي ويو.
پراڻ درياهه متعلق معمور يوسفاڻي صاحب لکيو آهي ته
سنڌوندي جي هيءَ شاخ نوابشاهه ضلعي مان درياهه کان
جدا ٿيندي هئي، جنهن جا ڪيترا حصا هن وقت به
ميرپورخاص کان سمنڊ تائين موجود آهن.(4)
پراڻ درياهه تي تازو اسانجي دوست زاهد ڪنڀار جو
ڪتاب ”پراڻ درياهه جي مشاهداتي تاريخ“ مهراڻ
اڪيڊمي وارن شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ زاهد صاحب
پراڻ جو تفصيلي مطالعو پيش ڪيو آهي. هن طريقي سان
ٻين وهڪرن تي جدا جدا ڪتاب اچڻ گهرجن.(5)
ريڻ:
اها درياءُ سنڌ جي شاخ هئي، ٽنڊومحمد خان کان هيٺ
وهندي هئي، اها موجود آبادگار مل جي اولهه ڀرسان
وهندي هئي، جنهن جا نشان اڃا تائين به موجود آهن.
پٽهيل ۽ گونگڙو هن ڍوري جون شاخون هيون. جهول پڻ
هن جي شاخ هئي. پٽهيل جا نشان ترائي شهر لڳ اڃان
موجود آهن. پٽيهل متعلق شاهه عبداللطيف سر ڏهر ۾
چيو آهي:
پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون ناهي آب جو،
سڪين ڪهڙي سور جو واري پيئي وچ ۾.
1758ع مهراڻ منهن ڦيريو ته پٽيهل به پوٺو ٿي ويو.
گونگڙو جنهن کي هاڻي ڪارو گونگڙو سڏيو ٿو وڃي.
تنهن جا آثار اڃا تائين به چِٽا ۽ واضح آهن. کور
واهه جي اُتر طرف کان اڳتي محمد طور وٽان ٿيندي ور
وڪڙ کائي جاجهه ڍوري جي صورت ۾ مغلڀين (جاتي) وٽان
سير کاريءَ ۾ ڇوڙ وڃيو ڇوڙ ڪري. هن جي ڪپ تي محمد
طور، سومرن حاڪمن جو تختگاهه ۽ مغلڀين شهر وسندا
هئا، جن مان مغلڀين جاتي اڃا به آباد آهي. سنڌوءَ
جي ريڻ شاخ تي ٻه پرڳڻا ديرڪ ۽ ويچاري ان جي جاءِ
والاري، جنهن تي جاتي شهر وسندڙ آهي.
محترم معمور يوسفاڻي پنهنجي ڪتاب
”ڪائو ڪمايوم“ ۾ ريڻي نديءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هيءَ
ندي هاڪڙي جي اولهه کان وهندي، شادي پلي ۽ سامارو
کان اڳتي اچي نهٽي وٽ هاڪڙي ۾ داخل ٿيندي هئي،
جنهن جي پيٽ ۾ موجود بان واه (مِٺڙائو ڪئنال)
کوٽيو ويو آهي.(6)
جيڪب آباد ۽ سکر کان مٿي هڪڙو وهڪرو جابلو ۽ ٽاڪڙو
علائقو وٺي، جبلن جون نيئون پاڻ ۾ سمائيندو اچي
منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو هو. ڪنهن زماني ۾ درياءُ
اڙل به موجود هو، جيڪو بعد ۾ درياءَ سنڌ ۾ ڪِرندو
هو.
سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ مان هيلاين وٽ ٻن شاخن ۾
تقسيم ٿيل شاخ ڪلري ٻي بگهاڙ وري پنهنجا گس پنڌ
جڙيا، ڪلري شاخ ساموئي ۽ موجوده مڪلي ٽڪري ۽ ٺٽي
جي شهر اولهه ڀرسان ڪلان ڪوٽ جي اوڀر پاسي پري ور
۽ غلام الله جي اُتر طرف کان ڦري گجوءَ گهارو وٽان
ٿيندي ڀنڀور جي نزديڪ ٻن ڦنگن ۾ تقسيم ٿي هڪ ڦنگ
ڀنڀور جي ڏکڻ پاسي کان سمنڊ ۾ ڪِري ٿي ۽ ٻي ڦنگ جو
رخ اولهه طرف مڙي ٿو ۽ ڪورنگي ڪريڪ وٽ جهوڙي
کاريءَ ۾ ڪِري ٿي. انهيءَ ڦنگ مان به ڪي ننڍا ننڍا
ڦنگ کاڏي کاري ۽ کانٽو کاري ۾ پون ٿا. ٻي وڏي شاخ
بگهاڙ پير پٺي جي اوڀر ۾ ساڪري طرف مڙي ٿي سالاڙي
بندر وٽ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، هن شاخ مان
حجامڙو، ستا ۽ ٻيون نديون نهرون نڪتيون ٿي. اڳتي
هلي ڪلري شاخ سڪي ويئي. البته بگهاڙ شاخ خاص
سنڌوءَ مان نڪتل هڪ ڍور جنهن کي حصن ۾ جدا جدا
نالن سان سڏيو وڃي ٿو. منهن وٽ ڪونج ڍورو. اڳتي
ڪانگن کاڌي تنهن کان اڳتي ڌوئو ۽ اڳيان بجر ڍورو
يا تڪيو تنهن کان قبضي پوءِ ڪڻڪو ۽ ڇنڊڻ جي نالن
سان سنڊن بندر وٽ سير کاريءَ ۾ داخل ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح گونگڙي شاخ مان هڪ ننڍي شاخ درياءَ
ڪهري کاري سير کاري، سير پکاري ڊيگهه ويهه ميل،
ڪيٽو ڇاڙ ڊيگهه ويهه ميل، پهي ڇاڙ ڊيگهه ست ميل،
ناگو ڍورو ڊيگهه ست ميل ۽ شاهه سمابو ڍورو ڊيگهه
ڇهه ميل، ساڱرو ڍورو ڊيگهه اٺ ميل، سنهڙي ڍورو
ڊيگهه ست ميل، لوڌي ڍورو ڊيگهه اٺ ميل، ڪارو ڍورو
ڊيگهه ڇهه ميل، ٻانڊو ڍورو ڊيگهه ڏهه ميل، حرامي
ڍورو ڊيگهه پندرهن ميل، ٻٻر وارو ڍورو ڊيگهه پنج
ميل، منڊڙي ڍورو ڊيگهه پندرهن ميل، ڪينجهر ڍورو
ڊيگهه ڏهه ميل، اچتو، حيدري، سئين قلندري، جنگي
سر، مٽڻي، ڍورو، پٽياڻي ڍورو، ونگو ڍورو، گنڀي
ڍورو، کڏي ڍورو، ڄارو ڍورو، جهورانڊ ڍورو، چنگو
ڍورو، کائي ڍورو، کنڀراڻو ڍورو، ڦٽلاڻو ڍورو، شيشا
کاريم ڪيٽو، ساڱرو پٻڙ وارو ڍورو، گوگارڻ ڍورو،
ورڪر ڍورو، بگهاڙ ڪر، ڇڇ ڪر، جهپ ڪر، جهٻوڪر، ڇاڻي
بگهاڙي ڪر، اوچتو، وهڙو کاري، مڻي کاري، گهوڙو،
ترڇاڻ، دبو، ڦٽي ڪديرو، ڪورنگي، گسري، راهو،
دونهين کاري، کوير، ننڍي کڏي، وڏي کڏي، واڙي کاري
وغيره جيڪڏهن کاريون ويهي ڳڻجن ته ڳڻپ ۾ نه
اينديون.
ڪجهه مکيه کارين جو احوال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
ڪهري کاري:
کهري يا ڪوري جي معنيٰ آهي. ڪن ڇن دائرو يا ڍنڍ
جيڪا ويڪري گهٽ پر ڊيگهه گهڻي هجي، هيءَ کاري
هاڪڙي يا پراڻ ۽ ريڻ دريائن جو ڇوڙ هئي. 1819ع
واري سامونڊي زلزلي سببان هن جي اڳواڻي اهميت ۽
حيثيت گهڻو گهٽجي ويئي. ڊاڪٽر الانا صاحب ڪئپٽن
ڪارليس جي حوالي سان لکي ٿو ته اها سنڌ ۽ ڪڇ جي حد
ڏيکاريندي هئي. وڌيڪ لکي ٿو ته 1873ع ۾ هن جي شڪل
وڌيڪ بدلجي ويئي ۽ هن جو منهن ڇهه ميل ويڪرو ٿي
ويو، هيءَ ڪهري کاري هن وقت به موجود آهي. برنس هن
بابت لکي ٿو ته جڳري گج شاندار درياءُ جو ڏيک
ڏيندي هئي. لکپت کان ٿورو هيٺ هن جي شڪل دونهون
خارج ڪرڻ واري بخار جهڙي وڃي ٿي. ڪوٽا سروٽ سندس
منهن ست ميل ويڪرو ٿيو وڃي ۽ ايترو ويڪر ۾ وڌندي
رهي ٿي جو ڪڇ ۽ سنڌ جا ڪنارا نٿا ڏسي سگهجن،
سنڌوءَ جي شاخ جو پاڻي ڪافي اونهون آهي، هاڻي سنڌو
۽ ڪوريءَ جو پاڻ ۾ ڪوبه ڳانڍاپو ڪونهي.
سير کاري:
هيءَ گونگڙو شاخ جو پراڻو ڇوڙ آهي، هي کاري ڪافي
ويڪري ۽ اونهي آهي، هن جي ڪپ تي سنڊو بندر قائم
آهي، هن کاريءَ کي جاتي مغلڀين ڀرسان بند يا ڳنڍو
ڏنو ويو. 1947ع تائين سنڊر بندر ۽ لکپت درميان
آمدرفت ۽ واپار ٿيندو هو. هن کاريءَ ۾ جاتيءَ
تائين مٺي پاڻيءَ بجاءِ سمنڊ جو کارو پاڻي رهي ٿو،
هن سير تي چاليهه ٽن کڻندڙ ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون.
پکار کاري:
هن کاري سير کاريءَ مان نڪري ٿي اٽڪل ارڙهن ميل
پنڌ ڪري ڏوجو مڪان تي وري سير پکاري سمنڊ ۾ ڪِري
ٿي، اتي جتن ۽ چانگن جو مارو وارو هنڌ واقع آهي،
مشهور اورنگا بندر هن کاريءَ جي ڪپ تي هو.
نئين کاري:
هيءَ کاري حجامڙو شاخ جو ڇوڙ آهي، هن جي ڪپ تي وڪر
بندر آباد هو. حجامڙو جا ست منهن آهن، جوئر سريچل
۽ حجامڙو اٽڪل ڏهن ميلن جي وٽيءَ تي وهندا هئا.
اهي ستا شاخ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيندا هئا. حجامڙي
کان اوڀر پاسي کيدي واري نالي منهن پڻ هو. کاٻي
پاسي کان هڪ منهن گهوڙا نالي پڻ هو. اهو سڀني منهن
کان وڏو آهي، گهوڙا کان هيٺ کوبر ۽ مل ٻه منهن
آهن.
رهاڙو:
رهڙو جيڪو مل ۾ اچي داخل ٿيو، ٻيا ڦنگ گر دريا،
لنياري اچي پون ٿا، نانگو ۾ نانگووري منڊڙي ۾ داخل
ٿئي ٿو، جيڪو سمنڊ ۾ وڃي ٿو ڪِري. مل مان پيو ڦنگ
شڪرانو نڪتو، جيڪو وري داخل ٿيو واڙي ۾ ۽ واڙي
داخل ٿيو، جهپ درياءَ ۾ جهپ وڃي سمنڊ ۾ ڪِريو.
انهن کانسواءِ به ڪيترائي ڍورا ۽ کاريون آهن، جن
جي به پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي. درحقيقت سامونڊي
کارين ۽ ڍورن وغيره جو ڪوبه نقشو ٺاهي نٿو سگهجي،
ڇا ڪرڻ ته سوين بلڪه هزارين کاريون، ڍوريون ۽ ڍورا
اهڙا ٺهن ۽ ڊهن ٿا، جيڪي چند مهينن يا سالن ۾
جوڙيل نقشن ۽ ڏنل احوالن کان گهڻو بدلجي وڃن ٿا، ۽
محل وقوع تي انهن جو ڪوبه نشان وغيره نٿو لڀي.
حوالا:
1.
ڪائو ڪمايوم، (2005ع)، معمور يوسفاڻي، مهراڻ
اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، ص 23.
2.
ڪائو ڪمايوم، (2005ع)، معمور يوسفاڻي، مهراڻ
اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، ص 22
3.
ڪائو ڪمايوم، (2005ع)، معمور يوسفاڻي، مهراڻ
اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، ص 21
4.
ڪائو ڪمايوم، (2005ع)، معمور يوسفاڻي، مهراڻ
اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، ص 36
5.
پراڻ درياهه جي مشاهداتي تاريخ، (نومبر 2018ع)،
مصنف: زاهد ڪنڀار، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.
6.
ڪائو ڪمايوم، (2005ع)، معمور يوسفاڻي، مهراڻ
اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، ص 33
مددي ڪتاب:
هن اهم موضوع تي باوجود اسان جي عالمن
جي ڪاوشن ۽ ڪوششن جي اڃان به گهڻي تشنگي باقي رهي
ٿي. ان جي پورائي لاءِ اسان جي مقامي اديبن کي
اڳتي قدم وڌائڻ گهرجي ۽ پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾
تحقيق ڪرڻ گهرجي. اسان هن موضوع جي تعارف لاءِ هن
مضمون ۾ جن اديبن، عالمن ۽ محققن جي ڪم تان مدد
ورتي آهي انهن ۾ جنرل هيگ (سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو
علائقو) راورٽي، ڪاڪو ڀيرومل، جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، رحيمداد مولائي شيدائي، (جنت السنڌ)،
محترم عزيز جعفراڻي صاحب ۽ محترم شيخ محمد سومار
صاحب شامل آهن. آءٌ انهن سڀني محققن جو احسانمند
آهيان ۽ سندن رهنمائي منهنجي لاءِ تمام اهم آهي.
حرف آخر:
اسان جي نوجوان محقق کي خاص طرح جيڪي سمنڊ جي
ڪناري جي قريبي ضلعن جا رهاڪو آهن انهن کي التماس
ڪنداسون ته هُو نه صرف پنهنجو مطالعو پر مشاهدو به
استعمال ڪن ۽ سمنڊ ۽ درياهه جي ميلاپ واري سرزمين
تي موجود درياهه جي ڇاڙن، شاخن، ڍنڍن ۽ ڍورن تي
لکن، سندن اهڙين لکڻين کي سنڌ جو نئون نسل عزت جي
نگاهه سان ڏسندو ۽ مانائتي موٽ ڏيندو.
|