سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:10 

عبدالواسع ’عبد‘ سهندڙو

 

 

 

هلو هلو ڪراچيءَ هلو

خدا بخش کي پنهنجي ڳوٺ ’سائينداد جي وانڊ‘ کان ڪراچيءَ لڏي چئن سالن جو عرصو گذري چڪو هو ۽ وڏي عرصي بعد پنهنجي گهرواريءَ ملوڪان سان گڏ ڳوٺ پئي آيو. ويگن مان ڳوٺ جي اسٽاپ تي لٿو ته ’ڪڪڙو ڪو‘ لڳي پئي هئي. ڪوبه گاڏيءَ وارو يا چنگچي وارو نه بيٺل هو. سج به لهڻ ٻڏڻ تي هو. ان ڪري لاچار کي آچار ڪونهي. گهر واريءَ سميت ڳوٺ تائين گوڏي گاڏي ڪيائين. سج جا شفقي ڪرڻا رستي جي سڄي طرف بيٺل سارين جي تيار فصل تي پئجي رهيا هئا. خدا بخش گهرواريءَ سميت تيز تيز وکون پائيندي اچي رهيو ته جيئن پويون وقت هُو خير خوبيءَ سان ڳوٺ پُڄي.

خدا بخش جي عُمر 40 سال هئي. گهرواري ۽ خدا بخش عمر ۾ لائو ڪانڍو هئا. اڃا صفا ويل به ڪونه هئا جو پنڌ ڪري نه سگهن. ڳالهيون به ڪندا آيا ۽ پنڌ کي  به ڀيڙيندي پئي آيا. ائين ڪندي خدابخش پنهنجي ڀائٽي ۽ ڄاٽي جي گهر ۾ ”منهن انڌاري“  اچي ٺڪاءُ ڪيو. خدا بخش جي ڌيءَ شمل اوچتو ۽ ڪمهلو اچڻ تي هڪو ٻڪو ٿي ۽ پڇيائين ته اچتو ۽ دير ڇو آيؤ؟ ڪهڙو ڪوهه ڪاف مان آيا آهيون جو اوچتو نه اچون؟ بس خيرپور جي پريان خراب ٿي پئي هئي اُتي وقت وڃائجي ويو نت ته هتي منجهند سان اچي ٺڪاءُ ڪيون ها. خدا بخش چيو.

شمل جو مڙس قادن گهر ڪونه هو اهو آيو ته ان به ساڳيا اچي سوال ڪيا. خدابخش ساڳيا جواب ڏنا. ائين خدابخش ۽ قادن حالي احوالي ٿيا شمل جو مڙس ٻه ٽي جريب راهڪي ڪندو هو باقي جي محنت مزدوري ڪٿي لڳي ته واهه واهه. گذر سفر ڪو ڀلو ڪونه هئن. ”بس گذر اڪثر آڻين ۽ چاڙهين“ تي هُين.

خدا بخش جنهن کي ڪي خُدن، ڪي خدابشڪ، ۽ ڪي وري خدا بحق ڪري سڏيندا هئا. باقي ڪارڊ ۾ خدابخش لکيل هئس. ڪراچيءَ وڃڻ کان اڳ جڏهن هي ڳوٺ هوندو هو ته اڪثر قميص ۽ گوڏ پائي گهمندو هو. مٿي تي به پُراڻي سُراڻي ٽوپي ۽ پير ۾ گُٿل سُٿل چپل هوندي هئس ۽ مڇون به وڏيون هونديو هئس  ۽ ڏاڙهيءَ کي اٺين ڏينهن پاڪي گهمائيندو هو پر هاڻي آيو ته شيپ شڪل ڪجهه بدليل هئس. بدن تي شلوار قميص پيرن ۾ بوٽ مٿي تي نئين ٽوپي، مڇيون ننڍيون ۽ ڏاڙهي چاپوئين مطلب ته جهڙو ديس تهڙو ويس  ۾ پاڻ کي رکڻ جي ڪوشش ڪيائين. اڳي مسيت جو ڪڏهن منهن نه ڏٺو هئائين. هاڻي پنجن مان ٽي چار وقت نماز جا به پڙهندو هو. خدابخش پنهنجي ڌيءَ ۽ ڄاٽي کي چيو ته هاڻي سنبرو ته هفتي کن کان پوءِ ڪراچي هلون هتي ڇا رکيو آهي، زمين پرائي راهڪيءَ جي، اها به ڪڏهن برسات يا ٻوڏ جي ڪري ٻڏي وڃي. ان مان اُپت ڪا گهڻي ڪانه ٿي ٿئي جو ماڻهو پيٽ پالي سگهي. مان جڏهن هتي هئم ته ڇا هئو؟ کائڻ پيئڻ ۾ آزرت هيم. نه کاڌو چڱو چوکو چاڙهي کائي سگهندا هئاسين  ۽ نه وري ڪو بُت تي سهڻو لٽو. اڄ الله جو شڪر آهي جو ڪراچي ۾ وڃي ڪري مڇي ماني لائق ٿيو آهيان. نور محمد ۽ سعد الله ٻئي پُٽ مل ۾ به ڪم ڪندا آهن. ۽ راهب اڃا پڙهي پيو ان کي به ڪٿي نه ڪٿي سرڪاري نوڪري ملي ويندي ۽ مان به پنهنجي گهر اڳيان سندل رکي ڀاڄي ڀُتي هلائيندو آهيان. الله جو ڪرم آهي ٻئي جي محتاجيءَ کان بچيل آهيون. اصل سفا سُک لڳا پيا آهن. قادن تون هٿ هڻندين به پنجٽيجهه چاليهه هزار ته ڪاڏي ويا ئي نه آهن. بس مل ڀرسان ئي آهي سعد الله وارن سان گڏيو ويندين باقي رهائش اسان سان گڏ هوندئي. هونئن به ٻه ڪمرا خالي پيا آهن. هڪ ۾ تون ۽ ٻئي ۾ خالد (ٻيو ڄاٽو) به هلندو ۽ اُتي رهندو. اصل پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٿيندءِ.

چاچا سڀاڻي سارين جو لابارو وجهندم بس هفتي کن ۾ ڪم اُڪلائي هلندس. واقعي هتي بُک مرون ٿا اتي سُٺو روزگار ملي پوندو ۽ ڌيءَ زاهدان ۽ پٽ انعام کي به اُتي ڪراچيءَ ۾ پڙهائيندس.

ها ها اها ڀلي سوچ رکي اٿئي هتي هوندي به پڙهائي آهي ڪونه. ماستر ڪڏهن اچي ٿو ڪڏهن نٿو اچي. ٻچا پڙهي پيا ته اصل کير کٽيءَ.

اسان کي به هتي هفتو کن رهڻو آهي ڳوٺ ۾ گهڻيون فوتيون ٿيون آهن. عذر پاذر به چوڻا آهن  تون سڀ اوکا پوکا لاهه ته گڏ هلنداسون. خدا بخش چيو.

ها خدن صحيح ٿو چَئيوَ. اصل اُتي سفا دبئي آهي جي ڪنهن کي ڪمائڻ وارا مڙس آهن ته ان جا ڪڪڙ به سونا آهن. ڀلا هتي اسان کي ڇا هو ۽ هاڻي ڏس ڇا نه آهي. ملوڪان چيو ائين ڪندي حوالن ۾ گهڻو وقت گذري ويو ۽ هرڪو ننڊ پئجي ويو.

صبح ٿي ته خدا بخش اذان ٻڌي نماز لاءِ اُٿيو ۽ مسجد ويو. نماز پڙهي دُعا گهرڻ کان پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو هن سان وڏي سڪ سان ڀاڪر پائي مليا. ننڍي لاڪونءَ جي يار اڱڻ سان ته ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي مليو. اڱڻ چيس ته اڙي خُدن ڪاراچي وئين ته وري ڳوٺ منهن ئي نه ڪيئي ڏاڍو پڪو ٿي وئين؟ نه دُعا نه سلام ڄڻ ته هتان جو هُئين ئي نه؟

صحيح ٿو چوين بس يار هڻ هڻان ۾ ڪو خيال ئي نه رهيو. ڳوٺ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو هو اها خبر پئجي ويندي هئي. موبائلن ملڪ ڳنڍي ڇڏيو آهي،  ڳالهه ٿي ناهي خبر پئي ناهي. اڱڻ سفا ٽنڀ ماس جي ويو آهين وڃين ٿو ڪنڊا ٿيندو. ڪهڙي جهوڙي لڳل اٿئي؟

خدا بخش چيو:

اڙي يار خدابشڪَ ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين غربت هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو آهي. کائڻ ڪڻو به ناهي ٻئي پٽ به واندا ويٺا آهن ڪو روزگار ڪونهي ڪو. يار صفا پورا ٿي ويا آهيون. اڱڻ چيو.

اڱڻ تون منهنجو جگري يار آهين. مان توکي ڀاءُ سمجهي صلاح ٿو ڏيان ته ٻئي پُٽ ڪراچي موڪل يا منڍئون ڪراچي لڏي هل اتي ٻئي پُٽ روزگار سان لڳي ويندا  ۽ تون به ڪو هلڪو ڦلڪو ڌنڌو يا نوڪري ڪندين ته ڪيچ ٿي پوندا. تون صرف هلڻ جي حامي ڀر ته اتي ڪاٿي بيهارڻ مون تي ڇڏي ڏي. مان چوان ٿو ته تون دعائون ڪندين. هتي هڻي هڻي مري ويندؤ ڪجهه ڪونه ورندئي. مون کي ڏس هتي ڇا هو؟ هاڻي الله جو شڪر آهي سڀ مرد روزگار سان آهيون  جاءِ به پنهنجي ڪري ويو آهيان. پلاٽ به قسطن تي ورتو آهي گيدو به سائو هوندو آ اصل جونءَ به ننڊ ۾ آهي. خدا بخش صلاحون ڏيندي چيس.

يار خدابخش تنهنجي ڳالهه ته صحيح آهي، پر ڳوٺ ڪيئن ڇڏيون پرديس تي وڃڻ جي لاءِ دل ئي نٿي چئي. اڱڻ چيو:

او يار ڳالهه سمجهه هتي هڻي هڻي مري ويندين هڙ حاصل ڪجهه نه ٿيندءِ. ڳوٺ کي ڇڏيندين ٻاهر نڪرندين ته گهڻو ڪجهه ٿي پوندو. هونئن به ڪراچي ڪهڙي پري آهي هوءُ ته آهي. اڙي ڪراچي پنهنجو شهر آهي اسان ته هتان جا آهيون. افعاني، ايراني، برمي، بنگالي اتي رهيا پيا آهن.  انهن لاءِ پرديس نه آهي؟ مان چوان ٿو ته ٻه پٽ ۽ ٽيون تون. ڪراچي آهي. بس ڪو هجي ڪمائڻ وارو ته دبئي آهي.

اهي هيٺايون مٿانهيون ڏنائين ته اڱڻ پاڻ نه پٽڻ جي هلڻ لاءِ حامي ڀري. اتي ويٺلن مان سوناري ۽ کمڻ به پٽن جي هلڻ لاءِ اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو. خدابخش چيو حڪم آهي ڪٿي نه ڪٿي ڦٻي ويندا. باقي رهي رهائش ته اتي ملن ۾ به رهندا ۽ ڪم ڪندا  اتي ماني ٽڪي به مزدورن کي سستي ملندي آهي. اصل گنج ٿي پوندا.

ائين اڃا ويٺا هئا ته خدا بخش جو ڏوهٽو آيو ۽ چيائين ته امان ملوڪان چوي ٿي ته گهر اچ چانهه ٺري ويندئي.

خدا بخش چئبو ته زال کي ڏاڍو پيارو آهين اسان سان جهٽ پلڪ به ويهڻ نه ٿي سهي. اڱڻ مذاق ۾ چيو: خدا بخش چيو هائو سفا پلڪ به پري نٿي سهي. سڀئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.

خدا بخش سڀني کان موڪلايو. آخر ۾ چيائين جيڪو به هلڻ چاهي ته هفتي کن کان بعد مان ورتيون هلان.

گهر آيو چانهن ۽ بسڪوٽ کائي زال کي چيائين اُٿ عذر پاذر چوڻا آهن. هل ته هلون اڳ ۾ نازل وارن جي گهر هلڻو آهي نازل جو پيءَ گذاري ويو آهي اڳ ۾ انهن کان ٿيندا هلون پوءِ خانو ۽ ادا جميل کي به ٻه قل چوڻا آهن ايتري ۾ ٻي ڌيءَ نورخاتون به اچي پهتي. پنهنجي بابي امڙ ۽ امان سان ڏاڍي اڪير سان ملي ڏوراپو ڏيندي چيائين ته چوري چوري اچي ويو مون کي ٻڌايو به نه  ۽ گهر به لڙي نه آيؤ. رات دير ڀرو آياسون ۽ اڃا هٿي هفتوکن آهيون اڄ رات تنهنجا مهمان آهيون اڄ   ۽ هاڻي عذر ڪرڻا آهن ڦري گهري ٿو وٽ شام جو اينداسون بس نه هاڻي ته راضي. ماڻس ملوڪان کي ڌيءُ چيو.

پهرئين نازل جي گهر آيا. نازل ۽ گهرواري ڏاڍي سڪ سان مليا.  حوالن کان اڳ ۾ خددابخش چيو اڳ ۾ قل پڙهو ته ادي شمن لاءِ دعا گهرون. ائين قل پڙهي دعا گهريائون ۽ خدابخش نازل کان پڇيو، اڳ ۾ جڏهن شمن هوندو هو ته گهر مال سان هريو ڀريو هوندو هو هاڻي ته هڪ ٽنگ ٻڌل بيٺي آهي. ڪاڏي ويو مال؟

ادا ابا الله ڏي ويو ته ڄڻ ڀاڳ به کنيو ويو  هاڻي مال نٿو ڦري. ٻه مينهون بيماريءَ ۾ پر مري ويون ۽ هن سال وري ڳئون به مري وئي بس اها هڪڙي ٽنگ ٻڌل آهي جنهن سان مڙئي ڏند اڇا ڪيون ٿا. نازل چيو:

ڏي خبر پُٽن جي اهي ڇا ٿا ڪن؟

ادا خدابحق اهي به اٽيءَ تي چٽيءَ آهن. اهڙو ڪم ڪار ڪانهي وڏيري سائينداد جي راهڪي ڪندا آهيون. هيل ته ڪهر جي برسات پئي جو سڄو فصل ٻڏي ويو ۽ هي ڪوٺي مٿي ڍڪڻ لاءِ هتي اها به ڪري پئي برسات ۾. پٽن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو شاديون به ڪرايون مان، پر سڌريا ڪونه. اڃا به انهن جي زالن جا خرچ منهنجي ڳچيءَ ۾ آهن. ٻي ڳالهه ته بينظير سپورٽ جا پئسا به ڪونه ملن نه منهنجي زال کي ۽ نه وري منهنجي نهرن کي ته پوءِ ڀڄ ڊڪ ڪري درخاشون (درخواستون) ڏيو ها ته کُلي پون ها. خدابخش چيو: درخواستون به کوڙ ڏنيونسين، ب فارم به ٺهرايوسين اڃا به لکجي اچي ٿو جانچ هلي ٿي. نازل چيو.

اڙي نازل اها ته سرڪار جي ناانصافي آهي. بس ادا سرڪار کي ڪير سمجهائي ته گهر ۾ اٽي لپ ڪانهي در تي ڍيڪڻي نه ٻيڪڻي پوءِ به جانچ. جانب جي گهرواري ۽ ان جي نُنهن کي به بينظير جا پئسا ملن ٿا  ۽ وڏي ڳالهه ته اسڪولي ڇوڪرن جا به. مطلب ته ٽئي مهيني پنڌرنهن پنڌرنهن هزارن جون ٿهيون کنيون ٿا اچن.

خدابخش چيو: ٻار غريب جو ڀاڳ به غريب. ڀريا گهر پيا ڀرجن. باقي غريبن جو الله. توکي خبر ناهي جانب وارن کي ٽي چار ايڪڙ پنهنجي زمين، فرج، ٽريڪٽر، جاءِ پڪي، مال متاعُ، سڀئي مايون سون سان ٽٻيون پيون آهن پوءِ به غريب آهي! ۽ اسان وري آسوده! بس ادا نازل هيءَ به وتائي فقير واري ورهاست ٿي نه! خدابخش کي اهو ٻُڌي ڏاڍو ڏُک ٿيو.

نازل تون منهنجو هڏ رت آهين اسان ٻنهي جو ٻوڙو ڪانو هڪ آهي ناني ناڙو به هڪڙو آهي . ٻئي ڇوڪرا مون کي ڏي ته ڪراچي وٺي وڃا. جوان مڙس آهن ڪٿي نه ڪٿي ڪم تي لڳي ويندا مڙئي گذر سفر سولو ٿي پوندو. خدا بخش چيو. اتي نازل جي گهرواريءَ چيو تنهنجي صلاح اکين تي ته واقعي رت دانگيءَ تي به وري پوندو آهي. تون پنهنجو آهين ته سسڙاٽي اچئي ٿي. بس اچن ته چئون ٿا ته توسان ڪاراچي هلن. 

ها ها توهان دلجاءِ ڪريو بس رڳو هلن ته ٽڪر گيهه ۾ ٿي پوندو. اتي انهن اُٿڻ جي ڪئي ته نازل گهرواريءَ کي چيو ته اُٿي جلدي صائمه (نُنهن) کي چئه ته مهمان سالن کان پوءِ آيا آهن ڪو چانهه جو چُڪو ته چاڙهي. نازل چيو يار مون کي خيال لهي ويو ماني پاڻيءَ لاءِ پُڇيو ئي ڪونه.

خدابخش چيو: ادا ڪائي ڳالهه ناهي هاڻي ڌيءَ جي گهرون پيتيون هيڏي ٿا اچون. نازل جي گهرواريءَ چيو. پڪائي کي ڇڏيو هيءُ به پنهنجو گهر آهي ڀلا ٻه ڍُڪ پيئندؤ ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پوندي. 

ادا توهان کان ڪهڙو حجاب اصل مطلب ته آهي نازل دل ۾ نه ڪجانءِ اڃا ٻي وار عذر چوڻا آهن بس هاڻي هلون ٿا. خدا بخش اهو چوندي موڪلايو.

اهو سڄو ڏينهن ٻنهي جو عذر پاذر ڪندي ڳوٺ ۾ گذري ويو. ٻئي ڏينهن وري ڪنهن ناني ماسي ۽ چاچي جي گهر هليو ويو. مطلب ته ساري سنڀالي ۽ انهن جي گهر وڃي پئي مليو.

رات ٿي سومهڻيءَ جي نماز پڙهي وري اوطاق تي آيو. اتي به ڊاڙون ڊشون پئي هنيائين. ڳوٺ جون پرڻي جون، موتيءَ جون، ننڍي وڏي جهيڙي جهٽي جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ائين چڱو وقت اوڀاريون لهواريون هلنديون رهيون  هڪ ٻئي جي ڏُک سُک کان واقف ٿيا. اڪثريت ماڻهن جي مهانگائي، بک بدحالي ۽ تنگ  دستيءَ جون ڳالهيون ”ڪنجن پيون“ هرڪو بس پٽڻ پيو پٽي ته پورت ڪانهي. خدابخش وري اهو راڳ آلاپي پيو ته ڳوٺ مان نڪرو ٻاهر جي به دنيا ڏسو. ڪراچي هلو ڪراچي دبئي آهي. ڪراچي پري ناهي ڪراچي اسان سنڌين جي آهي. ماڻهن کي هن ڳالهه تي آماده ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيو هو ته ڪراچي هلي ڪراچي کي پنهنجو ڪريو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجو سُٺو گذر سفر به ڪيو ۽ ايندڙ نسل جو ڀلو سوچيو.

هفتي کن کان پوءِ خدابخش ويهارو کن ماڻهو وٺي ڪراچيءَ ويو. اتي انهن کي مختلف جاين تي نوڪريون به وٺي ڏنائين. ٽي چار آڪهيون ته اتي سيٽ ٿي ويون. باقي ٻيا به ڪي پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ سيٽل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سوچڻ لڳس ائين جيڪڏهن اڻپڙهي خدابخش وانگر هر ڪوئي پنهنجي ڳوٺ مان ڪجهه گهر لڏرائي ڪراچيءَ ۾ ويهاري ۽ اتان جا ڪاغذ پٽ ٺهرائي اتان جا رهائش ٿين ته ڪير چوندو ته ڪراچي سنڌين جي نه آهي.

منهنجي ڪنن ۾ هميشه خدا بخش جا هيءُ لفظ ٻُرندا رهندا آهن، ”هلو هلو ڪراچي هلو.“

 

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

ٻُڙيءَ برابر  زندگي

 

مَهرِ کي ڪيڏي نه خوشي ٿي هئي، جڏهن سندس لاءِ رشتو هڪ اهڙي گهر مان آيو، جتي عورت کي آزاديءَ سان نوڪري ڪرڻ جي اجازت هئي.

مَهرِ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڪميشن پڻ پاس ڪئي هئي ۽ سرڪاري اسڪول ۾ پنجن سالن کان نوڪري پڻ ڪري رهي هئي.

 

 

مَهرِ جا ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، جڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ جي ٻئين سال ۾ پڙهي رهي هئي. ٻنهي ڀائرن کان ننڍي هئي ۽ ڀائرن به هن کي پنهنجي اولاد وانگر سنڀاليو ۽ هُن جو خيال رکيو، سندس ٻنهي ڀائرن جون شاديون به پنهنجي خاندان ۾ پنهنجي سؤٽِن سان ٿيون،  ڀاڄايون به هن جو تمام گهڻو خيال ڪنديون هيون.

 

هِنن جو گهراڻو تعليم يافته هو، ۽ خاندان ۾ تعليم پرائڻ ۽ اڳتي وڌڻ ئي تعليم جو مقصد سمجهيو ويندو هو. سندس ڀاڄايون پڻ نوڪري ڪنديون هيون، مَهرِ جي  به سوچ اها هوندي هئي ته عورت جي حيثيت مرد جي برابر هجي، پنهنجي قابليت سان هُوءَ ثابت ڪري ته هوءَ مرد کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهي، هن کي گهر ۾ به اِهائي تربيت ملي هئي.

سندس ڀائر به مَهرِ جي لاءِ پريشان رهندا هئا ته ڪا چڱي مِٽي اچي ته هن فرض کان آجو ٿجي، ماءُ پيءُ کان پوءِ سندن ئي فرض هو، ته مَهرِ جي شادي ڪنهن سٺي گهر ۾ ٿئي.

مَهرِ جا رشتا به چڱن گهرن مان ايندا هئا، جن جا بئنڪ بئلنس، بنگلا، گاڏيون ۽ زندگي گذارڻ جون انهن وٽ سوين آسائشون هيون، پر مَهرِ جو اِهوئي هڪ شرط هوندو هو ته سندس رشتو اهڙي گهر ۾ ٿئي جتي هُن کي آزاديءَ سان شاديءَ کان پوءِ به نوڪري ڪرڻ جي اجازت هجي، ائين چڱيون مِٽيون ائين هلي وينديون هيون. مَهرِ جا ڀائر به هن جي شرط آڏو بيوس بڻيل هوندا هئا. پر... اڄ الاهي وقت کان پوءِ جڏهن هن جي مِٽِي اهڙي گهر مان آئي، جتي انهن جي خاندان جي عورتن کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت هئي. هوءَ ڏاڍو مطمئن ٿي. هاڻي مَهرِ وٽ انڪار ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو.

ڪجهه وقت ۾ مَهرِ جي شادي به ڌام ڌوم سان ٿي ويئي.

هوءَ پاڻ کي هاڻي خوشقسمت ۽ مڪمل ڀائيندي هئي. ساجد هن جو الاهي خيال ڪندو هو، گهر ۾ هر آسائش موجود هئس، سندس سَسُ سهرو، ساجد اڃان ننڍو هئو ته گذاري ويا هئا، سندس هڪ ڏير ۽ ڏيرياڻي پڻ الڳ بنگلي ۾ رهندا هئا، هوءَ گهر ۾ اڪيلي هئي، ڪم واريون به هُيون، هن کي پنهنجي زندگي خوابن جيان لڳندي هئي، پنهنجي پگهار پاڻ تي ۽ گهر تي مرضيءَ سان خرچ ڪندي هئي. هوءَ پاڻ کي خودمختيار سمجهندي هئي، سال اندر هوءَ ٻار جي ماءُ پڻ بڻي، هُن کي زندگيءَ هاڻ مڪمل لڳندي هئي. پر ڪجهه وقت کان ساجد اوپرو ٿيڻ لڳو، مَهرِ کي سمجهه ۾ نه آيو. هڪ ڏينهن هوءَ جيئن اسڪول مان آئي ته مَهرِ کان ساجد چيڪ بوڪ جو پڇيو. هوءَ ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي وئي، پر سمجهه ۾ نه آيس، هن چيڪ بوڪ ڪڍي ساجد آڏو رکيو، ساجد چيڪ بوڪ کڻي ورتو ۽ چيائين: ”پگهار سڀاڻي پهرينءَ تاريخ تي ملڻي آهي، هيءُ چيڪ بوڪ جي سلپ ڀري وٺ ته مان ڪيش ڪرايان.“

هوءَ ٿورو منجهي به پئي، ته ساجد ائين ڇو پيو ڪري، پوءِ هٻڪي ٿورو همت ڪري پڇڻ لڳي، ”ته مان پاڻ اسڪول ۾ پٽيوالي کي چيڪ ڏيندس، ڪيش ڪرائي ايندو. جيئن هميشه ڪرائيندي آهيان.“ توهان کي پئسن جي ضرورت آهي ته مان واپسيءَ ۾ ڏئي ڇڏيندس، مُنهن ٺاهي چوڻ لڳو، ”مان ڪڍائيندس ته ڇا ٿيندو.“

”ڪجهه نه ٿيندو“ هُن جواب ۾ چيو.

”ته پوءِ بس.“ ساجد چيڪ بوڪ مان هڪ چيڪ ڦاڙي مَهرِ کي صحيح ڪرڻ جو چيو.

هوءَ حيرانيءَ مان ساجد کي ڏسڻ لڳي، شاديءَ کي پورو سال ٿي ويو هو. ساجد ڪڏهن به هن سان اهڙي روش نه رکي هئي، هيءُ اوچتو اهڙو عمل ڇو پيو ڪري، هوءَ ڪجهه به نه سمجهي سگهي. چپ ڪري ساجد کي اهڙي حالت ۾ ڏسي هن چيڪ ڀري صحيح ڪري ڏئي ڇڏيو، ساجد چيڪ وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ چيڪ بوڪ پڻ پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. هُن جا هوش خطا ٿيڻ لڳا، هُوءَ اندر ۾ روئي پئي، نِڙيءَ ۾ سڏو ڄڻ اٽڪي پيس، ڪُڇي نه سگهي. سجاد شرمندو ٿيڻ بجاءِ ته چوڻ لڳو تون پئسا ڇا ڪندينءَ گهر جو خرچ ته اسان مرد ئي هلايون ٿا، توکي جڏهن به پئسن جي ضرورت هجي مون کان گهُرجانءِ مان توکي ڏيندم، ائين چئي هُو هليو ويو.

مَهرِ سجاد جي رويي تي الاهي پريشان ٿي وئي، جيڪڏهن مون وٽ پئسا هوندا ته آهن ته مان خرچ به گهر ۾ ئي ڪندي آهيان، جيڪا سجاد کي خبر به هوندي آهي، پر پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ ته هوندي آهيان، هينئر ته پنهنجي پئسن جي هوندي مان محتاج ٿي هُن کان پئسا گهران هوءَ دل ۾ ٽُٽي پئي، ان مهل خاموش ٿي وئي. پر... ڪيستائين جڏهن سندس ڀاءُ جي شادي ٿي ته مَهرِ، سجاد کان ڪجهه رقم گهري ته جيئن هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه خريد ڪري، پر سجاد اهو چئي جواب ڏنس ته تو وٽ الماري ڀري پئي آهي، ڪپڙن جي روز ٺهرائڻ فضول خرچي آهي.“ ان ڏينهن هُن کي رپيو به نه ڏنائين. هوءَ ته پنهنجي پئسن هوندي لاچار ٿي پئي هئي، بيوس بڻجي ويئي هئي، آهستي آهستي هن کي خبر پئي ته هنن جي خاندان جون سڀ عورتون نوڪري ته ڪري رهيون هيون پر انهن جي پگهار جو حق انهن جي مردن کي حاصل هو. ڪڏهن سوچيندي هئي ته نوڪريءَ تان ئي هوءَ استعفا ڏئي ڇڏي. اهڙي نوڪري ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي، جتي پاڻ ٽَڪي ٽَڪي جي محتاج هجي ۽ پاڻ پنهنجي خودمختيار نه هجي ۽ ويچاري بڻيل هُجي.

اڄ هوءَ ڪيترن ڏينهنِ کان پوءِ ڪُڇي هئي ته هُن کي طلاق جي ڌمڪي به ملي، مَهرِ پاڻ کي ٻه واٽي تي بيٺل محسوس ڪيو، جتي ڪو گس ئي نه ٿي مليس، اڄ هن کي زندگي ٻُڙيءَ برابر لڳي، جنهن جو ڪو حساب ئي نه هو.

لوڪ ادب

 

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

(1) عبن فقير پلي دهلڙيءَ وارو

(2) عبدالحڪيم پلي

 

 

عبن ولد گل فقير ساڪن سڀڙي تعلقو عمرڪوٽ پنهنجي دور جو مشهور فقير هو، سندس دور 1710 کان 1812ع تائين چوڻ ۾ اچي ٿو. عبن کي فقيري ورثي ۾ مليل هئي، سندس والد گل فقير پنهنجي وقت جو وڏو مجذوب فقير ٿي گذريو آهي، سندس نالي ڪيتريون ئي ڪرامتون ٻڌجڻ ۾ اچن پيون. سو عبن فقير به پيءُ وانگر پنهنجو مٽ پاڻ هو.

فقير جي تعليم ۽ تربيت بابت اهو پتو پيو آهي ته اول ۾ ڪجهه وقت ميئين نورمحمد ڪيرئي وٽ پڙهيو ۽ پوءِ مستيءَ ۾ اچي مدرسو ڇڏي ويو. سندس صحبت هميشه عالمن ۽ فقيرن سان هوندي هئي.

عبن فقير جو مرشد ڪير هو؟ اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر جيڪي روايتون ملن ٿيون انهن موجب اهو پتو پوي ٿو ته هو ظاهري عالمن مان ميان نورمحمد ڪيريي ۽ اهل ممات وارن مان مخدوم عبدالرحمٰن عرف رام جاڳي جو وڏو معتقد هو. فقير صاحب روزي نماز جو سخت پابند هوندو هو. چله ڪشي، فاقو، گوشه نشيني، راتيون جاڳڻ، زهد ۽ تقويٰ فقير صاحب جون خاص عادتون ۽ عمل هئا.

چون ٿا ته فقير صاحب سان سفر خواهه حضر ۾ هڪ ننڍي دهلڙي هميشه گڏ هوندي هئي، ۽ ماڻهو جڏهن کيس دعا لاءِ چوندا هئا ته پاڻ دهلڙي وڄائي سائل جي پٺن تي هٿ هڻي هليو ويندو هو يا چوندو هو ته ”آئون ٿو دهلڙي وڄايان تون ناچ ڪر“ پوءِ جڏهن سائل ناچ ڪندو هو تڏهن پاڻ وجد ۾ اچي سوال سان واسطو رکندڙ معنيٰ وارو بيت چوندو هو. جنهن جي چوڻ بعد جلدئي سائل جو سوال پورو ٿي ويندو هو. انهيءَ ڪري ماڻهو کيس ”عبن فقير دهلڙي وارو“ سڏيندا هئا، ۽ اڄ تائين انهيءَنسبت سان ياد ڪندا پيا اچن.

عبن فقير هونئن ڪڏهن به ڪو شعر ڪونه چوندو هو، فقط ڪنهن حالت کان متاثر ٿي ڪنهن جذبي جي ماتحت ڪو بيت چوندو هو، اهو بيت يا ته دعائيه هوندو هو يا پاراتو هوندو هو. ڏانهس منسوب ڪيتريون ڪرامتون وغيره آهن پر انهن سڀني مان ڪي خاص تاريخي حيثيت واريون هيٺ درج ڪجن ٿيون: عبن فقير جو اولاد باقي نه آهي.

ديهه کن قبول تعلقي ساماري ۾ ”خانپور“ نالي ميرن جو هڪ وڏو ۽ مشهور ڳوٺ هو، جو ان وقت تمام آباد ۽ برسيل هو، انهيءَ ساڳي ديهه ۾ لڪياري ساداتن جو به ڳوٺ هو، لڪياري سيد ۽ مير ٻئي ڌريون مالدار هئا.

هڪ دفعي اتفاقاً سيدن جون مينهيون وڃي ميرن جي رک (چراگاهه) ۾ پيون ۽ ميرن ڪاهرائي پورائي ڇڏيون جڏهن سيد مينهيون ڇڏائڻ ويا تڏهن ميرن چيو ته اگر ٻيو دفع مينهيون وري رک ۾ آيون ته ڇڏائڻ نه اچجو. ۽ نڪي اسين مينهيون ڏينداسون. هن دفعي ڀلي ڪاهي وڃو.

انهيءَ دور ۾ عبن فقير به مخدوم عبدالرحمٰن جي مزار ڏي ايندي ويندي سيدن جي ڳوٺ مان اچي لنگهندو هو ۽ لسي پي ڪجهه وقت ترسي سيد بزرگن سان رهاڻ ڪري هليو ويندو هو. سيدن مان ان وقت بزرگ مير موليڏنو لڪياري مشهور هو جنهن سان فقير جو قرب هو، سو هڪ دفعي جيئن سيدن وٽ آيو ۽ اچي لسي گهريائين ته جواب مليس ته ”مينهيون ميرن وٽ پوريل آهن، جن کي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن. اسان ٻه ٽي ماڻهو موڪليا آهن پر مير مينهيون نٿا ڏين. اهو ٻڌي عبن فقير اٿيو ۽ سيدن مان هڪ ننڍو ڇوڪر ساڻ ڪري سڌو ميرن جي ڳوٺ خانپور پهتو. اتي ميرن کي وڃي چيائين ته ”هي ڪهڙو ظلم ڪيو اٿو؟ ٻه ڏينهن ٿيا آهن مينهيون پوري ڇڏيون اٿئو، جن جا ڦر هُتي پيا مرن ۽ مينهيون هتي پاهه آهن، ڪجهه خدا جو خوف ڪريو! آئون هي سيد ڇوڪرو اوهان وٽ ميڙ وٺي آيو آهيان، ڀلائي ڪري مينهيون ڪڍي ڏيو ته ڪاهي وڃان.“ ميرن، فقير جي عرض تي مينهيون ته ڪونه ڏنيون پر اُلٽو ڪاوڙجي فقير کي ۽ سيدن کي بد شد ڳالهائڻ لڳا.

ميرن جي انهيءَ بيهودگيءَ تي فقير کي غصو اچي ويو ۽ اٿي بيهي دهلڙي وڄائي چيائين ته ”اي ميرئو سيدن جا پير پاتار ۾ آهن، انهن کي لهر نه ڪو لوڏو پر اڄ خانپور جو خانو خراب ٿي ويو. هاڻ اوهان جي سيدن جي وچ ۾ اهڙو دنگ پئجي ويو آهي جو جيئري ته ٺهڻ ڪونه ٿيندو، پر مقام ۾ به ڪونه گڏبا. جنهن به وقت اوهان جو مقام اچي گڏبو تنهن وقت قيام ٿي پوندي. ائين چئي پوءِ وڏي آواز سان هي بيت ڏنائين ۽ سيد ڇوڪر کي ساڻ ڪري هليو آيو.

”پلي“ اڳيئي پڌرو، ٻيو ٻيلي ٿيس (رام) ”رحمٰن“،

”علودي“ ۽ ”مسعود“ جي ڪنڍي رهندي ڪان،

پيئي هن جي پٽ ۾ ڪم ڪندي ڪان،

عرض ”عبن“ فقير جا سڻ مديني جا سلطان،

خانپور جا خان لڏي لهوارا ٿيا.

الله پاڪ جي قدرت آهي، جو فقير جي انهيءَ پاراتي جي ٻئي ڏينهن ميرن جو سردار ”علودو“ گهوڙي تان ڪِري مري پيو ۽ ٻيو اڳواڻ ”مسعود“ به بيمار ٿي پيو. ان سان گڏوگڏ مال ۾ اچي بيماري پئي ۽ ڳوٺ ۾ اچي ماڪوڙا نڪتا. ماڪوڙن ڳوٺ وارن کي اهڙو ته تنگ ڪيو جو ٽن چئن ڏينهن ۾ سڄو ڳوٺ خالي ٿي ويو، ماڻهو ڪي ڪيڏانهن ويا ته ڪي ڪيڏانهن. بيماريءَ جي ڪري ميرن جو مال به مري ختم ٿي ويو، ۽ مير به لڏو کڻي لاڙ ڏي روانا ٿيا ۽ ڪجهه وقت ڳوٺ انڍالو ۾ رهيا بعد ۾ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ وڃي نئون ڳوٺ ٻڌائون، جيڪو اڃان به ”راڄو خاناڻي“ جي نالي سان مشهور ۽ موجود آهي. روايتن موجب جيڪو سيد ڇوڪرو فقير صاحب سان گڏ هو، اهو مهراڻي جو مير حضرت راضي شاهه مهراڻي وارو هو، جڏهن ميرن کن جي جاگير ڇڏي ته ان سان گڏ مينهان ميران دل جو خاندان به لڏيو جيڪو پراڻ ڪنڌيءَ تي وڃي ويٺا ۽ کڏ وارا مينهان سڏيا. هن وقت سندن پونيئر راڄو خاناڻي ۾ ساڪن آهن.

سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي جڏهن اتر سنڌ طرف خطرو محسوس ڪيو تڏهن اوڀر طرف بچاءُ ڪرڻ لڳو. انهيءَ سلسلي  ۾ عمرڪوٽ جو قلعو مضبوط ۽ پڪو ڪرڻ جو خيال ٿيس، پر جيئن ته عمرڪوٽ اهڙي هنڌ تي هو جتي پٿر پهچائڻ مشڪل هو. اڀرندو نارو جنهن کي هتي جا مقامي ماڻهو ڍورو سڏيندا آهن، اهو عمرڪوٽ کان 13-14 ميل پري هو. سو اڀرندي ناري مان چِيلهه جي ڳوٺ وٽان ڀٽ جي ڪناري کان هڪ واهه (نور واهه) کوٽائي عمرڪوٽ تائين آندائين ته جيئن ٻيڙيون اڀرندي ناري مان انهيءَ واهه رستي عمرڪوٽ پهچن ۽ وزندار پٿر ٻيڙين ۾ آڻي سگهجن. جڏهن واهه تيار ٿيو ته ٻيڙيون اتر سنڌ کان اڀرندي ناري رستي ان واهه مان عمرڪوٽ ڏي پٿر آڻڻ لڳيون ۽ انهن پٿرن مان قلعي جو ڪم شروع ٿيو.

جيئن ته ميان نورمحمد کي ڪم تمام تڪڙو ڪرڻو هو سو نوڪرن ۽ مزدورن سان گڏ مقامي ماڻهن کي به بيگار ۾ وهائڻ لڳو. انهيءَ وٺ وٺان واري دور ۾ هڪ ڏينهن ميان نورمحمد ڪلهوڙي جا ماڻهو عمرڪوٽ کان ٽي ميل ڏکڻ طرف وهري جي ڳوٺ ۾ پهتا ۽ اتان ماڻهو وٺي بيگار ۾ وهائڻ لاءِ روانا ڪيائون. انهن ماڻهن سان گڏ اتي جي وڏي بزرگ ۽ مدرس ميان نورمحمد ڪيريي جا پٽ ۽ شاگرد به بيگار ۾ وٺي ويا.

انهيءَ واقعي جي ٻئي ڏينهن عبن فقير به گهمندو گهمندو اچي ميان نورمحمد ڪيريي وٽ پهتو، مدرسو شاگردن کان خالي ڏسي پڇيائين ”سائين اڄ شاگرد ڪونه ٿا ڏسجن؟“ ميان نورمحمد ورندي ڏني ته ”فقير صاحب! انهن کي ته ڪالهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي جا ماڻهو وٺي ويا آهن ۽ بيگار ۾ پيا هلائين.“

اهو ٻڌندي عبن فقير ان مهل ئي اتان روانو ٿيو ۽ سڌو عمرڪوٽ آيو، اتي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي پڇا ڪندي وڃي ڏسي ته واهه جي ڇوڙ وٽ ميان صاحب بيٺو آهي ۽ ماڻهو ٻيڙين مان پٿر لاهيو ڪوٽ ڏي پيا نين.

اهو نظارو ڏسي فقير سڌو ميان صاحب وٽ ويو ۽ السلام عليڪم چئي عرض ڪيائين ته”سائين! هن ڪم ۾ عوام کان رضا خوشيءَ سان ڀلي مدد وٺو پر ڪنهن تي ظلم نه ڪريو، ظلم جو نتيجو خراب آهي“ اهو ٻڌي ميان جواب ڏنو ته فقير صاحب ”هي ملڪ جي بچاءُ جو ڪم آهي هن ۾ ظلم جو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي.“

انهيءَ تي فقير چيو ته ”چڱو سائين اوهان جي مرضي، پر ڪالهه اوهان جا ماڻهو ميان نورمحمد ڪيريي جي مدرسي جا شاگرد ۽ ميان صاحب جا پٽ بيگار ۾ گهلي آيا آهن انهن کي ته ڇڏيو، ته وڃي مدرسي ۾ ديني ڪم جاري رکن. ميان جواب ڏنو ته ”هينئر اهي ڪم ۾ آهن هفتي کن کان پوءِ انهي کي موڪل ڏبي.“ انهيءَ موضوع تي بحث ڪندي ڪندي نيٺ ميان صاحب کي غصو اچي ويو ۽ نوڪرن کي چيائين ته ”هن بيهودي فقير کي هتان لوڌي ڪڍو.“

ميان صاحب جي ڪاوڙ تي فقير صاحب کي به جوش اچي ويو ۽ اتي جو اتي بيهي دهلڙي وڄائي هيٺيون بيت ڏنائين ۽ هليو آيو

بيت

واهه وهندو ڪين ڪي مَ ڪر ماڻهن کي ماهه،

ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي سرن جي سانباهه،

”ڳوڙهياري“ وٽ ڳاهه، وڃي ”نورو“ ٿيندين نڪري.

الله پاڪ جا عجب رنگ آهن، فقير جي زبان به اهڙي مقبول هئي جو هوڏانهن فقير جو بيت ڏيڻ ۽ هيڏانهن انقلاب شروع ٿيڻ.

انهيءَ ئي هفتي ۾ اڀرندي ناري مان منهن وٽان گهارا پوڻ شروع ٿيا ۽ پاڻيءَ پنهنجو رخ بدلايو ۽ نئون واهه (نور واهه) سڪي ويو، ٻيڙيون جيڪي جتي هيون اهي اتي بيهي رهيون، ميان صاحب اتان اُتر سنڌ ڏي روانو ٿيو.

واٽ ۾ خبر پيس ته احمد شاهه جو سپهه سالار جهان خان ڪاهيو ٿو اچي، سو اتان جيسليمر ڏي روانو ٿيو، واٽ ۾ ئي کيس خُناق (Diptheria) جي بيماريءَ اچي ورتو، جيسلمير جي مشهور ڳوٺ (گهاٽ) ”ڳوڙهياري“ (جنهن کي تحفته الڪرام واري ”ڪورهره“ ڪري لکيو آهي) وٽ پهچي وفات ڪيائين.

انهيءَ واهه جا نشان اڃان به باقي آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن انهن پٿرن مان اڃان ڪجهه پٿر به باقي پيا آهن، خاص ڪري اڀرندي ناري جي انهيءَ هنڌ وٽ جتان واهه نڪتو هو، اتي ته ڍير پٿرن جا پيا آهن.

انهيءَ تعمير ۾ عمرڪوٽ ۾ فقط قلعي جي اوڀر دروازي وارا ٻه ٺل پڪا ٿيا جي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا، باقي قلعو اڃان ڪچو جو ڪچو موجود آهي.

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري عبن فقير کيجراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ آيو اتي غريب سيد رهندا هئا. سيدن کي فقير جي ڪرامتن جو پورو پورو علم هو. سو هڪ بيبيي صاحبه (محمد علي شاهه جي والده) کيس گهرائي چيو ته ”فقير صاحب ڪا خدا ڪارڻ دعا ڪريو ته ڪو الله پاڪ پٽ ڏي“ انهيءَ تي فقير جواب ڏنو ته منهنجو دستور آهي ته آئون دهلڙيءَ وڄائيندو آهيان، پوءِ جيڪو ان تي ناچ ڪندو آهي ان کي دعا ڪندو آهيان، پر جيئن ته توهان اهل بيت آهين تنهنڪري توهان فقط اتي بيهو آئون دهلڙي ٿو وڄايان، جڏهن وجد ۾ اچان ۽ بيت ڏيان تڏهن هليا وڃجو.“ چون ٿا ته پوءِ فقير صاحب بيٺو دهلڙي وڄائڻ ۽ بيبي صاحبه اتي بيٺي رهي، فقير اڃان جذبي ۾ مس آيو ته پري کان ڪو سيدن مان ايندو ڏسي بيبي صاحبه حجاب سبب اٿي اندر هلي. بيبي صاحبه کي اندر ويندو ڏسي فقير چيو ته ”اگر تڪڙ نه ڪرين ها ته سندئي پٽ عمرڪوٽ جو بادشاهه هجي ها پر هاڻ به جڳ ڏسندو.“

خدا پاڪ جي قدرت جو ان بيبيءَ کي سگهوئي پٽ ڄائو. جنهن جي اولاد مان محمد علي شاهه جي نالي سيد مشهور ٿي گذريو آهي. جنهن جو اثر ۽ هلندي ڏسي ڀڏيلي جي ٺڪر راڻي رتن دغا سان لڪي کيس شهيد ڪري ڇڏيو.

محمد علي شاهه جو اولاد باقي آهي جيڪو ٻن ٽن ڳوٺن ۾ پکڙيل آهي ۽ اهي سيد ”پلي پوٽا“ سڏجن ٿا.

راوي: (قاضي ولي محمد صاحب، حاجي قائم پلي، خان محمد، طيب، حاجي عبداللطيف پلي)

فقير جي تربت رام جاڳي جي مشهور ۽ تاريخي قبرستان ۾ آهي.

*****

(2) عبدالحڪيم پلي

عبدالحڪيم پلي ولد قائم جي ولادت 1773ع ۾ ڳوٺ عبدالحڪيم پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي، هي خانصاحب عطا محمد ولد عبدالحڪيم ولد دودو ولد عطا محمد ولد دودو جي پڦيءَ جو پٽ هو ۽ حاجي علي بخش پلي (شاديءَ پلي واري) جي ڏاڏاڻيءَ مان هو. هي اڃان ننڍو هو ته سندس والد گذاري ويو، تنهنڪري سندس پرورش ناناڻن ۾ ٿي ۽ هي هينئر اتي ئي رهيو. وقت جي رواج موجب کيس تعليم به چڱيري ملي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي طبع جو مالڪ هو، سو جوان ٿيڻ تي صرف درويشن ۽ فقيرن جو ساٿي بنجي رهجي ويو.

سندس صحبتين مان خانپور جا مير خاص هئا، جن وٽ پاڻ ڪافي وقت وڃي رهندو هو.

سندس شاعري بلوغت کان شروع ٿي ۽ وفات تائين هلي. سندس شاعري ۾ فقط بيتن تائين محدود آهي.

پاڻ 1747ع ڌاري خانپور ۾ گذاري ويو، جتي وفات کان ٿورو اڳ هڪ ٽيهه اکري ۽ هفتا، ڏينهن ۽ راتيون چئي هئائين، جنهن مان فقط چار بيت مليا آهن، ان کان سواءِ ٻيا به چار بيت سسئي جي سُر جا هٿ آيا آهن جيڪي سڀ هن ريت آهن:

راتيون

پهرينءَ رات پهه ڪري ٿي گهوٽ سندي گهوري،

نماڻيءَ کي نصيب ٿيو، جهڄڻ ۽ جهوري،

ڀانتو ڪين ڀوري، هالاڻو هوتن جو.

---

ٻيءَ رات ٻئي گڏيم منهنجا محب ميان،

هوتن کي ”حڪيم“ چئي جيءَ ۾ جاءِ ڏيان،

جياڪ ساعت جيان، ساهه برابر سانڍيان.

---

ٽينءَ رات ٽڪي اچي تازو ڪيائون تن،

پريت سان ”پلي“ چئي موهي وڌائون من،

رهي گهڙي کن، هليا ويا ”حڪيم“ چئي.

---

چوٿين رات چڻ ڀڻ ڪيائون پر  ۾ پاريسي،

لڏيا لوڙهه واهه ڏي کڻي بار بلوچي،

اهي ڏونگر جا ڏيسي، ڪڏهن گڏيم هوت ”حڪيم“ چئي.

---

بيت سر سسئي

هوتن ساڻ ”حڪيم“ چئي لڳم نينهن نرم،

پرديسي پرينءَ جو رکج شاهه شرم،

ڀلا رکج ڀرم، آگا عجيبن جو.

---

گورا آهن ننڍڙا توڏا جهلين نه تڏ،

ريهون ڪريو رڃن ۾، لاهيون وجهن لڏ،

سائين سڻج سڏ، هيڪليءَ جا ”حڪيم“ چئي.

---

هيڪليءَ کي حڪيم چئي رڻ ۾ پئي رات،

اُٿندي وهندي رات ۾ بلوچاڻي بات،

هيهات هيهات، هاڙهي ۾ هوتن ري.

---

هيڪليءَ حڪيم چئي، ڪيا وندر ۾ واڪا،

چڙهجن نٿا چڪيءَ کان، ڏونگر جا ڏاڪا،

اديون اوجاڳا، هئا نماڻيءَ نصيب ۾.

عبدالحڪيم پلي وڏي ڏيا وارو مرد ۽ جسماني طاقت جي لحاظ کان وڏو پهلوان ٿي گذريو آهي، چون ٿا ته هڪ دفعي گهر کي باهه لڳي، اتي امانت طور ڪا وڏي پيتي رکيل هئي، جنهن کي حفاظت لاءِ سنگهرون لڳل هيون، فقير صاحب اهي سنگهرون پنهنجي هٿن جي طاقت سان ٽوڙي سلامتي سان ”امانت واري“ واري پيتي باهه مان ٻاهر ڪڍي ورتي، چانديءَ جي روپين جا اکر آڱوٺي سان ڊاهڻ، بصر جي پِتي (ڳنڍ) مُٺ ۾ نپوڙي ڇڏڻ ۽ ٻيون به گهڻيون ڳالهيون سندس جسماني طاقت جون ملندڙ آهن.

 

قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو

دوست دلبر ۽ دلارو موڪلائي ويو هليو،

هو پرين پارس پيارو موڪلائي ويو هليو.

ڳالهيون ڇا ڳُڻ ڳڻيون، محمد حسن ”مصروف“ جا،

معتبر ۽ مانَ وارو، موڪلائي ويو هليو.

حلقيه، معمور جو گل، گل ويو ٿي گل جڏهن،

ڏيهه سارو ٿيو ڏکارو، موڪلائي ويو هليو.

سنڌ جي شعراء ساري سان سلهاڙيل ساٿ ۾،

نامور ۽ ناميارو، موڪلائي ويو هليو.

بيت تي وائي غزل تي، صنف هرتي جنهن عبور،

علم جو ڄڻ هو ادارو، مڪلائي ويو هليو.

هو غريبن ۽ يتيمن جو ۽ مظلومن سندو،

ٿي رهيو هردم سهارو، موڪلائي ويو هليو.

محفلون ۽ معرڪا جنهن مور مٺڙي سان هيا،

سو سڄڻ سهڻو سچارو موڪلائي ويو هليو.

گفتگو جنهن جي ۾ ڪيئي، گهائجي وئڙا گهڻا،

سي ڇڏي ساٿي سوارو موڪلائي ويو هليو.

ويهه سؤ چوويهه اربع جنوري ڏهه شام جا،

موت سان چليو نه چارو، موڪلائي ويو هليو.

روح جي راڻي جڏهن منهن، ماڳ ۽ ”مخلص“ کان مٽيو،

پيو ڪري غم ۾ گذارو، موڪلائي ويو هليو

 

بلال احمد چانڊيو

ياد تنهنجي وري روز مصروف ٿي،

جان غم ۾ ڳري روز مصروف ٿي.

تنهنجي وڇڙي وڃڻ جو اثر ٿي ويو،

تــو پـڄاڻا ھـي ويران شھر ٿي ويو.

ھاء منهنـجو غـمن ۾ گذر ٿي ويو،

ڪين منهنجي سري روز مصروف ٿي.

ھــا ادب ذوق محـبوب ماڻهو ھيو،

ڄڻ ڪ موتيء جو منٺار داڻو ھيو.

دلـــربا دل سخــي راڄ راڻـــو ھيو،

ياد من تي تري روز مصروف ٿي.

عڪس شعرن ۾ جنهن جي پلي ’سيف‘ جو،

دادلــو ٿيـــو مـتاثر دلـي سـيف جو.

رنگ جــــنهن کـي ويو ھو ملي سيف جو،

آھ مـحفـل ڀـري روز مصـروف ٿي.

آ ايـــــاڻو ايـــــاڻو دڙيــــلو نـــگر،

سڪ رھندي وتي جنهنجي شام و سحر.

دور ’چـانڊيا بلال‘ آهي جاني جگر،

سنڌ سڏڪا ڀري روز مصروف ٿي.

شاعر محمد حسن ’مصروف‘ چانڊيو جي ياد ۾
 

عبدالمالڪ چانڊيو

ســنڌ جــو مـحبوب شاعر مور ماڻهو الوداع،

اڄ اکيــون آھن ڀنيون راڄن جو راڻو الوداع.

بزم ياران اڄ اڪيلو ٿي ڪمي محسوس ٿي،

مھربان و مھـجبين موتيء جو داڻو الوداع.

واردات قلب کي جنهن ھو قلم ڪاغذ رکيو،

آھ ســو علمي شــمع آهــي اجھاڻو الوداع.

گفتگو گفتار جنهن جي ٿي رھي شائستگي،

محب مـير ڪاروان سھڻو سياڻو الوداع.

جنهن رڳن ۾ ھـو ڀٽائي تات تن احمد ملاح،

تن مٺن جو اڄ پرين عاشق پراڻو الوداع.

حلقئي معمور جي گلشن منجھان ھڪ گل پرين،

گل ويو ٿي گل سڄڻ اظھار ڄاڻو الوداع.

آھ سارن ٿيون اکيون مصروف کي مھر حسن،

جنهن سندو دل جو جڙيل ھو نينهن ناڻو الوداع.

’عبدالمالڪ‘ هنن جي مرقد تي وسن پيون رحمتون،

نيڪ سيرت نيڪ صورت سان نماڻو الوداع.

محمد ايوب ”عزم“ چانڊيو

مانَ وارو معتبر مصروف اڄ ويندو رهيو،

دار فانيءَ کي ڇڏي، دار البقا ويندو رهيو.

خوش طبع ۽ خير خُلقي، خاص جنهن شيوو رهيو،

سو مجاهد مانور، مصروف اڄ ويندو رهيو.

جنهن غريبن ۽ يتيمن ساڻُ دل لائي رکي،

محبتي ۽ سخنور، مصروف اڄ ويندو رهيو.

حال محرم حالڀائي هو هميشه تاحياتُ،

باسعادت بختور، مصروف اڄ ويندو رهيو.

رئيس پنهنجي راڄ جو ۽ چئن  ۽ چئن ۾ ماڻهو چڱو،

نام وارو نيڪ ور، مصروف اڄ ويندو رهيو.

اٽل ارادا ”عزم“ ۽ علم دوست چانڊيو،

سو سراسر، سربسر مصروف اڄ ويندو رهيو.

عبدالقيوم ’راز‘ چانڊيو

مٺو مصروف موچارو اسان کان موڪلائي ويو،

مٺو محبوب من پيارو اسان کان موڪلائي ويو.

سوا جانب سنديون آهن اياڻيون محفلون ساريون،

سچو پارس پرين يارو اسان کان موڪلائي ويو.

سندس شعرن ۾ تشبيھون ۽ ٿر جو عڪس ھو ظاھر،

ندائي نينھن جو نعارو اسان کان موڪلائي ويو.

سمورن شاعرن ۾ ٿي رھيو سينگار وانگي سو،

فلڪ تي چنڊ جيئن تارو اسان کان موڪلائي ويو.

لکان ٿو ’راز‘ چانڊيا مان مگر الفاظ سي ناھن،

سراپا سونھن جو سارو اسان کان موڪلائي ويو.

 

ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتريقدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي، ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر در- حقيقت سڀ حُسن جو مول هڪ آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان  نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ کان ادنيٰ  انسان به حُسن تي حيران آهي، ۽ ڏانهنس رغبت رکي ٿو. مگر اها رغبت اڪثر منجهس پنهنجي ڪامنا پوري ڪرڻ جي اِڇا اُتپن ڪري ٿي، ڀل ته اها اِڇا ڪيترو به اڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان گهڻي تائين ريجهه رهاڻ ڪرڻ جو قابل ناهي، سُتت ئي پنهنجي ڪامنا سِڌ ڪرڻ جي  ڪوشش، ڪري ٿو، جو ئي سندس اصلي  ۽ آخرين مقصد آهي. اهوئي سبب آهي جو هو قدري توڙي صنعتي حُسن جي نظاري مان سگهو ئي ڪڪ ٿيو پوي. پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حُسن جي مشاهدي ڪري مٿس پيدا ٿئي ٿو، سو  آهي سندس ”وجود جو ورق“ ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن واريءَ شيءِ جي مشاهدي سان ڀرجي ٽمٽار ٿيو پوي؛ پوءِ اها شيءِ خواه ڪو  قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ: چمن جو چهچٽو، درياءَ جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر، ڪڪرن جي ڪارونڀار  وغيره وغيره. خواهه انساني حسن جو جلوو هجي، جهڙوڪ: سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس، معشوقن جو ناز ۽ سندن هار سينگار وغيره وغيره. شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪري ڇڏي ۽  پنهنجي شخصيت کي وساري خود شيءِ  جي آر سي بنجيو پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙي حالت ۾  پروڙيل حقيقت نِس پِس اها شيءِ ناهي، مگر خود ”سونهن  جو سَرُ“، جنهن  مان اِها شيءِ ڦٽيءَ نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ ٻيئي پنهنجو پاڻ وڃايو لئي ٿيو وڃن.

ڊاڪٽر ايڇ.ايم. گربخشاڻي

سرتيون 4/1997ع تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org