سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:11 

پــيــر مـجــدد سرهندي

 

 

غزل

درد دل جو اڃان خاصو آھي،

ڇا ٻڌايان اھو ڇا جو آھي.

سُهڻي ميھار پراڻا ٿي ويا،

عشق پنھنجو صفا تازو آھي.

آب اٿلي به مٿان پيا پوءِ بي،

من منھنجو اڃان پياسو آھي.

مون ۾ موجود فقط تون آھين،

بس اھو منھنجو خلاصو آھي.

رات جو آئون آھيان ۽ يادون،

ڏينھن جو گڏ وري پاڇو آھي..

منھنجا پاسا ته سڀ تنھنجا آھن،

کاٻو چاھي کڻي ساڄو آھي.

ھاڻ ٽھڪن کي ڳڻي وٺبو پر،

منھنجي زخمن جو نه ڪاڇو آھي.

گڏ ڪنارا ته ھلن پيا ليڪن،

ھي ٻيو پاسو ھو ٻيو پاسو آھي.

ننڊ نيڻن ۾ نه آھي مونسان،

آئون آھيان ۽ اوجاڳو آھي.

توکان ٻاھر نه آ رايو منھنجو،

تنھنجو جانان جو ڀي رايو آھي.

تنھنجي زلفن تي ھميشہ حاوي،

سرمئي رات جو سايو آھي.

مست چانڊاڻ ٿي رھي توتي،

چنڊ توتي لھي آيو آھي.

تون جي آھين ته پوءِ گلشن ۾،

خوشبو آھي ۽ چھچٽو آھي.

تولئي سرھاڻ ٿي رھي ماندي،

تنھنجو گل گل تي دٻدٻو آھي.

تون جي گڏ ٿو ھجين ته جانِ من،

سچ پڇين جي مزوئي ٻيو آھي.

تنھنجي ديدار لئي ’مجدد‘ وٽ،

روز ھڪ نئون ئي ولولو آھي.

 

غلام حسين”مشتاق“ سچاروي

 

 

 

 

سدا سنڌ سهڻي سلامت رهي،

سلامت رهي تا قيامت رهي.

 

رهن سک سان سانگي سمورا سدائين،

امنَ آشتي جي علامت رهي.

 

جهان ساري ۾ جنهن جي خوشبوء نرالي،

هي آ رشڪِ جنت ۽ جنت رهي.

 

ٿئي وار ونگو نه رهواسين جو،

اميرن فقيرن جي فرحت رهي.

 

بچي شال بدخواه جي بدنظر کان،

شرف شان شوڪت شرافت رهي.

 

جيئي سنڌ جو جذبو زنده رهي،

دلين ۾ ديانت جي دولت رهي.

 

ثقافت آ سنڌين جي اجرڪ ۽ ٽوپي،

الله ٽوپي اجرڪ ثقافت رهي.

 

رکو ياد ”مشتاق“ مارو مڙيوئي،

وڏن جي امامت امانت رهي.

 

 

الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر

 

 

 

نعت

 

هڪ نگاهِ نبي سربسر ٿي وئي

زندگي خوب کان خوب تر ٿي وئي.

رحمتن جي ٿي پالوٽ، اُن جاءِ تي،

ياد جنهن جاءِ خيرالبشر ٿي وئي.

جنهن ڀلي رات، نازل هو قرآن ٿيو،

سڀني راتين کان سان معتبر ٿي وئي.

جو پڙهي ٿو درود و صلوات و سلام،

اُن تي رحمت خدا جي ڪثر ٿي وئي.

هادي دو جهان جا هدايت ڏني،

سا انسان لاءِ بهتر ثمر ٿي وئي.

جي طريقو نبي جو، ڇڏيو قوم ڪنهن،

سا ته زير و زبر، دربدر ٿي وئي.

نانءُ جڏهين نبي جو، ٿيو وردِ زبان،

نعت پڙهندي ئي پڙهندي سحر ٿي وئي.

ان جا ٻنهي جهانن ۾، ٻيڙا ٿيا پار،

ڪلمي واري جي، جنهن تي نظر ٿي وئي.

جي ملي سوکڙي ڪا، ڀلي پار جي،

سا سڄي هن جهان کان سکر وئي.

آب ڪوثر جو ’مشتاق‘ اُميدوار،

خير اُمت فقط خاص تر ٿي وئي.

 

حمد

 

هر بندو هردم رکي آسرو الله مان،

ڪونه ڪنهن لاهي ڇڏيو ڪو، ڀروسو الله مان.

جن ملائڪ ۽ بشر، ڪن بندگي الله جي،

ذڪر مان سڀ ڪنهن ملي ٿو حوصلو الله مان.

ناهي ڪو حاجت روا ٻيو، هڪڙي خالق کان سواءِ.

ڀروسو مخلوق کي، آهي وڏو الله مان.

جو گهرن الله کان، بيشڪ بندن کي سو ملي،

آهي تن کي ڀروسو، بلڪل پڪو الله مان.

هر طرف واکاڻ واحد جي پيو هرڪو ڪري،

ٿو ملي ايمان وارو ولولو الله مان.

جو رباني راهه کان ڀٽڪي وڃي، ڀلجي وڃي،

آخري اُن کي سهارو، ٿو ملي الله مان.

جو نبي جو دادلو، سو دادلو الله جو،

ان کي دارون نٿو ملي، هر درد جو الله مان.

جو ڪري واکاڻ هڪ جي، ۽ هلي پيو حق تي،

هر گهڙي تنهن کي ملي، سهڻو صلو الله مان.

آهي جو ’مشتاق‘ ربّ جو  ۽ مٺي محبوب جو،

رحمتن جي ٿو رکي،  اُميد سو الله مان.

 

سرفراز راڄڙ

 

 

 

غزل

محبت جا ميلا مچايون وري،

رقيبن کي ڏاڍو جلايون وري.

 

وڇوڙن ڪيو هو پري پيار کان،

اُداسي دلين کي ملايون وري.

 

اچي هن اڱڻ تي پرين پاڻ تون،

ڪري وڃ اسان تي ڀلايون وري.

 

سڙيا ساڙ ۾ ۽ جلي ويا گهڻا،

مٺا اچ انهن کي ٻڌايون وري.

 

جگر جن جا جليا تن کي اچو،

ٿا محبت جي رستي هلايون وري.

 

مٺا يار ڇو تو وساريو ”فراز“،

ڪري درگذر اچ ڪچايون وري.

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

 

ديس سچل جو

 

”ديس سچل جو درس درازا، مڪو نا ملتان.“

سنڌ سُنهاري، جنهن جو جڳ ۾ آهه مٿاهون مان.

 

سچل سچ چئي ويو آهه سچو سندس فرمان،

يارو! هندو مومن ناهيان، آهيان آءٌ انسان،

سورهيه سائين، دودو، هوشو، دولهه دريا خان،

سنڌ وطن سان نينهن نڀائي ٿي ويا جي قربان،

جهاتي پائي اندر ڏس تون، پاڻ سڃاڻ او نادان!

تون تان ٻانهون هرگز ناهين، آهين تون سلطان.

 

مسجد مندر ساڳيو ديپ جلي ٿو ڪر ڪو ڌيان،

آهي اجايو جهڳڙو ”هي آ هندو، هي مسلمان“،

سڀ ڪتاب پڙهي ڏس پيارا ويد، پُران، قرآن،

ڀائو! ڀائر آهيون هڪ ٻئي جا سڀ انسان.

 

سهڻا! سو ئي رام رحيم آ، سوئي آ ڀڳوان،

بيشڪ سڀ جو سائين ساڳيو آهي رب رحمان،

جوءِ هجي يا جُوءِ هجي، ڪين ڇڏيندو ڪو انسان،

ننگن توڙي دنگن تان سڀ ٿينداسون قربان.

 

سنڌ سموري سهڻي آهي، ڪاڇو ڪوهستان،

”ڪارونجهر“ جي مٽ نه ٿيندا نيلم يا ڪاغان،

پنهنجي ڌرتي سان رک پيار، سدائين او نادان!

حُب وطن جي پيارا آهي ڄڻ ايمان.

 

نياز پنهور

 

 

 

 

نظم

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته

هن کان پري

حياتي گذاري به سگهندين يا نه؟

ته ڳوڙها لڪائي به سگهندين يا نه؟

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته

هن کان پري

تنهنجي شعرن جا عنوان هوندا ڪهڙا؟

اگر شعر رچي نه سگهئين ته پوءِ

تنهنجي جيئڻ جا امڪان هوندا ڪهڙا؟

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته

تون اوچتو ڪندي ڳالهه چپ ڇو ٿي ويندو آهين

اکيون تنهنجون آليون ڇو ٿينديون آهن

خلائن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ

يڪو ئي پيو اوڏي تون ڏسندو آهين.

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان ته

هوءَ اوچتو

اگر تنهنجي سامهون اچي ڀي وڃي

ته تون پنهنجي دل جي سڄي ڪرب کي

پيارا لڪائي به سگهندين يا نه؟

۽ پنهنجي پاڻ کي ڪوئي دوکو ڏئي

هن سان اکيون

ملائي به سگهندين يا نه.

 

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان

ڪنهن پڇيو ڪونه مون کان.

 

اسد ’جمال‘ پلي

 

 

 

 

وائي

مون کان ٿيءُ نه پري،

آءٌ ڪيئن جيئان جڳ ۾!

دلڙي دم دم دلربا،

توکي ياد ڪري!

مَنڙو مونجهارن پئي،

ڳڻتين منجهه ڳري!

هُو جو حبيبن آڇيو،

ٻنگان ٻاڻ ڀري!

سپريان جي سڪ جو،

اندر مَچُ ٻري!

ڪيئن ٿو قمر ڪوجهڙو،

توسان ريس ڪري!

جانب سندي ”جمال“ جي،

سُڄي ڳالهه پري!

وائي

هو جي هئا حباب،

جرڪيا منهنجي جيءَ تي!

تنهنجي يادن جا وڳا،

اندر روحِ رباب!

توکي سارڻ سڪ مان،

ساجن سڀ ثواب!

دردن دونهن، دُکي ڪيو،

منهنجو من ڪباب!

هوتن هيڪاندي ٿيان،

وڃن سڀ حجاب!

جانب جي ”جمال“ سان،

لٿا لوڪ عذاب!

 

ثمينه ميمڻ

 

 

 

نثري نظم

 

خاموشيءَ جو ڪو ته سبب هوندو!

هُن جي بيزاريءَ

۽ بيقراريءَ جو

ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هوندو؟

ايڏي چُپ جهڙي خاموشيءَ جو

ڪو ته سبب هوندو!

ڀلي ڪهڙا به جواز

۽ آرگيومينٽس سوچيا وڃن

پر

هيءَ خاموش

ان ساهه مُنجهائيندڙ خاموشي

۽

دل ٻوساٽيندڙ خاموشيءَ جو

ڪو ته سبب هوندو!

ها

جڏهن هر هٿ ۾

ڪنڊا ۽ پٿر

ڏِسجن ۽ پسجن ٿا

تڏهن هڪ عورت

جنهن جي رشتن جا ڪيئي نانءُ آهن

ماءُ به آهي

ڀيڻ به ڌيءَ به آهي ته زال

۽ گهر جي عزت

۽ ڪيترا ٻيا به رشتا

پر

کن پل ۾ وڃن مُنهن ڦيري ٿا

هن سان جُڙيل سڀ رشتا

جڏهن ڪوئي الزام هڻي

ان عورت جي جذبن ۽ پاڪ

رشتن ۾ ڏار وجهي ٿو

زنگ هڻي ضرب ڏيئي ٿو

تڏهن ته

ڪائي عورت ڏک مان ۽

درد مان لڙڪ وهائي

خاموش ٿئي ٿي.

 

نجمه پنهور

 

 

 

غزل

 

ڪوئي ڪنهن کي ڪٿي سنڀاري ٿو،

هر لمحو ٻي لمحي کي ماري ٿو.

سارا سپنا ۽ خواب ڇڏي پٺيان آيس،

هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو.

پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،

ڪير ڪنهن سان گڏ ڪٿ گذاري ٿو.

سال گذري ويا مون کان وسري ويو،

ڪلهه مليو ته هو مون کي ساري ٿو.

ٽهڪ تي ٽهڪ ورهائڻ وارو،

پاڻ لڙڪن سان گڏجي گهاري ٿو.

 

غزل

سارا ڏوهه بخشائڻ ايندس،

پيارن کي پرچائڻ ايندس.

بسنت رُت ۾ تڙپي پوندس،

پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ ايندس.

خوشيون ڏک جو ڪجهه هوندو،

پيارن ۾ ورهائڻ ايندس.

گيت لکي مان گهوٽن تي،

جذبن کي جاڳائڻ ايندس.

ڪوبه نه هوندو واٽن تي،

واٽن کي سجائڻ ايندس.

سچ ڇا آهي مورک ماڻهو،

توکي سو سمجهائڻ ايندس.

تنهنجي ڪُلهي مٿو لاڙي،

سارا لُڙڪ وهائڻ ايندس.

گل گيت کڻي مان نڪري پوندس،

در در سڀ ورهائڻ ايندس.

 

عاجز ڪريمُ پوري

 

 

 

 

چؤسٽا

 

کَٿو، کيسُ پَٽڪو، علامت آ سنڌ جي،

لُونگي، ٽوپي اَجرڪ، شناخت آ سنڌ جي،

هُنر هي اَيامن کان، اچي پيو شانائتو،

دُنيا ۾ واکاڻيل، ثقافت آ سنڌ جي.

 

ڪَڍيا هُنر ماڻهن! دُنيا ۾ نِرالا،

سنڌي ٽوپي اَجرڪ، سندو شان اعليٰ،

پَسند هئي پيغمبر کي سنڌ جي ثقافت،

ثقافَت جو بَرحق آهي بولُ بالا.

 

دُنيا ۾ آ سهڻي! ثقافت هيءُ سنڌ جي،

رهِي آ قدآور، هيءَ حِرفت ڪا سنڌ جي،

سِنڌي ٽوپي اَجرڪ ماڻيو مانُ آهي،

وَڌي آهي عالمَ ۾، عَظمت ڪا سنڌ جي.

 

ٿئي شالَ اَمن جو نئون سال ثابت،

ڦَڏن ۽ فسادن کان ٿئي ڍال ثابت،

ڪري خَمير خَلقت جو، خالق سدائين،

مُحبتن جو جڳ ۾، ٿئي مثال ثابت.

 

اَمن، آجپي جا، اچن ڏينهن سدائين،

مُحبتن جا جڳ ۾، وسن مينهن سدائين،

هُجي سنڌ سَلامت ۽ عالم آسودو،

ماڻين منزلُون پيا، سچا نينهن سدائين.

 

اعجاز علي شاهه رضوي

 

 

 

 

فلسطين فلسطين

 

اي داستان پُرالم، اي ڪاروانِ چشم نو،

اي آستانِ ظلم و غم، فلسطين فلسطين.

عذاب جا هي وهڪرا، هي وحشتن جا قافلا،

مئل مئل هي حوصلا ۽ عظمتون ذرا ذرا،

فلسطين فلسطين.

گهٽي گهٽي ۾ ميتون، رستن تي پيون رلن،

محبتن جون محفلون، جلي ٿيون سڀئي بسم،

فلسطين فلسطين.

هي صبح و شام خون جون، روان دوان هتي نديون،

بنائي موت ٽوليون، ملهائي تو ۾ هوليون،

فلسطين فلسطين.

بمن جي باهه جو حسين، جلائي پيو چمن،

چٽيل چٽيل ڳڀا بدن، سڙن پيا بي ڪفن،

فلسطين فلسطين.

لهو جا اشڪ ٿا ڳڙن، اجل سندو کتو علم،

ورن بنان ونيون رڙن، سريون جدا ڪيو دڙن،

فلسطين فلسطين.

ملول، غمزده نه ٿي، نه ڇڏ اُميد جي رسي،

فنا ڪي ستگمري، اي پيغمبرن جا آستان،

فلسطين فلسطين.

سلام توتي ٿو چوان، اي سرزمين سوز و غم،

سلام توتي ٿو چوان، اميدِ سوز جا جهان،

فلسطين فلسطين.

نِم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

غزل

رهزنن جو راڄ وڌندو ٿو وڃي،

عدل ۽ قانون ٽٽندو ٿو وڃي!!

دربدر انصاف لئي ڀٽڪي غريب،

پر مسيحا ڏور ڀڄندو ٿو وڃي!

امن ۽ ايمان کي ڳوليان ڪٿي،

حق ۽ سچ جو ٻيڙو ٻُڏندو ٿو وڃي!

بي حيائي ۽ بُرائي وئي وڌي،

روزِ شب انسان ڪِرندو ٿو وڃي!

رحم ۽ احساس ويو آهي مري،

آدمي حيوان ٿيندو ٿو وڃي!

خون سستو ٿو وڪامي ديس ۾،

ڀاءُ جو ڀي ڀرم کڄندو ٿو وڃي!

نت نوان هُو ڏنڀ ڏي ٿو رهنما،

جسم سارو ساهه ڇڏيندو ٿو وڃي!

قوم ڏاڍي اڄ پريشان آ هِتي،

اگهه شين جو روز چڙهندو ٿو وڃي!

ڪيترو هاڻي گذاريون ماٺ ۾،

هوش هاڻي ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي!

ويجهڙي منزل ڏسان پئو ”ناز“ مان،

درد جو طوفان هٽندو ٿو وڃي!

 

زاهد ڪنڀار

 

 

 

غزل

لهرون ٿيون چڙهن ۽ ٿيون لهن، تنهنجي بحر ۾،

ڏاتار گداگر ٿو ڏسان تنهنجي نگر ۾.

حاڪم جي تمنا ٿو رکي، هرڪو جهان ۾،

ڦاٿل ٿو ڏسان هرڪوئي، دولت جي چڪر ۾.

ظالم جي حڪومت ۾، رڳو ڪيس ٿين ٿا،

مظلوم سدائين ٿو ڏسان جبر و قهر ۾.

تون پنهنجي حفاظت ۾ رکين منهنجا خدايا،

سج ڪيڏي تپش ڪئي آ، صبح جي ته پهر ۾.

مان پنهنجي گناهن تي پشيمان رهان ٿو.

ڪر دور رڪاوٽ تون خدا منهنجي سفر ۾.

جيون ويو کُٽي هن جو آ، سمجهي نه سگهيو آ،

سمجهي ٿو وڃي سمجهو، فقط هڪڙي اکر ۾.

ڪو ڳالهه ڪري دل جي، هٽي ڪونه سگهي ٿو،

مجبور ڏسان ماڻهو پيو، تنهنجي شهر ۾.

هوشيار زماني کان تون ”زاهد“ کي بچائج،

ماڻهو ٿو ڏسان قيد آ، ماڻهوءَ جي مڪر ۾.

 

غزل

ڪارو هو ڪمدار مري ويو، ماڻهو هو بيڪار مري ويو.

ٻيلي واري جهيڙي ۾ اڄ، چورن جو سردار مري ويو.

بئنڪ ڦريندي ڪالهه چون ٿا، ڦورن جو مهندار مري ويو.

دهشتگرديءَ ۾ هو شامل، اهڙو اڄ بدڪار مري ويو.

ڌاڙيلن کي ڌاريندو هو، سو پاٿاريدار مري ويو.

ڪي ڪي ماڻهو ائين چون ٿا، ڪنهن جو هي ڪو ٻار مري ويو.

نٿو هاڻي ائين چوي ڪو، ڪنهن جي دل جو ٺار مري ويو.

”زاهد“ هڪڙي ناري چئي پئي، منهنجو اڄ منٺار مري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org