ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
خزانو
امداد الله وڏيرو چڱن جريبن جي ٻنيءَ جو مالڪ هو، پر سندس
حَوس
پوري نه ٿيندي هئس، منجھس صبر ۽ قناعت بلڪل نه
هئي، هميشه پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪر ۽ پئسن کي وڌائڻ
جا منصوبا پيو ٺاهيندو هو. جيڪي وٽس هو انهيءَ تي
صبر ۽ شڪر جي بدران پيو چوويهه ڪلاڪ گھاٽ گھڙيندو
هو. ڪنجوس به اهڙو هو جو الله جي پناھ، ’ڍؤ ۾ ته
ڄڻ ڪکيون ٿي ڦاٽس‘ ته به ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي
اجايون سجايون تڪليفون ڏسي ۽ گهر ڀاتين کي به
ڏيکاري پيو اها لئه ڪندو هو ته،
”آئون محنتي ۽ بچت وارو آهيان منهنجي بخت ڀيڙو کاڌو آهي،
جيڏانهن ٿو منهن ڪريان، پئسو ئي پئسو آهي.“ سندس
انهيءَ غرور ۽ گھڻي هلاڪيءَ تي رئيسياڻي پئي
ڪنجھندي ۽ ڪرڪندي هئي. هن جو هڪڙو ئي پٽ جانو (جان
محمد) پڻ پنهنجي پيءُ مان بيزار هوندو هو. جانو
هاڻي جوان هو سندس سنگتي ساٿي کيس آڀاريندا هئا ته
”پيءُ کان گاڏي کڻي اچ ته گھمڻ ڦرڻ هلون يا ڪي
پئسا هڙ ۾ رک“. پر جي اهي پئسا رئيس امداد مان
نڪرن نه!! جانو پريشان رهندو هو، سندس سنگتين
گھڻيئي هنبوڇيون هنيون، ٺڳيو، چوريو،
پر اڳيان به امداد الله هو، پٽ کي پئسن لاءِ بيهڻ
ڪونه ڏنائين ته جيئن سندس خزاني ۾ ڪا ڪمي نه اچي.
اهڙيءَ ريت پيءُ ۽ پٽ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. شروع
۾ جانو پڙهائيءَ ۾ پڻ سٺو ۽ چئي دار پڻ هو، پوءِ
سندس پيءُ جي رَوِش هُن جي ذهن تي ناڪاري اثر ڇڏڻ
شروع ڪيا ۽ کيس آهستي آهستي انهيءَ نالي جي امير
پيءُ کان نفرت ٿيڻ لڳي. جنهن جو سبب سندس سنگت پڻ
هئي. گھر ۾ صحيح توجهه نه ملڻ سبب هُو
غلط دوستن ۾ ڦاسندو ويو. امداد وٽ جيڪا به ملڪيت
هئي سا بيشڪ هُن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي،
پر اولاد ئي ته اصل ملڪيت آهي، اهو سمجهڻ کان هُو
قاصر هو. اڄ وٽس جھجھي زمين، ٽريڪٽر، اوطاقون، مال
متاع هئا. پر پٽ نافرمان پئي ٿيندو ويو، شروع ۾ ته
هُو ٿورو پئسو پاڇي رکندو هو ته آئيءَ ويل ڪم اچڻ
لاءِ پئسو ضروري آهي، پر پوءِ جيئن ئي پئسو وڌندو
ويو سندس رويي ۾ پئسي جي چُوس وڌي وڃي دنگ ڪيو.
هاڻي ته هو ضروري خرچ ڪرڻ کان به لنوائيندو هو. هڪ
ڏينهن فجر مهل اگھور ننڊ ۾ چادر تاڻي ستو پيو هو،
جوڻس اچي جاڳايس.
منهن ڦٽائي پڇيائينس، ”ايترو ساجھر ڇو جاڳايو اٿيئي؟“
رئيسياڻي زيبل روئڻهارڪي ٿي وڏي آواز سان چوڻ لڳي، ”ٻڌئي! جانو
رات کان گھر ڪونه آيو آهي، اُٿي ڪا پڇا ڪر، اڳي ته
ڪڏهن به سڄي رات گھر کان ٻاهر نه رهيو آهي. الائي
ڪٿي مصيبت ۾ ته ڦاسي ڪونه پيو آهي؟“
رئيس کي ننڊ ڦٽڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، وري ضبط ڪري چادر ڇڪي پاڻ تي
وڌائين ۽ اوٻاسي ڏيندي چوڻ لڳو،
”مون کي سمهڻ ڏي، اچي ويندو جوان ڇوڪرو آهي. ڪنهن مصيبت ۾
ڪونهي، دوستن سان ڪٿي ٽڪي پيو هوندو“
زيبل روئڻ لڳي. سندس رانڀاٽ ٻڌي رئيس سنوَت ۾ آيو ۽ کيس تسلي
ڏيڻ لڳو.
زيبل پنهنجون آگميل اکيون مٿي کڻي کيس منٿ ڪندي چيو، ”ڏس رئيس!
توکي الله جو ڏنو جھجھو آهي، پر کمي کاءُ! پٽ تان
هٿ کڻندو پيو وڃين. هڪڙو ئي پٽ اٿيئي، اهو ئي وارث
پڻ، اٿيئي سندس سڄو سڌارو توتي دارومدار رکي ٿو.
آئون زائفان ذات آهيان. جيڪڏهن جانوءَ تي ڌيان نه
ڏيندين ته ڌن ڌاريئي جي نه ڌاريئي، ڪوبه فرق نٿو
پوي. مونکي سندس سنگت نٿي وڻي.
ڇوڪرو مئٽرڪ پاس ڪري اڳيان پڙهي به نٿو. کيس زمينن
تي به نٿو وٺي وڃين، پيو ٻين جي گھٽين ۽ گھرن ۾
رُلي ۽ کرجي.“
رئيس اکين مان
پچيون
ڪڍندي بي دليءَ سان وراڻيو، ”ڇو ٻنين تي نٿو وٺي
وڃانس، ڪيترائي ڀيرا هليو آ، پر ڪم ۾ شوق ئي نٿو
ڏيکاري، رُڳا رونشا گھرجن. ڪونهن پئسا مون وٽ شغلن
لاءِ.“
”آخر ڪجهه ته ڪبوني، هٿ ته ڪونه کڻبو جوان اولاد تان.“ زيبل
سندس پلنگ تي ديرو ڄمائيندي چوڻ لڳي. وڏيرو سوچ ۾
پئجي چپ ٿي ويو.
جانو دير سان گھر آيو، کانئس رات جو گھر نه اچڻ جو سبب پڇيائين
پر هُو ڪن ٽار ڪري اُتان اُٿي ويو. وڏيري ڄاتو ته
هاڻي ته هيءُ پڪو گھڙو ٿيندو وڃي. اکين جي ديد ئي
ختم ٿي وئي اٿس. سمجھائي ڇا ڪبو. دل ئي هارجي
ويس.
جانوءَ جي خراب رَوِش ۾ سڌاري جي بدران هيڪاري وڌيڪ واڌارو ٿيڻ
لڳو. هڪ ڏينهن کيس خبر پئجي ويئي ته پڻس پنهنجا
پئسا ڪهڙيءَ جڳهه تي رکي ٿو. هن ڪنهن طريقي سان
اهي پئسا چوري ڪيا ۽ وڃي دوستن سان گڏ محفلون
مچايون. وڏيرو جو پنهنجي خزاني کي کولي ته سندس
تاڪ ئي لڳي ويا. ”مار! ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ڪري جو
پئسو جوڙيو سو ڇورو هڪڙي ئي ڌڪ ۾ پار ڪري ويو. کيس
اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ لڳو جو ڏندڻجي ڪري پيو.
وڏيريءَ زيبل مٿانس اچي پاڻي وڌو. ٻيئي زال مڙس اچي جو روئڻ ۾
ڇٽڪيا، چون ته ڪهڙي بدنصيبي سامهون آئي آهي جنهن
لاءِ ڪک پن پيا ميڙيون، اُهو ته صفا لاهي پائي
بيٺو آهي.
وڏيريءَ
منٿون ڪندي امداد کي چيو، ”رئيس! ڳالهه ٻڌ، هن
نينگر جو ڪٿي نڪاح ڪرائي ٻه ٻول پڙهائنيس،
وني ڏسندو، اولادي ٿيندو، ارڏايون ڇڏي ڏيندو.“
رئيس پاڻي پيئندي وراڻي ڏنس، ”زيبل ڏاڍي ڪا زورآور آهين جو پاڻ
ٻار آهي سو ڪٿان گھر جون جوابداريون کڻندو!“
زيبل آڱرين تي حساب ڪري آسائتي انداز سان چيو، ”رئيس ماشاءالله
پورن ويهن ورهين جو، شاديءَ لائق آهي. هروڀرو ٿو
پڙ ڪڍي بيهين.“
وڏيرو وڏيءَ سوچ ۾ پئجي ويو، ڪجهه دير کان پوءِ ڄڻ ڪو فيصلو ڪري
ورتائين. هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي تيزيءَ سان ڪمري مان
نڪري ويو.
جانوءَ جي دوست گلڻ جي شهر مان ايندي جيپ خراب ٿي پيئي. سنگت
صلاح ڪئي ته شهر مان ڪو مستري وٺي اچجي. ٻه ڄڻا
ڪنهن گاڏيءَ کان لفٽ وٺي شهر مستريءَ لاءِ روانا
ٿيا ۽ جانو ۽ گلڻ جيپ ۾ ئي ويٺا رهيا. مٿان اچي
سانجھي ٿي، ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏي پجيرو گاڏي اچي
سندن ڀر ۾ بيٺي ۽ گلڻ جا هٿ پير ٻڌي هن کي روڊ تي
اُڇلي جانوءَ کي ڪپڙي لٽي مان آسودو سمجھي پاڻ سان
کڻي ويا. سندن منهن تي ٻُٽون ٻڌل هيون. جانو خوف ۾
ڏڪڻ لڳو ڳالهه سمجھي ويو ته هي اغوا جا پئسا
گھرندا ۽ بابو ڪونه ڏيندو، پَڪَ سان مون کي ماري
ڇڏيندا. هُن موت کي پنهنجي سامهون پئي ڏٺو. اڳيان
هلي پجيرو روڊ کان جھنگ ۾ رستو ٺاهيندي وئي ۽
پريان جھنگ ۾ جتي ڪچو رستو ختم ٿيو، گاڏي بيهي
رهي. جانوءَ کي مٿي جي وارن مان ڇڪي هيٺ لاٿائون.
سندس هٿ پير ٻڌل هئس. کيس پنڌ ڇڪيندا ويا تان جو
هنن جو ٺڪاڻو آيو. جتي هڪ ننڍي جھوپڙي ٺهيل هئي،
ٻه کٽون ۽ هڪ مَٽ، پاڻيءَ جو ۽ گلاس. ٻيو ڪجهه به
نه هو، ان جھوپڙيءَ ۾. اهڙيءَ ريت هُن کي هتي
پندرنهن ڏينهن ٿي ويا،
پر نه ڌاڙيلن کيس ڇڏيو ۽ نه ئي کيس ڪا خبر پئي
سگهي ته هنن سندس پيءُ سان ڪو واسطو رکيو آهي، يا
نه؟ پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته، جي هن جزا
جهڙي جيون مان آجو ٿي گھر پهتس ته هميشه لاءِ ابي
۽ امان جو غلام ٿي گذاريندس.
هڪ ڏينهن ٽنهي ڌاڙيلن ۾ ڦڙ ڦوٽ هئي سندن ڳالهائڻ مان جانوءَ ٻڌو
ته پوليس جا ڇاپا پيا لڳن ۽ آپريشن ٿي رهيو آهي،
هُو ٻئي ڪنهن هنڌ منتقل ٿي ويندا. سردار کين چئي
رهيو هو ته، ”هن نينگر مان جان ڇڏايو ته اڳيان وڌڻ
آسان ٿئي. ان ريت ڪارا ڪپڙا پاتل ڌاڙيلن کيس کٽ جي
پاڳي کان ڌار ڪيو، اکين تي پٽي ٻڌي اڳيان روڊ ڏي
وٺي هليا، هٿ ٻڌل هئس. ٻاهر رستي تي ٿڦون هڻي اڇلي
ويس.
ڌَڪَ ۽ ڌِڪي کائڻ کان پوءِ جانوءَ جي جسم ۾ سور جون سٽون اڀرڻ
لڳيون. هٿن تي ٻڌل رسن زخم ڪري ڇڏيا هئا، اکيون
کولي نٿي سگھيو. روڊ پاسي هڪ وڻ هيٺ ويٺو هو. ڳچ
دير کان پوءِ پوليس موبائيل اُتان گذري، جنهن مان
هڪ پوليس واري نڪري رسيون ڪتري کيس آزاد ڪري
گاڏيءَ ۾ ويهاري گھر پهچايو. بک، اڃ ۽ اوجاڳي سان
هيڻن حالن ۾ جانو حياتي بچڻ تي زار زار روئڻ لڳو.
پاند ڳچيءَ ۾ پائي پيءُ ماءُ کان معافيون
گھريائين. سندس حياتي ئي بدلجي ويئي. هن دکدائڪ
واقعي پير اُکيڙي ڇڏيا هئس. ڇاجون سنگتون، ڇا
جون محفلون، سڀني کان توبھ تائب ٿيو.
وڏيري سندس واپس اچڻ تي وڏو جشن ڪيو ۽ ڳراٽڙي پائي کيس پنهنجي
سڄي ملڪيت جي سنڀالڻ جي واڳ ڏيئي ڇڏي ۽ پنهنجي ئي
حيثيت برابر رئيس محمد عليءَ جي گھر سندس مائيٽي
ڪئي. سڱ ٿيڻ ۽ زمين جي ذميداريءَ
کان پوءَ جانل سمجھدار ٿي ويو، سندس مائيٽن به سُک
جو ساھ کنيو. وڏيري امداد ڪڏهن به زال کي ڪونه
ٻڌايو ته اهي ڌاڙيل ڪير هئا؟!!.
شگفته شاهه
پرينءَ ڏانهن موٽ
جيئن جيئن واپسيءَ جو سفر کُٽي پيو، منھنجي دل جي
بيتابي وڌندي پئي وڃي. پرينءَ ڏانهن موٽندي سڄي
سفر دؤران منهنجي اکين اڳيان گذريل ٻٽيھن ورھين
جا مرحلا ھڪٻئي پويان ڪنھن فلم جي منظرن جيان پيا
اچن ايسيتائين جو ٽي ڏھاڪا اڳ جو منظر اچي بيهي
رھيو.
الا.....! ٻٽيهن سالن جو وقت ڄڻ اک ڇنب ۾ گذري ويو
۽ اڄ آئون واپس ان ماڳ ڏانهن پيو موٽان جتان مون
پنھنجي ڪامياب مستقبل ماڻڻ لاءِ سفر شروع ڪيو ھو.
ان سفر تي اُسھڻ لاءِ مون کي پيارا رشتا ۽ دوست
اتي ئي ڇڏڻا پيا ھئا... ۽ توکي به...
جڏھن اکين ۾ ڪيئي خواب سجائي، پنھنجي شھر جي ريلوي
اسٽيشن تان ريل ۾ چڙھي روانو ٿيڻ لڳو ھوس ته سڀني
آلين اکين سان مون کي الوداع ڪيو ھو ان مھل تو پري
کان مون کي ڏاڍي ڏک مان ٿي ڏٺو.
تون جيڪا منھجي چاھت ھئينءَ، تنھجي عشق ئي ته
مونکي مشھور ڪيو ھو، سڃاڻپ ڏني ھئي، تون منهنجي
سگھ ھئينءَ... تنھنجي ڪري ئي ماڻهن مون کي پيار
ڏنو ۽ مانُ ڏنو ھو. توکي مون سان شديد پيار ھو
انڪري توکي منھنجو پري وڃڻ پسند نه ھو. تو مون کي
ڏاڍو روڪيو ھو، پر مون کي منھنجو شاندار مستقبل
ڇڪي رھيو ھو. مون کي ان وقت لڳو ھو ته تون اجايو
اداس ٿي وئي آھين، آئون نه ته پنھنجن مٽن مائٽن،
دوستن سان ناتو ٽوڙيندس نه ئي توسان بيوفائي ڪندس.
ريل ھلڻ شروع ٿي، تون آلين اکين سان مون کي ڏسندي
رھي ھئينءَ ايستائين جو ريلوي اسٽيشن جو منظر نظرن
جون سرحدون پار ڪري توکي پوئتي ڇڏي ويو.
مون پنھنجي زندگيءَ جي نئين دؤر ۾ قدم رکيو ۽ وڏي
عھدي واري ڪرسيءَ تي ويٺس ته سڀ ڪجهه بدلجي ويو.
منھنجي چؤپاسي ميڙاڪو لڳي ويو. نوان رشتا جڙي ويا
ھئا، نوان دوست بنجي ويا ۽ ماڻھن مون کي گھيري
ورتو. مون کي اھي غريب مائٽ وسري ويا، جن جي محنت
۽ دعائن سبب آئون ان مقام تي پھتو ھوس ۽ وڏا ماڻهو
دوست بڻيا ته اڳوڻا غريب دوست وسري ويا ڇو ته پيسي
۽ طاقت جو نشو اھڙو ھوندو آھي، جو سڀ ڪجھ وساري ٿو
ڇڏي. منهنجي چوڌاري خوشامدي ماڻهن جي گوڙ مان به
ڪيترا ئي ڀيرا تنھنجي پڪار منهنجي ڪنن تي پوندي
رھي، پر ھاڻي واپسيءَ جو مون ڪڏهن سوچيو به نه.
وقت گذرڻ سان گڏ تنهنجي چاهت ۽ تنهنجي ياد ڌنڌلي
ٿيندي وئي هئي ڇو ته قدم قدم تي ملندڙ ترقين ۽
مصروفيتن سڀ ڪجھ وساري ڇڏيو. منهنجي آس پاس ھر وقت
ميڙاڪو ھوندو ھو، ميلا ھوندا ھئا، نوان عھدا ھئا،
پارٽيون ھونديون ھيون. تنھنجون پڪارون انھن سڀني
وچ ۾ دٻجي وينديون هيون... نيٺ تون به خاموش ٿي
وئينءَ... مون کان پري ٿي وئينءَ.
وقت جو تيز رفتار گھوڙو ڊوڙندو رھيو ايسيتائين جو
سمورو عرصو ڪنھن خواب جيان گذري ويو.
ھاڻي آئون رٽائرمينٽ کان پوء واپس ان ماڳ ڏانهن
پيو وران، جتان ٽي ڏھاڪا اڳ سفر شروع ڪيو ھئم، پر
ھاڻي آئون ٿڪيل مسافر وانگر پيو موٽان. نوان جوڙيل
رشتا پوئتي رھجي ويا آهن. ھر ڪنھن جائيداد ۽ ڌن
دولت مان پنھنجو حصو وٺي ڇڏيو آهي. کين ھاڻي
منھنجي گھرج ڪونھي. سڀ ميلا ۽ چھچٽا پوئتي رھجي
ويا ڇو ته انھن جو محور منھنجي ڪرسي ۽ عھدا ھئا...
اڄ اھي انهن سان گڏ آهن جنھن منھنجي جاء تي ڪرسي
سنڀالي آھي.
سفر جيئن جيئن کٽي پيو منھنجي دل جي عجيب حالت پئي
ٿئي... خبر اٿم ته منهنجا پيارا رشتا ته ھيءُ جھان
ڇڏي چڪا آهن، اڳوڻا دوست به سڀ ھوندا الائي
نه..... ۽.... تون..... ڇا تون مون سان ملندينءَ؟
ڀل ڪير به نه ملي، پر جي تون ملي ويندينءَ ته آئون
ھاڻي توکي ڏاڍو مانُ ڏيندس.... پر ڇا تون مون کي
قبول ڪندينءَ؟
توکي مون ڦوھ جوانيءَ ۾ ڇڏيو ھو، تنھنجو حُسن جوڀن
تي ھو...
ڇا تون ھاڻي مون جھڙي ٿڪيل مسافر کي قبول ڪندينءَ؟
اي منهنجي پريميڪا....!
منھنجي مٺڙي!
منھنجي رُسي ويل ڏات......!
امداد ڪانهيو
ڌُنڌلا عڪس.....
هن جي اکين ۾ ننڍپڻ جا ڪي ڌُنڌلا عڪس رهجي
ويا آهن ۽ هُو سمجهي ٿي چوڏهن سال اڳ وارا اُهي
عڪس هاڻ وڌي صدين جا ٿي پيا آهن. ايامن کان يادن
کي وساريندي هُو ٿڪجي پئي آهي، پر اُهو سڀ وسارڻ
کان اڳ هن جي اکين ۾ روز پوسل ٿي اچي وڃي ۽ ھُوءَ
خاموشيءَ
سان اکيون اُگهي ٿي ڇڏي، ليڪن اڄ اکيون خشڪ ٿيڻ
کان اڳ هُوءَ گهران نڪري آئي ۽ بنان ارادي اڳتي هلندي ٿي وڃي.
هُوءَ جيڏانهن وئي پئي، اوڏانهن هلندي هن جي قدمن کي اُنهن پيچرن
جي پُراڻي هير پيل آهي. اُهي گس پنڌ هن جي حافظي ۾
جهڙوڪر محفوظ ٿيل آهن ۽ هن جو وجود ڄڻ
Auto Mood
تي ترتيب ڏنل ڪا مشين آهي.
’پابنديون
رُوح کائي وينديون آهن.‘
ٻاروتڻ ۾ چيل پيءُ جي ڳالھ جو احساس هن جي وڃڻ بعد
هاڻ ٿيڻ لڳو هئس،
’والد اعتبار ۽ ڀروسا اکين مان ڏسي وٺي ٿو،
اجائي روڪ ٽوڪ ڇڏي انساني آزادي ۽ اختيار آڇي ٿو،
پر اُن کان پوءِ ٻيا سڀ ته شڪ جي نگاھ سان ڏسن ٿا
۽ ڪيڏي غير يقيني اندر ۾ پالين ٿا؟‘ هُوءَ
سوچي ٿي ۽ اُهي رستا مٽائڻ
چاهي ٿي، اهڙن طئي ٿيل گس پنڌن کان هُوءَ
بيزار آهي، ڪي نيون راهون ڪي نوان رستا هن جي سوچ
۾ جاڳن ٿا، پر زندگيءَ جو سنگ جيئن نِسرندو ٿو وڃي، پنهنجي پاسي
۾
ڏُکيائون
ائين وڌنديون ٿيون وڃن. جوڀن جو پکي آرس ڀڃڻ لڳو
آهي ۽ پنهنجي هر رستي مٿان ڪنهن ماريءَ جي موجودگي هن کي پسجي ٿي! گُهٽ ٻوسٽ
آهي، ڪُجھ سمجھ نٿو اچي، هر چهري پويان هڪ چور
لِڪو بيٺو آهي ۽ هُوءَ بيزار آهي. ھُن جا قدم انھن پراڻن پنڌن
تي وکون کڻندا وڃن ٿا ۽ هن کي محسوس ٿئي ٿو، جيون
جو پنڌ هُو غير ارادي ۽ پاڻ مُرادو هلندي رهي آهي.
گهٽيون مَٽيندي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي هوءَ موهني بازار جي نورمسجد واري قبرستان ۾
اچي بيهي رهي آهي.
”چوڏهن سال ايڏو ڊگهو وقت ته ڪونهي؟ پر ان
عرصي کي سڏجي ته عمر قيد ٿو.“، شگفته جون اکيون هڪ
پُراڻي قبر جي اُکڙيل ڪتبي تي ڄمي پون ٿيون،”ڪجھ
سال ڪيترا نقشا بدلائي ڇڏين ٿا.“، هُوءَ سوچي ٿي،”نقشا ته بدلجي وڃن ٿا، پر
عادتون ۽ سماج بدلجڻ ۾ سال نه صديون لڳن ٿيون.“
قبرستان ۾
گَهري سانت آهي. جيئن قبرون سڀ خاموش آهن، شگفته به ائين چُپ
چُپات ۾ ويڙهي اونهين سوچن ۾ ٻُڏل آهي. قبرستان جي
سانت هن لاءِ اُهو سمنڊ آهي، جيڪو اڪثر هن جي اندر ۾ موجون هڻندو ٿو
رهي، سانت! سانت سان مِلي ٻُڏي ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾
شگفته خيالن ۾ گُم رهجي ٿي وڃي.
هُوءَ اڳ به ڪئي ڀيرا انهي قبرستان ايندي رهي آهي، جڏهن ننڍپڻ هو
۽ ٻاروتڻ ۾ به هوءَ
قبرون نهاري ائين اڻ ڏٺي خاموشي ۾ وٺجي ويندي هئي،
پر پوءِ هتان گهڻو پري هوءَ پرڏيھ هلي وئي، جتي هن پڙهندي لکندي پنهنجي شهر کان دوريءَ واري وقت کي ڪنهن عمر قيد جهڙي قبر ۾
گذاريندي ڏٺو هو ۽ هاڻ پنهنجي شهر پنهنجي گهر ۾
سڪون لاءِ واپس موٽي هئي، پر هتي ته اُها ئي ساڳي
اڃان وِک وِک تي وحشت هئي.
پُراڻين قبرن جي ڀر ۾ ٺهي ويل گهڻيون نيون
قبرون ڏسندي هن کي پنهنجي ڏاڏي ياد آئي،”هُوءَ تمام ننڍڙي ٻالڪ آهي، ڏاڏي بيماريءَ جي بستري تي پيل هوندي به هن کي پيار ڪندي ٿي رهي، جيڏو پُٽ
پيارو آهي، اُن کان وڌ پوٽي پياري آهي ۽ هُوءَ ڪو پل به ڏاڏيءَ کان پري نٿي وڃي ۽ ڏاڏي کنگهندي کنگهندي
پنهنجيون اکيون بند ٿي ڪري وٺي ته وري ڪڏهن به نٿي
کولي.“
”ڏاڏيءَ جي پريت ڪيڏي پياري هُئي؟ ڏاڏي
مري وئي ڄڻ پريت مري وئي!“
شگفته جا خيال مٽجن ٿا ۽ هُوءَ سوچي ٿي،”ماسات مُخلص به مون جيڏو ته هو؟
ٻالڪپڻ ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پيس، ماسي جام رُني، ايڏو
رُني جو ڀڄي ڀور ٿي پئي، پر مُخلص ويندي ماسي ڇا
هُوءَ
به اڪيلي ٿي پئي. مُخلص قبرستان اچي سدائين لاءِ
هِن چُپ چُپات جو رهواسي ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به
ڪنهن سان نه ڳالهاڻو.“
”ماسات مُخلص!“، شگفته هڪ اونهو ساھ ڀريو
۽ سوچڻ لڳي،”ماسات کان سواءِ سئوٽ اعتماد به ته
جلد ٻالڪپڻ ۾ گُذاري ويو! ۽ ان کان پوءِ ڪهڙو ڪهڙو
ماڻهو نه ويو؟ بابا مٺو.... نانا شفيق... ناني
ٻاجھ.... ڏاڏو ڇپر.... چاچو پيارل.... بابي جو
ماسات قُرب علي..... عزيزن مان چاچا مومن، مُحبت
خان، نياز ۽ نِوڙت خان....... سُهڻي!“
”سُهڻي؟؟“
”ها مُنهنجي سهيلي سُهڻي! مُخلص کان پوءِ
هڪ اُها ئي ته پاڙي ۾ جيڏي هُئي مُنهنجي ۽ هن کي
اغوا ڪري ڪيئن نه وقت کان اڳ ماريو ويو!“
”ماريو ويو؟؟ مارڻ کان اڳ ته وحشين هن
معصوم بي سمجھ کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو هو.“
شگفته ڇرڪي پئي، سوچون هن کي ڏنگي رهيون
هيون، پر اُن مهل ڪنهن اچي هن جي پويان کنگھڪار
ڪئي ته هن جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. پوئتي
ڏسندي هن سمجھيو، اڪيلي عورت ڏسي ڪو شهر جو اوباش
هوندو، پر پويان هن جي ڀر ۾ هڪ حوالي قسم جو اجنبي
شخص بيٺو هو، جنهن هن کي ڇرڪندو نهاري چيو،”بس
بابا هيءَ دنيا سڀ دم گُذر آهي.“
هن ڪو جواب نه ڏنو ۽ واپس قبر ڏسندي اجنبيءَ
کان پاڻ لنوائي ڇڏيو، پر اجنبي شخص وري ڳالهاڻو،
”تنهنجو درد سمجهي سگهجي ٿو،
پر پاڻ سنڀالڻ گُهرجي، مُئل ساري ايترو ملول نه
ٿجي، خود نھوڙي ائين ويراڳي ٿيڻ زندگي ڪونهي ۽ هڪ
ڏينهن نيٺ ته هر ڪنهن هلڻو آهي.“
هن پوئتي مُڙي اجنبيءَ کي نهاريو، غير واسطيدار شخص نيازمنديءَ وچان هن جي سامهون جُهڪي پيو. ڪاراٽيل
چهري ۾ نشي جي ايڏي لُڙاٺ لٿل هُئي جو اجنبيءَ جي مُنهن ۾ هن کي ڳوليندي به زندگيءَ جو رنگ مِلي نه سگهيو، بس گُهنجيل چهري
تي وقت جي دز هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ آئي پئي، هن اجنبيءَ کي گُهوريندي چيو،”مان ته بس ڪُجھ قبرن سان هِتي ڳالهائڻ
آئي آهيان.“
”قبرن سان ڳالهائڻ؟ قبرن سان ڀلا ڳالهائي
به سگهبو آهي ڇا؟ قبرن مان ته سِکبو آهي درويش. اڄ
جيڪا قبر آهي ڪالھ اُهو ماڻهو هو ۽ اڄ جيڪو ماڻهو
آهي سُڀاڻ اُهو قبر هوندو، اهي حقيقتون نهاري
ويچار ڪبا آهن ۽ حيرت پرائبي آهي.“
”ها بلڪل. اهڙيون ڳالهيون ته جيئرا سوچي
سگهن ٿا، پر مُئل ڪٿي ٿا ويچارين؟ جن ماڻهن جا
اندر مري ويا هُجن، اُنهن کي اهڙو ڪُجھ ياد به
ڪونهي ۽ انسانيت کي اُهي ستائيندا ۽ لڄائيندا رهن
ٿا.“
شگفته پوئتي مُڙي پئي، اجنبي شخص هٽندي هن
کي رستو ڏنو ۽ قبرن جي ڀر کان هلندي چيو:
”قبرون جي ڳالهائين ها ته ماڻهن جا هنيانءُ نه
ڦاٽي پون ها؟ مُرشد جي اوٽ وٺجي، جيڪي پاڻ وڏا
ڪريم آهن ۽ سڀ سنڀالي وٺندا آهن. هونئن به پاڻ نه
رولجي، مشڪل ۾ واهرُو ڳولجن، پر جيڪر مُرشد ڪريم
پاڻ هلي اچي واڳ وٺندڙ ٿين ته اهڙا ڀاڳ ڪنهن نصيب
واري جا ئي هوندا.“
شگفته ڪوبه
جواب نه
ڏنو ۽ اجنبيءَ شخص پنهنجي ڳالھ پوري ڪندي چيو،
”باقي اِهي قبرون نٿيون ڳالهائين، ماڻهو
ڳالهائين ٿا، ماڻهن سان ڳالهائجي، جيئرن جاڳندن
سان ڳالهائجي، قبرون ته تعجب جو مقام آهن.“
”پر مون سان ته قبرون ڳالهائين ٿيون.“،
قبرستان کان ٻاهر ويندڙ رستي ڏي ايندي هن چيو.
”اُنهن سان ڳالهائي مون کي سُڪون ملي ٿو. منهنجي سوچن جو
سمنڊ قبرن سان حال اوريندي ٺاپرجي وڃي ٿو، ماڻهو
ته مُنهن تي هڪ ۽ پرپُٺ ٻيا ٿي پون ٿا. ڪهڙي خبر
تون به جيڪو ڏسجين پيو ، اُهو نه هُجين ۽ پل کان
پوءِ ظاهر ٿي پوين؟“
”مان ته ادنيٰ خادم آهيان، ٻڌو ٻانهو مُرشد سائينءَ جو“، اجنبيءَ ڀر وٺندي چيو،”بس دل درويش آهي ته ڳالھ چئي ڏنم، هونئن به
لال ته سُونهين سيدن کي، غلط ته نه چيو اٿم.“
”درويشن جي دنيا صرف هتي پاڻ وٽ آهي ٻيو
ڪٿي به ڪونهي ڇو ڀلا!؟“
”اڇا ڀلا ڇڏيو، قبرون اوهان سان ڇا ٿيون
ڳالهائين؟ اِهو کڻي ٻُڌايو.“، موضوع جي نزاڪت کي
سمجهندي اجنبيءَ شخص جي وِک بيهي رهي ۽ هن شگفته جي اڳيان
پنهنجي هڪ هٿ سان قبرن ڏي اشارو ڪندي پڇيو،”ڪجھ
مون کي ٻُڌايو، مان به ڏسان قبرن جا ڪهڙا احوال
آهن؟“
”قبرستان جي هر قبر پنهنجي وقت جو هڪ
داستان الم آهي. تون ڪڏهن مڪليءَ
ويو آهين؟“
”ها ڪو هڪ اڌ ڀيرو.“
”پوءِ پڪ اُتي قبرون به ڏٺيون هوندئي، جن
مان گهڻيون توکي خاموش نه لڳيون هونديون. اُهي
قبرون ڳالهائينديون آهن، تيرن، تبرن، تلوارن،
گهوڙن جون هڻڪارون، للڪارون، رڙيون، هڪلون، گوڙ
گهمسان، جنگ و جدل، ڪاهون ۽ الائي ڇا ڇا نه
سلينديون آهن. قبرون ته سڀ ڪجھ بيان ڪري وٺنديون
آهن، بس رُڳو جي ٻڌي سگهجي ۽ مان ته ٻڌندي آهيان،
باقي ڪير نٿو ٻُڌي، ته اُهو چئي سگهي ٿو قبرون
نٿيون ڳالهائين. قبرون ته سڀ دک سُور سلين ٿيون بس
ڪن هُجن.“
”ها ائين ته پنهنجي زمانن جي گواهي کڻي
قبرون ڏينديون هونديون، اُهي قضيا قبرن سان گڏ اڄ
به پسي سگهجن ٿا، پر مڪليءَ کي ڇڏيو، هن قبرستان جون قبرون ٻُڌايو ڇا ٿيون چون؟“
قبرستان مان ٻاهر ايندي هن مرڪي اجنبيءَ شخص کي نهاريو، اجنبيءَ جو چهرو سواليه ٿي هن ڏي واجهائي رهيو
هو، هن بي ربط چيو،
”هر قبرستان ۾ جيڪا به قبر آهي، سا ڪنهن نه ڪنهن
ماڻڪ جي قبر آهي. هر قبر ۾ ڪو ماڻڪ آهي، ڪو ڪنهن
جو ماڻڪ ته ڪو ڪنهن جو ماڻڪ،
پر مان هتي پنهنجي ماڻڪ جي قبر سان ملڻ آئي
آهيان.“
”ماڻڪ!؟ ڪير ماڻڪ؟“، اجنبيءَ تعجب مان پڇيو ته هن لنوائيندي چيو،
”ماڻڪ! اُهو جيڪو مون کي زمانن جون
ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو ۽ جياپي جا ڪئي راز کولي
وجهندو هو.“
هن جي ڳالھ اجنبي سمجهي نه سگهيو، هن
پهرين سمجهيو هو، ضرور هي ڪنهن وڏ
گهراڻي جي ذهني مونجهاري ۾ ورتل ڪا ائبنارمل ڇوڪري
آهي، جنهن کي ٿورين ڳالهين سان وندرائي وٺبو،
پر پوءِ ڳالهائي هن کي لڳو ايترو آسان به ڪونهي
جيترو هن سمجهيو هو ۽ هاڻ هن کي لڳو پئي پڪ هن
خوبصورت اپسرا جو محبوب، مڱيندو يا مڙس وقت کان اڳ
مري ويو آهي، جيڪو هتي دفن ٿيل آهي. تڏهن پئي هيءَ
اهڙيون منجهيل ڳالهيون ڪري ۽ ملول ٿي پئي وڃي، پر
شگفته
ته
هن کي منجهيل ڏسي چيو،”محبوب صرف مايون ته نه هونديون آهن؟“
”ها بيشڪ ماين جا محبوب مايون ته هرگز نه
هونديون.“، اجنبي پنهنجا اندازا لڳائيندي
چيو،”اپسرائن جا محبوب ڪي خوبرو جوان ئي ٿي سگهن
ٿا.“
هن ڏيکاءُ ۾ ورتل اجنبيءَ جي پراسراريت جانچيندي چيو،
”ماڻڪ صرف مجاز ڪونهي! ماڻڪ ته اُهو به
آهي جنهن قوم لاءِ نُور نچويو هُجي. جنهن قلم سان
ڪئي بند ڪوٽ ڊاهيا هُجن.“
”ڪٿي تون اُن قبر جي ڳالھ ته نه پئي ڪرين
جنهن مٿان هينئر تون بيٺي هُئينءَ؟
پر اُن تي سالن کان ته ڪير به نٿو اچي ۽ ورهين کان
اُها اُجڙي پئي آهي.“
”ها مان ان ئي قبر جي ڳالھ ڪري رهي
آهيان."، شگفته جي من تي ڪُجھ دير پهرين ڏٺل قبر
جو اُکڙيل ڪتبو تري آيو، جنهن تي موت جي تاريخ به
اُڪريل نه هُئي.
”مُئل سان گڏ آخر ڪيترو هلي سگهبو؟“،
اجنبيءَ
قبرستان ٻاهران بيٺل هڪ ٻئي اوپري شخص ڏي اشارو
ڪندي چيو،
”مُئلن کي ڇڏي ماڻهو جيئرن جاڳندن سان جيئي، اِها ئي عقلمندي
هوندي آهي ۽ منهنجي مُرشد سائينءَ
سان ملندئو؟ هُو ٻاهر بيٺل سائين وڏل شاھ آهي، پاڻ
سيد گهراڻي جو سيبتو جوان آهي، جنهن جي حويليءَ
جو مان حشمت خادم ٻانهو آهيان.“
حشمت جي اشاري تي شگفته ٻاهر نهاريو، هڪ
ٿلهو ٿنڀرو شخص هنن کي گهوري رهيو هو، ڊينڊڙي ماڻهو نهاري هن حشمت کي چيو،”زمانو مطلب جو آهي جياپي
تائين! مرڻ کان پوءِ ڪو به ساريندڙ ڪونهي. اُن جي
گواهي اُجڙيل ڪتبا ۽ ڊٺل مزارون آهن ۽ مون چيو هو
نه پل ڀر ۾ تون به ظاهر ٿي پوندين؟ هيءُ سماج سمورو ائين ئي آهي مطلبي ۽ حرامي.“
”مان ته عقل جي ڳالھ ٿو ڪريان مائي! مُرشد
جي نگاھ اوهان تي آهي، مُرشد جي ٻاجھ ۾ سُک، سهنج
۽ زندگيءَ جي سڀ آسائش هوندئي.“
”عقل جي ڳالھ ڪرڻ کان پهرين عقل کي نِپائي
وڏو ڪجي“، هن حشمت جي ڳالھ ڪٽيندي هن جي ڪستي جهڙي
مُنهن ۾ نهاريو ۽ پوءِ اک ڏيکاريندي چوڻ لڳي،”خبر
اٿئي ان قبر ۾ جيڪا هستي آسوده خاڪ آهي، اُهو ڪير
آهي؟ اهو ماڻڪ آهي. منهنجو ماڻڪ سنڌ جو ماڻڪ.“
حشمت ماڻڪ کان اڻڄاڻ هو. هن کي خبر نه هئي
ذهن جي ڌرتيءَ
تان هن حويلين جا بُنياد ڪڏهوڪا پٽي ڇڏيا هئا.
شگفته جو جواب ٻڌي حشمت جو من ملول ٿي پيو ۽ اڃان
به ڄاڻي نه سگهيو ته ماڻڪ آخر ڪير آهي؟ خيالن مان
ورندي حشمت پُڇيو،
”ماڻڪ؟ پر ماڻڪ آهي ڪير؟ اتي ڪير مدفون
آهي؟ جنهن تي قُل پڙهڻ لاءِ اڄ تو کان سواءِ اڳي
ته اسان ڪڏهن به ڪنهن کي ايندي ناهي ڏٺو.“
حشمت جو هانءُ لهندو پئي ويو ۽ اداسي سندس
اندر ۾ ڪاهيندي ٿي وئي. هُو سائين وڏل شاھ کان پنج
هزار جي نوٽ جو واعدو وٺي آيو هو، پر شگفته هن کي
نراس ڪري ڇڏيو هو ۽ هن وساڻل نهار سان شگفته ڏي
نهاريو ته شگفته اعتماد ڀرئي لهجي ۾ چيو،”اِها قبر
سنڌ جي هڪ ڪهاڻيڪار جي قبر آهي، جنهن پنهنجي
ڪهاڻين سان قبر جهڙين ڪارين حويلين جا ڪوٽ ڏاري
ڇڏيا هئا،
پر موت هن کي ته هتي آڻي ورتو، ليڪن اهڙين حويلين
تي اڃان نه آيو ۽ نه حويلين جهڙن ڪردارن کي آيو.
هتي ساڳيون باندياڻيون اڃان به رهجي ويل آهن ۽
گهڻيون پوتيون شڪار لاءِ اڃان به تاڙيون ٿيون
وڃن.“
”اهڙو ته ڪجھ به ڪونهي ها باقي زندگيءَ جو ڏس آهي، زندگي جيئرن سان آهي، مري
ويلن سان نه! ۽ هونئن به ڪهاڻيڪار معني آکاڻيون
ٻُڌائڻ وارو خالي خواب ڏيکاريندڙ هوندو آهي. جڏهن
ته حقيقت سامهون بيٺي آهي، زندگي جي سموري سُک سهنج سان گڏ.“، حشمت چيو، پر ھُن ڄاڻي ورتو هو روز وڏل شاھ سان گڏ
هُو هتي قبرستان تاڙڻ ٿو اچي. اڳتي وڌندي شگفته هن کي چيو،”ها ڪهاڻيڪار معنيٰ سچ جو پرتوو! ڪهاڻيڪار جا خواب ڪوڙا
ڪونهن، اُهو ته زندگي جو عڪس آهي، ڌُنڌلو ئي سهي، پر صدين جو جياپي ڀريو عڪس.“
ايترو چوندي هُوءَ ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندي اڳتي موهني بازار ڏي وڌي وئي ۽
پويان بيٺل نوڪر حشمت وٽ اجنبي شخص تکو ايندي
پُڇيو،”خليفا ڏي خبر گهڻو وقت وٺي ورتئي! ڀلا وڏي
مهارت سان سُرخرو ته اڄ به نيٺ ٿي پئين نه؟“
”سُرخرو وري ڌُوڙ! اڄ پهريون ڀيرو هارجي
ويم مُرشد.“
”هارجي ويم؟“ حشمت جهڙوڪر روئندي جواب ڏنو
ته ويجهو ايندڙ سائين وڏل شاھ کان ذري گهٽ رڙ نڪري
وئي ۽ هڪدم هن جون اکيون بازار جي ماڻهن ۾ پنڇي
جهڙو اُهو عڪس ڳولڻ لڳي ويون، پر اُهو ڪونج جهڙو
وجود ماڻهن جي سمنڊ ۾ لهندي ڌنڌلو ٿيندو جھٽ ئي
هُنن کان گم ٿي چڪو هو. |