ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي
‘
سنڌي ادب جو سنجيده خدمتگار لطف الله بدوي
(تاثراتي تحرير)
سنڌي ادب جي جن عالمن، بزرگن ۽ اديبن ابتدا ۾ ادب
جي خدمت ڪئي آهي ۽ تحقيقي سهيڙ جا بنياد وڌا آهن
انهن ۾ مرحوم لطف الله بدوي جو نالو اهم آهي. بدوي
صاحب گهڻو پڙهيل ۽ گهڻو لکندڙ شخص هو. سندس تحرير
جو دائرو نه صرف سنڌ پر ان کان ٻاهر تائين ڦهليل
آهي. محترم بدوي صاحب نهايت برجستگي سان لڳ ڀڳ
سنڌي نثر خواه نظم جي سڀني صنفن تي لکيو. سندن
حافظو تيز
۽
مطالعو وسيع هو. پاڻ پنهنجي ذاتي زندگيءَ
جي معمولات ۾ نهايت عُمدو هو. عبادت گذار، ورد
وظيفي جو پابند، اشراق جي ادائگي ڪندڙ ۽ متقي شخص
هو. موحد، متوڪل ۽ سخي ڪردار جو مالڪ هو. سندن
محلي جي مسجد ۾ بلاناغه حاضري هوندي هئي. پاڻ نه
صرف مقتدي،
پر اڪثر امامت جا فرائض به سندن حصي ۾ آيا.
ادب سندس روزگار
نه هو بلڪه سندس شوق ۽ ذوق هو. سندن ولادت
1- جولاءِ 1904ع تي ٿي ۽ سندن وفات 19- نومبر
1968ع تي ٿي. شڪارپور جي خمير ۾ جيڪو ادبي شعور هو
اُهو سڄو ماحول کين نصيب ٿيو. پاڻ مارچ 1913ع ۾
شڪارپور ۾ اسڪول ۾ ويٺا. سندن والده ماجده کين 9
سالن جي ڄمار ۾ داغ مفارقت
ڏنو ۽ 14 سالن جي صغير سني (1918ع) ۾ کين والد
محترم جي جدائيءَ جو المناڪ سانحو به برداشت ڪرڻو پيو.
1920ع ۾ سندن شادي ٿي ۽ 1925ع ۾ کين الله
تعاليٰ
احسان بدوي جهڙو نيڪ، فرمانبردار ۽ ليکڪ فرزند عطا ڪيو.
سندن تعليمي سلسلو اڳتي هليو ۽ 1920ع ۾ ئي فائنل
ورنيڪيولر پهرين نمبر سان پاس ڪيائون. 1921ع ۾ ٻه
سال ٽريننگ ڪاليج جا مڪمل ڪيائون. ان کان پوءِ
1926ع ۾ لائلپور زرعي ڪاليج ۾ ائگريڪلچر ٽيچرس
ڪورس ڪيائون، ان کان پوءِ پاڻ پنجاب يونيورسٽيءَ مان بي. اي پاس ڪيائون.
سندن نوڪري جون جيڪي ڳالهيون مختلف مضمونن ۽ ٻين
ذريعن مان معلوم ٿيون آهن انهن موجب پاڻ پوسٽ آفيس
(ٽيليگراف آفيس) ۾ ڪلرڪ
۽ ان کانپوءِ روهڙي ۽ شڪارپور تعلقن لاءِ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسٽرڪٽر
هئا. ان کان اڳ ۾ 1925ع ۾ سکر ضلع لاءِ اردو
انسپيڪٽر پڻ هئا. 25 جنوري 1950ع ۾ شڪارپور
گورنمينٽ ڪاليج ۾ سنڌي جا ليڪچرار مقرر ٿيا. پاڻ
پبلڪ سروس ڪميشن جا ممتحن پڻ رهيا. نوڪري ۽ تعليمي
خدمتن جي طويل پنڌ کان پوءِ 4- جولاءِ 1958ع تي
رٽائر ٿيا. پاڻ رٽائر ته صرف نوڪريءَ
تان ٿيا باقي سندن قلم جي نوڪ هميشه جوان کان جوان
تر رهي.
سندن سوانح جي هنن مختصر انگن اکرن ڏيڻ جو مقصد
صرف اهو آهي ته جيئن سندس مصروف زندگيءَ جي هنن لمحن مان ادب ۽ خاص طور تعميري
ادب جو وقت ڪٿان نڪري ٿو. اهي سندن تعليم، صحبت ۽
ڪردار جون جهلڪيون هيون، جيڪي سندن قلم مان نروار ٿيون.
پاڻ ابتدا ۾ افسانا لکيائون. ’ملا مخزم‘ ۾ سندن
افسانا شايع ٿيا. شروع ۾ ’جوڳي‘، ’لطف‘ ۽
’بدوي‘ جي تخلصن سان شاعري ڪيائون. پاڻ صاحب فڪر و فن جا شاعر هئا. پاڻ جيڪي
ناول لکيائون انهن مان هيٺين ناولن جا نالا ملن
ٿا.
(1) ڪامني (غزنوي دؤر جو تاريخي ناول)، (2) عروس
عجم، (3) ابيلا (4) مجاهدين (تاريخي ناول)، (5)
پامپا جي آخري سرگذشت.
سندن جيڪي ڊراما تحرير ٿيل آهن انهن
۾
هيٺيان ڊراما شامل آهن. (1) دودو چنيسر (2) مير
بهرام خان، (3) ٻيجل، (4) ملڪ شاهه.
اهڙي طرح افسانن جو مجموعو ’دستهء گل‘ پڻ سندن
تخليقي صلاحيتن جو مظهر آهي.
تاريخ جي سلسلي ۾ پڻ سندن قلم خاموش نه آهي. سندن
هيٺيان ڪتاب تاريخ جي مطالعي جو نچوڙ آهن. (1)
تاريخ اندلس، (2) جهاندار
شاهه- آرام دل (تاريخي قصو)،(3) انگريز حڪومت جو
دؤر (تاريخ پاڪ و هند) ٽي حصا. ائين سندن اهم
تصنيف ”سيرتِ
رسول ﷺ“ پڻ تاريخ ۽ اسلام جي نه صرف موضوع تي اهم
ڪتاب آهي، پر سندن ديني مطالعي ۽ عاشقِ رسول هئڻ جي
اهم ثابتي آهي. سائين لطف الله بدوي صاحب سنڌي ادب
۾ جيڪا اهم خدمت ڪئي آهي اسين اڃان انهن تصنيفن جو
صحيح معنيٰ ۾ پورو ذڪر به ڪري نه سگهيا آهيون ۽
پنهنجي نوجوان نسل کي مڪمل آگاهي به نه ڏيئي سگهيا
آهيون. سوانح نگاريءَ جي شعبي ۾ پڻ سندن جيڪا لاجواب تحرير آهي
۽ سنڌ جي ادبي تاريخ جي حوالي سان اڃان تائين به
بنيادي ماخذ آهي اُها آهي تذڪره لطفي (ٽي ڀاڱا).
هن اهم ڪتاب کان علاوه (1) حضرت علي المرتضيٰ
(نهايت اهم ڪتاب آهي)، (2) ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام،
(3) ديوان صنعت (1958ع) به شامل آهي. سندن تحقيق ۽ ترتيب اهم آهن.
پاڻ مترجم به اول درجي جا هئا. هيٺيان ڪتاب سندن
ترجمي جي فن تي گواهي ڏين ٿا. (1) گيتانجلي
(1929ع) (2) ارمغان حجاز (3) اسرارِ رموز ۽ (4)
جاويد نامه.
مٿين تصنيفات کان علاوه جيڪي سندن ٻيون تصنيفات
منصفه شهود تي موجود آهن انهن جا نالا هيءُ آهن: (1) پاڪستان جي شهريت (2) چار درويش (1959ع) (3) احسن قصص
(4) نغمهء
مستانه (5) هرچه بايد ڪردار (شاعري) (6) سيف نامو
(سيف الملوڪ) (7) پاڪ دامن عورت (8) ڀڳت سورتداس (9) موت جو هوائي جهاز آرسيلوين ۽ سمت.
هن پورهئي کان علاوه ان وقت جي جريدن خاص طرح
’نئين زندگي‘ ۾ سندن مضمونن جو وڏو تعداد پڻ شايع
ٿيل آهي. سندن هن سڄي ادبي محنت جي وچور مان اها
خبر پئي ٿي ته بدوي صاحب جي لکيل ڪتابن ۾ متفرقه
ادب جي ڪتابن جو تعداد 27، سنڌي مسودا 42، اردو
مسودا 9، فارسي 6 ۽ شاعري جا 3 ڪتاب آهن. سندن هڪ
مسودو ’سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ‘ (ريسرچ) اڻڇپيل ٻڌجي
ٿو.
پاڻ نه صرف نثرنگار ۽ شاعر هئا،
پر سندن سگهڙائپ جو شوق ۽ ذوق پڻ اعليٰ هو. پاڻ
ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. لاڙڪاڻي
جي
هفتيوار ادبي ڪچهرين ۾ پابندي سان شرڪت
ڪندو هو. پاڻ وقت جو پابند هو، وعده وفائي سندس
اعليٰ گڻ هو. خط جو جواب پابنديءَ سان ڏيندو هو.
مون کي بابا سائينءَ
ٻڌايو ته اسين نوجوان هئاسين، کين خط لکندا هئاسين
ته پابنديءَ سان جواب ڏيندا هئا ۽ سندن حيدرآباد
اچڻ ٿيندو هو ۽ ملاقات لاءِ عرض ڪبو هو ته اسان
سان
وڏي اتساهه ۽ شوق سان اسان ملاقات ڪندا هئا. سندن ڪچهريءَ مان وڏو ادبي فيض حاصل ٿيندو هو. پاڻ
عاشقِ رسول ۽ اسلامي شعائر جا دلداده هئا.
پاڻ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب کي پنهنجو
ادبي مرشد سمجهندا هئا ۽ پاڻ ئي کين آتم ڪهاڻي لکڻ
جو مشورو ڏنائون. شاعر اهلِ بيت سيد اظهر گيلاني
(گهوٽڪي) سندن شاگرد هو. پاڻ عبدالڪريم گدائي
(جيڪب آباد) جي پڻ اصلاح ڪندا هئا. فقير غلام علي
مسرور جي صحبت ۾ سماع ۽ فقيري رنگ جو مٿن غلبو
رهيو. پنهنجي دؤر
جي
سڀني مهذب محققن، اديبن ۽ شاعرن سان سندن
تعلق رهيو. انهن ۾ به خاص طرح مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ، مولائي شيدائي (رحيمداد)، غلام محمد
گرامي، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي
خاص آهن.
پاڻ نوجوان اديبن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين ادب لاءِ
چاهه پيدا ڪرڻ ڄڻ پاڻ تي فرض محسوس ڪندا هئا.
سندن زندگيءَ
جو افسوسناڪ واقعو قدرت واري سندن اکين اڳيان سندس
هونهار فرزند احسان احمد بدوي جي شهادت جو لکيو
هو. هڪ پيرسن والد اڳيان سندن نوجوان فرزند مستقبل
جو معمار ۽ صحيح معنيٰ سندن ادبي وارث زندگيءَ
لاءِ واجهائيندي بهتر جهان ڏانهن هليو وڃي ته اهي
لمحات ڪيڏا نه ڪربناڪ هوندا. احسان مرحوم جو
ڪراچيءَ ۾ 21 نومبر 1965ع تي ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. پاڻ
پنهنجي موڀي فرزند مرحوم غلام احمد بدوي سان گڏ هن
حياتيءَ جا
هي ڪربناڪ لمحا گذاري پوري خاندان کي صبر ۽ رضا جي
تربيت ڏيندا ۽ تاڪيد ڪندا رهيا. هن غمناڪ گهڙين ۾
جڏهن بابا سائين (معمور يوسفاڻي) خانصاحب
عبدالڪريم
’ڪريم‘
پلي ۽ راڄ محمد جمال پلي صاحب تعزيت جو خط لکيو ته
بروقت ان تعزيتي خط جو جواب شڪريه ادائي سان
موڪليائون.
وٽن عاليشان لئبرري پڻ موجود هئي. زماني جي اُٿل
پُٿل ۽ حالتن جي تبديليءَ سان ان عظيم الشان لئبرري جي اها صحيح
سارسنڀال ڪونه ٿي سگهي. انهن ڪتابن کي نه ڪنهن
صحيح جاءِ تائين پهچايو ويو نه وري ڪا مناسب
سارسنڀال ٿي. بدوي صاحب انگريزي، فارسي، اردو،
سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. پاڻ پنجابي ادب
پڻ دلچسپي سان پڙهندو هو. هنن زبانن تي مشتمل
ڪتابن جو هيءَ ذخيرو ڪجهه سال پهريائين مون
شڪارپور ۾
محترم ڊاڪٽر مسعود بدوي ولد غلام احمد بدوي جي گهر
جي گرائونڊ فلور جي
هڪ
ڪمري ۾ ٻورين ۾ بند ڏٺو. ادا مسعود جي
اکين لڙڪن جون جهريون هيون. چيائين ته يار اسد، نه
اسين هن گس هلياسين نه هن سرمائي کي سمجهي
سگهياسين. ٻورين ۾ بند پيل، مٽيءَ جي تهن هيٺيان
آڪسيجن کان محروم هي قيمتي جواهر شايد ڪنهن ننڊ ۾
ستل آهن. جڏهن جاڳندا ته اصحابِ ڪهف جي قديم سِڪي
جون سڪون لاهيندا.
|