قاضي غلام علي
سيد علي ثاني
شيرازي ٺٽوي
ٺٽو قديم زماني کان وٺي علم جو گهوارو رهيو آهي،
جنهن پنهنجي عظيم ڪُک مان هزارين علمي و ادبي
شهپارن کي جنم ڏنو آهي. انهن انمول ترين انسانن جي
ڪري پوري دنيا ۾ ٺٽي کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي.
ٺٽي ۾ ٻاهران کان آيل سوين خاندانن کي پنهنجي اوٽ
۾ پناهه ڏني آهي ۽ انهن علمي ۽ ادبي خاندانن
پنهنجي علمي ۽ ادبي فضل مهارت سان ٺٽي کي بنايو
آهي. انهن ۾ گهڻن علمي خاندانن ۾ ڪجهه خاندان وڏي
علمي اوج ڪري مشهور رهيا آهن. جن ۾ سيد، قاضي،
پوراني، عرب شاهي رضوي، شڪرالاهي، شيرازي، مشهدي،
عباسي، جعفري، خاندانن جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن
مڙني برگزيده خاندانن مان انجوي شيرازي عظيم فرزند
سيد علي ثاني شيرازي سرفهرست نظر اچي ٿو. اڄوڪي
صحبت ۾ اسان انهيءَ متبرڪ چشم و چراغ حضرت سيد علي
ثانوي شيرازي ٺٽويءَ جي حالات و افڪار تي گفتگو
ڪنداسين.
هيءُ بزرگ حافظ، عالم، سخي ۽ متقي پرهيزگار بزرگ
قطب الاقطاب حضرت شاهه مراد شيرازي جي ڀاءَ جو
پوٽو هو. هن ابتدائي دؤر ۾ ٺٽي ۾ علم حاصل ڪيو.
سائين سيد علي شيرازي ثاني حضرت مخدوم نوح رحمة
الله عليه جو دوست همعصر هو. ڪتاب ’تذڪره مشاهير
سنڌ‘ اردوءَ ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ کيس حضرت
مخدوم نوحرحه جو مريد لکيو آهي. ڪن
ڪتابن ۾ کيس همعصر دوست ته ڪن ڪتابن ۾ کيس مريد
لکيو ويو آهي. سائينءَ ڪيترائي حج ڪيا. حرمين
شريفين ۾ ڪيترائي ماڻهو سندس عقيدت ۾ مُريديءَ ۾
شامل ٿيا. حج جي سفر دوران ان کان ڪيتريون ئي
ڪرامتون ظاهر ٿيون. جيئن ڪتاب: ’معارف الانوار سيد
الابرار‘ ۾ آهي ته:
کرامت که از سيد علي ثاني ظهور پيوسته از اگر
بيا......
آدکرده شور مجموعه علاحده کرده شود
هُو هڪ وڏو سخي مرد هو جيڪي به ڪجهه هن وٽ هوندو
هواهو خيرات ڪري ڇڏيندو هو. مڪليءَ تي عاليشان
گنبذ ٺهرايائين. جنهن جي تاريخ ’بحرکرم بحرکرم‘
945هه جي فڪري مان نڪري ٿي. سائينءَ هڪ شاندار
مسجد به پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرائي. جڏهن ترخان
خاندان جي حڪومت جو زمانو هو. مرزا محمد صالح ولد
مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي نياڻي سيد علي جي فرزند
سيد جلال ثاني کي نڪاح ۾ ڏني هئي. مڪلي ٽڪريءَ تي
شيخ ڀرڪيو مجذوب جيڪي به ديني ڪم شروع ڪيا هئا
جنهن جي ڪرامتن کي ڏسي مرزا باقي ترخان به حيران
هو. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ مرزا سيد علي
ثانيءَ سان رابطو ڪيو، سيد صاحب مخدوم نوح کي
ڪوٺائڻ جي لاءِ جيڪي خط لکيو ان ۾ هن هيٺيان اکر
لکيا هئا. هي خط آهي.... سيد علي ثاني شيرازي جي
طرفان سيد علي شيرازي، حاجي، حرمين شريفين عالم،
فاضل، متقي صاحب الموت و الحيات، وسيع الجود،
والسداد، املح الله شانہ و عزيز برهانــہ. سيد
صاحب کان پڇيو ويو ته پنهنجي تعريف ڪرڻ ناجائز
آهي. توهان ڇا ڪري رهيا آهيو پاڻ فرمايائين ته،
”انما الاعمال باالنيات“ ان عبارت لکڻ سان منهنجي
اها ڳالهه آهي ته عملن جو دارومدار نيت تي آهي.
جڏهن مخدوم صاحب جا هيءُ الفاظ خود پڙهندو يا
ٻُڌندو ته الله تعاليٰ اهي لفظ قبول ڪندو. سچ پچ
انهن لفظن جي ادائيگيءَ سان ۽ هڪ ولي ڪامل جي چوڻ
سان ان جو حقدار ٿي ويندس.
مخدوم صاحب ٺٽي کان ٻاهر جڏهن ٻيڙيءَ ۾ پهتو ته
نماز ظهر پڙهڻ لاءِ ٻيڙيءَ کان ٻاهر آيو ته سندس
هٿ وڻ جي هڪ ٽاريءَ سان وڃي لڳو. سائين جن فرمايو
ته اسان جي مسجد ۾ وڻ ۽ ٽاريون نه آهن هي ڇا آهن؟
جواب ۾ عرض ڪيو ويو ته اوهان سيدن جا سردار، چشم و
برڪات ولي ڪامل سيد علي شيرازي، جو عالم متقي حاجي
۽ صاحب نظر آهيو ان جي گهرائڻ تي ٺٽي آيا آهيو. هي
درياءَ جي ڪناري جون جهاڙيون ۽ وڻ آهن.
شيخ رضائي ٺٽوي سنڌي مثنوي سسئي پنهونءَ ۾ لکيو
آهي ته سيد علي ثاني شيرازي سسئي پنهونءَ جي قبر
ڏسڻ لسٻيلي ڏانهن سفر ڪيو ته ڪشف جا حالات جانچڻ
لاءِ ٻنهي سان ملاقات ڪئي. سيد علي ثاني وقت جو
وڏو ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ هڪ قلمي
رسالو آداب المريدين عربي ۾ لکي مڪمل ڪيو. سيد
حسام الدين راشديءَ پنهنجي جڳ مشهور تصنيف
’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ به ان رسالي جو ذڪر ڪيو
آهي. رسالي جي تصنيف جو سال 954هه آهي سيد علي
ثاني ايڏو ته وڏو سخي مرد هو جو مير معصوم شاهه
بکري سکر واري لکيو آهي هر سال ربيع الاول جي شروع
۾ ٻارنهن ڏينهن عمدا طعام تيار ڪرائي فقيرن ۽
درويشن کي کارائيندو هو. حضرت محمد مصطفيٰ
ﷺ
جي روح مبارڪ کي خوش ڪرڻ جي
لاءِ عمل ڪندو هو. مڪلي شريف جي بزرگن تي ۽ انهن
جي مزار تي سماع جون محفلون ڪرائيندو هو. سيد علي
ثاني ڪڏهن ڪڏهن فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ شعر چوندو هو
مير علي شير قانع سيد محمد منعم ٺٽوي جي حوالي سان
نقل ڪري ٿو ته سيد شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري
پنهنجي اُستاد مخدوم نوح هالائيءَ کي سندس 2 دوها
روانا ڪيا ۽ ان جون ٻه معنائون لکي، موڪليون جڏهن
اهي ٻئي دوها سيد علي ثاني شيرازيءَ جي نظر مان
گذريا ته سائينءَ پنهنجي ٻنهي دوهن کي درج ذيل هڪ
فارسي شعر ۽ مطالب بيان ڪري ٻنهين فريقين کي مطمئن
ڪري ڇڏيو.
اهي شعر هيٺيان آهن:
جان بجان ده وگر نه از تو بستان اجل،
خود تو مصنف باش اي دل ابن فکريا ان دگو.
آخري عُمر ۾ هڪ دفعو وري حرمين شريفين
جي زيارت تي ويو. مُريدن ۽ جماعت جي ماڻهن دُعا
ڪئي ان جماعت ۾ اوهان هي ٻه دوها پڙهيا.
سرتيون سانگ سکن جو مون کي رويو هئائين،
آئون هلان هوت ڏي، هو هوئي واريو وهارين،
وريتيون ورن سين ويٺيون گهر گهارين،
ٿيندا ٿيون کارين، ڪانه هلي ٿي ڪيچ ڏي.
هيءُ دوها چوڻ بعد سيد صاحب تي وجد جي ڪيفيت طاري
ٿي ويئي ۽ اجتماع تي به سماع جي حالت ڇانئجي وئي.
ان مجلس کان پوءِ خود به عليل ٿي ويا ۽ 90 سالن جي
عُمر ۾ فاني دنيا مان رحلت فرمايائون ۽ سندن وفات
جو ڪتاب: ’معارف الانوار‘ ۾ سال مانع حاتم الجوادي
992 هه آهي. سندن گنبذ جي ٻاهر دروازي وٽ سيد جلال
شهزادي جي تربت هر عام و خاص لاءِ فيض جو ذريعو
آهي. سندن اولاد اڄ به ٺٽي شهر ۾ موجود آهي.
مددي ڪتاب:
1.
تحفة الڪرام سنڌي، مير علي شير قانع مطبوعه مخدوم
امير احمد سنڌي ادبي بورڊ.
2.
تحفة الڪرام (اردو)، مير علي شير قانع مطبوعه ائڊٽ
اختر رضوي سنڌي ادبي بورڊ.
3.
مڪلي نامون سنڌي، ميان حسام الدين راشدي سنڌي ادبي
بورڊ.
4.
تذڪره مشاهير سنڌ (اردو)، دين محمد وفائي جلد 2 ۽
3 سنڌي ادبي بورڊ.
5.
تاريخ آئينه جهان نما: (فارسي) قلمي محمد عاقل
کهڙوي ملڪ مخدومان کهڙا شريف.
6.
نزهة الاخواطر (اردو)، مولوي احمد علي لکهنوي
7.
ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: ميان حسام الدين راشدي.
8.
ڪتاب آداب المريدين: (قلمي) سيد علي شيرازي.
9.
معارف الانوار و سيد الابرار، محمد حسين مصنف سيد
صالح محمد بن ذڪريا ٺٽوي. ترجمو سنڌي حافظ حبيب.
مولانا غلام رسول مهر
ڊاڪٽر مخمور بخاري
سنڌ جو سفرنامو
مولانا غلام رسول مهر انڊيا جي شهر جالندر جي ڏکڻ
۾ 5 ميل ويجهو ڳوٺ ڦُولپور ۾ 13 اپريل 1895ع تي
چوڌري عمر علي اعواڻ جي گهر پيدا ٿيو. سندس ڀاءُ
غلام محي الدين (اميرالدين علوي) پاڪستان ٺهڻ کان
پهريان شمله جي آس پاس ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
اوڪاڙه (اولهه پنجاب) ۾ ٺيڪيداري ڪندو هو. شاعر هو
”روزانه انقلاب“ ۾ سندس نظم شايع ٿيندا هئا. 8
مارچ 1969ع تي وفات ڪيائين. مولانا مهر، مشن هاءِ
اسڪول جالندر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري لاهور
آيو. اسلاميه ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1910ع ۾ انٽر ۽
1915ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين.
مولانا نائين جماعت کان شاعريءَ ڏانهن راغب ٿيو.
لاهور جي ادبي ماحول سندس علمي ذوق کي وڌايو.
خواجه دل محمد جهڙي ڪهنه مشق شاعر سندس شاعريءَ ۾
رهنمائي ڪئي. سندس استادن ۾ پروفيسر مولانا
اصغرعلي رومي، پروفيسر ايم.اي غني، مولانا محمد
عمر خان، پروفيسر هنري مارٿر شامل آهن. سياست،
مذهب، ادب جي حوالي سان علامه اقبال، مولانا ظفر
علي خان ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي خيالن کان
متاثر ٿيندي ”زميندار“ ۽ ”الهلال“ جو مطالعو
باقاعدگي سان شروع ڪيائين. مولانا آزاد جي 1923ع ۾
بيعت ڪيائين، پر پوءِ ڪن سياسي نڪتن تي اختلاف
پيدا ٿيا ۽ مولانا آزاد ۽ مولانا مهر ۾ وٿي وڌندي
وئي. بي.اي ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ حيدرآباد دکن جي
پائيگاهه خاندان جي حڪومت ۾ سال 16/1914ع ۾ تعليم
جي محڪمي جو انچارج مقرر ٿيو ۽ سال 1920\21ع ۾
ملازمت ڇڏي پنجاب واپس هليو ويو. حيدرآباد دکن ۾
ملازمت دوران پنهنجن دوستن سان گڏ روزنامه ”سلطنت“
اخبار جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪامياب نه ٿي
سگهيو. مولانا خلافت تحريڪ جو جالندر جو سيڪريٽري
چونڊجي ويو. بعد ۾ لاهور مان جاري ٿيندڙ روزانه
”زميندار “جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ”طلوعِ صبح اميد“
جي عنوان سان ان اخبار ۾ پهريون ڀيرو مضمون
لکيائين، جيڪو لڳاتار چار ڏينهن 21_20_19_18 نومبر
1921ع تي چئن قسطن ۾ شايع ٿيو. مولانا مهر کي سندس
والده اُن وقت جي بگڙجندڙ سياسي حالتن سبب اخبار
جي نوڪري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن بعد اخبار
جي ضمانت ضبط ٿيڻ سبب اها بند ٿي وئي. فيبروري
1922ع ۾ اخبار ٻيهر جاري ٿي. اخبار جي مئنيجر جي
عرض ڪرڻ تي مولانا جي والده پٽ کي ان نوڪري ڪرڻ جي
اجازت ڏني ۽ مولانا اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.
مارچ 1927ع ۾ اختلافن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏئي
پنهنجي دوست عبدالمجيد سالڪ سان گڏجي 2 اپريل
1927ع تي ”انقلاب“ اخبار جاري ڪيائين. 11 اگسٽ
1941ع تي سندن والده جي وفات کيس گهڻو متاثر ڪيو.
1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ مولانا پنهنجي
آباڻي ڳوٺ ڦُولپور جي بجاءِ لاهور ۾ مستقل رهائش
اختيار ڪئي، ۽ اتي جي پنهنجي سموري ملڪيت به ڇڏي
ڏني. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم هجڻ ۽ علامه اقبال
جي ويجهن ساٿين ۾ هجڻ باوجود مولانا مهر کي
آزاديءَ کان پوءِ پريشان ڪيو ويو. مولانا لاءِ
حالتون ايتريون ڏکيون ڪيون ويون جو آخرڪار 10
آڪٽوبر 1949ع تي روزانه ”انقلاب“ به بند ٿي وئي،
ان کان ڪجهه مهينا پوءِ مولانا روزانه ”آفاق“ لاءِ
ايڊيٽوريل لکندو هو، پر پنهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪم
سبب ”آفاق“ کي به خيرباد چيائين. 15 ۽ 16 نومبر
1971ع جي رات جو 2 بجي هي جهان ڇڏيائين.
زمانہ بڑے
شوق سے
سن رہا تھا
ہمیں
سوگئے
داستان کہتے
کہتے
1914ع ۾ مولانا پهرئين شادي امير بيگم عرف ”جيوني“
سان ڪئي، جنهن مان عبدالسلام اسلم پٽ ۽ امته
السلام ڌيءَ ڄاوا. 1923ع ۾ سندن پهرين گهر واري
وفات ڪري وئي. ٻي شادي سال 1929ع ۾ عبدالعزيز
لڌيانوي جي نياڻي امته الحفيظ سان ڪئي، جنهن 1957ع
۾ وفات ڪئي. ٻي گهرواريءَ مان کيس 5 پٽ ۽ ڇهه
نياڻيون 11 ٻار ٿيا.
مولانا غلام رسول مهر سياست ۽ صحافت سان جڙيل
رهندي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ علمي ڪردار ادا ڪيو ۽ ان
دوران هن ڪيترن ئي ملڪن افغانستان، فلسطين، لنڊن،
فرانس، لبنان، شام، هسپانيه، حجاز ۽ اردن جو دورو
ڪيو. سڄي عمر قلم سان نباهيندي ڪيترائي ڪتاب تحرير
ڪيائين. جن ۾
:
1.
سيرت امام ابن تيميه (1925ع)
2.
غالب (1936ع)
3.
سياسيات اسلاميان هند (1939ع)
4.
آزادی
کی
جنگ (مولانا عبدالمجيد سالڪ سان گڏ _1940ع)
5.
جوزيفين (1950ع)
6.
مختصر تاريخ اسلام (1951ع)
7.
سيد احمد شهيد ( 2 جلد _1954ع)
8.
جماعت مجاهدين (1955ع)
9.
سرگذشتِ مجاهدين (1956ع)
10.
1857ع
پاک و ہند کی
پہلی
جنگِ آزادی
(1977ع چوٿون ايڊيشن)
11.
1857ع
مجاهد (1957ع)
12.
تاريخ سندہ (کلہوڑا
دور) (ٻه جلد1958ع) (هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
طرفان سال 1958ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو سنڌي
ترجمو ابن حيات پنهور ۽ شمشيرالحيدريءَ ڪيو ۽ سال
1963ع ۾ بورڊ پاران شايع ٿيو.)
13.
سرورِ عالم (شروعات ۾ هيءُ
ڪتاب ڇهين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جي نصاب طور 1951ع ۾
شايع ٿيو بعد ۾ شيخ غلام علي 1960ع ۾ مولانا کان
ضروري اضافن بعد ٽنهي حصن کي گڏائي هڪ ئي مڪمل
ڪتاب ڪري شايع ڪيو.)
14.
جنرل سر عمر حيات خان ٽوانه
مولانا مهر ان کان سواءِ يارنهن کن ڪتاب ترتيب ڏنا
جڏهن ته علامه اقبال ۽ مرزا غالب جي ڪلام شرحون
به لکيون جن جو تعداد پنج آهي، ان کان سواءِ سندس
ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد ٻائيتاليهه ۽ نصاب لاءِ
لکيل ڪتاب ارڙهن آهن. مولانا اُن کان سواءِ اٺن
ڪتابن جي نظر ثاني ڪئي ۽ مٿن مقدما به لکيا.
(مولانا مهر بابت هي معلومات ڊاڪٽر شفيق احمد جي
ڪتاب ”مولانا غلام رسول مھر حیات
اور کارنامے،
مجلس ترقي ادب لاهور 1988ع تان اختصار مان ورتي
وئي آهي).
مولانا غلام رسول مهر جو سنڌ سان خاص تعلق هو. هڪ
ته هن جيڪو مسلمانن ۽ هندن لاءِ ٻه جدا ملڪ جو
خاڪو جوڙيو اُن جو بنيادي محرڪ سَر حاجي عبدالله
هارون هو. ٻيو مولانا، سيد احمد شهيد جي متعلق
تفصيل سان لکيو. سيد احمد شهيد، شاھ اسماعيل شهيد
جي جهاد جي سفر جي سنڌ ۾ ميزباني سيد صبغت الله
(اول) ڪئي ۽ مجاهدين کي تحفا به ڏنا. سيد احمد
شهيد جو مٿن ايترو اعتماد هو جو پنهنجي گھر جي
عورتن کي پير ڳوٺ ۾ پير صاحب جي سرپرستي ۽ نگراني
۾ ڇڏي ويو. هن ڳالهه سبب مولانا مهر وٽ، پير صاحبن
لاءِ خاص احترام هو. ساڳي طرح پير علي محمد شاهه
راشدي جي جيتوڻيڪ مولانا سان سال 1938ع ۾ سَر
حاجي عبدالله هارون معرفت ملاقات ٿي پر جلد ئي
ٻنهي صاحبن وچ ۾ واسطيداري ذاتي دوستي ۾ تبديل
ٿي. اهڙي ريت مولانا جي پير حسام الدين سان پڻ
گهري دوستي قائم ٿي. ٻنهي ڀائرن جي صحبت، سنڌ جي
تاريخ سان رغبت سبب مولانا مهر، پير علي محمد
راشدي، پير حسام الدين جي چوڻ تي سنڌ جي تاريخ جو
هڪ باب ”ڪلهوڙا دور“ بابت لکيو. مولانا مهر جي
هنن علمي تحريرن ۾ سنڌ سان خاص تعلق نظر اچي ٿو.
سيرت سيد احمد شهيد هيءُ ڪتاب ٻن جلدن ۾ سال
1954ع ۾ شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور پاران شايع
ٿيو. هن جا ٽي باب، باب ستاويهون: اجمير تا
شکارپور، باب اٺاويهون: شکارپور تا کوئٹہ،
باب اڻٽيوهون: کوئٹہ
تا پشاور.
سنڌ بابت آهن.
’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور بابت هي
پهرئين مفصل تاريخ مولانا ٻن جلدن ۾ لکي، جنهن جي
پهرئين جلد ۾ ٻائيتاليهه باب، سورنهن تاريخي
تصويرون ۽ ٻئي جلد ۾ اوڻيتاليهه باب، ٻائيتاليهه
تصويرون ۽ هڪ ضميمو شامل آهي. جن ۾ ڪلهوڙن جو حسب
نسب، شجرو، سنڌ ۾ اچڻ، شروعاتي دور، دائود پوٽا،
شڪارپور جو بنياد، ڪلهوڙن جو ابتدائي دور، ميان
آدم شاھ ڪلهوڙو،کان ويندي آخري ڪلهوڙا حڪمران،
انهن جون فتوحات، جنگيون، اهم واقعا، ڪلهوڙن جي
حڪومت جو خاتمو. اقتصادي حالات کان ويندي اُن دور
جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن بابت به لکيو ويو آهي.
مولانا غلام رسول مہر اور پاکستان اسکيم. پير علي
محمد شاھ راشدي، مولانا مهر جي قريبي ساٿين ۽
دوستن ۾ شامل هو. مولانا جي وفات بعد، راشدي صاحب
روزنامه جنگ ڪراچي ۾ مولانا بابت سلسلي وار ڪالم
لکيا جن ۾ مولانا طرفان جوڙيل ” پاڪستان اسڪيم“
بابت تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. راشدي صاحب جا
اهي ڪالم ڊاڪٽر ابوسلمان شاهجهان پوري 1992ع ۾
ترتيب ڏئي مجلس يادگار مهر ڪراچي طرفان شايع ڪرايا.
سال 1936ع ۾ سنڌ کي انگريزن طرفان صوبي جي حيثيت
ڏيڻ بعد ”سنڌ ليجسليٽو اسميبلي“ قائم ٿي. خان
بهادر الهه بخش ڪانگريس طرفان سنڌ جو وزيراعليٰ
بڻيو. سال 1938ع ۾ مسلم ليگ جي حمايتن سنڌ ۾ پنهجي
پارٽي جو وزيراعليٰ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون، اُن
پسمنظر ۾ سر حاجي عبد الله هارون 13_12 آڪٽوبر
1938ع تي ”صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ منقعد ڪرائي
جنهن جي صدارت جناح ڪئي. مسلم ليگ جي اهم رهنمائن
سميت پنجاب جي اُن وقت جي وزيراعليٰ سَر سڪندر
حيات به شرڪت ڪئي. اُن ڪانفرنس جي تيارن جي سلسلي
۾ مولانا مهر، حاجي عبدالله هارون وٽ ڪراچي آيو،
جتي سندس پهريون ڀيرو ملاقات پير علي محمد راشديءَ
سان ٿي. اُن ئي جلسي ۾ عبدالله هارون ۽ مولانا مهر
جي گڏيل مشوري سان، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تيار
ڪيل خطبي ۾ مسلمانن ۽ هندن لاءِ جدا جدا ملڪ قائم
ڪرڻ جي رٿ صوبائي مسلم ليگ طرفان، مرڪز جي آڏو رکي
وئي. اِن رٿ/ گھُر جي بنياد تي قرادادِ لاهور
منظور ٿي. پير علي محمد راشدي جي هنن ڪالمن ۾
مولانا مهر سان سندس ويجھڙائيءَ وارن لاڳاپن جي
ڄاڻ ملي ٿي.
مولانا غلام رسول مهر جو هيءُ سفرنامو بنيادي طور
تي سندس اُهي خط آهن جيڪي هُن سنڌي ادبي بورڊ
طرفان تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) لکڻ وقت ڪجهه
بنيادي معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ لکيا ۽ مولانا سنڌ آيو
۽ پنهنجن دل گهُرين دوستن ۽ سنڌ جي نامور محقق،
مورخ پير حسام الدين راشدي ۽ ان جي ڀاءُ نامور
سياستدان پير علي محمد شاهه راشديءَ سان گڏ سکر،
بکر، روهڙي، پير جو ڳوٺ، ڳڙهي ياسين، ۽ ان جي
ڀرپاسي جا علائقا گهمي ڏٺا. ان ڏهن ڏينهن جي دوران
هُن پنهنجي گهرواريءَ کي چار خط لکيا. جنهن ۾
مولانا، روزمره جو احوال تحرير ڪيو. جيڪو انتهائي
دلچسپ آهي. هنن خطن مان مولانا مهر ۽ پير حسام
الدين راشدي جي ذاتي لاڳاپن جي به چڱي ريت خبر پئي
ٿي. هيءُ خط اڻ ڇپيل هئا. تازو سنڌ جي نامياري
ڏاهي ۽ محقق مدد علي سنڌي، پير حسام الدين راشدي
جا لکيل خط ”پير حسام الدين جا خط“ جي سري هيٺ
سهيڙيا آهن، جيڪي يقينن سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب
۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اهم مواد مهيا ڪن ٿا. هيءُ
خط پيرحسام الدين لڳ ڀڳ چاليهن سالن جي عرصي ۾
پاڪستان جي جدا جدا اديبن، عالمن ڏانهن مختلف وقتن
تي تحرير ڪيا، جن ۾ خود پير صاحب جي ذاتي زندگي،
علمي جستجو بابت گهري روشني پئي ٿي. پير صاحب جي
هن خطن جي سهيڙ ۾ پنجاھ کن شخصيتن جا چار سئو
ٽيويهه (423) خط شامل آهن. مولانا جا هيءُ خط اِن
ئي ڪتاب جي ضميمي طور اردو زبان ۾ شامل ڪيا ويا
آهن، جن کي هتي سنڌيءَ ۾ اُتاريو ويو آهي. ڪن
ضروري جاين تي حاشيا راقم طرفان لکيا ويا آهن. اصل
اردو اڻ ڇپيل خط مولانا جي پونئرن وٽ محفوظ هئا،
جتان مدد علي سنڌي انهن کي حاصل ڪري پنهنجي ڪتاب
”پير حسام الدين جا خط“ ۾ شامل ڪيا. آخر ۾ ذڪر هيٺ
آيل ڪتاب ۾ شامل پير حسام الدين جا مولانا مهر
ڏانهن لکيل خط پڻ اردوءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا
آهن. جنهن مان پنهنجي دور جي ٻن اهم تاريخدانن ۽
عالمن جي ذاتي لاڳاپن جي ڄاڻ ملي ٿي. م.ب).
مولانا غلام رسول مهر جا پنهنجي گھر واريءَ ڏانهن
خط
(1)
18
مارچ 1953ع- سکر
اسلام عليڪم:
جانم! آئون سلامتيءَ سان پهچي ويس. رات سٺي ننڊ
آئي. ڀاءُ حسام الدين راشدي روهڙي اسٽيشن تي موجود
هو. اڃان ڪو به پروگرام نه ٺهيو آهي، ٻئي ڏينهن
پير ڳوٺ وڃڻ جو ارادو آهي ۽ اُن کان پوءِ حيدرآباد
جو رُخ، ان تفصيل کان پوءِ سڀني کي سلام دعائون،
مبارڪ کي سلام. آئون سندس موٽر (ڪار) ۾ ٽوپي
وساري آيو آهيان، امير احمد کي ٻڌائجو، جيڪڏهن
ڏينهن جو اچان ها ته ساڻس ملي وڃان ها! پر رات جو
بي بس! اڪرم ۽ ناصره جو گھڻو خيال هيم، کين بخار
هو. خدا جي فضل سان اميد اٿم ته سندن طبيعت بهتر
هوندي.
والسلام
مهر
****
(2)
19مارچ 1953ع – ستارا هوٽل، سکر
اسلام عليڪم:
جانم! مون ڪالهه هتي پهچي هڪ ڪارڊ لکيو. اميد اٿم
ته مليو هوندو. ٽي شيون ڪالهه مون کان نه وسريون،
هڪ ننڍڙي جي حالت، ٻي اڪرم ۽ ناصره جو بخار ۽ ٽيون
امير احمد خان. خدا سڀني کي خوش رکي.
مون ڪالھه سکر ۾ ڪجهه پراڻا ماڳ گھمي ڏٺا، اڄ صبح
جيپ ۾ الور ڏسڻ لاءِ نڪتاسين، جنهن کي پراڻي زماني
۾ اروڙ چوندا هئا. عربن عربيءَ ۾ ”ال“ جو اضافو
ڪري ”الور“ چيو، اهو الور ٿي ويو. خير، هي اهو ئي
ماڳ آهي، جيڪو راجا ڏاهر جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽
سنڌ جو آخري هنڌ جيڪو محمد بن قاسم فتح ڪيو هو.
اُن کي ڏسڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڪلاڪ لڳي ويا، پر
اکيون کُلي ويون. پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته ان ماڳ
جي اصل حالت ڪهڙي هوندي ۽ پهريون ڀيرو محسوس ٿيو
ته محمد بن قاسم جو اهو ڪارنامو ڪيترو وڏو هو،
جيڪو مون اڄ تائين پڙهيو آهي. اهو بلڪل غلط ۽ بي
معنيٰ ثابت ٿيو. واپسيءَ تي روهڙيءَ ۾ ڪجهه پراڻن
ماڳن جو دورو پڻ ڪيو. گھڻو ٿڪجي سکر پهتاسين.
سڀاڻي صبح جو مون کي پير جو ڳوٺ وڃڻو آهي، جيڪو
پير پاڳاري صاحب جي جاءِ آهي، اتي پهچڻ کان پوءِ
ايندڙ پروگرام ٺاهيندس، جيڪڏهن موٽر (ڪار) ملي ته
ٻن ڏينهن ۾ اوڀر سنڌ جي ڪجهه تاريخي جاين جو دورو
ڪندس. انشاءَالله. پوءِ نئون ديرو. اُتان هڪ ڏينهن
لاءِ ڪراچي ۽ پوءِ وري واپس نئون ديرو ۽ اتان
واپسي تي ٿي سگهي ٿو ته بهاولپور ۾ ترسان. هي
پروگرام تبديل ٿي سگھي ٿو يا اڳتي ۽ پوئتي ٿي سگھي
ٿو. تنهن هوندي به انهن ڪجهه ڏينهنِ ۾ سڀ ڪجهه
ڏسي واپس اچڻو آهي. خدا مون تي رحم ڪري. جيتوڻيڪ
سفر جي سبب صحت ايتري سٺي نه رهي آهي جيتري هئڻ
گهرجي. پر نيون جڳهيون ڏسڻ سان تڪليف جو احساس
گھٽجي وڃي ٿو. کاڌو طبيعت جي خلاف نه آهي بلڪ
معمول جي خلاف آهي. حسام الدين هر وقت منهنجي آرام
لاءِ فڪرمند آهي آئون شڪر گذار آهيان ۽ ٻيو ڇا ٿو
ڪري سگهان. وڌيڪ حال احوال سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن
لکندس سڀني کي سلام، پيار۽ دعائون.
تو دانی
حساب کم و بیش.
خدا توهان جا درجا بلند، وڏي ڄمار عطا ڪري. دعا دل
مان نڪرندي آهي نه رڳو پيءَ جي محبت بلڪ اوهان جي
خوش اسلوبي ۽ سعادت مندي به هن خوشي جو اهم جُز
آهي. منهنجي خوش نصيبن ۾ اوهان به منهنجي لاءِ هڪ
وڏي خوش نصيبي آهيو.
والسلام
مهر
(بلقيس، رضيه خالده ۽ منيره کي الڳ الڳ سلام
ڏيندا. فاروق، اڪرم، طارق ۽ ننڍي کي جدا جدا ٽپو،
زري، ۽ ننڍڙي کي الڳ. سنجيده کي الڳ ۽ اوهان
پنهنجي آپا کي الڳ، رشيد، امان ۽ ٻارن کي الڳ،
ماسٽر صاحب کي الڳ
).
***
(3)
21
مارچ 1953ع- سکر
اسلام
عليڪم:
جانم! ٿورو دورو ڪرڻ کان پوءِ، صحت موسم جي سختيءَ
کي برداشت نه ڪري سگهي. هتي ڪڻڪ ۾ لابارا پوڻ
شروع ٿي ويا آهن. مون وڌيڪ سفر جو خيال ڇڏي ڏنو
آهي. ڪراچي به نه ويندس. ٻه ٽي ڏينهن نئون ديرو ۾
ترسندس. پوءِ واپسيءَ ۾ بهاولپور ۾ رهڻ چاهيان ٿو،
اُتان تار جو انتظار ڪري رهيو آهيان، اچي ته ڏاڍو
سٺو. جيڪڏهن مان پاڪستان ميل ۾ آيس ته تار ڏيندس.
ان خيال سان ته رات جو خدا کي خبر ته ڪهڙي وقت
پهچندس ۽ اتي ڪهڙي حالت هوندي. جيڪڏهن ايڪسپريس
ذريعي آيس ته ڪا ضرورت نه پوندي، جيڪڏهن ڪرفيو
بدستور هوندو ته ميل (ريل) مقرر وقت تي پهچندي ته
سواري جو بندوبست به لازم هوندو. مهرباني ڪري سڀن
کي منهنجا سلام ڏجو. ها! مونکي پنهنجا ماڻهو
ننڪو، (1) رام اوتار(2)، جاويد (3) ۽ محمود (4)
وسري ويا، انهن سڀني کي سلام.
والسلام عليڪم و رحمته الله
مهر
****
(4)
26
مارچ 1953ع – نئون ديرو. ضلعو لاڙڪاڻو
اسلام عليڪم:
جانم! آئون هتي، موسم جي سختي ۽ گرمي ۽ چونڊن جي
هنگامن جي شدت سبب آيو هوس، پر هتي به خراب مزاج
جي تلافي نه ٿي سگهي. جڏهن کان آيو آهيان نيم
بيمار آهيان، يعني بستري تي ليٽيل نه آهيان، پر
ويٺل آهيان ۽ ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو رهان ٿو. دل
دماغ جي چاهڻ جي باوجود جسم ۾ ڪم ڪرڻ جي سگهه
محسوس نه ٿو ڪريان. مون چيو: حسام الدين! مون کي
واپس موڪل، پر تون ته هنن ڀائرن جي حالت کان ته
اڳي ئي واقف آهين. وڏي خوش اسلوبي سان هر ڪم کي
صبحاڻي تي منتقل ڪندا رهندا آهن ۽ هنن جي اِها
صبحاڻي ايندي ئي نه آهي!!
توهان دهليءَ جي اُن طوائف جي قصي کان ته واقف
هوندا، جنهن شاهي فرمان موجب نادر شاهه افشار جي
سامهون ڳايو هو. نادرشاھ کي سندس گيت ايترو پسند
آيو جو ان کي حڪم ڪيائين ته طوائف ايران هلي، هن
غريب عورت جو ساهه اٽڪي پيو. هوءَ جڏهن ٻيهر ڳائڻ
لاءِ نادر شاھ جي سامهون آئي ته هن جيڪو غزل ڳايو،
اُن جا ابتدائي شعر هي هئا:
من شمع جانگدا ازم تو صبح دلکشائی،
سوزم گرفت نی بینم میرم چورخ نمائی،
نزدیکت این چنینم دہ گفتم،
نے تاب وصل داری نے طاقت جدائی۔
”شمع
ان وقت تائين جلندي رهندي آهي، جيستائين صبح نه
ٿيندي آهي، صبح ٿيندي ئي مري (وسامي) ويندي آهي،
ويجهڙائيءَ جي اها حالت ۽ دوري جي اِها ڪيفيت نه
وصل جي سگهه ۽ نه ئي جدائي جي!“ سوز ۽ وصل ڄڻ
موت!! بس هنن ڀائرن جي به ساڳي حالت آهي ته انهن
۾ نه وصل جي ۽ نه ئي جدائي جي طاقت آهي!
اوهان کي تار موڪلي هئي. آئون هتان ڇويهين تاريخ
تي بهاولپور ويندس. حسام الدين سُستي ڪندي ڪندي
اُن کي ستاويهن ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڏسون ته ڇا ٿو
ٿئي. آئون هتي اچڻ واري ڏينهن کان بيمار آهيان.
کائڻ پيئڻ، اُٿڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ جي بي ترتيبي منهنجي
معمول جي خلاف آهي، جنهن جو ئي اهو نتيجو آهي.
حسام الدين ڊاڪٽر کي گھرائڻ لاءِ زور ڀريو ۽ حڪيم
کي به سڏايو. انهن سڀني جي مطابق جلاب وٺڻ سان
طبيعت بهترٿيندي ۽ آئون جلاب وٺڻ کان ندارد! تڪليف
برداشت ڪري رهيو آهيان ۽ جي رهيو آهيان. حسام
الدين ڇڏي نه ٿو. منهنجي آرام جي لاءِ جسماني
آزادي جي رهائي جي ڪا به صورت نه جُڙي رهي آهي!.
هاڻي چئي نه ٿو سگهجي ته بهاولپور ۾ ڪيترو وقت
رهندس. منهنجو ارادو فقط هڪ ڏينهن رهڻ جو آهي، ٻه
ڏينهن لڳي سگهن ٿا. پوءِ انشاالله لاهور. آئون 18
تاريخ تي روهڙي پهتس. ٻه ڏينهن غسل ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ
۽ سفر جو ٿڪ لاهڻ ۾ گذري ويا. ٻئي ڏينهن الور
وياسين(1*) ۽ گهڻو وقت الور ۾ گذاريوسين ۽ ان کي
ڏسندو رهيس. واپسيءَ تي روهڙيءَ جا ڪي صحيح يا غلط
تاريخي ماڳ ڏٺاسين. مثال طور، سنڌوءَ جي ڪناري تي
بادشاھ اڪبر جي ٺاهيل جامع مسجد. ان سان گڏ وار
مبارڪ جو گنبذ، بکر جو ٻيٽ جيڪو بلڪل درياءَ جي وچ
۾ آهي ۽ هندستان جي تاريخ جي هڪ اهم جڳهه رهي آهي.
ساڌ ٻيلو به اُن جي ويجھو ئي آهي ستين جو آستان،
جتي نمڪين ۽ سندس عزيز دفن ٿيل آهن. سکر پهچي هڪ
دوست جي گهر ماني کاڌي. سنڌو درياهه جي سڀ کان
مشهور مڇي کي ”پلو“ چون ٿا ۽ اها رڳو روهڙي کان
حيدرآباد تائين ملي ٿي. ان کي کائڻ لاءِ پري پري
کان ماڻهو اچن ٿا، مون به کاڌو پر ان ۾ ڪا خاص
ڳالهه نظر نه آئي. بهرحال ڪڏهن ڪنهن محفل ۾ پَلي
جو ذڪر نڪتو ته چئي سگھجي ٿو ته اِهو ته اسان به
کاڌو آهي. باقي وقت بستري تي ليٽندي گذريو. 20
تاريخ جي صبح جو اسين پير جو ڳوٺ (پير صاحب پاڳاري
جي جاءِ) تي پهتاسين، جيڪو سکر کان اٽڪل 22 ميل
پري آهي. رستي جو ڪجهه حصو سٺو هو ۽ ڪجھه حصو اهڙو
ئي آهي جهڙو مڙي کان پنهنجي ڳوٺ تائين جو رستو. پر
ڳوٺ جي رستي ۽ هن رستي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
پنهنجي رستي ۾ پٿر ضرور آهن پر دز نه آهي. هتي دز
رڳو آسمان ڏانهن اڏامڻ جا بهانا ڳولي ٿي. اسان
واپس موٽي رهيا هئاسين ته اٽڪل ٻه فرلانگ اڳتي
مٽيءَ جو طوفان نظر آيو. مون سوچيو ته اڳتي ڪا
موٽر هلي رهي آهي، جڏهن ويجهو پهتس ته محسوس ڪيم
ته ٻه ٻڪريون وڃي رهيون هيون.
پير جو ڳوٺ تمام وڏي آبادي آهي، اتي ڏهه هزارن کان
به گهٽ ماڻهو آباد نه هوندا، پر اتي سڀ کان اهم
جاءِ پير صاحب جو ڪوٽ، قلعو ۽ مسجد آهي. هيءُ قلعو
انگريزن جي دور ۾ ڊاهيو ويو هو. ان جي ڀت جو فقط
هڪ حصو بچيو آهي. ديوار هيٺان پنج پنج، ڇهه ڇهه
فوٽ ويڪري آهي ۽ ان جي اوچائي گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ فوٽ
آهي، هاڻي پير صاحب پنهنجي ضرورت مطابق ڪچي
ديوارن جون عمارتون جوڙايون آهن ۽ مٿن وڻن جون
ٽاريون رکيون ويون آهن، پر هن جو پنهنجو بجلي گھر
آهي. پير صاحب سان ٽي چار ڪلاڪ گڏ گذريا. اتي
ماني به کاڌي. ڪجھه وقت اتي ويٺا به رهياسين.
چانهه پيئڻ کان پوءِ موٽي آياسين. واپس اچڻ مهل
مسجد ڏٺم، جيڪا اندران ٻاهران نهايت نفاست سان
سينگاريل آهي. حسام الدين ۽ علي محمد راشديءَ جا
ڏاڏا به اتي ئي دفن آهن. سيدن جي هن خاندان جي ٻين
فردن جون قبرون مقبري جي ساڄي پاسي هڪ احاطي ۾ آهن.
هڪ لطيفو ٻڌو. هتي خاص ضابطا آهن. اسان پهرين
مهمان خاني ۾ رهياسين. پوءِ ڪوٽ ۾ پير صاحب وٽ
وياسين. منهنجي مٿي تي انگريزي ٽوپي هئي. علي
محمد راشدي ۽ حسام الدين چيو: ان کي هٽايو ۽
پنهنجي مٿي تي هڪ رومال ويڙهيو، اِهو چئي يڪدم
دروازي مان گذري اندر داخل ٿيا. مان جڏهن پير صاحب
جي ويهڻ واري ڪمري ۾ پهتس ته نهايت گرمجوشيءَ سان
مون سان مليا ۽ پڇيائون، اوهان مٿي تي رومال ڇو
ويڙهيو آهي؟ مون جواب ڏنو ته اهو طريقو منهنجي
ڀائرن ٻڌايو آهي. چيائون اھو لاھ. توھان لاءِ ڪو
به ضابطو نه آهي. آئون محفل جي آداب مطابق محتاط
انداز ۾ ويٺو هيس. هنن چيو ته آرام سان ويھو،
تڪلف نه ڪريو. خير، پير صاحب ٻاهران آيل ماڻهن سان
ڳالهائڻ شروع ڪيو. اسان ماني کاڌي، پير صاحب اندر
حويلي ۾ هليو ويو. سندس ويهڻ واري ڪمري جي دروازي
وٽ ٻه وڻ آهن. ان جي هيٺان هڪ گلم ۽ اُن جي مٿان
قالين وڇايل هو ۽ هڪ ڪرسي (آرام جي لاءِ) رکيل
هئي، اندر لائيٽ تي هلندڙ پکو لڳل هو. مون ٻاهر
ڇانوءَ ۾ ويهڻ چاهيو، حسام الدين مون کان اڳ اتي
پهچي ويو، صاحب! فرش تي ليٽي پيو، ڪجهه دير ھن وٽ
ويھي رھيس، ۽ پوءِ ٿڪجي پيس ۽ ڪرسيءَ تي ليٽڻ
چاھيم، ويھڻ وارو ئي ھئس ته حسام الدين زور سان
مون کي جھلي فرش تي اڇلايو ۽ چيائين ته ھي ڇا ڪري
رهيو آهين، اها ڪرسي پير صاحب لاءِ رکيل آهي،
چوڌاري حُر گھمي رهيا آهن، هو اهڙن منظرن جا عادي
نه آهن، ان وقت کان اهو طئه ڪيو آهي ته جيستائين
پير ڳوٺ ۾ آهيان، هر ڳالهه جي پڇا ڪرڻ گهرجي.
رات وري وڃي سکر ۾ ئي گذاري. 21 آگسٽ جي صبح جو
اسين سکر اسٽيشن تي پهتاسين، ٽرين هڪ ڪلاڪ دير سان
پهتي، جتان حبيب ڪوٽ پندرهن ميل پري آهي، جيڪو
ڪوئيٽا ڏانهن ويندڙ رستي تي جنڪشن آهي، جتان
گاڏيءَ مان لهي نئون ديرو وڃڻ واري گاڏيءَ جي
انتظار ۾ ويٺاسين، اهو ريل جو جنڪشن هو ، پر
توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته اُتي کائڻ لاءِ
نه ڊبل روٽي هئي، نه انڊا ۽ نه ئي ڪا ٻي شيءِ!
اوڪاڙه جي ڪارخاني جا ٺاهيل بسڪوٽ مليا جيڪي چانھه
سان گڏ کاڌاسين. ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ ٽرين آئي.
پندرهن ويهه ميل نئون ديرو آهي. اتي پهتاسين،
حسام الدين ڪجهه نه کاڌو، پر مون آمليٽ ٺهرائي ٻه
اوڦراٽا کاڌا.
22
تاريخ جي صبح جو ڳڙهي ياسين کان موٽر پهتي ۽ اسان
اتي وياسين. ڳڙهي ياسين ڪو وڏو ڳوٺ نه پر هڪ ننڍڙو
علائقو آهي. بارڪزئي پٺاڻن جي هڪ خاندان جي
زمينداري آهي. ان زميندار جو نالو آغا شمس الدين
آهي، کيس ٻه پٽ آهن: آغا بدرالدين(**) جيڪو هن وقت
سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر آهي ۽ ٻيو آغا صدرالدين.
رستي ۾ اسان مدئجي کي ڏٺو. حضرت سيد احمد بريلوي
افغانستان ڏانهن ويندي هن رستي تان گذريو هو، هن
ڪجهه ڏينهن ”پيرڳوٺ“ ۾ گذاريا، پر پراڻي ”پيرڳوٺ“
۾، جيڪو موجوده پيرڳوٺ کان ٻه يا ٽي ميل پري آهي.
پوءِ هن درياهه کي ٻيڙين ذريعي پار ڪيو ۽ پنهنجي
پهرين منزل مدئجي ۾ ڪئي هئي.
شڪارپور، ڳڙهي ياسين کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي
آهي. ڳڙهي ياسين ۾ آغا صاحبن سان ملڻ کان علاوه هڪ
پراڻي لائبريري به ڏسڻي هئي. آغا صاحب جا انتظام
ڏسي دل خوش ٿي وئي. هتي هڪ وڏو ڪوٽ آهي، جيڪو
منهنجي خيال ۾ شاهدري جي سَراءِ کان به وڏو آهي،
جنهن جي ٻاهرين ڀت سان گڏ نوڪرن جا ڪمرا آهن. وچ ۾
هڪ پاسي عورتن جي رهڻ جو هنڌ، جنهن کي ”شمس محل“
سڏيو وڃي ٿو، اُن جي سامهون هڪ عمارت، ٻنهي جي وچ
تي سرسبز پلاٽ ۽ وڻ آهن، پلاٽ جي هڪ پاسي، تمام
سهڻو چبوترو آهي جيڪو مٽيءَ جي ٿنڀن تي بيٺل آهي،
جنهن ۾ صبح جي وقت ويهندا آهن. ان جي سامهون هڪ
کليل اڱڻ آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ لوهه جو ٿنڀو آهي،
جنهن جي سري تي ديسي پکا لڳل آهن جيئن ڇت جي پکي
جا پر هوندا آهن. هن اڱڻ جي ٻاهران هڪ پاسي هڪ
کوهه جي شڪل ۾ هڪ چرخو لڳل آهي، جنهن ۾ هڪ گڏھ
جوٽيو ويو آهي اُهو گول ڦرندو رهندو آهي ۽ پکا
هلندا رهندا آهن، اُن جي هيٺان ٽيھه چاليهه کن
ماڻهو ويهي آرام سان هوا کائي سگهن ٿا. اُن چبوتري
۽ اڱڻ جي هڪ پاسي هڪ وڏي هال جهڙي عمارت آهي،
جنهن جا ٻه حصا آهن، هڪ ۾ ڊائننگ ٽيبل رکيل آهي.
ٻئي ۾ ڀت سان گڏ ڪاٺ جا بينچ ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن
تي گدا ۽ وهاڻا لڳايا ويا آهن، انهن عمارتن جي
اڏاوت ۽ آرائش ۾ وڏي نفاست ۽ حُسناڪي کان ڪم وررتو
ويو آهي. سبزازار جي ٻئي پاسي هڪ عمارت آهي، جنهن
کي لائبريري ۽ ليبارٽري سڏيو وڃي ٿو، هڪ ڪمري ۾
ڪتاب آهن. ٻئي ڪمري ۾ ليبارٽريءَ جو سامان آهي.
جيتوڻيڪ آغا صدرالدين نوجوان آهي، پر کيس سائنس جو
خاص ذوق آهي، هُو پنهنجو سمورو وقت تجربن ۾ گذاري
ٿو. ڪيتريون ئي شيون ٺاهيون اٿس، مثال طور، هڪ
ليمپ ڏيکاريائين. آغا صاحب جڏهن ڏهن قدمن جي
فاصلي تان ڳالهائي ٿو ته اندران شيشي جي گلوب جي
روشني بجليءَ جي بلب وانگر چمڪي ٿي. جڏهن اهي
چوندا آهن وسامي وڃ ته اُها وسامي وڃي ٿي، هن هڪ
ٻيڙي ڏيکاري جنهن کي هو هڪ ميل تائين ريڊيو ذريعي
ڪنٽرول ڪندو آهي. هاڻي اهو هڪ هوائي جهاز ٺاهي
رهيو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪمري ۾
ويهي ٻارهن بندوقون ريڊيو جي مدد سان هر طرف
هلائي سگهي ٿو. هن ليبارٽريءَ ۾ هر قسم جو سامان
ڏٺو. آغا صدرالدين هر شيءِ پنهنجي هٿن سان ٺاهي
ٿو. ڏسو ڪمال جا ذهن ڪٿي ڪٿي موجود آهن، جن جي
نالن کان به اسان کي خبر نه آهي. اُن ليبارٽريءَ
جي تعمير ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻارهن هزار رپيا خرچ ٿي چڪا
آهن. لائبريري هڪ مولويءَ جي ملڪيت آهي. آغا
بدرالدين سان گڏ اتي وياسين. انيڪ قلمي ڪتابن کي
ڏٺوسين، انهن مان ڪيترائي اُن تاريخ سان لاڳاپيل
آهن، جيڪا مون کي لکڻي آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته
اهڙن ڪتابن جون ڪاپيون حاصل ڪريان. اتي مون هڪ
ڊگهو نظم ڏٺو، جنهن جو پهريون شعر هن ريت هو:
بارک اللہ، کشور سند و سو دلکشا،
کز غبار او بود چشم مملکت راتو تيا۔
يعني: ”پروردگار! سنڌ جي سرزمين کي سلامت رکي،
جنهن جي مٽي آسمان جي اکين لاءِ سُرمي جي حيثت رکي
ٿي“. جيئن ئي مون هي شعر پڙهيو، ته بي اختيار چئي
ڏنو ته بلڪل سچ آهي. مون کي ذاتي طور تي پير ڳوٺ ۽
ڳڙھي جي سفرن ۾ اھو تجربو ٿيو آھي ته مٽي زمين تي
ويھڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. هر هر اڏامي آسمان جي
اک تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي. اهو ٻڌي سڀ بي
قابو ٿي کلڻ لڳا. آغا صاحبن ڏاڍو تاڪيد ڪيو ته کين
ٻن ٽن ڏينهن کان اڳ وڃڻ نه ڏنو وڃي. پوءِ چيائون
ته گهٽ ۾ گهٽ رات رهو. وڏي مشڪل سان اجازت ملي.
وڏي آغا صاحب هڪ ڀوڳ ٻڌايو ته اسان وٽ هڪ سوار
هو. هُو پنهنجي گهوڙي کي چوندو هو. خدا تنهنجي
قسمت ۾ داڻو لکيو نه آهي. چارو اسان توکي کارايون
نه ٿا ۽ پاڻي تون پئين نه ٿو، ان ۾ اسان جو ڪهڙو
ڏوهه؟
باقي
ڏينهن اتي ئي گذريا. حسام الدين وڏي اهتمام سان
ڪارا تتر گھرايا ۽ انهن جا تمام لذيذ ڪباب تيار
ڪرايا. مرغيءَ جا ڪباب ته اسان روز کائيندا آهيون،
پر جيڪڏهن جانم! صحت سٺي ناهي ته پوءِ کائڻ ۾ ڪهڙو
مزو! اڄ ويٺي ويٺي سوچيم ته سفر جا حال احوال
لکان. جيڪڏھن توھان انھن کي پڙھڻ ۾ ڪجهه وقت
گذاريو، ته شايد توھان اُن مان لطف اندوز ٿيو.
منهنجي صحت ٺيڪ ناهي، مون کي ٿڌ آهي. کنگهه به ،
معدو به درست نه آهي. هاڻي اهو طئه ٿيو آهي ته
صبح جو نڪرندس. مصيبت اِها آهي ته هتان ڪا به ٽرين
نه ٿي وڃي، جيڪا مون کي وقت تي روهڙي پهچائي.
پاڪستان ميل اتان صبح جو پنج لڳي ويهه منٽ تي
نڪرندي آهي، اُن ۾ ويهڻ لاءِ رات روهڙي اسٽيشن تي
گذارڻي پوندي. ايڪسپريس شام جو پنجين بجي نڪرندي
آهي ۽ اُها رات جو يارنهن بجي بهاولپور پهچندي،
اُن کان سواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي. هتان چار وڳي
موٽر ۾ نڪران ۽ حبيب ڪوٽ تان ڪوئيٽا پيسنجر ۾
ويهان جيڪا شام جو ڇهين وڳي بهاولپور پهچندي. سڄو
ڏينهن ٽرين ۾ گذرندو. اهو خوف آهي ته طبيعت خراب
هجڻ سبب تڪليف ٿيندي. بهاولپور مان انشاءِالله ميل
يا ايڪسپريس ۾ سوار ٿي ويندس. شايد ميل ۾. سڀن
لاءِ پيار، دعائون، سلام. ارادو هو ته اوڪاڙه مان
ٿيندو اچان پر پنهنجي خراب طبيعت جي ڪري پريشان
آهيان، هينئر تائين اهو خيال آهي ته جيڪڏهن ٽرين
جي ذريعي مان بهاولپور کان هلان ته ستر فيصد يقين
آهي، هڪ ڏينهن اوڪاڙه ۾ گذاريندس. باقي بدستِ
خدا!! مبارڪ کي اطلاع ڏجو ۽ منهنجي دوستن ملڪ
رشيد صاحب وغيره کي به!
خط ختم ڪرڻ کان پوءِ خيال آيو ته هڪ تاريخي تفصيل
نظرانداز ٿي ويو آهي يعني روهڙيءَ جو قبو. اهو
وار مبارڪ سان منسوب آهي رسول الله
ﷺ جو وار مبارڪ! هڪ عاليشان
قبو آهي يعني گنبذ جيڪو مسجد کان گھڻو خوبصورت
آهي. گنبذ جي هيٺان وچ ۾ ٽي چار فوٽ اوچو ۽ ڏھ ڏھ
فوٽ ويڪرو هڪ چبوترو آهي، جنهن جي چوڌاري هڪ
جھنگلو لڳل آهي، جيڪو ايترو ته اوچو آهي جو ٻاهر
بيٺل ماڻهو هٿ مٿي کڻي به ان جي چوٽيءَ تي پهچي
نٿو سگهي. جھنگلو ظاهري طور تي پتل جو آهي، پر
ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي سون جو لڳي ٿو، شايد منظر
جي خوف ۽ مسلمانن جي وار مبارڪ جي عقيدت سبب!!
اسان سان گڏ محترم جي.ايم.سيد ۽ ڪجهه مقامي ڏاها
ساڻ هئا. وار مبارڪ هڪ حُجري ۾ بند رکيل آهي. اسان
جي اچڻ تي مجاور اُن کي ٻاهر کڻي آيو. اُن کي
ڏيکارڻ جو طريقو هي آهي ته هڪ صندوق کي هڪ وڏي
ٻيڙيءَ ۾ رکي کڻي ايندا آهن ۽ مٿان وري زري جو
ڪپڙو رکيو وڃي ٿو. مجاور خاص جھنگلي ۾ ويهي ٿو.
ڏسڻ وارا ٻاهر بيٺا رهن ٿا. مجاور ٻيڙي رکي پهريان
ڪپڙو هٽايو ۽ پوءِ ٿيلها کلڻ لڳا. مون خاص طور
ترتيب سان انهن کي ڳڻيو ته سترنهن هئا، سورنهن
ٿيلها کليا ته آخري ٿيلهي سان گڏ ململ جا ٻه رومال
هئا. مجار هڪ رومال پنهنجي کاٻي هٿ تي ۽ ٻيو ساڄي
هٿ تي ويڙهيو. جڏهن سترهون ٿيلهو کوليو ويو ته هڪ
سوني صندوق ٻاهر آئي، ان کي کوليو ويو ته صندوق جي
اندر هڪ سونهري ٿَانوَ هيٺ وار مبارڪ هو. مجاور هڪ
هٿ وات ۽ نڪ تي رکيو. ٻئي هٿ سان هن هڪ گول گدي
مٿي کنئي، جيڪا اٽڪل پنج انچ کن ڊگهي، هڪ ٿلهي قلم
جهڙي هئي. اُن جي هڪ ڇيڙي تي سُئي وانگر وار مبارڪ
مٿي طرف هو. جھنگلي جي اندر شيشي جو حُجرو ٺهيل
آهي. گديءَ کي اهڙيءَ طرح مٿي ڪيو جو وار مبارڪ
مٿي طرف هو. جيڪڏهن توهان غور سان ڏسندا ته جھنگلي
۽ شيشي کي اُن ڪري نصب ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪو به
ماڻهو اُن تائين پهچي نه سگهي. جيڪڏهن اهو ڦرجي
ويو ته انهن مجاورن جي رزق جو سلسلو ختم ٿي
ويندو. مجاور پنهنجي وات ۽ نڪ تي شايد اُن ڪري هٿ
رکيا هئا ته سندس ساهه وار مبارڪ تائين نه پهچي.
جڏهن ان کان تاريخ پڇي وئي ته معلوم ٿيو ته موجوده
مجاور صاحب جي هڪ بزرگ کي خواب ۾ معلوم ٿيو هو ته
وار مبارڪ قسطنطنيه ۾ آهي. پوءِ ان کي اتان کڻي
آيو. هاڻي هي زيارت جو هنڌ آهي. مون کي هن ڪهاڻيءَ
جو ڪو به حصو قابل اعتبار نه ٿو لڳي، پر مجاورن
کي جيڪا آمدني ٿئي ٿي، اها گنبذ جي شان ۽ اُن جي
نفاست مان ظاهر ٿئي ٿي. سال ۾ هڪ خاص وقت تي شايد
حج جي مهيني تي ميلو لڳندو آهي(***). عقيدت جي اها
حالت آهي ته حسام الدين سميت اسان جي سڀني ساٿين
پيسا نذراني طور پيش ڪيا. اها منهنجي سفر جي احوال
جي پڄاڻي آهي.
***
پير حسام الدين راشديءَ جا مولانا مهر ڏانهن خط
(1)
14
آگسٽ 1942ع
کيمچند بلڊنگ، ميڪلن اسٽريٽ، بندر روڊ، ڪراچي
قبلا،
السلام عليڪم.
خط آيو، پر جواب نه ڏئي سگهيس. ان جو سبب اِهو هو
ته گذريل ٻن مهينن کان سنڌ ۾ ٻوڏ آئي آهي. سکر ۽
لاڙڪاڻو ضلعا پاڻي هيٺ آهن. منهنجو ڳوٺ به 31
تاريخ تي ٻڏي ويو. سمورو گودام ۽ سامان، لائبريري،
اناج سڀ غرق ٿي ويا. جنهن ۾ ڏيڍ لک رپين جو نقصان
ٿيو. لائبريريءَ ۾ ڏهه هزار جلد هئا. جنهن ۾ ڪيئي
نادر نسخا، 11 هزار مڻ ڪڻڪ ۽ اناج جا ٻيا قسم به
ٻڏي ويا. ان کان علاوه هلندڙ سال خريف جو فصل به
مڪمل ٻڏي ويو، ڄڻ : دھوے
گئے
ہم ایسے
کہ بس پاک ہوگئے۔
اڳ ۾ تڪليف گهٽ هئي جو ٻي به نازل ٿي. ريلوي، پوسٽ
آفيس، آمدرفت سڀ بند آهي. مون کي خبر نه آهي ته
اتي هاڻي ڪهڙي صورتحال آهي، مان ڏاڍو پريشان آهيان
۽ هوش وڃائي ويٺو آهيان. اوهان دعا ڪريو ته، جنهن
اُهي تڪليفون ڏنيون آهن اُهو مون کي صبر ۽ برداشت
جي توفيق عطا فرمائي. ٻي صورت ۾ انسان جي حيثيت به
ڪهڙي آهي جو مصيبت جي سببن کي نظر انداز ڪري، اُن
مان ڪو سبق به حاصل نه ڪري!!
جڏهن اُن بابت سوچيان ٿو ته، مستقبل اونداهو نظر
اچي ٿو، مون کي خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو. سکر ۽
لاڙڪاڻو ضلعا مڪمل تباھ ٿي ويا آهن ۽ دادو ضلعي ۾
پاڻي اچي رهيو آهي، ٻوڏ جي اڃا بند ٿيڻ جي ڪا به
اميد نه آهي.
راشدي صاحب (علي محمد شاھ) ڪجهه ڏينهن کان بيمار
آهي، ڪن جو پردو ڦاٽي پيو اٿس ۽ ٿڌ، بخار پڻ آهي،
دعا ڪريو. جيڪڏهن ٿي سگهي ته ٽئي ڪتاب ٽپال ذريعي
واپس موڪليو. ڊاڪٽر عالم کي به منهنجي هن مسئلي
بابت اطلاع ڏيندا.
****
مولانا مهر جا خط
اسلام عليڪم
حسام الدين
(2)
15
جنوري 1952ع
قبلا پير و مرشد
سلام خط پهتو پڙهيو، اکين سان لڳايو. توهان کي خبر
ناهي ته توهان سان عقيدت روز به روز وڌندي رهي
آهي.”سيرت سيد شہيد“(1) پڙهي رهيو آهيان، مون کي
4-5 ڏينهن ٿي ويا آهن، ٻئي جلد جا 25 صفحا مڪمل
ڪري چڪو آهيان، پٺاڻن جي حالت پڙهي حيران ٿي ويس.
توهان انهن جي قومي خوبين کي ايترو واضح ڪيو آهي
جو قيامت تائين اهو داغ پاڻ تان لاهي نه سگھندا.
تحقيق ۽ لکڻ جي اسلوب جي باري ۾ ڇا چوان، الله
توهان کي خوش رکي. آئون فيبروريءَ ۾ اُن تي تبصرو
لکندس، رياض، فاران ۽ اردو قومي زبان ۾ لکرائيندس.
”تاريخ و سياست“ بند ٿي ويو آهي، باقي اردو اوهان
جي نالي تي جاري ڪرايو آهي. خبر ناهي ڇو نه موڪلي
رهيا آهن، اڄ کين تاڪيد ڪريان ٿو. اوهان اِهو ڇا
فرمايو آهي ته ”مان بُخل ڪري رهيو آهيان“ قبلا!
منهنجو سڀ ڪجهه اوهان جو آهي. اوهان جون اکيون اڃا
تائين منهنجي دل جي گهراين تائين نه پهتيون آهن،
”آفاق“ هر روز پڙهندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن هڪ پرچو
اَٺن آنن ۾ ملي ٿو، پر تنهن هوندي به هر روز
پڙهندو آهيان. مولانا صاحب، توهان هن وقت تائين
جيڪي ڪجهه لکي رهيا آهيو، ان مان صاف ظاهر آهي ته
توهان هر اهم مسئلي مان نڪري ويندا آهيو، هِتان
هُتان جي ڳالهين متعلق لکي بنيادي خرابين جو ذڪر
ڪرڻ کان سواءِ ٻي واٽ وٺندا آهيو. اوهان سڀني
معاملن تي کليل دل سان لکو. مون کي اڃان تائين اهو
معلوم نه ٿي سگھيو آهي ته اِها اخبار ڪنهن جي
آهي، مالڪ ڪير آهي. ڪهڙي پارٽيءَ جي نمائندگي ڪري
ٿي، اها اڃا به خبر ناهي. اوهان ڳالهين کي ڀڙڪائڻ
جي بجاءِ تباهيءَ واري عمل ۽ ڳالهين کي واضح ڪريو
۽ ...... پري رهو!!
بورڊ (2) جي ميٽنگ هن مهيني جي آخر ۾ آهي. اوهان
جي تاريخ (3) جو فيصلو ڪرائيندس يا پيسا
موڪلرايان يا استيعفيٰ ڏيان. اُن جي ڪري رڪيل
آهيان. نئون ديرو به نه ويو آهيان.
قبلا پير صاحب (4) کي اڄ خط لکان ٿو ته سوءُ کن
”سيرت“ جو ڪاپيون گھرائي وِرهائين. پر هنن جي
والد جي باري ۾ جتي توهان ذڪر ڪيو آهي، اهي سٺا ۽
محبت وارا لفظ نه آهن. جيڪڏهن مان هي پيراگراف
ڏسان ها ته ضرور اوهان کان تبديل ڪرايان ها. هُنن
جي والد جو ذڪر اوهان خاص طور تي سرد مهري سان ڪيو
آهي. هنن کي انگريزن جو دشمن قرار ڏيو ها ۽ حُرن
جي اِن آخري جدوجهد کي انگريزن خلاف قرار ڏيو ها.
توهان ٽالپرن جي جلد جو فائيل ٺاهيو، جيستائين سنڌ
(5) جو دور ختم نه ٿئي تيستائين شروع نه ڪيو وڃي.
”آغا بدرالدين دراني، پوسٽ آفيس ڳڙهي ياسين، ضلعو
سکر“ (اِن ڏس پتي تي) پير سيد صاحب جي سيرت جي هڪ
ڪاپي وي پي ڪري موڪليندا. روزنامه جلد موڪليندس.
ٻه سوءَ کن ڪاپيون گھرائڻ جو ارادو ڪيو آهي. خاطري
ڪريو. پاڻ لاءِ سعادت سمجھان ٿو. مالڪ مهربان نياز
(6) ڀاءَ جي ڪاروبار کي اڃان وڌيڪ ترقي ڏئي. اُن
ئي ته هيءُ ڪتاب شايع ڪيو آهي. الله تعاليٰ اهڙن
ڪمن ۾ مدد فرمائي ٿو، مان پڙهان ٿو ته اوهان لاءِ
نه، پر اوهان جي قلم ۽ نياز جي قلم لاءِ دل مان
دعا نڪري ٿي. مولانا! باقي 4 جلد ڪڏهن شايع ٿيندا؟
توهان ٻيهر انتظار جو سلسلو شروع ڪرائي ڇڏيو آهي.
”ديوان عظيم“، ”ديوان محسن“ ۽ ”ديوان فيضي“ ته
مهيا ڪري ڇڏيا آهن. باقي....... جي ڳولا جاري آهي.
جڏهن هٿ ايندا ته انهن کي ايڊٽ لاءِ موڪليا
ويندا. پنهنجي حال احوال کان آگاهي ڏيندا.
****
اسلام عليڪم
حسام الدين
(3)
19
مارچ....ع
حسام الدين راشدي
ڪالهه
تائين خط نه مليو، پر مون اُن کان اڳ ئي اوهان جو
ڏوھه معاف ڪري ڇڏيو هو. اوهان جو مضمون پڙهي شعر
ڏسي، مون کي ڏک ٿيو. جيڪو اوهان کي ڪرڻو آهي.
توهان ائين نه ڪري سگهيا آهيو، پر اهڙين گندن ۽
فضول ڪمن ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، اوهان کي خدا
کي جواب ڏيڻو پوندو.
مون کي خبر آهي ته اوهان جي صحت اطمينان بخش نه
آهي، پر هتي اسان جا عزيز دوست ڊاڪٽر اوهان جو
خيال رکن ها، جيڪڏهن ضروري ٿيو ته توهان کي سنڌ
وٺي ويندس. توهان جتي چاهيندئو، اتي اوهان کي
رهائيندس، هڪ ڏينهن ضرور ايندس، اڄ ريل ذريعي موهن
جو دڙو وڃي رهيا آهيون، سڀاڻي رات موٽي
اينداسين. توهان کي موٽر ۾ سن (1) وٺي وڃي ها،
سيد (2) سان ملو ها. هو توهان سان ملڻ جو انتظار
ڪري رهيو هو. ٻه چار پراڻا ساٿي بچيا آهن، تمام
جلد اُهي به رب ڏانهن هليا ويندا. هاڻ به جيڪڏهن
ارادو ڪريو ته بهتر آهي. ممڪن آهي ته آئون 5 تاريخ
تي لاهور پهچان، 10 تاريخ کان پوءِ موٽي ايندس،
توهان ۽ مان ريل ۾ هلنداسين، الله پاڪ توهان کي
خوش رکي ۽ اڃا به وقت آهي جيڪڏهن الله عقل عطا
فرمائي.
***
اسلام عليڪم
حسام
الدين
(4)
17
فيبروري...ع
عامل ڪالوني؛2 ڪراچي_5.A-36/5
حضرت پير و مرشد
گرامي
نامه
اوهان کي افتتاح ڪرڻو آهي ۽ افتتاحي خطبو پڙهڻو
آهي، تنهن ڪري خطبو تيار ڪريو. بي دليءَ سان نه
بلڪ دل سان لکو.
افتتاح
8 تاريخ صبح 10 وڳي ٿيندو. توهان 6 جي صبح جو تيز
گام تي هلو. 7 تاريخ تي پهچي ويندوءُ. منهنجي
موٽر، منهنجو گھر ۽ هڪ هوٽل توهان جي خدمت ۾،
اوهان جتي چاهيو اُتي رهو.
ٻئي ٽڪيٽون اوهان کي لاهور ۾ پيش ڪيون وينديون
اُهي به رزرويشن سان گڏ. ڊرائيور اوهان کي اچي کڻي
ويندو، ۽ پوءِ اوهان سان حساب ڪتاب ڪندس! اوهان
مون کي ڇو لکو ٿا؟. جڏهن ته.... اوهان جو گهر
موجود آهي ۽ جهاز اوهان جي اکين جي آڏو آهن!.
آئون ڪوشش ڪندس ته طاهر صاحب به توهان سان گڏ
گاڏي ۾ سفر ڪري. انشاء الله!
حميد الله کي به هڪ نشست جي صدارت لاءِ سڏيو پيو
وڃي.
جيڪڏهن توهان هڪ هفتي اندر ”شعور“
جي لاءِ سوانح نه موڪلي ته پوءِ قطع تعلق، پوءِ
هتي جيستائين رهندا آئون اوهان سان نه ڳالهائيندس.
شايد اها سزا به گھٽ آهي، منهنجو سمورو ڪم رڪيل
آهي. اوهان ...... سؤ سال جيئندا رهو.
***
اسلام عليڪم
حسام
الدين
حاشيا:
مولانا
مهر جا خط:
خط 3 : 1 ۽ 2. ورهاڱي کان اڳ ٻه وفادار ملازم
هندستان هليا ويا ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. ڀاءُ رام
اوتار 31 سيپٽمبر 1958ع تي وفات ڪئي ۽ کيس مسلم
ٽائون ڪئنال جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو.ڀاءُ ننڪو 4
سيپٽمبر 1973ع تي وفات ڪئي ۽ اسان جي باغ ۾ ڄمون
جي وڻ هيٺان دفن ٿيو. 3. جاويد ابن مير. 4. محمود،
مولانا جو ڀائيٽو.( مولانا مهر جي پٽ جا قلمي نسخي
تي لکيل حاشيا)
خط 4: (1) مولانا غلام رسول مهر جي رهائش سکر ۾
هوٽل اسٽار ۾ هئي. مولانا ۽ پير حسام الدين راشدي،
سنڌ جي مشهور اديب رشيد ڀٽي سان گڏ اروڙ ڏسڻ ويا
هئا، رشيد ڀٽي ان وقت ميٽرڪ جو شاگرد هو. (م.س)
پير حسام الدين جا مولانا مهر ڏانهن خط.
خط 2: 1 مولانا مهر جو ڪتاب. 2 سنڌي ادبي بورڊ . 4
تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور). 5 شاھ مردان شاھ (پير
پاڳارو). 6 پير صاحب جو اشارو شايد تاريخ سنڌ
(ڪلهوڙا دور ) ڏانهن آهي. 7 نياز مڪتبه جديد
لاهور. (م.س)
خط 3 :1 سن موجوده ضلع ڄام شورو. 2 ساءِ
جي.ايم.سيد. (م.س)
مترجم پاران حاشيا:
*
ناميارو ترقي پسند اديب، محقق،
نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو
فرزند، 20 آگسٽ 1933ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي،
ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي،
1959ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي ڪري
وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع
ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي
گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد
ڀٽي پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد
ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو ”المنار“
اخبار ۽ ”پرهه ڦٽي“مئگزين جو ايڊيٽر،”نئين سنڌ“،
ڪراچي ۽ ”الوحيد“ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز
ايڊيٽر رهيو. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو
مالڪ رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به
رهيو. رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور
جي باني ميمبرن مان هو. سنگت- سنڌ جو تنوير
عباسيءَ کان پوءِ 11 سالن تائين سيڪريٽري جنرل به
رهيو. شمشيرالحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي
دور ۾ ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو.. رشيد ڀٽي
سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو به سرگرم ڪارڪن
رهيو. 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ 9
مهينا جيل به ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾
به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي
خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشيءَ ۽
ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. سنڌ
هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين.
نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان
ويجهڙائپ هئڻ ڪري عوامي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين.
هن 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن
فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي انقلابي ۽
سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو. 1972ع ۾ ”سنڌي ٻولي،
قومي ٻولي“ تحريڪ شروع ٿي ته رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾
ڀرپور حصو ورتو. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ به سندس
ڪردار آهي. هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو
سيڪريٽري به رهيو. هن ڪجهه وقت سکر لاڪاليج ۾
اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون. هُو
سکر جو ناميارو وڪيل هو. 1971ع ۾ سکر بار جو
جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1)
گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ (ڪهاڻيون: 1963ع)، (2) دنيا جا
عظيم افسانا (ترجمو: 1966ع)، (3) آڏي ڍال مَ ڍار
(چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: 1966ع)، (4)
عاشق زهر پياڪ (پنج ائڪٽي ناٽڪ: 1968ع)، (5) رياست
۽ آزادي (ترجمو: 1968ع)، (6) پاڪستان جا پراڻا شهر
(تاريخ: 1981ع)، (7) آدرشي (طنز ۽ مزاح)، (8) ديس
ستا، دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون)، (9) اوڀاريون
لهواريون (تقريرون)، (10) سياري جي رات (طنزيه ۽
مزاحيه ڪهاڻيون)، (11) سياسي مسئلن جو حل (سياسي
مضمون)، (12) سچ جو فلسفو (ترجمو)، (13) ڪميونسٽ
پڌرنامو (ترجمو)، (14) چتر ليکا (ترجمو: هندي
ناول)، (15) وِيرن جي وسندي (ترجمو: ويٽنامي
ناول)، (16) سنڌ جا پراڻا شهر (مولائي شيدائي جا
تاريخي مضمون، ترتيب)، (18) ڀلاري ڀونءَ (پرل ايس
بڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، (19) پاپ ۽
پيڙا (ناول)، (20) باغي (نذرالاسلام: ترجمو)، (21)
جيءُ جياريو جن (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون:
2002ع)، (22) جهوڪ جهريو (تاريخ)، (23) بين
الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل، (24) تضادن بابت
(تضادن جو فلسفو)، (25) تصوف ۽ ڪلاسيڪي شاعري (هن
ڪتاب جو اردو ۽ انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو.) ان
کان سواءِ رشيد ڀٽيءَ، شيخ اياز جي ڪتاب ”خط،
انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 118 صفحن جو
شاهڪار مهاڳ لکي، ان ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن
خيال ۽ ترقي پسند ڪردار ۽ ان ۾ شيخ اياز ۽ ساٿين
جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح هن شيخ
اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي 31
صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگھه ۽ ساٿين جي
جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سندس هي مواد
سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ڀٽي صاحب پنهنجي
دوست لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون
”انگلينڊ جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو هو. ان
سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو
آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت،
تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. رشيد ڀٽي 16
فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي. (انسائيڪلو پيڊيا
سنڌيانا آن لائين جي ٿورن سان.)
**
آغا بدرالدين ولد آغا شمس
الدين دراني ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي دراني
پٺاڻن مان مشھور سياستدان ۽ علم دوست انسان ٿي
گذريو آهي. 23 مارچ 1912ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.
مئٽرڪ ڪراچي مان ڪيائين ۽ پوءِ اعليٰ تعليم علي
ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ورتائين. فارسي، سنڌي، اردو
۽ انگريزي ٻولين ۽ ادب تي عبور حاصل هئس. 1937ع ۾
آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين
انهيءَ سان لاڳاپيل رهيو. مسلم ليگ جو ضلعي صدر پڻ
رهيو. ان کان سواءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ميمبر
به رهيو. ڊسمبر 1946ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر
چونڊيو ويو. چونڊن ۾ ڪانگريس جي اميدوار کي شڪست
ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1947ع ۾
صوبائي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو.
1953ع جي چونڊن ۾ ٻيھر ميمبر ٿيو ۽ کيس سنڌ
اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. سندس ذاتي ڪتب
خانو ”آشيانه ادب“ نالي سان ناياب قلمي نسخن،
نوادارات ۽ قيمتي ڪتابن سان ڀريل آهي. هي ڪتبخانو
سنڌ جي نادر ۽ وڏن ڪتبخانن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن
1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغام صلح“ جاري ڪئي. آغا
صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي. حج جي
سعادت به حاصل ڪيائين. سندس لکيل سفرنامو ”مسافر
حجاز“، سال 1950ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ورهاڱي کان
پوءِ حج جو پھريون سفرنامو آهي. ان کان سواءِ هن
جي ٻين ڪتابن ۾ ”ڪامرسِ اِن پاڪستان“ ۽ ”سنڌ ۽ هتي
جا ماڻهو“ مشھور آهن. آغا صاحب 26 جنوري 1965ع تي
وفات ڪئي. (انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا آن لائين جي
ٿورن سان.)
***
روهڙيءَ ۾ وار مبارڪ بابت ڪا
خاطر خواهه تحقيق سامهون نه آئي آهي. هن سلسلي ۾
هن وقت تائين هيٺيون مواد سامهون آيو آهي.
1.
مولوي محمد علي ”طالب“، (مقالو)، مولانا دين محمد
اديب فيروز شاهي، ٽماهي مهراڻ3 _4 /1957
2.
تذڪره مشاهير سنڌ (جلد)، مولانا دين محمد وفائي،
سنڌي ادبي بورڊ.
3.
سيد حيدر شاهه حقاني، (مقالو)، ڊاڪٽر قريشي حامد
علي خانائي (شامل ڪتاب: مقالات خانائي (جلد
پهريون) مرتب: بشير احمد هيسباڻي، سنڌي ادبي بورڊ
2006ع.
4.
تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي
بورڊ ڄامشورو، 1992ع.
5.
وار مبارڪ روهڙي (مقالو)، سعيد احمد سومرو،
هفتيوار وينجهار، 11 مئي کان 24 مئي 1992ع.
هن
مواد مان ملندڙ ڄاڻ موجب:
”بکر
جي رهاڪو شيخ عبدالباقي حج تي مليل اشاري کان پوءِ
استنبول ۾ هڪ بزرگ شيخ نجم الدين جي صحبت ۾ رهيو.
سندس صالح طبيعت سبب شيخ نجم پنهنجي نياڻي کيس
نڪاح ۾ ڏني. شيخ نجم جي حياتيءَ تائين اُتي ئي
رهيو. اُن جي وفات بعد پنهنجي اعيال سان بکر موٽي
آيو. شيخ نجم الدين وٽ حضور پاڪﷺ جن جو وار مبارڪ
هو، جيڪو شيخ عبدالباقي کي ڏنائين. اِن طرح وار
مبارڪ سکر پهتو. ڪجهه وقت کان پوءِ شيخ عبدالباقي
جي ويجهي دوست ۽ سکر جي رهاڪو حيدر شاهه حقاني کي
خواب ۾ رسول ﷺ جن شيخ وٽان وار مبارڪ ظاهر ڪرڻ جو
اشارو مليو. شيخ باقي، شاهه کي شريعت موجب ٻيو
شاهد پيش ڪرڻ لاءِ چيو. ڪجهه وقت کان پوءِ درٻيلي
ضلع نواب شاهه جي بزرگ محمد عثمان جي خاندان مان
مخدوم عبدالملڪ کي حج تي نبي ڪريم ﷺ جن کان خواب ۾
اشارو مليو ته، حيدر شاهه حقاني سان گڏجي شيخ
عبدالباقي وٽان وار مبارڪ کي ظاهر ڪريو. جنهن کان
پوءِ شيخ کي ڪوبه عذر نه رهيو ۽ وار مبارڪ کي سنه
952هه\1545ع ۾ عام زيارت لاءِ ظاهر ڪيو ويو.“
هنن سمورن لکندڙن جو بنياد مولوي محمد علي طالب جي
فارسي قلمي تصنيف ”ظهور نامه“ آهي جنهن کي وار
مبارڪ جي مجاور ميان رحمت الله سمورو احوال ٻڌايو،
جيڪو هُن 1247 هه/ 1831ع ۾ نظم ۾ محفوظ ڪيو.
ظهورنامه، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مرحوم نئين
سر ترتيب ڏئي سوڌي سنواري ضروري حاشيا\ اضافا ڪيا.
جيڪو مواد اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي. |