سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:18 

عبدالحئي ڀٽو

 

 

سچ، سونهن، پريت ۽ انسانيت جو البيلو  شاعر

امير بخاري

سنڌ جي عظيم ڌرتي وڏي مانائتي آهي. جيڪا هر وقت پنهنجي ڪُک مان اديبن، دانشورن، محققن، شاعرن، ڪالم نگارن ۽ صحافين کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انهن مان سيد امير علي شاهه عرف امير بخاري به هڪ آهي. جنهن سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي ڪڇ ۾ قائم ڳوٺ ٻيرڙي ۾ سيد جعفر علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ پهرين ڊسمبر 1941ع تي اک کولي. امير بخاري شروعاتي تعليم پراڻي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ هن فائنل سنڌي 1956ع ۾ فرسٽ، اديب سنڌي 1960ع ۾ فرسٽ اديب عالم 1961ع ۾ سيڪنڊ اديب فاضل سنڌي 1962ع ۾ فرسٽ، انٽر ڊرائنگ 1962ع ۾، فرسٽ، مئٽرڪ 1964ع ۾ فرسٽ، بي.اي 1970ع ۾، فرسٽ، اديب فاضل اردو 1972ع ۾. فرسٽ، ۽ ايم.اي (سياست) 1973ع ۾ فرسٽ ۾ ڪيائين. امير بخاري 1960ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن نظم جي شروعات چوٿين درجي سنڌي ۾ ڪئي. منڍ ۾ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا چيائين. اڳتي هلي 1965ع ۾ جنگي ملي بعض مان متاثر ٿي سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ نغما لکيائين ۽ هن شاعري جي تقريبن سمورن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. نظم ۽ غزل سندس خاص سڃاڻ بڻيا. امير بخاري نثر جي شروعات ڪهاڻين ۽ مزاحيه طنزيه ڪالمن سان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. اڳتي هلي هن نثر جي سمورن صنفن ۾ لکيو. ٻوليءَ جي سلاست رواني ۽ بي ساخته سچائي سيد امير بخاري جي نثر جي خاص سڃاڻپ هئي. ان کي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان بيحد محبت هئي. تڏهن ته هڪ جاءِ تي لکي ٿو،

مان سنڌڙي جو امير بخاري

منهنجي سنڌ ۽ سنڌين سان ياري.

امير بخاري

 

 

سنڌي ادب جو امير، امير بخاري پنهنجي حياتي ۾ تقريبن سمورن سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري لاتعداد ۾ لکي پاڻ ملهايو. انهيءَ سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن کان علاوه اردو جي وڏن اخبارن ۽ رسالن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هن کي سهڻا ماڻهو ڏاڍا وڻندا هئا. ۽ انهن سان سچي محبت ڪندو هو. تڏهن ته سهڻن ماڻهن جي لاءِ هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته،

سهڻا ماڻهو وڻندا آهن

جيئن هجن جت ٺهندا آهن

رت بسنت جي ٿيندي آهي

نيڻ جي مرڪي ملندا آهن.

امير بخاري

 جڏهن ته امير بخاريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1) خالد سيف الله جي تلوار (ٻارن لاءِ) (2) طارق بن زياد (ٻارن لاءِ) (3) غازي صلاح الدين (ٻارن لاءِ) (4) اسان جو قائداعظم (ٻارن لاءِ) (5) اشتراڪيت جو آئينو (ترجمو) (6) سنڌ ۽ سڌين جي ڀلائيءَ جي واٽ (مضمون)  (7) اک ڇنڀ جو ڦهلاءُ (ڪهاڻيون) شامل آهن. جڏهن امير بخاري جا اڻ ڇپيل ڪتاب سچيون ڳالهيون (مضمون) سنڌي سنڌ لاءِ جاکوڙ (مضمون) استاد بخاريءَ جي شاعري ۽ شخصيت (تنقيدي مطالعو) آجون اُڏامون (تجريدي شاعري) دل دهڪو ڳوليان هو (شاعري) جيئي جيئي سنڌڙي (انقلابي شاعري) سنڌوماٿري جي سڀيتا (تاريخ) دلِ ناداں کی باتين (اردو شاعري) ڪالم ڪالم (اخباري ڪالمن جو مجموعو) سنڌي نعتن ۽ مولودن جو منظوم (اردو ترجمو) سنڌي وائين ۽ ڪافين جو منظوم (اردو ترجمو) بخاريات (اردو مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو) غلامي جا زنجير ڪڏهن ٽٽندا (انقلابي ليک) جيڪي ڏيهه ۾ ڏينهن گذاريم (آتم ڪٿا انٽرويو، خط، تبصرا) امير بخاريءَ جا مضمون (علمي، ادبي، ۽ تنقيدي مضمون) سوچون سکارتون (جديد شاعري جو مطالعو) ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب اٿس، جيڪي اڻڇپيل ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ پيل آهن.

سيد امير بخاري چوندو هو ته جڏهن انسان راڳ ٻڌندو آهي تڏهن ان کي راحت ۽ سڪون ملندو آهي. امير بخاري خاص ڪري صوفين جي محفلن ۾ ويندو هو. اتي صوفي راڳين جا صوفياڻا ڪلام  ٻڌندو هو ۽ چوندو هو ته راڳ روح جي راحت آهي. هڪ هنڌ هُو راڳ بابت لکي ٿو ته :

 

آءُ بخاري تار کي ڇيڙيون

راح جي راحت راڳ پکيڙيون.

امير بخاري

سيد امير بخاري کي حياتيءَ ۾ گهوٽڪي جو بهترين صحافي ايوارڊ، رهبر ڊائجسٽ طرفان ليکڪ ايوارڊ، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض ايوارڊ، سنڌي سياحت گهر حيدرآباد پاران ڪينجهر ايوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو پاران بهترين ايوارڊ مليا. امير بخاري پنهنجي محبوب لاءِ هڪ جڳهه لکي ٿو ته،

رات نه ٻاريندس ڏيئو، رات هُو منهنجو مهمان هوندو،

هوندو جنهن سان گڏ بخاري، سو شادان ۽ فرحان هوندو.

امير بخاري

امير بخاري هڪ سچو ۽ صاف سٿرو صوفي هجڻ سان گڏ دل جو صاف ماڻهو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڏاڍ ۽ انياءُ خلاف علمي جدوجهد ڪئي. اهو انسان دوست، امن پسند شاعر هو، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سونهن، سينگار ۽ سچ هو. ان پنهنجي خوبصورت تخليقن ۽ تحريرن جي ذريعي سنڌي قوم جي رهنمائي ڪئي. امير بخاري سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هو هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته،

ڀٽ ڌڻي، استاد بخاري، يار امير جي سنڌي ٻولي،

جيڪا اهڙي آهي جهڙي پنهنجي امڙ جي لولي.

امير بخاري

امير بخاري پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙيءَ تي ڪافي تحقيقي مضمون لکيا ۽ هن ماڳ کي بچائڻ لاءِ آواز اُٿاريو ۽ مومل جي ماڙي بچايو ڪاميٽيءَ جو بنياد رکيو. انهيءَ علائقي کان سواءِ گهوٽڪي جي ماڻهن ۾ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي ماحول جوڙيو ۽ اهو صحافتي دنيا ۾ گهڻو اڳتي هو. هميشه ظلم مزاحمتي ڪالم ۽ مضمون لکي هڪ سچي ليکڪ سان گڏ صحافي هجڻ جو ثبوت ڏنو. اهو هر وقت چوندو هو ته فاتح حق ۽ سچ واري جي ٿيندي آهي. تڏهن ته هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته،

هيءَ پاڻ کي پختي پڪ آهي

هر حال ۾ فاتح ٿينداسين.

امير بخاري

امير بخاري کي اڄ به لڏي جا ساٿي ۽ سندس شاگرد ياد ڪن ٿا. امير بخاريءَ جي شاعري پڪي، پُختي ۽ عظيم هئي. اوهين امير بخاري جي شاعريءَ جي هن شاعري مان اندازو لڳائي سگهو ٿا

پاڻ پنهنجو نه هو

ڪير ڪنهن جو نه هو

مان ته هن جو هيس

هو ته منهنجو نه هو

يار دل جو سفر

سولو سهنجو نه هو

سو پئي ورسيو

ڏيهه جنهن جو نه هو

ڪالهه ارڏو سڌو

ايڏو لهجو نه هو

درد دڙيو امير

سور سهنجو نه هو.

امير بخاري

وري ٻئي هنڌ سائين امير بخاري چوي ٿو ته:

اڄوڪي رات جا ڏيئا جلايون

اچو انياءَ جي اونداه ڀڄايون

پکيڙي روشني آس ۽ امن جي

سڄي عالم کي جنت گاه بڻايون.

امير بخاري


 

امير بخاري هڪ عظيم انسان، وطن دوست ۽ اٻوجهه ماروئڙن سان محبت ڪندڙ هو، جيڪو اڄ به سنڌي ماڻهن سان گڏ علائقي جي ماڻهن ۾ زنده آهي. امير بخاري ديس جي اديب، دانشورن، محققن ۽ شاعرن جي واٽ وٺندي پنهنجي سموري زندگي سنڌي ادب کي ارپي ڇڏي. امير بخاري هڪ سچي لکاريءَ سان گڏ هڪ بيباڪ صحافي پڻ هو. جنهن هميشه ظلم ۽ ڏاڍ خلاف لکي هڪ سچي صحافيءَ جو ثبوت ڏنو. هُو صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي هو. هو سنڌ جي سرموڙ صحافي، پسبانِ آبروئي قلم محترم سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ جو ننڍو ڀاءُ هو. هُن نه صرف ننڍي ڀاءُ هجڻ جو حق نباهيو، پر صحافت کي پنهنجي حق ۽ سچ جي علمدار قلم جي نوڪ تي سجائي رکيو ۽ ثابت ڪيو ته صحافت معنيٰ ئي حق ۽ سچ جو آواز آهي. هن صحافت ۾ نوان نوان خيال ۽ لاڙا آندا. امير بخاري ماٿيلو مومل جي ماڙيءَ ۽ گهوٽڪيءَ وارن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو. هيءُ مٺڙو ۽ من موهيندڙ محبوب شاعر اسان کان 25 جنوري 2007ع تي هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو. آءٌ هن مضمون جي پڄاڻي سندس هنن سٽن سان ڪريان ٿو،

ڪوبه نه ڪنهنجو سنگتي ساٿي ڪوبه نه ڪنهنجو مَنُ

هرڪو پوڄي ڌَنُ دولت کي سڀ جو ڌڻي ڌَنُ

ڪوبه نه ڪنهنجو سنگتي ساٿي ڪوبه نه ڪنهن جو يارُ

پوءِ به چوان ٿو جيئان پيو مان هي ڪهڙو اسرار.

امير بخاري

سائين بخش قبولائي جوڻيجو

 

 

 

سيد گل محمد شاهه بخاري ۽ سندس تصنيفون

 

شهدادڪوٽ جي شاداب شهر جو مشهور عالم، اديب، شاعر ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاھ ولد سيد غلام شاھ بخاريءَ جو خانداني نسبي سلسلو اُچ شريف جي بخاري سيدن سان وڃي لڳي ٿو، جتان سندس وڏا ڪنهن سبب ڪري لڏي شروعات ۾ بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙي ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ اُتان به هجرت ڪري سنڌ ۾ شهدادڪوٽ کان 5 ڪلوميٽر اولھ طرف ڳوٺ ريٽن ۾ رهائش پذير ٿيا. هتي پنج پيڙهيون رهڻ بعد وري ڳوٺ بکو سيال ڏانهن هجرت ڪري آيا، جتي سندس ڏاڏو سيد محمد شاھ ولد سيد جيوڻ شاھ 1890ع ۾ جنم ورتو ۽ 1932ع ۾ وفات ڪري ويو. اُن وقت سندن والد سيد غلام شاھ (1928ع - 2004ع) پنجن سالن جو مس هو، جيڪو پوءِ اڳتي هلي چار درجا سنڌي ۽ فارسي بوستان تائين پڙهيو. سندس شادي پنهنجي مامي سيد بهادر شاھ ولد سيد شيرشاھ (وفات: 1387ھ/ 1967ع) جي نياڻيءَ سان ٿي ۽ هو شروعات ۾ مزدوري ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري زندگي گذارڻ لڳو. جيئن ته کيس خانداني ورثي طور دعا، تعويذ، مال جا هُدا، مسجد جي امامت، نڪاح، جنازه وغيره جو فن موجود هو، جنهن مان پڻ سندس سٺو گذر سفر ٿيندو رهيو. اُن کان علاوه ڪجھ وقت واپار ڪيائين ۽ ٺيڪا وغيره به کنيائين، جنهن مان 252 جريب کن زمين خريد ڪري ورتائين. اُن کان پوءِ هڪ بَسِ ورتائين، جيڪا ڪجھ سال هلائڻ بعد وڪرو ڪري ڇڏيائين. جنوري 1967ع ۾ سندس گھران 28 تولا سونا زيور ۽ ٽي هزار روپيه روڪ رقم چوري ٿي ويا، جنهن ڪري دل شڪسته ٿي، اُتان آڪٽوبر 1967ع ۾ لڏي ڳوٺ بکر مهيسر ۾ پنهنجي مائٽن جي ڀرسان وڃي رهيو.

سيد غلام شاھ بخاري جڏهن ڳوٺ بکو سيال ۾ رهندو هو، تڏهن کيس سيد گل محمد شاھ، آچر جي ڏينهن، تاريخ 27 صفر 1380ھ مطابق 21 آگسٽ 1960ع تي شام جو سانجھي نماز جي آذان وقت شهدادڪوٽ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ پيدا ٿيو.

جڏهن پڙهڻ جي عمر جو ٿيو ته کيس پرائمري اسڪول بکو سيال ۾ داخل ڪرايو ويو، پر اتي هڪ سال مس پڙهيو. اُن بعد ڳوٺ جيئند جوڻيجو تعلقو ڳڙهي خيرو، ڳوٺ بهارو گرگيج تعلقو شهدادڪوٽ ۽ مين پرائمري اسڪول رتوديرو مان ٻيو درجو پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ٽئين درجي کان پنجين درجي تائين پرائمري اسڪول بکر مهيسر ۾ پڙهيو. پر پوءِ بدامنيءَ جي سبب سندس والد صاحب ڳوٺ بکر مهيسر مان به 12 ربيع الاول 1392ھ مطابق 27 اپريل 1972ع تي لڏي، شهدادڪوٽ شهر ۾ اولهندي طرف ڪچي آبادي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ اُتي ئي ٽيهن سالن کان مٿي زندگي بسر ڪندي، 18 آگسٽ 2004ع تي وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

سيد گل محمد شاھ بخاري، پنهنجي خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن مئٽرڪ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان 1976ع ۾ پاس ڪئي. اُن کان پوءِ 1978ع ۾ گورنمينٽ انٽر ميڊيئٽ ڪاليج شهدادڪوٽ مان انٽر آرٽس ۽ 1980ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان انٽر ڪامرس پاس ڪيائين. پوءِ 1981ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي سينٽر مان بي.اي ڪيائين. شاھ صاحب کي ننڍپڻ کان ئي ديني علم سان دلچسپي رهي هئي، تنهنڪري سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1983ع ۾ ايم.اي اسلامي ڪلچر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اُن بعد شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم.اي پوليٽيڪل سائنس 1988ع ۾، ايم.اي مسلم هسٽري 1990ع ۾ ۽ ايم.اي سنڌي 1992ع ۾ پاس ڪيائين.

جڏهن ته قرآن مجيد ناظره، ڳوٺ بکر مهيسر ۾ رهڻ دوران حافظ فضل الدين مهيسر ۽ مولانا غلام قادر مهيسر وٽ پڙهيو. اُن بعد درگاھ ميان غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جي درسگاھ مان مولانا حافظ غلام جيلاني وٽ حفظ جي سعادت ماڻيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم شهدادڪوٽ جي مشهور عالمن مولانا حڪيم محمد نواز سيٺار، مولانا عبداللطيف مستوئي، ميان عبدالحليم ميڪڻ، ميان نصيرالدين ميڪڻ ۽ مولانا حبيب الله جن وٽ پڙهيو. مرڪز علوم اسلاميه لاهور ۾ شيخ الحديث مولانا گوهر رحمٰن (سابق ميمبر قومي اسيمبلي) ۽ مولانا محمد يوسف قريشي ملتاني وٽ 1982 کان 1984 تائين دؤره تفسير پڙهيو.

سيد گل محمد شاھ بخاري اسلامي نظريات ۽ اسلامي سوچ رکندي، 31 مارچ 1983ع کان صديقي مسجد شهدادڪوٽ ۾ درس و تدريس جي شروعات ڪئي ۽ انهيءَ مسجد جي امامت ۽ خطابت جا فرائض پڻ سرانجام ڏنائين. اُن بعد تاريخ 6 ذوالحج 1403ھ مطابق 14 سيپٽمبر 1983ع تي مرڪز تعليم القرآن شهدادڪوٽ جو بنياد رکيائين ۽ اُن جو مهتمم ۽ خطيب به ٿي رهيو، جتي سالن جا سال روزانو درسِ قرآن ڏيندو رهيو ۽ 1991ع کان حبيب مسجد شهدادڪوٽ ۾ هفتيوار درس قرآن جو سلسلو به شروع ڪيائين. اُن کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس درس قرآن ۽ مذهبي تقريرن جا پروگرام ٿيندا رهيا ۽ هو مذهبي تقريرن جي سلسلي ۾ ريڊيو پاڪستان سان پڻ لاڳاپيل رهيو.

شاھه صاحب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جو امتحان پاس ڪري 10 ڊسمبر 1984ع تي اسلامڪ ڪلچر ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتان 22 جنوري 1986ع تي بدلي ٿي گورنمينٽ انٽر ميڊيئٽ ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ آيو. سال 1998ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ۽ اتي ئي ترقي ڪري 15 مئي 2009ع کان ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. اُن دوران 31 مئي 2005ع کان 4 جولاءِ 2006ع تائين پرنسپال جي عهدي تي رهي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ آخر 20 هين گريڊ ۾ 23 آگسٽ 2020ع تي رٽائر ٿيو.

شاھ صاحب هاءِ اسڪول جي زماني کان لکڻ، پڙهڻ ۽ شعر و شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ انهيءَ ئي زماني ۾ غير شعوري طور ماه نومبر 1974ع ۾ لائبريري قائم ڪيائين، جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي خانگي ڪتب خانن ۾ هڪ شاندار لائبريري بڻجي وئي، جنهن جي فهرست سندس لکت موجب ٻن جلدن ۾ تيار ٿيل آهي. هو لکي ٿو ته 10 ڊسمبر 1980ع تي سومر جي ڏينهن جڏهن پندرهين صدي هجري جو آغاز ٿيو، تڏهن جملي 313 ڪتابن کي بنياد بڻائي ’سيرت لائبريري شهدادڪوٽ‘ جو شعوري طور بنياد رکيم.“ سال 2010ع ۾ هن لائبريري جي ڪتابن جو تعداد ٽيهن هزارن کان مٿي هو ۽ هن وقت تائين ان ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب اردو زبان ۾ موجود آهن، ٻئي نمبر تي سنڌي، ٽيون نمبر عربي ۽ چوٿين نمبر تي انگريزي آهن. ان کان پوءِ فارسي، پنجابي، هندڪو، ڪشميري، پشتو، بلوچي، براهوي، سرائڪي، گجراتي، ٽامل بنگالي وغيره جملي ٻاويهن زبانن ۾ ڪتاب موجود آهن. سيرت لائبريريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب جنهن عنوان تي موجود آهن اهو سيرت النبي ﷺ ۽ نعت آهي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. اُن کان پوءِ قرآن بابت ۽ تفسير، حديث، قصص الانبياء، سيرت صحابه، سيرت اهل بيت، مڪي ۽ مديني جي تاريخ، حج جا سفرنامه، رجال، انساب، اسلامي تاريخ، مسلم تاريخ، هندستان جي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، شخصيات، سوانح، تذڪره، سفرنامه، آتم ڪهاڻيون، اسلامي عقائد، افڪار و فلسفه، لسانيات، لغت، ناول، افسانا، سنڌي لوڪ ادب، خط، معلومات عامه، انسائيڪلوپيڊيا، سنڌ جا شهر، ڳوٺ، جاگرافي ۽ ٻين ڪيترن ئي عنوانن تي ڪي ٿورا يا گھڻا ڪتاب موجود آهن. سيرت لائبريري ۾ ڪافي ڪتاب پنهنجي اهميت ۽ موضوع جي لحاظ کان منفرد آهن، جن ۾ خاص ڪري قرآن مجيد آهي جيڪو پنهنجي ڪيترن ئي ترجمن ۽ تشريحن، لغتن ۽ تفسيرن سميت موجود آهي. اُن کان علاوه ٻن هزارن کان وڌيڪ تمام قديم ۽ نادر ڇاپي ڪتاب موجود آهن. هتي ان جو هڪ مثال ڏجي ٿو ته جڏهن ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب، آخوند گل محمد گل هالائيءَ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل پهريون ’ديوان گل‘ تي تحقيق ڪري پيو، تڏهن انهيءَ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1858ع وارو کيس شاھ صاحب جي قائم ڪيل سيرت لائبريري شهدادڪوٽ مان ئي مليو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي مهاڳ ۾ هنن لفظن سان ڪري ٿو:

”اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته ’ديوان گل‘ جو اهو پهريون ڇاپو جيڪو بمبئيءَ مان سال 1858ع ۾ خليفي گل جي پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڇپيو هو، ان جو نقل سيد گل محمد شاھ شهدادڪوٽيءَ کان دستياب ٿيو آهي، جنهن لاءِ آئون سندس گھڻو ٿورائتو آهيان.“

مولانا محمد ادريس سومري سيرت لائبريري شهدادڪوٽ بابت جيڪي تاثرات لکيا آهن سي هن ريت آهن: پروفيسر سيد گل محمد شاھ بخاري مرحوم جي پنهنجي شهر شهدادڪوٽ ۾ قائم ڪيل هيءَ لائبريري سنڌ نه، پر پاڪستان جي وڏين لائبررين مان هڪ آهي، جنهن ۾ تقريباً ٽيهن کان چاليهن هزارن تائين سنڌي، عربي، اردو، انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ڪتاب موجود آهن. شاھ صاحب کي قرآن ۽ صاحبِ قرآن ﷺ سان جنون جي حد تائين عشق هو. ان ڪري سندس قائم ڪيل هن لائبرريءَ ۾ قرآن ڪريم جا ڇپيل نادر نسخا ۽ قرآن مجيد جا مختلف ٻولين ۾ ڪيل تفسير ۽ هوڏانهن صاحبِ قرآن حضرت سيدنا محمد ﷺ جي سيرت پاڪ ۽ حديث جا ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. صرف سيرت نبي ﷺ تي ئي تقريباً ڏھ هزار ڪتاب رکندڙ هيءَ لائبريري نهايت ناياب، نادر ۽ بنيادي مصادر ۽ مراجع (Basic Sources) تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب رت، سَت سان گڏ وڏو مالي سرمايو به خرچ ڪيو.

ڪيترائي علم ۽ ادب جا پانڌيئڙا، ملڪ جي ڪنڊن ڪڙڇن مان ڪهي ڪري، سندس لائبريريءَ مان استفادو ڪرڻ ايندا هئا. منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ تعداد جي اعتبار سان ايترن سيرت جي ڪتابن تي مشتمل ٻي ڪا لائبريري نه آهي. لائبريريءَ جي سيٽنگ ۽ ترتيب من موهيندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. لائبريريءَ ۾ داخل ٿيندڙ شخص، جيتوڻيڪ ڪتابن جو شائق نه به هجي، پر حسنِ ترتيب کي ڏسي لازمي طور ڪتاب کڻي پڙهڻ، استفادو ڪرڻ تي مجبور ٿيندو. لائبريري جو حسن پنهنجي جاءِ تي، پر لائبريري جي باني پروفيسر سيد گل محمد شاھ جو حسنِ اخلاق به ايندڙن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو.“

هتي هيءَ ڳالھ به ڪرڻ ضروري آهي ته شاھ صاحب کي ٻاراڻي عمر کان وٺي ڪتابن سان دلي لڳاءُ رهيو هو، جيڪو پنهنجي وفات کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ تائين موجود هو ۽ اُن سلسلي ۾ مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومري ڪنڊياري واري سان ڪتابن خريد ڪرڻ بابت جيڪو آخري رابطو ڪيائين، سو پڻ دلچسپي کان خالي ناهي، جنهن مان پڻ سندس علمي ذوق ۽ شوق آخري گھڙيءَ تائين موجود نظر اچي ٿو. تاريخ 24 آڪٽوبر 2023ع تي پاڪستاني وقت 3:35 ۽ بغداد/ عراق جي وقت 1:35 تي آخري ميسيجن مان هڪ ميسيج هيءُ آهي:

”السلام عليڪم، سائين! ايتري طاقت به هٿ ۾ ناهي، جو هٿ ۾ موبائل جھلي سگھان، وڏي مشڪل سان ڏٺا اٿم (ڪتابن جا ٽائيٽل جيڪي مولانا محمد ادريس بغداد جي بازار ڪتب مان واٽس ايپ تي، سائين شاھه صاحب کي موڪليا پئي)، اڪثر مون وٽ آهن، باقي ٻه چار، جن جو شوق رکان پيو، اوهان ڏي فارورڊ ڪيا آهن، هڪ اڌ اهڙا به آهن، جيڪي مون وٽ ڪونهن، پر مون فارورڊ ڪونه ڪيا آهن ۽ ڪُردي ٻولي ۾ جيڪڏهن قرآن شريف (ترجمو) هجي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، نه به آهي ته خير آهي، انتظار ڪونهي. (31 سيڪنڊ)

سيد گل محمد شاھ بخاري 1988ع ۾ باقاعده علم و ادب جي ميدان ۾ قدم رکيو. نثر نويسيءَ ۾ سندس رهنما ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق هئا ۽ شاعريءَ ۾ سندس رهبري ڊاڪٽر نذير احمد جروار، مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽي ڪندا رهيا. علم عروض ۾ عبدالقيوم صائب حيدرآبادي ۽ اردو شاعريءَ ۾ حافظ لڌيانوي فيصل آباد وارا سندس رهنما هئا ۽ شاعريءَ ۾ گل، سيد گل، گل بخاري ۽ گل محمد شاھ تخلص استعمال ڪيائين. هو 1996ع ۾ عمرو ادا ڪرڻ ڀلي پار ويو ۽ پوءِ وري ٻيهر 2008ع ۾ ڀلي پار ڏانهن اُسريو ۽ کيس حج مبارڪ جي سعادت نصيب ٿي.

سيد گل محمد شاھه بخاريءَ کي ست ڀيرا 1991ع، 1993ع، 1995ع، 1999ع، 2008ع، 2012ع ۽ 2013ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليا ۽ 1992ع ۾ فڪر و نظر ايوارڊ، 1993ع ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي ايوارڊ، 1997ع ۾ بهترين نعت گو شاعر ايوارڊ، 1998ع ۾ چار سٽيزن ايوارڊ: هڪ ’سيرت لائبريري شهدادڪوٽ‘
قائم ڪرڻ تي، ٻيو ڪتاب ’شهدادڪوٽ جو علمي جائزو‘ لکڻ تي، ٽيون ’شهدادڪوٽ علمي ادبي تنظيم‘ قائم ڪرڻ تي ۽ چوٿون ڪتاب ’فڪرِ حبيب‘ جي ترتيب، تدوين ۽ اشاعت تي مليا. جڏهن ته 1998ع ۾ ”حسنِ نعت ڪائونسل“ طرفان ”حسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ مليو.

شاھه صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون، سندس پهرين شادي 1977ع ۾ ٿي، پر اُها ڪامياب نه ٿي سگھي ۽ اُن مان کيس اولاد ڪونه ٿيو، ٻي شادي پنهنجي والدين جي رضامندي موجب 1983ع ۾ ڪيائين، جنهن مان کيس 1984ع ۾ هڪ نياڻي ۽ 1988ع ۾ هڪ پٽ سيد محمد مجاهد الاسلام پيدا ٿيا.

هيءُ علم و ادب جو ستارو، 63 ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 9 ربيع الثاني 1445ھ مطابق 25 آڪٽوبر 2023ع تي گذاري ويو ۽ شهدادڪوٽ جي ڀرسان پنهنجي اَباڻي قبرستان ڳوٺ ڀانڙي جي وانڍ ۾ مدفون ٿيو.

شاھه صاحب سان راقم (قبولائيءَ) جي پهرين ملاقات مولانا محمد ادريس سومري وٽ قاسميه لائبريري ڪنڊيارو ۾ ٿي، ان کان پوءِ هڪ ٻه ڀيرا ساڻس ملاقات توڙي فون تي رابطو ۽ ڪتابن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. شاھ صاحب جي اوچتو وفات بعد پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي رفاقت ۾ شهدادڪوٽ وڃڻ ٿيو ۽ سندس پٽ مولوي محمد مجاهد الاسلام سان تعزيت ڪئي ۽ سندس قائم ڪيل سيرت لائبريريءَ جي ڏسڻ جو موقعو مليو.

سيد گل محمد شاھ بخاري هڪ ئي وقت تصنيف و تاليف، ترجمي ۽ ترتيب جو ڪم نثر توڙي نظم ۾ ڪيو آهي، جنهن جو هتي مختصر وچور ڏجي ٿو:

1.      رهبرِ اعظمﷺ: هيءُ ڪتاب سيرت پاڪ جو سوالن جوابن جي صورت ۾، مهراڻ اڪيڊمي طرفان جولاءِ 1989ع ۾ شايع ٿيو ۽ هن وقت تائين ڏهن کان مٿي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.

2.     تاريخ جا ٻه ورق: مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ڪتاب ’تنقيحات‘ جي هڪ مقالي انساني قانون اور الاهي قانون جو سنڌي ترجمو، جنهن ۾ ٻن تاريخي واقعن جو تقابلي مطالعو آهي، جيڪو سنڌي ساهت سوسائٽي لاڙڪاڻو/ شڪارپور، آگسٽ 1989ع ۾ شايع ڪيو.

3.     اسلام دنيا جي ممتاز ڏاهن جي نظر ۾: ابومحمد امام الدين جي اردو ڪتاب ’اسلام اور محاسن اسلام غير مسلم مشاهير ڪي نظر مين‘ جو سنڌي ترجمو، سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد، مارچ 1990ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٻيو دفعو تنظيم فڪر و نظر سنڌ رجسٽرڊ سکر طرفان مارچ 2014ع ۾ شايع ٿيو.

4.     پيغمبري فرمان: هيءُ ڪتاب 52 حديثون عربي متن سان گڏ سنڌي ترجمي ۽ سمجھاڻي سميت، مهراڻ اڪڊمي، جون 1990ع ۾ شايع ڪيو.

5.     ذڪرِ رسولﷺ: هي سندس پهريون نعتيه شاعريءَ جو مجموعو، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ، آگسٽ 1990ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ حمد، مناجات ۽ نعتيه ڪلام جو تعداد 120 آهي. هن ڪتاب تي کيس 22 سيپٽمبر 1991ع تي صدر پاڪستان جناب غلام اسحاق خان قومي سيرت النبي ڪانفرنس اسلام آباد جي موقعي تي صدارتي ايوارڊ ۽ ڏھ هزار روپيه نقد انعام ڏنو هو.

6.     تعارف القرآن: قرآن مجيد بابت سوالن جوابن جي صورت ۾ معلومات، مهراڻ اڪيڊمي طرفان 1991ع ۾ ڇپيو ۽ هن وقت تائين ٽي چار ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي.

7.     سرورِ عالمﷺ: هيءُ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون نعتيه ديوان، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان مارچ 1991ع ۾ ڇپيو ۽ هن ڪتاب تي کيس 1993ع ۾ قائم مقام صدر پاڪستان جناب وسيم سجاد کان قومي سيرت النبي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ صدارتي ايوارڊ ۽ 15 هزار روپيه نقد انعام مليو.

8.     درسِ حديث (ننڍو): 60 درس احاديث تي مشتمل ڪتاب، جنهن جي مقدمي ۾ حديث جي اهميت ۽ قسم حديث جا اصطلاح ۽ آخر ۾ ضميمي طور: دعاءِ قنوت، جنازي جي نماز جي دعا، جمعي ۽ عيدين جا خطبا به ڏنل آهن، جيڪو مهراڻ اڪيڊمي 1991ع ۾ شايع ڪيو ۽ هن وقت تائين چار پنج ايڊيشن شايع ٿيا آهن.

9.     رهبرِ ڪاملﷺ: سيرت پاڪ تي لکيل مقالا، مضمون ۽ تقريرن جو مجموعو، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ، آگسٽ 1991ع ۾ شايع ڪيو.

10.    سنڌي ٻوليءَ ۾ ذڪر حبيب: سيرت پاڪ تي قديم توڙي جديد، نثر ۽ نظم ۾ لکيل ڪتابن جو احوال، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان شايع ٿيو.

11.  سيرتِ رسول ﷺ (قرآن جي آئيني ۾): قرآن مجيد مان 666 حوالن سان سينگاريل سيرت پاڪ جو حسين گلدستو، مهراڻ اڪيڊمي، 1991ع ۾ شايع ڪيو.

12. سيد المرسلينﷺ: نعتيه شاعريءَ جو مجموعو، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان ڊسمبر 1991ع ۾ شايع ٿيو.

13. شهدادڪوٽ جو علمي جائزو: شهدادڪوٽ شهر ۽ آسپاس جي علمي تاريخ، ادبي شخصيات، تعليمي ادارا ۽ ڪتب خانن جو احوال، مجاهد پبليڪيشن شهدادڪوٽ، جنوري 1992ع ۾ شايع ڪيو.

14. فڪرِ حبيب: مولانا حبيب الله شهدادڪوٽيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو، مهراڻ اڪيڊمي طرفان آگسٽ 1992ع ۾ شايع ٿيو.

15. پاڪ تصويرون: خرم مراد جي اردو ڪتاب ’چند تصويرين سيرت ڪي البم سي‘ جو سنڌي ترجمو، شاگرد پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 1993ع ۾ ۽ ٻيو دفعو ساٿي پبليڪيشن حيدرآباد، 2004ع ۾ شايع ڪيو.

16. نبوي دعائون: زندگيءَ جي تقريباً هر مرحلي بابت پنجاھ چونڊ قرآني آيتون، حديثون ۽ نبوي دعائون، مهراڻ اڪيڊمي طرفان 1993ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو دفعو 1996ع ۾ شايع ٿيو.

17. قرآن جا چار بنيادي اصطلاح: مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ڪتاب ’قرآن ڪي چار بنيادي اصطلاحين‘ جو سنڌي ترجمو، جنهن ۾ لفظ الـٰہ‘، ’رب‘، ’عبادت ۽ دين جي سمجھاڻي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي شڪارپور/ ڪراچي، 1993ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جا هن وقت تائين چار ڇاپا اچي چڪا آهن.

18. سبحان جي ساراهه: حمديه ديوان، جنهن ۾ 114 حمد ۽ مناجاتون، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان ڊسمبر 1993ع ۾ شايع ٿيو.

19.    سيرت جو پيغام: مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي هڪ تقرير جو سنڌي ترجمو، شاگرد پبليڪيشن حيدرآباد، ڊسمبر 1993ع ۾ شايع ڪيو.

20.            طب نبوي: حديثن جي روشنيءَ ۾ اسلامي طب جو مختصر تعارف ۽ کاڌي پيتي جا آداب، رسول الله ﷺ جن جي خوراڪ ۽ سندن تجويز ڪيل علاج وغيره، مهراڻ اڪيڊمي، 1994ع ۾ شايع ڪيو. اُن کان پوءِ ٻيو دفعو 1996ع ۽ ٽيون دفعو 1999ع  ۾ ڇپيو.

21. ثناءِ محمد ﷺ: هڪ سئو نعتيه شاعريءَ جو مجموعو، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ، جولاءِ 1994ع ۾ شايع ڪيو، جنهن تي 1995ع ۾ صدر پاڪستان جناب فاروق احمد خان لغاري کان صدارتي ايوارڊ ۽ 15 هزار روپيه نقد انعام مليو.

22.            صراطِ مستقيم: ديني مضمون، مقالا ۽ ريڊيو تقريرون، تعليم القرآن شهدادڪوٽ طرفان آگسٽ 1994ع ۾ شايع ٿيو.

23.            مدحِ رسولﷺ: مولانا محمد يوسف عزيز شهدادڪوٽيءَ جو نعتيه ديوان، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان 1995ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو دفعو مجاهد پبليڪيشن شهدادڪوٽ، ڊسمبر 2016ع ۾ شايع ڪيو.

24.            ديوانِ گل: 52 اکرن ۽ 28 اضافي اُچارن سميت غزليه ۽ اصلاحي شاعريءَ جو ديوان، پنهنجي فني حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون ديوان، سنڌي ادبي سوسائٽي شهدادڪوٽ طرفان 1995ع ۾ شايع ٿيو.

25.            ڪلامِ رسولﷺ: مختلف موضوعن تي مشتمل 363 حديثون ڏنيون ويون آهن، جنهن جي هر عنوان ۾ پهريائين قرآني آيتون ۽ پوءِ موضوع مطابق حديثون ترتيب ڏنل، مهراڻ اڪيڊمي 1996ع ۾ ڇپايو ۽ ٻيو دفعو 1999ع ۾ شايع ٿيو.

26.            سچي سرور جو سنيهو: سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ڪتاب ’سيرت النبي ڪا پيغام‘ جو سنڌي ترجمو، سنڌ مسلم سوسائٽي ڪراچي، 1997ع ۾ شايع ڪيو ۽ هن جو ڇهون ايڊيشن آگسٽ 2016ع ۾ ڇپيو.

27.            اسلام جي دعوت ۽ اُن جو طريقو: مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ڪتاب ’دعوت اسلامي اور اس ڪا طريق ڪار‘ جو سنڌي ترجمو، سنڌ مسلم سوسائٽي ڪراچي طرفان 1997ع ۾ شايع ٿيو.

28.            آبِ ڪوثر: 125 نعتيه غزلن جو ديوان، مرڪز تعليم القرآن شهدادڪوٽ ۽ سيرت اڪيڊمي، 1997ع ۾ شايع ڪيو.

29.            صلي الله عليھ وسلم: منظوم درود ۽ سلام تي مشتمل نعتيه ڪلام لفظن جي معنيٰ ۽ نثري تشريح سميت، مڪتبه حسينيه لاڙڪاڻي طرفان 1997ع ۾ شايع ٿيو.

30.            سيرت النبي ﷺ (قرآن جي روشنيءَ ۾): صاحبِ قرآن ﷺ جن جي سيرت طيبه جو احوال ارڙهن بابن ۽ قرآن شريف جي يارهن سون کان وڌيڪ حوالن جي صورت ۾، مهراڻ اڪيڊمي 1998ع ۾ شايع ڪيو، جنهن تي 1999ع ۾ قومي سيرت النبي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ صدر جناب محمد رفيق تارڙ کان صدارتي ايوارڊ ۽ پندرهن هزار روپيه نقد انعام مليو.

31. درس حديث (وڏو): 80 درس احاديث تي مشتمل، مهراڻ اڪيڊمي طرفان 1998ع ۾ ڇپيو ۽ هن وقت تائين ڏھ ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي.

32.            پيغمبري حديثون: توحيد، ايمان، اسلام، شرڪ ۽ نفاق بابت 133 حديثون ۽ انهن جي منڍ ۾ قرآني آيتون پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي 1999ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٻيو دفعو جون 2010ع ڇپيو.

33.            سنڌيءَ ۾ حديث نگاري: سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل حديث جي ڪتابن جو تعارف، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان 1999ع ۾ شايع ٿيو.

34.            شهدادڪوٽ جا قلم ڪار ۽ شاعر: شهدادڪوٽ سب ڊويزن سان سڌي يا اڻ سڌي طرح عارضي يا مستقل طور تعلق رکندڙ، وفات ڪيل ۽ زنده علمي ادبي 250 شخصيات جو احوال، شهدادڪوٽ علمي ادبي تنظيم طرفان 2000ع ۾ شايع ٿيو.

35.            تحريڪي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ تعلقات: خرم مراد جي ٻئي ڪتاب ’تحريڪ اسلامي مين ڪارڪنون ڪي باهمي تعلقات‘ جو سنڌي ترجمو، 2000ع ۾ شايع ٿيو ۽ هن وقت تائين ٽي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.

36.            درس قرآن جا بنيادي اصول: درس قرآن جي تياري بابت رهنماء ڪتاب، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ، 2001 ۾ شايع ڪيو.

37.            قدسي حديثون: قدسي حديثن تي مشتمل سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي طرفان فيبروري 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ هن وقت تائين يارهن ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.

38.            اذڪارِ النبيﷺ: ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين زندگيءَ جي هر موڙ بابت حضرت رسول الله ﷺ جن جون حديثون ۽ ماثوره دعائون، جيڪو سنڌي زبان ۾ دعائن جو انسائيڪلوپيڊيا آهي، مهراڻ اڪيڊمي 1993ع ۾ شايع ڪيو، ٻيو 1996ع، ٽيون 1997ع، چوٿون 1999ع ۽ پنجون دفعو 2003ع ۾ ڇپيو آهي.

39.            رسالت مآبﷺ: رسالت محمدي بابت تقريري انداز ۾، اسلامڪ پبليڪيشنز حيدرآباد طرفان 2004ع ۾ شايع ٿيو.

40.  سڄڻ ۽ ساڻيھ: پروفيسر عبدالرشيد چانڊيي خانواهيءَ جو ڪلام، مجاهد پبليڪيشن اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2005ع ۾ شايع ڪيو.

41. شهدادڪوٽ ضلعو ڇو؟: شهدادڪوٽ جي ضلعي هجڻ لاءِ دليل، مارچ 2005ع ۾ شايع ٿيو.

42.            مقدس زندگي (جنهن جو قسم الله کنيو آهي): سيرت پاڪ جو تقريري انداز ۾ احوال، جامعة الاسلاميه منصوره، هالا سنڌ طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس 2008ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو.

43.            تذڪرة الرسولﷺ: نعتيه شاعري جو مجموعو، جيڪو 2006ع ۾ شايع ٿيو.

44.            انسان نامو: انسان بابت هڪ طويل غزل نثري تشريح سميت 108 شعرن تي مشتمل آهي ۽ هر شعر جو آغاز لفظ ”انسان“ سان ٿئي ٿو. اهڙي قسم جي شاعري سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب مجاهد اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2007ع ۾ شايع ڪيو.

45.            عزيز نامو: هڪ سئو هڪ بيتن جو مجموعو، هر بيت ٽن سٽن تي مشتمل ۽ هر بيت جو آغاز به ساڳين ساڳين ٽن لفظن يعني ”الله لڳ عزيز!“ سان ٿئي ٿو. اهو ڪم به سنڌي ادب جي تاريخ ۾ منفرد آهي، جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو.

46.            اسلام جي دعوت ۽ مسلمانن جون ذميواريون: ميان طفيل محمد جي اردو ڪتاب ’دعوت اسلامي اور اس پر لبيڪ ڪهني والون ڪي فرائض‘ جو سنڌي ترجمو، سنڌ مسلم سوسائٽي شڪارپور ڊسمبر 2008ع ۾ شايع ڪيو.

47.            اسلام جي دعوت ۽ ان جي ڪاميابيءَ جا اصول: مولانا امين احسن اصلاحي جي اردو ڪتاب ’دعوت اسلامي اور اس ڪي ڪاميابي ڪي اصول‘ جو سنڌي ترجمو، سنڌ مسلم سوسائٽي طرفان ڊسمبر 2008ع ۾ شايع ٿيو.

48.            اسلام جي دعوت ۾ عورتن جو حصو: مولانا امين احسن اصلاحي جي اردو ڪتاب ’دعوت اسلامي اور اس مين خواتين کا حصه‘ جو سنڌي ترجمو، ڊسمبر 2008ع ۾ شايع ٿيو.

49.            اسماءُ النبيﷺ: حضرت رسول الله ﷺ جن جا چئن سوَن کان وڌيڪ ذاتي ۽ صفاتي نالا ۽ لقب منظوم معنيٰ ۽ سمجھاڻي سميت، پهريائين ’نعت نامو‘ سان گڏ 2008ع ۾ ۽ پوءِ الڳ 2009ع ۾ شايع ٿيو.

50.            ايمان ۽ اسلام (رسول الله ﷺ جي نظر ۾): ايمان، اسلام، توحيد، شرڪ، نفاق ۽ تقدير جو حوالو حديثن جي روشني ۾، مهراڻ اڪيڊميءَ جون 2010ع ۾ شايع ڪيو.

51. برهان شريف: 250 غزلن تي مشتمل نعتيه ديوان، مهراڻ اڪيڊمي طرفان 2010ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس 2012ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو.

52.            پيار ڀريو پورهيو: حمد، نعت، غزل، گيت، چؤسٽا، مسدس وغيره مطلب ته هر قسم جي صنف تي سندس ڪلام، روشني پبليڪيشن 2011ع ۾ شايع ڪيو.

53.            عرفان شريف: حمديه ديوان آهي، جيڪو فڪر و نظر پبليڪيشن سکر طرفان2010ع ۾ شايع ٿيو.

54.            مختصر آتم ڪهاڻي: منظوم مثنويءَ ۾ پنهنجي پنجاھ سالا زندگيءَ جو احوال 218 شعرن ۾ آڪٽوبر 2010ع ۾ لکيائين، جيڪو مجاهد پبليڪيشن شهدادڪوٽ 2012ع ۾ شايع ڪيو.

55. نور عليٰ نورﷺ: نعتيه شاعريءَ جو مجموعو، تنظيم فڪر و نظر پبليڪيشن سنڌ، طرفان 2011ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس 2013ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو.

56.            نعت نامو: هن ڪتاب جو نالو سندس والد مرحوم جو تجويز ڪيل هو ۽ سندس نعتيه سلسلي جو ڏهون ڪتاب، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2014ع ۾ شايع ڪيو.

57.            سبحان جي ساڃاھ: حمديه ديوان، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان ڊسمبر 2015ع ۾ شايع ٿيو.

58.            ميزان گل بخاري: شاعريءَ جو غزليه ديوان، حسنين اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان ڊسمبر 2017ع ۾ شايع ٿيو.

59.            موتي ميڙيا مون: سنڌي محاورن ۽ پهاڪن تي متفرق شاعريءَ جو مجموعو، حسنين اڪيڊمي شهدادڪوٽ آگسٽ 2018ع ۾ شايع ڪيو.

60.            خاتم النبين ﷺ: هي ڪتاب سنڌ اسلامڪ پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2018ع ۾ شايع ٿيو.

61. اسماءُ الرسول و القابهﷺ: رسول الله ﷺ جن جا 807 اسم ۽ لقب فقط قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾، مهراڻ اڪيڊمي طرفان نومبر 2018ع ۾ شايع ٿيو.

62.            سنڌي ادب جو سونهري باب: نعت جي حوالي سان پنج مقالا، حسنين اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2019ع ۾ شايع ڪيو.

63.            رحمت للعالمينﷺ: هيءُ ڪتاب سنڌ اسلامڪ پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 2019ع ۾ شايع ٿيو.

64.            آخري نبي ﷺ: سيرت پاڪ جي موضوع تي مقالا ۽ تقريرون، عزت سلطانه دوست محمد ٽرسٽ مٽياري 2019ع ۾ شايع ڪيو.

65.            نبوي هدايتون: کاڌي پيتي بابت نبوي حديثون، مهراڻ اڪيڊمي طرفان آگسٽ 2020ع ۾ شايع ٿيو.

66.            ديوان يوسف عزيز: مولانا محمد يوسف عزيز شهدادڪوٽيءَ جو نعتيه ديوان، حسنين اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2020ع ۾ شايع ڪيو.

67.            بزم حبيب: مولانا حبيب الله شهدادڪوٽيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو، حسنين اڪيڊمي شدادڪوٽ طرفان 2020ع ۾ شايع ٿيو.

68.            زمانو هي زمانو آ: استاد الشعراء ڊاڪٽر نذير احمد جروار جو سنڌي ڪلام، حسنين اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان 2022 ۾ شايع ٿيو.

69.            ختمِ نبوت: قرآن مجيد ۽ احاديث مبارڪ جي روشنيءَ ۾، مهراڻ اڪيڊمي طرفان جنوري 2023ع ۾ شايع ٿيو.

70.            وحدہٗ: حمد ۽ مناجات تي مشتمل شاعري، سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ 2023ع ۾ شايع ڪيو.

71. پئسي جي پچار: پئسي بابت طويل نظم، مجاهد پبليڪيشن شهدادڪوٽ طرفان شايع ٿيو.

72.            زبانِ نبوت ﷺ: حديث جو مجموعو

73.            هدايت جي روشني: ترجمو

سيد گل محمد شاھ بخاريءَ جا اڻ ڇپيل ڪتاب

74.            عبدہٗ و رسولھٗ: نعتيه شاعريءَ جو ديوان، جنهن ۾ 620 نعتيه ڪلام آهي، جيڪو 648 صفحن تي مشتمل ڪمپوز ٿيل آهي.

75.            دلبرا او دلبرا: شاعريءَ جو مجموعو.

76.            سڄڻ سدا سوجھرو: سيرت پاڪ تي لکيل مضمون ۽ تقريرون.

77.            پنهنجو مٽ پاڻﷺ:

78.            پيار جو پيغام: ڊاڪٽر نذير احمد جروار جي شاعريءَ جو مجموعو.

79.            ڪليات مشتاق: غلام مصطفيٰ مشتاق جي شاعريءَ جو مجموعو.

80.            دل کي باتين: سندس اردو شاعري جو مجموعو

81. سندهي ادب مين کتب سيرت (اردو):

82.            روحاني طبيب:

83.            امام الناس: سيد سليمان ندوي جي ڪتاب ’خطبات مدارس‘ جو سنڌي ترجمو.

84.            گلهاءِ عقيدت: مختلف شاعرن جون 99 چونڊ سنڌي نعتون.

85.            زبانِ عقيدت: مختلف شاعرن جون 99 چونڊ سنڌي نعتون.

86.            هديه عقيدت: مختلف شاعرن جون 99 چونڊ سنڌي نعتون.

87.            ذوق عقيدت: مختلف شاعرن جون 99 چونڊ سنڌي نعتون.

88.            وکريل موتي: سندس مقالا ۽ مضمون.

89.            الاربعين في شان ختم المرسلينﷺ: چاليھ حديثون اصل متن، معنيٰ ۽ سمجھاڻي سميت.

90.            قرآن جي ڇانوَ ۾: قرآني دعائون.

91. تاجدار مدينه:

92.            تاجدار نبوت:

93.            رسالت ڌڻي:

94.            شهدادڪوٽ علمي ادبي تنظيم جو دستور: هي مضمون جي صورت ۾ ڪتاب ’شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر‘ ۾ شايع ٿيل آهي.

95.            سيرت لائبريري شهدادڪوٽ: هي لائبريري جو تعارف ’شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر‘ ۾ شايع ٿيل آهي.

96.            مخزن ڪتب سيرت: سيرت لائبريري ۾ موجود ڪتابن جي فهرست.

97.            اسلامي ڪتب خانو: سيرت لائبريري ۾ موجود ڪتابن جي فهرست.

ماخذ:

1.      شهدادڪوٽ جو علمي جائزو: سيد گل محمد شاھ بخاري - مجاهد پبليڪيشن شهدادڪوٽ، 1992ع

2.     شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر: سيد گل محمد شاھ بخاري - شهدادڪوٽ علمي ادبي تنظيم، 2000ع.

3.     پنهنجي زباني پنهنجي قلم سان يعني مختصر آتم ڪهاڻي: سيد گل محمد شاھه بخاري- مجاهد پبليڪيشنز شهدادڪوٽ، 2012ع.

4.     نور عليٰ نور: سيد گل محمد شاھ بخاري- تنظيم فڪر و نظر پبليڪيشن سنڌ، 2011ع.

5.     نعت نامو: سيد گل محمد شاھ بخاري- سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ، 2014ع.

6.     شاداب شهدادڪوٽ: محمد اسم شيخ- اسلم شيخ اڪيڊمي شهدادڪوٽ، 1992ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org