سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:14 

عبدالرحمٰن همدرد پلي

 

 

 

غزل

دنيا ساري جدت ۾ آ،

دل پر تو جي عدت ۾ آ.

باقي آ سفر اڃان ۽،

طوفان ڪيڏي شدت ۾ آ.

نوش ڪيم ڪجھه لھجا ۽ غم،

جي جليو ان حدت ۾ آ.

فرقت جو هر پل الا،

ڳولھا جي ڄڻ قسمت ۾ آ.

لفظن جو فقدان ڏسو،

پھتو شاعر ذلت ۾ آ.

سپنو پنهنجي آزادي جو،

بند گلي جي ظلمت ۾ آ.

هيڻو ٿي همدرد رهيو،

حسناڪي جي عزت ۾ آ.

غزل

من پياسو ساقي ناهي،

ڪو ڀي سپنو باقي ناهي.

ٿورو مرڪي ڏس اي سانئِڻ،

ايڏي ڀي اڻ چاڪي ناهي.

پاڻهي وقت زخم ڀريندو،

لڳڻي ڪا ٻي ٽاڪِي ناهي.

ڪجهه ته آ هن جي دل ۾،

ايئن ڏسڻ اتفاقي ناهي.

گهر جو گس ڀلجي ويندين،

تو ته ڏٺي حسناڪي ناهي.

هڪڙو اُلڪو ماري ٿو.

ٻي ڪا غم ناڪي ناهي،

 

امداد جسڪاڻي

 

 

غزل

اڳ نه هئي پر هاڻ ٿي آ،

من ۾ ڪا ڇڪتاڻ ٿي آ.

سور ڏيئي پاڻ مون کي،

ڪيئن اڄ اڻڄاڻ ٿي آ؟

پاڻ پرچي ڀي سگهون ٿا،

عارضي ڇڪتاب ٿي آ.

هوءَ هِتان ئي آهه گذري،

راهه ۾ سرهاڻ ٿي آ.

چنڊ جان چهرو ڏسو ٿا،

ان ڪري چانڊاڻ ٿي آ.

شاعري منهنجي سموري،

سونهن جي واکاڻ ٿي آ.

 

وائي

مرڪي آئي عيد،

درد ويا سڀ دُور ٿي.

 

تو ته سمايو ساهه ۾،

سڪ سمجهائي عيد،

درد ويا سڀ دُور ٿي.

 

ساٿي هوندا ساٿ ۾،

سهڻي سا ئي عيد،

درد ويا سڀ دُور ٿي.

 

مهڪي پيو ماحول آ،

مون به ملهائي عيد،

درد ويا سڀ دُور ٿي.

 

محمد ياسين ڪنڀر

 

 

 

بياد سيد گل محمّد شاهه بخاري

دسترس ۾ جنهن جي ها بيشڪ زبان و شعر و فن،

موڪلائي گل محمّد شاهه ويو شيرين سُخن.

شاعريءَ جي باغ ۾ سُرها ٽِڙيا گُل ڪيئي پر،

نعتيه شعراء ۾ سيّد هو سرتاجِ سُخن.

شاعر و ليکڪ مصنّف  ۽ مرتب مترجم،

سو ويو سيرت نگار ٿيندس يقيناً گهر عدن.

ويو ”مجاهد“ جو ابو وڇڙيو ثناخوانِ رسولصه،

جنهن جي رحلت تي چشم پرنم ٿي دل اوندوهه گن.

هُو شهنشاهه نظم هو ۽ هو سالارِ نثر،

نعتيه شعراء ۾ جنهن جا ڪونه ٿا ثاني ملن.

هن جي لکڻين جو نرالو رنگ ۽ انداز هو،

نعتيه شاعر اهو مشهور هو اڄ ٿيو دفن.

بامُرّوت با قدر بازيب بااخلاق هو،

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هو مٺو سرهو چمن.

سچ لکندڙ، سچ پڙهندڙ، سچ چوندڙ هو سچار،

دردمند همدرد ساٿي هو ته ساريو دوستن.

روح شهدادڪوٽ جو هن سنڌ جو سينگار هو،

گل محمّد شاهه هڪ گلفام هو گل گل بدن.

هن ڪئي شب روز خدمت سنڌي ساهت جي سدا،

نعت ٺاهڻ جو هو ماهر سنڌ وارا ٿا چون.

شخصيت هئي پرڪشش وڻندڙ طبيعت هئي سندس،

خوش قلم ٿيو ربَّ عطا جنهن کي ڪيو سهڻو ذهن.

هن ڪيا تحرير نطم و نثر جا ستر ڪتاب،

ڪتب خانو ديس هن جو، رحمتون هن تي وسن.

جنت الفردوس ۾ ”ياسين ڪنڀر“ پهچندو،

جو محمّدصه پاڪ جي اُلفت ۾ رهندو هو مگن.

 

عبدالجبار ”عاجز“ منگي

 

 

 

مفلسيءَ وارن اکين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي،

صاف دل وارين دلين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

عڪس پاڻيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڪو پکي ڀي ميٺ جا،

چاهنائن جي ندين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

جُستجوءَ جا رنگ ميڙي ڪيئن هوا ٿي پئي وڃي،

حاصلاتن جي گهڙين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

ڏک رئارن ڏات کي ٿا ۽ جيارن سانت کي،

غم ڪٿائن جي صدين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

مِهر جو احساس ناهي عُمر گذري روڳ ۾،

۽ سناٽي جي درين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

هيکلائيءَ کي ڏسي ڪنهن جي رَڙي ٿو روح ڀي،

رات جي اونداهه گهٽين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

جسم هن جي آ اُگهاڙو ڪنهن ڍَڪايو ڪينڪي،

۽ غريبيءَ جي چَتين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

غم سهيڙي سانجهه آئي آدسين جي من اندر،

۽ اُجهاڻيل گهر بَتين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

لُڙڪ جي تحرير لکجي ٿي نئين تدبير سان،

۽ حياتيءَ جي رلين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

خودڪشيءَ جو بابُ زخمي ڪي هٿن سان ٿا لِکن،

درد غم وارين جُهڳين ۾، ڪنهن نه صورت ڪا پَسي.

وائي

نفرت جي ڌُنڌ ۾،

انسان هلي ٿو.

منزل تي پُڄڻ لئه،

عمر سڄي پنڌ ۾،

انسان هلي ٿو.

نيڻن ۾ خواب کڻي،

رات جو هنڌ ۾،

انسان هلي ٿو.

غربت جو ته وجهي اڄُ،

ڳَٽ پنهنجي ڪنڌ ۾،

انسان هلي ٿو.

رنج الم ڏک ڳڻتيون،

سور کڻي سَنڌ سَنڌ ۾،

معراج منگي

 

 

چوسٽا

دل  جي  درد  کي ڪيئن  لڪايان،

ڳوڙھا اچن سي ڪيئن لڪايان.

محبت  ڪئي  آ بيحد  توسان،

ان  اظھار  کي ڪيئن  لڪايان.

 

تو  بن   ڪھڙو    جيئڻ    سائين،

وھه    جو    وٽو     پيئڻ    سائين.

تو  سان  ھر  موسم آ  گل  رنگ،

تو  بن ھر مند پن  ڇڻ  سائين.

غزل

نو ڪري       جي      توکي      کپي،

ٽڪن جي ٽوڪري جي توکي کپي.

سماج ۾  جيئڻ     ٺاٺ   ۽    شان    سان،

اوچو  ڳاٽ  پھاڙن جيئان  جي توکي کپي.

ھميشه  وٺ    سچ   جي   واٽ    اھا    ئي،

اعليٰ  شان، اوچي   منزل جي توکي کپي.

پير   پرستيءَ کي   پيرن   ھيٺيان    لتاڙ،

سڌارو سماج ۾ جي   توکي    کپي.

علم جي  شمع  کي  ھر  ھنڌ روشن ڪر،

معاشري  ۾   جي   ترقي    توکي   کپي.

امن  جي   چاھين    ھميشه    جھان    ۾،

 حسد  جي  پاڙ  پَٽڻ  توکي کپي.

 

ضمير منگي

غزل

شل توڏي هجي سدا خير جاني،

وڏو غيرن جي دل ۾ آ غير جاني.

منهنجي اڱڻ تي موٽي آ مٺڙا،

سواءِ توکان منهنجو ٻيو آ ڪير جاني.

نه ڪر ڳالهه اهڙي ڪنهن سان پاءُ جي،

سڀ ڪو آهي هتڙي سواءِ سير جاني.

سڄي عمر تنهنجو آ نوڪر ”ضمير“،

انهيءَ قول ٿيندو نه ڦير جاني.

 

غزل

توسان پيارا پيار ڪجي،

هن ڳالهه سندو اقرار ڪجي.

نفرت جي آ دنيا ساري،

پيار جو اظهار ڪجي.

ڪونه سهن ٿا ڪنهن کي ماڻهو،

سونهن سندو سنسار ڪجي.

پيار ڪرڻ تي هريل آهيان،

پيار بنا نه ڪو ڪم ڪار ڪجي.

”ضمير“ ڇڏي دنيا ساري،

پيار جو ٻيڙو پار ڪجي.

 

گهايل لغاري

 

 

 

غزل

دليون ڦُرجڻ لڳيون آهن،

خوشيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

اسان جا چيٽ زخمي هِن،

ڪَتيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

قصو سينگار جو آهي،

اکيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

ڪٻٽ قانون ڪيو قابو،

بتيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

اسان آواره جو ٿياسين،

متيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

ڪيوسين خيال رشتن جو،

ڀتيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

ڏڪاريل ڏيهه ۾ آهيون،

مڳيون ڦُرجڻ لڳيون آهن.

غزل

حُسن تنهنجو نزول ٿيندو ويو،

عشق منهنجو قبول ٿيندو ويو.

زندگيءَ جو مزو مرڻ ۾ آ،

موت آيو قبول ٿيندو ويو.

جام ۾ زهر کي ملائڻ جو،

مئڪدي ۾ اصول ٿيندو ويو.

خيال منهنجي ۾ جو سڄڻ آئين،

تن سڄو ڦول ڦول ٿيندو ويو.

شاعري جو لطف تون آهين،

چاهه تنهنجو وصول ٿيندو ويو.

باک جون مُرڪون آڻي دنيا ۾،

شخص سوئي ملول ٿيندو ويو.

دوست ”گهايل“ ڪڏهن هُيو پيارو،

دورِ حاضر فضول ٿيندو ويو.

 

ڏاتل خان چنا اُداسي

 

 

غزل

 

سَڀهن کان وڏو آ تُنهنجو شان قلندر،

دنيا ۾ وڏو آ تُنهنجو مان قلندر.

 

عِلم جو ڀنڊار آهين تون ڀَرجهلو،

سندم هي حلم آ تُنهنجو آن قلندر.

 

صرف نحو ميزان آهن تُنهنجا ترانه،

پڙهن ٿا طالب وڏو تُنهنجو احسان قلندر.

 

تنهنجي آئي ٿي هي بُستان سيوستان آ،

کُليو در علم جو آ تُنهنجو دان قلندر.

 

هئي وڏي شهر ۾ بَدنصيبي ۽ بد فريبي،

ڪيو اچي صاف سُٿرو پڙهيو آ قرآن قلندر.

 

اچي جيڪو تنهنجي دَر تي سَوالي ٿو،

نه ويندو خالي مليو تنهن کي آ ڏان قلندر.

 

ڏيان حاضري ٿو مان اچي هر سال،

”ڏاتل“ جي بس آس اِها ڪرين جان قلندر.

 

بيوس بشير احمد رند

 

 

 

لڳئي خدا جي ڪا باھ غريبت، ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت،

هاڻ ڪان ملي ٿي ڪا راھ غريبت، ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت،

نڪا ملي ٿي ڪا مزدوري، نڪا ٿئي ٿي پاندي پوري،

هرڪا اسان جي آس اڌھوري، سڪي ويو آ ساھ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا ٿئي لاھ  غريبت.

بکيا گهر ۾ ٻار اسان جا،  ڇڻيا مٿي جا وار اسان جا،

ڪهڙا لکجن پار اسان جا، ڪيئي اهڙي ڪاھ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت.

ڪاوڙيا وطن يار اسان تي،  زالن جا به کار اسان تي،

مٿان تنهنجا به وار اسان تي، رهيو بدن تي نه ماھ غريبت.

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت.

 بارن مٿان بار مٿي تي، رهيو نه هڪڙو وار مٿي تي،

مٿان تگاري ڌار مٿي تي، هاڻ ڪڍون پيا بس گاھ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ  غريبت.

 نسوار ٻيڙي جي کوٽ اسان وٽ ، آيان ڪٿان نوٽ اسان وٽ،

رُکا پچايل روٽ اسان وٽ ،  پوء به چئون ٿا واھ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت

 لعنت ڀونڊا  ٿڪون اسان تي ماين جون به مڪون اسان تي

مٿان وري هي بکون اسان تي جن ڪري ڇڏيو آ پاھ غريبت

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت

مرچن سان ٿي ماني ملي، ڏسي اسان کي هر ڪو کلي،

تپ بخار ب اسان جي بلي، آهيون فاٿا بي گناھ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت

 ملي نه ٽڪ تي اٽو اسان کي ، سدائين هٿ ۾ وٽو اسان کي،

ٻڌل پٺن تي ڪٽو اسان کي ، ناهي رهڻ لاءِ  ڪا جاءِ غريبت،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت.

تو کي چوي ٿو رند غريبت، ڇڏ بشير جي جند غريبت،

نت وڏو ٿي ويندو گند غريبت، غريب به آهن شهنشاھ غريبت ،

ڪڍي ڇڏيا اٿئي لاھ غريبت .

 

شوڪت علي سهارڻ

 

نه قسمت بدلي نه بدليو حال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

جو گرمي سردي هَرُ هلائي،

سو ويلو ويهي ويلو کائي،

ڏيل ڏکويل بک بدحال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

سُکي سَتابي منهنجي ڌرتي،

ڌارين جي جِت قبضا گردي،

بيوس ڀاڳيو چور خوشحال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

جت دنيا ۾ مريخ تي پير ڌري،

هت ماڻهو مانيءَ لاءِ مري،

جيئڻ جن جو آهي جنجال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

ڪَن مُهذب ماڻهو نيون ايجادون،

هت وهم وڪوڙيل ساڳيون يادون،

دقيانوسي سوچ خيال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

ڇڏ مُدي خارج سسٽم سارو،

جوڙ جهان ڪو نئون نيارو،

وري ورندو ”شوڪت“ واءَ وصال،

پوءِ جشن ٿيند سال بِسال.

نه قسمت بدلي نه بدليو حال،

جي بدليو سال ته ڇا ٿي پيو.

 

عبدالحئي ڀٽو

 

 

 

درازن ۾

(حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ جي ورسي جي موقعي تي شاعري)

صوفي ازم جو اسرار نظر اچي ٿو درازن ۾،

پريت ۽ پيار نظر اچي ٿو درازن ۾.

جتي ماڻهن کي سڪون ئي سڪون ملي ٿو،

تصوف جو پرچار نظر اچي ٿو درازن ۾.

مسئلن جو حل سچل جي ڪلام ۾ آهي،

امن جو سماچار نظر اچي ٿو درازن ۾.

سرمست جي درگاهه تي رنگ رچي ويا آهن،

هر شاعر قربدار نظر اچي ٿو درازن ۾.

۽ هتي انسانيت جو هميشو سبق ملي ٿو،

”حئي“ سڄو سنسار نظر اچي ٿو درازن ۾.

سچل سائين...

تصوف ۽ صوفي ازم جو پيروڪار سچل سائين،

نفرت ۽ ڪوڙ جو انڪار سچل سائين.

ان جو ڪلام سمورو برابر سچ آ،

حق ۽ امن جي پڪار سچل سائين.

هن جي شاعري آ مظلومن جي رهنمائي،

ايندڙ صوفين کي چئي ٿو ڀليڪار سچل سائين.

سرمست جي درگاهه آهي محبت جو مرڪز،

ڀائيچاري ۽ انسانيت جي سرڪار سچل سائين.

روحاني فيض حاصل ڪن ٿا هتي سڀ،

پريت واري ديس جي سڪار سچل سائين.

سندس عشق جي چيل ڳالهه آ وڏو راز،

پيار ۽ سونهن جي ٽمڪار سچل سائين.

هت خوبصورتي جا سڄا منظر سمايل هت،

”حئي“ درازن جي هوا ۽ وڻڪار سچل سائين.

 

فدا ڪلرائي

غزل

هارَ مون کي ڏئي جيت پنهنجي ڪئي،

وئين ڪسر تون کڻي ڪَسُ مون کي ڏئي.

ڪيڏو چاهيان ٿو توکي ته ناهي خبر،

تو ته محبت نه منهنجي ڪڏهن آ مَئي.

هڪ سڄڻ آهي من ۾ ٻيو ساڻيهه آ،

منهنجا محبوب آهن بلاشڪ ٻَئي.

ڪيڏي انسانيت پئي پچي اي خدا،

تنهنجي دنيا آ يا تيل جي تَئي.

ظلم ظالم ٿو سڌريل صديءَ ۾ ڪري،

اڄ به ماڻهن جي منهن ۾ وجهي ٿو رئي.

ڪيئن ڀوڳيون پيا ٿا جيئڻ جي سزا،

توکي جاني ”فدا“ ڇا ٻُڌائي چَئي.

غزل

توساڻ واسطو آ محبوب زندگيءَ جو،

توبن پيو گذاريان دم دم ٿو بيوسيءَ جو.

بعضي تڪي تو مرڪين بعضي ڪرين ٿو پردو،

انداز پُرڪشش آ سچ تنهنجي دلبري جو.

توکي ڏسڻ ۽ چاهڻ پنهنجي اها عبادت،

زاهد کان مختلف آ انداز بندگيءَ جو.

ڄڻ ”نينَهن“ جي ٽڪر جيان آ سندم ٽڪر ٿيل،

دل جي دنيا ۾ ناهي نالو نشان خوشيءَ جو.

هيڏو حسين هوندي ڪنجوس ڪيڏو آهين،

ناراض ٿئين ”فدا“ کان هن عرض ڪيو مِٽيءَ جو.

 

شفيق عاصم منگي

 

 

 

غزل

ڇا ملاقاتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري،

چاهه برساتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

سانت کي سَرگوشين جت ٽوڙيو تِت،

سونهن سان باتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

ديدَ جا دريا پيا اُٿلي اُتي ڄڻ،

مُرڪ سوغاتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

هر طرف آسائتا منظر لڳا سڀ،

حُسن خيراتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

جوت جوڀن پڻ اُتي جرڪي پيا ها،

عشق فڪراتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

مهر ”عاصم“ تي ڪئي مولا هئي بَس،

فُرقتن ماتُون ٿيون ڪينجهر ڪناري.

غزل

منزل اوکي پنڌ پرانهُون، ڏيلُ ڏکوئن ڀل جان راهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

نظرون خالي نيڻ به آتا، تاسَ اَڌوري اندر آهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

دل کورا ۽ آسُ چتائُون، ڪيڏا صدما اُڌما دانهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

فُرقت اَذيت دوري تنهنجي، بيوس سارا ڏس ۽ ڏاهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

ٿَر بر ووڙيم ٿاڪَ به سارا، پيرُ پِٿُون ڏِس ڌُوڙ نگاهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

مَنَ مندَر ۾ تُنهنجون يادُون، تِن تي دردن جون ڄڻ ڪاهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

پرت منجهه ادا تولئه هردم، کولي دلبر پنهنجون ٻانهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

چاهت مرڪي جنهن تي”عاصم“، پنهنجو اهڙو عشق اُتاهُون،

پوءِ به ملبو توسان جاني.

 

فقير دائود لغاري

 

 

 

نظم

سمجهي نه سگهياسين،

سمجهائي نه سگهياسين،

پرچائي نه سگهياسين،

اڌورا رهجي وياسين،

رشتا ناتا ڇڏياسين،

ڪچهريون ڇڏيوسين،

لوڪ سان صحبتون ڇڏيون،

يادن واريون گليون ڇڏيون،

ننڍپڻ جون يادون ڇڏيون،

ڳالهيون سڀ ڇڏيون،

اهي درگاهون ڇڏيون،

پنڌ پيچرا ڇڏياسين،

اڌ زندگي گذاريسين،

درياءَ جون ڪنڌيون،

ريلوي جون پٽڙيون،

دوستن جون مرڪون،

سڀ ڇڏيوسين،

بغاوتون، تنقيدون ڇڏيوسين،

سياسي تقريرون ڇڏيوسين،

نئين راهه ۾ نڪري پياسين،

سرائيڪي نظم

 چنڊ جهڙا حسن هي تساڏا

دل ميڏي لٽ گهدي حسن تساڏا

لوڪ حيران هـي حسن ڏيک تساڏا

سردي دي ڀاڪر  پاتل  تساڏا

قدم چم چم  چاه  رکيا اساڏا

پشم ريشم  بدن  اهڙا چمڪيا

اسان توسان ڏا  چاه رکيا

’فقير دائود‘ نوڪر رهيا تساڏا

 

ذوالفقار ٽالپر

 

 

 

غزل

چهرو سُندر ناز ڪري ٿو،

اُجرو اندر ناز ڪري ٿو.

عظمت جنهن جي اعليٰ هوندي،

اهڙو ڏونگر ناز ڪري ٿو.

ميلا مسافر خوب مچائن،

وسندڙ بندر ناز ڪري ٿو.

کڻي ته خوشبوءَ ناريءَ آئي،

مرڪي مندر ناز ڪري ٿو.

هيج ڀري آ هلڻي هُن جي،

جنهن تي قمر ناز ڪري ٿو.

بيت

سدا آهي سِڪ ۽ سونهن جي ڳولا،

او جاني ڍولا، آءُ اندر ڪو اوريون.

آهن اُڌما اندر ۾، ٻارڻ پيو ٻري،

ڪوئي ڪيئن ڪري، ميلو پنهنجي محبوب سان.

سهڻي هن سنسار جي، سونهن وڻي ٿي،

ڪا ته کڻي ٿي، ماڻا پنهنجي محبوب جا.

معصوم کي ماري وڌو، ماريءَ ڪنهن مروان،

ناحق هُن نادان، قهر وڏو ڪري ڇڏيو.

پنڌ پرين پُنهل ڏي، ٻيو رڻ جو رولو،

ناهي ڪو سؤلو، جاني ماڻڻ جڳ ۾.

وِک وِک تي پيا ڏسون دولاب ۽ دوکو،

ڏاڍا آ اؤکو، جاني ماڻڻ جڳ ۾.

 

فقير ولي محمد هوت چرواڻ

 

 

 

ڪافي

آيو يار اڱڻ ڪوڙيين ڪرم ڪري،

ڏسي جنهن کي سندم پئي دلڙي ٺري.

تنهنجي گهورن تان آئون گهور وڃان،

جيسين جيئري هئان تنهنجا ٿورا مڃان،

تنهنجا پير پرين اهي ڇو نه چمان،

جيڪي آئين وٽم محبوب ڀري.

تنهنجي حسن جو آهي هرجا هُل،

ڪري ريس نه توسان ڪوبه ڪنول،

ويهه سيج چڙهي منهنجا محب مٺل،

متان مون کان پري ٿين پل پري.

تنهنجا ٿورا نه ٿورا ڀائيندس،

ڪري قرب ڪمال ڪمائيندس،

وري پير نه پرتي هٽائيندس،

توسان ”هوت“ نڀائي نينهن هري.

ڪافي

منهنجو ساهه ٿو ساري سنگهارن کي، تن ويڙچن ۽ ولهارن کي

ڪڍ قيد منجهان، اي مير عمر،

شل تنهنجا ڪرن اهي ڪوٽ قصر،

هتي توکي پٽيندا منهنجا پنهور،

سونهي ڪين ستم سرهارن کي.

اڄ آهي اتر کان هير گهلي،

وڻ ٽڻ کي وسڻ جي کير ملي،

ڏي موڪل مون کي مير کلي،

وڃي ويڙهه ڏسان وسڪارن کي.

ڪري ياد وطن اکيون روز روئن،

پيون پنهنجي وطن لئه واجهه وجهن،

جيئن رات ڀڄي تيئن نيڻ وسن،

نٿو صبر اچي سڪ وارن کي.

من ”ولي محمد“ وصل جو واءُ وري،

شل قهري عمر ڪو ڪوٽ ڪري،

نه ڪا دانهن اثر ٿي منهنجي ڪري،

وڃي پت سان پڄان ته پنهوارن کي.

نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار

 

 

 

غزل

چئج پهرين نيازن سان ادا قاصد تون سهڻل کي،

رکي قدمن مٿي سِر کي سلامِ عشق ڀورل کي.

انهي کان پوءِ چئج اِنپر ته تنهنجي يار جو ابتر،

ٿيو آ حال اي دلبر اچي آڌر ڏيو دل کي.

خبر ناهي ته ڏينهن گذريو يا آهي سال پورو ٿيو،

نه ئي ماڻهو ڪو موڪليو اچي ڏي آسرو دل کي.

چئج ٿو وقت اِئين گذري سڄڻ اڄ ساهه ٿو نڪري،

جدائي جيءُ ڇڏيو چچري ڏيو مرهم ڪو بسمل کي.

مرڻ کان پوءِ جڏهن ايندين، ڪري پوري رسم ويندين،

تڏهن جي ٻول ٻوليندين سُڻا اڄ سي ئي ”نورل“ کي.

غزل

درِ جانان لنگهي پهتس جڏهن دلدار جي ويجهو،

اُمالڪ ائين کڻي سمجهيم ٿيس تلوار کي ويجهو.

چيم هڪ آرزُو آهي ڏيان دم دام ۾ تڙڦي،

چيائين ڪيم اچ تون ڪاڪُلِ خمدار جي ويجهو.

زخمِ دل جي لئه مرهم صنم جي پڪ دوا اٿئي پر،

ڪريان معذور دل کي ڪيئن لبِ دلدار جي ويجهو.

ڪيو مون آستانو هنجي گَس مٿي آهي،

مٽيندي مَن رهي ويهي پرين پينار جي ويجهو.

جلادِ عشق ٺُڪرايو حياتي هاڻ ٿي ڪهڙي،

لکئي جا ڏنجهه لوڙيان پيو ته ڪر چئه يار جي ويجهو.

تڙائي ڪونه ٿو مون کي اٿس مارڻ جي من ۾ ڪا،

خدا ڄاڻي ڪڏهن ٿيندس وِسيهر وار جي ويجهو.

 

اختيار خاصخيلي

 

 

 

غزل

هُو اڌورا خواب ڳولي ٿي،

ڄڻ وري ڪي عذاب ڳولي ٿي.

 

دير ڪڪرن ڪئي اچڻ ۾،

اک وسڻ لاءِ آب ڳولي ٿي.

 

ياد ماضي ڪري رُني هوندي،

ڇا ته هو سو شباب ڳولي ٿي.

 

بد نظر کان بچڻ ٿيو مشڪل،

رخ پنهنجي لئه نقاب ڳولي ٿي.

 

ڏنڀ ٻيهر ڏيڻ هُو چاهي پئي،

تنهنڪري ڪو ته تاب ڳولي ٿي.

 

رُت خزان ۾ ڇڻيل ڪلين مان ڪيئن،

دل وفا جا گلاب ڳولي ٿي.

 

ڏور ”اختيار“ کان گذارڻ لئه،

ڪي ته گهِرا سراب ڳولي ٿي.

 

ٻولين جي برابري

”ڪنهن هڪ خاص ٻوليءَ جو وڌيڪ سڌريل هئڻ ۽ انهيءَ جي ڪري ٻين ٻولين تي فوقيت رکڻ“ واري گمراهه ڪندڙ نظريي کي. واسطه بالواسطه، خاص طرح بيٺڪي راڄ قائم ڪندڙ حاڪمن هوا ڏني، حالانڪ اهڙو نظريو انساني ٻوليءَ جي فطري تخليق توڙي عملي تقاضائن جي سراسر خلاف آهي.  حقيقت ۾ هر اها ٻولي، جنهن کي ڪو ننڍو يا وڏو انساني گروهه مادري زبان طور ڳالهائي سگهي ٿو، سا هڪ بالغ ۽ مڪمل ٻولي آهي ۽ جيتري قدر اها اُن گروهه جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي، اوتري قدر اها بلڪل سُڌريل آهي. انهيءَ لحاظ سان وچ آفريڪا جي ڪنهن نسلي گروهه جي ٻولي ۽ يورپ جي ڪنهن طاقتور قوم جي ٻولي، ٻئي برابر آهن. پاڪستان جي اُتر ۾ سوات جي ننڍڙي ’پِشمال‘ وادي جي باشندن جي ’گجرو‘ ۽ ان کان اُتر واري وڏي وسيع علائقي جي ’شينا‘ ٻئي برابر آهن، ۽ پڻ ساڳئي لحاظ سان سنڌ ۾ ’ٿر‘ جي ننڍڙي علائقي ’ڍٽ‘ جي ’ڍاٽڪي‘ توڙي سنڌو جي وسيع وادي جي ’سنڌي‘ ٻئي برابر آهن.

اهڙو ملڪ، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. اُتي جي رهاڪن لاءِ اهو ضروري آهي، ته هو پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ يڪجهتي آڻڻ توڙي ڪامياب مستقبل ماڻڻ خاطر، انساني ٻوليءَ هي حقيقت ۽ افاديت کي صحيح طور سمجهن ۽ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي بيجا غلبي ۽ ٻين ٻولين تي اُن جي فوقيت ۽ برتري واري نظريي جو شڪار نه ٿين. پاڪستان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو نه، پر گهڻين ٻولين وارو ملڪ آهي، جتي اهڙي احتياط جي سخت ضرورت آهي. هتي اهو اصول تسليم ڪرڻو پوندو ته ٻولين جي گُلستان ۾ هر گُل پنهنجي رنگ ۽ بُوءِ سان پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي سُهڻو آهي.......“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

گولڊن جُبلي نمبر 2006ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org