ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
راڻو مومل
ڪيئن ٿو ماڻي...؟
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ’رسالي‘ ۾، جيڪي سنڌ جا لوڪ
داستان سمايل آهن انهن کي اسين ’لوڪ داستان‘ انهيء
ڪري ٿا چئون جو اهي سينه بسينه لوڪَ ۾ منتقل ٿيندا
اچن ٿا. اگر اسان انهن داستانن کي باريڪ بينيءَ
سان ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته اها ئي سنڌ جي
تاريخ آهي يا مقامي تاريخ جو اهم رخ آهي، جنهن کي
’فاتح بادشاهن‘ جي تاريخي صفحن ۾ جاءِ نه مِلي
سگهي، مگر عوام پنهنجي سيني ۾ سمائي ايندڙ نسلن
ڏانهن منتقل ڪيو ۽ ائين تاريخ محفوظ رهي سگهي. اها
اڃان به تاريخ جي ستم ظريفي چئجي جو اسين انهن
حقائق کي نيم تاريخي داستان ٿا چئون ۽ وقت پري
ڪونهي جو هيءُ ”نيم“ جو لفظ به هنن تاريخي داستانن
کان پري هٽي وڃي پنهنجي جاءِ والاريندو. ۽ اسانجي
محقق کي پهاڪن جي پس منظر ۽ ڳجهارتن جي ڀڃڻين کي
به تاريخ جو حصو بڻائڻو پوندو.
دراصل ڳجهارت پنهنجي سڀني وصفن، ڳڻن ۽ ڳجهن باوجود
ڏني ئي تڏهن ويئي جڏهن سچ چوڻ تي پابندي پئي، ته
سياڻن سچ کي ”ڳجهه، ڳوهه“ ۾ چوڻ جي رٿ ڪئي ۽
ڳجهارت به تاريخ جو صفحو بڻجي ويئي. اهو صفحو جنهن
کي سمجهڻ ۽ قبولڻ جو دؤر ملتوي ٿيل رهيو آهي. اڃان
تائين به انهي هٻڪ کان اسان جو محقق فارغ نه آهي.
ٻي طرف ڏٺو وڃي ته جنهن ادب کي اسين لوڪ ادب چئي
پيا ڪم ٽپايون اهوئي دراصل تاريخ جو اهم ماخذ آهي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته جيڪا وقت جي لٽ هنن لوڪ
روايتن تي چڙهي ويئي آهي اها لاهڻ هڪ سُڄاڻ محقق
جو ڪم آهي.
لوڪ ادب يا نيم تاريخي داستانن جا جيڪي راوي
اسانکي مليا آهن انهن ۾ وري اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن
جو اهم حصو آهي. هيءُ حصو ئي ته اسان کي سمجهائي
ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ اسان جي ڪلاسيڪي
شاعري آهي ۽ انهيء ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ وري ’شاهه جو
رسالو‘ سڀني جو سرواڻ آهي.
’شاهه جي رسالي‘ جو اسانجي سماج ۾ اهم مقام هئڻ جا
جيڪي به دليل آهن انهن ۾ هڪ اهم دليل اهو به آهي
ته اها ئي اسان جي تاريخ آهي. ’شاهه جي رسالي‘ ۾
جيڪو اعليٰ فهم ۽ فڪر سمايل آهي انهيءَ لاءِ جيڪو
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لهجو نهج ۽ ذريعو استعمال ڪيو آهي
اهو سنڌ جي اها تاريخ آهي، جيڪا عوام جي سينن ۾
سانڍيل آهي، جيڪا ’پنن‘ بجاءِ عوام جي ’دلين‘ ۽
ذهنن تي لکي ويئي آهي، جيڪا صدين کان مادري زبان ۾
لکجي رهي آهي. اگر سنڌ جي تاريخ کي اسين دنيا جي
ٻين وڏين ٻولين ۾ لکيل قبول ڪريون ته اهو ’سنڌ‘ جي
تاريخ جو ’جز‘ آهي، جيڪو هن ’عوامي سينن‘ جي سمنڊ
جي ’ڪل‘ ۾ سمايل آهي.
مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾ اگر اسين اهو به ڏسون ته
ڀٽائيءَ کانپوءِ، جيڪي شاعر انهيءَ ساڳي گس سان
آيا آهن انهن کي جيڪا سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ اهميت ۽
حيثيت حاصل آهي اها به خاص آهي. باوجود انهيءَ
ڳالهه جي ته سڄاڻ ۽ سجاڳ شاعرن پنهنجي عوام کي
جيڪي فلسفي، تصوف، مذهب ۽ ملت جا اهم نڪتا سمجهايا
آهن اهي خاص اهميت جا حامل ۽ شاعر جي اعليٰ فهم ۽
فڪر جو اهڃاڻ به آهن ته ’پيغام‘ به، پر هنن انهيءَ
پيغام لاءِ جيڪو گس ورتو آهي اهو سنڌ جي عوام جي
تاريخ جو گس آهي ۽ اهو تاريخي گس ئي آهي جن هنن
سجاڳ شاعرن کي عوام جي دلين ۽ ذهنن تي راڄ ڪرڻ جو
ذريعو بڻايو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ٻوليءَ جو
ئي جادو آهي، جو هُو سنڌ جي عوام جا محبوب شاعر ٿي
رهيا آهن.
حضرت شاهه ڀٽائيؒ کانپوءِ اگر اسين اهڙن سجاڳ
شاعرن جا نالا ڳڻينداسين ته يڪدم جيڪي نالا ذهن تي
تري ايندا انهن ۾ خليفو نبي بخش قاسم، صوفي صديق
فقير صادق، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست
فقير مل محمود ۽ مولوي احمد ملاح جا نالا خاص آهن.
هيءُ سڀ شاعر انهيءَ هڪ نقطي تي متفق آهن ته:
روضي پاڪ رسول جي، پلٽيو پٽ ڀري،
جي وڄڙين ساڻ وري، ته سنگهارن سک ٿئي.
يا
تون ڍوليو ڍٽ ڌڻي، ڍوليا تنهن جو ڍٽ،
پائي ترازو توريان ته مُلڪَ نه تنهنجو مٽ.
هنن مذڪوره شاعرن ۾ خليفي نبي بخش قاسم جو مقام به
اهم آهي. اهو انهيء ڪري به آهي ته هُو ڀٽائيءَ کان
پويان ايندڙ ڇاڙن جي قطار ۾ هلندي هلندي ڪيڏي مهل
قطار کان ٻاهر هٿ ڊگهيري ٿو ۽ يا ته ڀٽائيءَ جي
چيل ڪنهن نُڪتي جي خوبصورت وضاحت کڻيو ٿو اچي يا
وري لوڪ داستانن جو ڪو اهم نقطو ٿو بيان ڪري، جيڪو
داستان جي نثر يا ’ڪٿا‘ ۽ رسالي جي نقطه سنجي ۾
’پل‘ جو ڪردار ٿو ادا ڪري. يعني راوي جي روايت به
مڪمل ٿئي ٿي ته شاعر جي اندر جي اُڻ تُڻ به لهي
ٿي.
خليفي جي رسالي جو مطالعو ڪندي جڏهن اسين سُر
’مومل راڻو‘ تي پهچون ٿا ته هيءَ ڳالهه اسان کي
چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ٿي. سُر راڻو اسان وٽ شاهه
لطيف کان اڳ لکجڻ شروع ٿيو آهي ۽ اڃان تائين لکجي
پيو ۽ ايندڙ وقت جا شاعر به هن سُر کي اُچاريندا
رهندا.
سُر راڻو بنيادي طور ڪيفيتن جو ڀنڊار آهي. سونهن
جي تعريف کان وٺي وصل ۽ هجر جي ڪيفيتن کان انتظار
جي عذاب تائين هن سُر ۾ گهڻو ڪجهه سمايو پيو آهي.
اسان جي ڪافيءَ جي سهڻن شاعرن: مصري شاهه، زمان
شاهه، بيدل فقير، حمل فقير، مل محمود، اميد علي
شاهه، منٺار فقير، مهدي شاهه، ۽ ٻين ڪافي
گو هن سُر جي ڪيفيتن ۾ خوب رنگ ڀريا آهن. خليفي
ميان محمد اسمعيل ’قاسم‘ پليءَ جي ڪافيءَ جو هيءُ
بند ڏسون:
هئا ڪالهه ’قاسم‘ مٿي ڪاڪ مارا،
نه سا راند راڻو نه سي ڍول ڍارا،
نه سي کل کيڏارا، نه سا گفت گوئي،
مُٺيس يار ڇاکان، ڀڳئي گهوٽ گهوئي
ڏٺئي عيب جيڪس ڪميڻيءَ ۾ ڪوئي.
خليفو نبي بخش قاسم جڏهن سر راڻو ٿو لکي ته هُو
ڀٽائيءَ جي رسالي جو ئي گس ٿو وٺي. شاهه جي رسالي
۾ مومل راڻي جي داستان جا جيڪي نُڪتا ڏنا ويا آهن
انهن ۾ جواني سونهن ۽ سوڀيا، نينهن جي پچار،
انتظار جو درد، محلاتن جا مانڊاڻ گل، رنگ خوشبو ۽
مومل جي ذهانت جا ٽڪساٽ اهم آهن ۽ هنن سڀني ڳالهين
جو آخري نُڪتو ’ڏهاڳ‘ جي منزل آهي. ٻين لوڪ
داستانن وانگيان هِن سُر ۾ به داستان جا تفصيلي
ٽاڻا ٽڪاڻا نه آهن.
خليفي نبي بخش به رسالي جي ساڳي گس جا پنڌ ڪيا
آهن، سندس هن سر ۾ هڪ اهم نُڪتو اچي ويو آهي. جنهن
هن مسئلي کي واضح ڪيو آهي ته راڻي مينڌري مومل کي
ڪيئن ماڻيو. حالانڪ سُگهڙن هن داستان جي بيان وقت
اڪثر ناتر جو نالو پيش ڪيو آهي ته راڻي مينڌري
ناتر کي چوٽيءَ کان قابو جهلي ٽڪسٽاٽ جو رستو
معلوم ڪيو ورنه ’ناتر‘ هر ڪنهن کي ٽڪساٽ ۾ داخل
ڪري گوهي هڻي لڪي ويندي هئي.
خليفي نبي بخش قاسم لغاري بلڪل علحده رستو ورتو
آهي. هُو چوي ٿو ته راڻي سومل جي معرفت هيءُ دڳ
معلوم ڪيو. هن سومل کي اهو جهانسو ڏنو ته تون
اجايو پئي مومل جي شوق ۾ پنهنجي زندگي ضايع ڪرين.
اڳتي هلي جڏهن به مومل ڪنهن جي ٿي ويئي ته تو لاءِ
ڪجهه به نه بچندو. ان ڪري بهتر آهي ته تون منهنجي
مدد ڪر ته آئون مومل تي قبضو ڪريان پوءِ سندس گڏ
ڪيل مال ملڪيت هٿ ڪري پاڻ ٻئي شادي ڪري هڪٻئي جا
ٿي وينداسين ۽ مومل کي سندس حال تي ڇڏي ڏينداسين.
سُومل اِها ڳالهه ٻڌي خوشيءَ سان راڻي جي هن دُلبي
۾ اچي ويئي ۽ ٽڪساٽ جو سڄو سربستو احوال راڻي
مينڌري کي سمجهايائين ته هِن مانڊاڻ جي بناوت ڪيئن
آهي ۽ ان مان ڪهڙي طرح پار پئي سگهبو.
سومل جي ڏنل هن سڄي معلومات جي سهاري تي جڏهن راڻو
وڃي مومل وٽ پهتو ته اتي کيس خبر پئي ته:
مومل کي مجاز جا اندر ۾ الماس
يا
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور
يا
گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون.
ساڳي طرح وري مومل جي ڪيفيت به اِها هئي ته:
گُجر گهڻا گهائيا، پاڻا لڳس گهاءُ.
اهوئي نظارو هئو جو راڻي کان سومل وسري وئي. يا ان
سان دوکو ٿيو، پر راڻي وري ڏانهس رخ نه ڪيو.
سومل اهو سور سانڍي اندر ۾ انتقام جي باهه دکائي
ويٺي ۽ اهو طئه ڪيائين ته ڪنهن به طرح راڻي کي
مومل سان ويهي موجون ڪرڻ نه ڏيندي. پوءِ جڏهن راڻي
جو ڳچ وقت کانپوءِ مومل ڏانهن اچڻ ٿيو ته سُومل
مرداڻي ويس ۾ مومل سان گڏ ستل هئي ۽ پٽڪو پلنگ جي
پاڳي ۾ پارائي ڇڏيو هئائين. سُومل جو هيءُ داءُ
ڪامياب ويو.
سومل، راڻي مينڌري (جنهن کي سنڌ جي بادشاهه همير
سومري عمرڪوٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هئو) جي ڊگهي وڇوڙي
سبب مومل کي مغموم ۽ پريشان ڏسي، تسلي خاطر مرداڻي
ويس ۾ ساڻس گڏ سمهڻ واري راءِ ڏني. هِن سواد سان
مومل سهمت ته ٿي، پر هوءَ سومل جي هِن دوکي کي
سمجهي نه سگهي. هاڻي سومل، مومل کان به وڌيڪ شدت
سان راڻي جو انتظار ڪرڻ لڳي ته ڪڏهن ٿو راڻو اچي ۽
سندس تير نشاني تي لڳي. سومل جو خيال هئو ته راڻو
جيئن ئي ايندو ۽ غيرت ۾ اچي مومل کي ختم ڪندو ته
هوءَ يڪدم پنهنجو اصلي روپ ظاهر ڪندي ۽ راڻي کي
پنهنجو وعدو ياد ڪرائيندي. مومل جي ختم ٿيڻ بعد
سومل ئي راڻي جي لاءِ بچندي. مگر ائين نه ٿيو ۽
راڻو پنهنجي نشاني ’لَڪُڻ‘ پلنگ تي رکي مومل کي
ختم ڪرڻ بجاء ڏهاڳ جو ڏَنءُ ڏيئي ويو.
هن سڄي داستان ۾ ٽي اهم منزلون آهن. (1) ڪاڪ محل
جو ٽڪساٽ ٺهڻ (2) مومل کي راڻي جو حاصل ڪرڻ ۽ (3)
راڻي جو ڏهاڳ ڏيڻ. هنن ٽنهي منزلن ۾ سومل جو ڪردار
اهم آهي. پهرين ۽ ٽين منزلن کي حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ وڏي معنيٰ ۽ مفهوم سان بيان ڪيو
آهي ته:
(1)
هلو! هلو! ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل.
(2)
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.
(3)
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن.
(4)
جهڙا پانن پن، تهڙيون، شالو مٿن سائيون.
(يا)
(1)
موٽ مران ٿي مينڌي، راڻا ڪارڻ رب،
(2)
مونکي ڏَئُنُ ڏيئي، وڃي ڍولو ڍٽ قرارئو.
حضرت شاهه عبداللطيف ٻي منزل لاءِ صرف اشارو ڏنو
آهي:
توڻي ناهه نصيب ۾، مومل مينڌرو،
مومل ناهي مينڌرو توڻي منجهه نصيب.
شاهه صاحب پاڻ ناتر جي ڪردار جي نفي ٿو ڪري ته:
تن کي ناتر ڪيئن ڪري، مومل سڪي جن کي!
يعني ناتر جا تال مينڌري کي برغلائي نه سگهيا، جو
مومل سندس انتظار ۾ هئي.
وچين يا ٻي منزل کي وري خليفي نبي بخش قاسم پنهنجي
رسالي ۾ واضع ڪري نه صرف شاهه صاحب جي ڪلام جي
تشريح ڪئي، پر سگهڙن جي روايتن کي روڪي داستان جي
تفصيل ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو آهي.
مٿئين تفصيل ۽ تمهيد جي شاهدي خليفي صاحب جي رسالي
جي سُر مومل راڻو جي هيٺين بيتن مان وٺي ڳالهه کي
مڪمل ٿا ڪريون ته راڻي مومل ڪيئن ماڻي؟ خليفو صاحب
فرمائي ٿو ته او! هينئن ماڻي!
مومل موهيو مينڌرو، آيو آتڻ پاس،
ويٺو ڪاڪ وڻن ۾، ڪري لال لباس،
’قاسم‘ ڪج تپاس، ائ مانڊئ منڊ پکيڙيو.
سومل سوڍي پاڻ ۾، ڳجهه ڳرهي ڳالهه،
معلوم ڪيائين مينڌري طلسماتي تال،
پاڻ مَ کڻج پاڻسين ماسو هڙ، مَ مال،
’قاسم‘ ٿيءُ ڪنگال، ته سوڍا ماڻيئين سيجڙي.
*
جا سومل سڻائي، سا سڀ مڃي مينڌري،
’قاسم‘ پيس ڪن تي، وصل جي وائي،
ٻوڙي ٻيائي، سوڍو چڙهيو سيجڙي.
حوالا:
1)
هن مضمون جو مدار محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
صاحب سان ٿيل هڪ ڪچهريءَ تي آڌاريل آهي، پاڻ هِن
ڪچهريءَ ۾ حڪم ڪيو هئائون ته هيءَ ڳالهه توهان ڪٿي
ضرور لکو ته جيئن خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جا هيءُ
بيت سُگهڙن جي ڪچهرين ۾ دهرائجن. هن سلسلي ۾ سنڌ
جي ڪجهه اهم سُگهڙن سان به تبادلئه خيال ٿيو، جن ۾
مرحوم رحمت الله عباسي (مورو)، محترم تاج محمد
هاليپوٽو ۽ عاجز رحمت الله لاشاري خاص آهن.
2)
شاهه جو رسالو، مختلف شايع ٿيل نسخا
3)
وڻجارن وايون، عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي
4)
ڍوليو ڍٽ ڌڻي، معمور يوسفاڻي، ڇاپو ٻيو، (ايڊٽ
ڪيل) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
5)
سُر مومل راڻو (لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 33)
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
6)
سُر مومل راڻو، مرتب: تاج جويو.
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
وارهه
ديوان سلوڪ الطالبين جي تتبع تي چيل ديوان
فقير قادر بخش بيدل سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب ۽
تاريخ جو هڪ اهم نالو آهي. پاڻ هڪ باڪمال شاعر،
جيد
عالم، مفڪر ۽ صوفي منش بزرگ هو. سندس ڪلام شاھ لطيف ۽ سچل
سرمست کان پوءِ گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي آهي. اهڙيءَ
ريت
عوام الناس ۾ به
تمام مقبول ۽ پسند ڪيو
وڃي
ٿو. کانئس اڳ دلپت فقير، روحل فقير، مراد فقير،
نانڪ يوسف ۽ ٻيا ڪافي شاعر پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪا
هئا.
بيدل سائينءَ جي شخصيت سنڌ جي فڪري ۽ ادبي
تاريخ ۾ گهڻ پاسائين ۽ منفرد رهي آهي. بيدل
سائينءَ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، عربي، اردو
۽ سرائيڪي ٻولين ۾
گهڻي
شاعري
ڪئي آهي. ان ئي بنياد تي کيس باڪمال شاعر چئي سگهجي ٿو. هو پنهنجي
دؤر جو بيباڪ، يگانو شاعر ۽ عالم فاضل جي حيثيت کي
پهتل صوفي درويش پڻ هو. سندس شاعريءَ ۾ علم،
عرفان، تصوف ۽ روحانيت جا اعليٰ
جوهر شامل آهن.
بيدل فقير ساميءَ جو همعصر شاعر مڃيو وڃي
ٿو. ٻيئي شخصيتون انگريزن جي دؤر ۾ هيءُ جهان ڇڏي
وڃي ابدي جهان ۾ آرامي ٿيون.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:
”قادر
بخش بيدل انگريزي دؤر جي اوائل ۾ باڪمال صوفي شاعر
ٿي گذريو آهي. وحدت الوجود جو نظريو نهايت وضاحت
سان ۽ دليلن سان بيان ڪيو اٿس. همه اوست جو قائل
آهي ۽ اناالحق جو نعرو هڻي ٿو. وجودي فڪر جي اپٽار ۾
سچل سرمست جي اندازِ
بيان واري واٽ ورتي اٿس،
پر اسلوب بيان ۽ پيشڪش ۾ انفراديت آهي ۽ بيت جي
سٽاءُ
۾ پختگي آهي. سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي، اردو،
هندي، پارسي ۽ عربيءَ ۾ شعر چيو اٿس.“
بيدل سائينءَ جي ولادت 1815ع ۽ وفات
ساميءَ (ولادت 2730ع-
وفات 1850ع)
جي
ديهانت کان ڪجھ سال پوءِ يعني سال 1873ع ۾
ٿي. سامي صاحب صرف سلوڪ لکيا، ڪي چئن سٽن ۾ ته
ڪي وري چئن سٽن کان وڌيڪ به
لکيا، پر سامي صاحب جا اهڙا ٽي سلوڪ ملن ٿا، جيڪي اٽڪل يارنهن يارنهن سٽن تي آڌاريل
آهن. مگر ساميءَ جو اثر بيدل سائينءَ ڪڏهن به
قبول نه ڪيو آهي. بيدل جي شاعريءَ ۾ بيت ۽ ڪافيون
گهڻي کان گهڻا ملن ٿا. بيدل فقير هڪ عالم شاعر ۽
شاعريءَ جي مڙني لوازمات کان واقف آهي. بيدل جي
تصنيفن ۾ 35 ڪتاب مٿين ٻولين ۾ ملن ٿا، جن مان ڳچ
ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. اهڙيءَ ريت بيدل سائين
صاحبِ ديوان شاعر پڻ آهي. پاڻ چار ديوان، ديوان
بيدل اردو، ديوان سلوڪ الطالبين فارسي، ديوان
منهاج الحقيقت فارسي ۽ ديوان مصباح الطريقت فارسي
ڇڏي ويو آهي. هيءُ
چارئي ديوان بيدل يادگار ڪاميٽي هڪ ٻئي پٺيان
ڇپرائي چڪي آهي. انهن کان علاوه ڪجھ مثنويون به چيون اٿائين. اگر سڀني ڪتابن جو اڀياس
ڪبو يا جائزو وٺبو ته
معلوم ٿيندو ته تصوف جا باريڪ نُڪتا پاڻ شاعريءَ وسيلي سمجهايا اٿائين.
هن مضمون ۾ مون
موضوع ديوان سلوڪ الطالبين جي چونڊ ڪئي
آهي.
اهو ان ڪري ته ديوان سلوڪ الطالبين
جي تتبع تي علامه
محمد هدايت علي نجفي تارڪ (1894ع-
1939ع) به هڪ ديوان
”جلوس
التارڪين“
سنڌيءَ ۾ لکيو آهي،
جيڪو منهنجي مطالعي هيٺ آهي. هيءُ ديوان 78
صفحن تي مشتمل آهي. انهن ٻنھي ديوانن کي نظر ۾
رکندي مون ناچيز ٻه ديوان
”خلوص
العارفين“ ۽
”تحفـﺔ العاشقين“
نالي لکيا آهن. باقي اڄ تائين اهڙو ٻيو ديوان نظر
مان نه گذريو آهي. علامه
تارڪ جو مذڪور ديوان اڃا قلمي حالت ۾ آهي. علامه
تارڪ ديوان سلوڪ الطالبين ضرور ڏٺو هوندو ۽ ان کان
متاثر ٿي سنڌي زبان ۾ ديوان جوڙيائين. هن قسم جو
ديوان ڪنهن به
سنڌي غزل گو شاعر جو اڃا تائين ادب جي ميدان تي
پڌرو نه ٿيو آهي.
ديوان سلوڪ الطالبين بيدل سائينءَ جو
فارسي ديوان آهي، جيڪو بيدل يادگار ڪاميٽيءَ سال
2006ع ۾ شايع ڪرايو آهي. جنهن جو مرتب ڊاڪٽر خضر
نوشاهي آهي. هيءَ ديوان 90 غزلن تي جوڙيل آهي.
مذڪور ديوان بيدل سائينءَ 1259ھ ۾ تصنيف ڪيو، جنهن
۾ تخلص
’طالب‘
اختيار ڪيو اٿائين. جنھن بعد هن ڪتاب کي بيدل
سائينءَ جي فرزند فقير محمد محسن بيڪس سن 1293ھ ۾
نقل ڪيو آهي. ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ لکيو آهي ته:
”انهيءَ
ديوان ۾ بيدل سائينءَ پورو فني زور ڏيکاريو آهي.
ديوان سلوڪ الطالبين ۾ خاص ڳالھ اِها آهي ته ھر غزل ۾ جنهن حرف جو رديف مقرر آهي، ان
غزل جي هر مصرع انهيءَ ئي حرف سان شروع ٿئي ٿي.“
هن فارسي ديوان ۾ بيدل سائينءَ نبي اڪرم
محمد ﷺ، اصحاب ڪرام، ۽ امامن پاڪن سان پڻ عقيدت جو
اظهار ڪيو آهي، سندس هڪ غزل جي رديف ۾ هڪ بزرگ
”رشد
الحق صفي
الله
“
جو ذڪر پڻ آهي.
هادي مهدي مرشد راھ، رشدالحق صفي
الله،
سر الاهي شاهنشاھ، رشدالحق صفي
الله.
ديوان سلوڪ الطالبين جي پهرئين غزل جو
مطلع هن طرح آهي :
الاهي موج وحدت بخش دريائـﻶ خيالم را،
به
بحرِ حال گم گردان حبابِ قيل و قالم را.
اختر درگاهي لکي ٿو ته:
”بيدل
سائينءَ جي انهيءَ فارسي غزل کان اڳ ۾ اسان کي
ساڳي تتبع تي لکيل حضرت مير جان
الله رضوي اول ۽ حضرت مير جان
الله شاھ رضوي ثانيءَ جا غزل ملن ٿا. جيڪي
ترتيب وار ديوان مير ۽ ديوان عاشق ۾ شامل آهن.“
الاهي جوش طوفان بخش چشمِ اشڪبارم را،
سحابِ دجله
افشان ڪُن رگِ ابرِ بهارم را.
(ميرجان
الله شاھ اول)
الاهي موج طوفان بخش اشڪِ ديد گريان را،
سحاب آ سا بر افشان ڪُن مداهم چشمِ گريان
را.
(ميرجان
الله رضوي عاشق)
ديوان سلوڪ الطالبين جي آخري غزل جو آخري
شعر هن طرح آهي، جنهن مان ديوان جي تصنيف جو سال به
نڪري ٿو :
بَمن قلب طالب در فقره تاريخش
مضمون رموز ڪُن بنوشت باتمامي.
اهڙيءَ طرح علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ (لعلو رانوڪ) بيدل سائينءَ جي
پيروي ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ديوان نالي
”جلوس التارڪين“
جوڙيو، جنهن ۾ بيدل سائينءَ وانگر هر غزل ۾ جنهن حرف سان رديف لکيو آهي ته ان غزل جي شروعات انهيءَ ئي حرف سان ٿئي ٿي.
علامه
تارڪ پنهنجي ديوان جي شروعات هن شعر سان ڪئي آهي:
ازل کان جي شرابِ عشق سان سرشار ٿي آيا،
وڏا سي رتبئه توحيد کان سردار ٿي آيا.
”تارڪ
فقير ۽ سندس والد کي بيدل سائينءَ سان بي پناھ
عقيدت هئي. ٻئي ڄڻا اڪثر ڪري روهڙيءَ وڃي سندس زيارت ڪندا هئا. گمان غالب آهي
ته تارڪ سائينءَ اتي بيدل سائينءَ جي فارسي
ديوان سلوڪ الطالبين کان متاثر ٿي، ان قسم جو
سنڌيءَ ۾ ديوان تيار ڪيو.“
ديوان تارڪ جو آخري شعر آهي :
يد نه
ياريءَ جو رکي
”تارڪ“
تو ٻولي ان سان سخت،
نينهن ۾ هيئن يار وائي توکان ٿي مون کان نه ٿي.
اهڙي ئي
طريقي سان هن بندي (راقم) به
بيدل سائينءَ ۽ علامه
تارڪ سائينءَ سان عقيدت مندي رکندي، سندن راھ تي
هلندي ٻه
ديوان
”خلوص
العارفين“ ۽
”تحفـﺔ
العاشقين“
جوڙيا آهن. ديوان خلوص العارفين سال 2014ع ۾ لکي
تيار ڪيو آهي، جيڪو اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي. هن
ديوان جي شروعات هن شعر سان ڪئي آهي.
آ
خدا توتي پڪو ايمان آ،
آ حقيقت ۽ اِهو اعلان آ.
مون پهريون غزل
”آ“
حرف سان شروع ڪيو آهي، پر بيدل سائين علامه
تارڪ جن
”آ“
حرف سان ڪوبه غزل نه
لکيو آهي. مون هن ديوان
جي
هر شعر جي هر سٽ جي منڍ ۾ اهو حرف رکيو آهي، جيڪو
رديف جو حرف آهي، جيئن مٿي مثال پيش ڪيو اٿم. هن ديوان جو آخري شعر پيش خدمت
آهي :
يادگيري يار جي ۾ ساھ
”اڪبر“ ٿو کڻان،
يادگار آهي اهوئي ٿيو نشانِ زندگي.
ٻيو ديوان آهي
”تحفـﺔ العاشقين“.
مون هن ديوان ۾ بيدل سائين ۽ علامه
تارڪ جي پيروي ڪندي پورو ديوان لکيو آهي. هر غزل ۾
جنهن حرف جو رديف آهي، ان حرف سان هر مصرع اختيار
ڪئي اٿم. سنڌي ٻوليءَ جا حرف
”ڃ، ڙ، ڱ، ڻ ۽ ء“
ديوان ۾ شامل نه
آهن. ڇو ته هي حرف ڪنهن به
لفظ يا اکر جي منڍ ۾ اُچار طور استعمال نه
ٿا ٿين. ان جي برعڪس ڪنهن به
اکر جي وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ اچارجن ٿا.
هن ديوان
”تحفـﺔ العاشقين“
جي شروعات هن شعر سان ڪئي اٿم.
آ مٺا مون ڏي هلي هڪ وار آ،
صدقي تو تان هي بندو صدبار آ..
هن ديوان جي ٻئي غزل جو شروعاتي شعر هن
طرح آهي :
ابتدا تا انتها آهي خدا آهي خدا،
سڀ کان ارفع برملا آهي خدا آهي خدا.
مذڪور ديوان جو آخري شعر هيءُ آهي، جنهن
تي ديوان جو اختتام ٿئي ٿو:
ياد رهندين، ياد آهين، منهنجي دل ۾ تنهنجو
گهر آ،
روز شب اڪبر کي تنھنجي يادگاري آهي ڏاڍي.
هيءُ منهنجو يارهون ديوان آهي جيڪو مون
مارچ جي ٽيهين تاريخ 2020ع تي لکي پورو ڪيو.
اهڙي انوکي ۽ منفرد شاعريءَ جو ڇٽ بيدل
سائينءَ جي سر تي سونهين ٿو. جنهن جي واٽ تي هلندي
علامه تارڪ به
پنهنجي هن ديوان ۾ پنهنجي طبع جا جوهر ڏيکاريا
آهن. ان مان ظاھر آھي ته هي ٻيئي بزرگ شاعر اسان کي هڪ نئين راھ جو مسافر بڻائي ويا
آهن. سندن راھ تي هلڻ اسان جي خوش بختي ۽ خوش
نصيبي چئجي. جيڪڏهن هُو ٻيئي اِها راھ اختيار نه ڪن ها ته
اسان انهيءَ گس جا پانڌيئڙا هرگز ٿي نه
سگهون ها. بيدل سائينءَ جي ڪلام کي پڙهندي علامه
تارڪ سائين اِهو ساڳيو گس ورتو،
جيڪو بيدل سائينءَ جو هو. ان کان پوءِ وري هن بندي
(راقم) جڏهن ٻنھي بزرگ شاعرن جي شاعري پڙهي ته ان ساڳئي ئي دڳ تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن جي نتيجي ۾ مون هڪ ٻئي
پٺيان ٻه ديوان تيار ڪيا آهن،
جن جو اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي.
علامه
بيدل سائين ۽ علامه
تارڪ سائينءَ جو ڪلام اسان لاءِ مشعلِ راھ ثابت
ٿيا آهن ۽ هڪ سنگِ ميل جي حيثيت رکن ٿا. اڄ اسان
انهن بزرگ شاعرن جي ڪلام کي پڙهندي ۽ ان رستي تي
هلندي پنهنجي لاءِ ۽ سماج لاءِ هڪ روشن راھ جو
تعين ڪري سگهون ٿا.
مددي ڪتاب :
1-
بيدل سائينءَ جو رسالو (2011ع)
2-
ديوان سلوڪ الطالبين (2006ع)
3-
ديوان بيدل اردو (2019ع)
4-
فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام (2012ع)
5-
ديوان جلوس التارڪين (اڻ ڇپيل)
6-
ديوان خلوص العارفين
(اڻ ڇپيل)
7-
ديوان تحفـﺔ العاشقين (اڻ ڇپيل)
نسرين الطاف
حيدرآباد
بند ئي رهجي ويل خط
هوءَ تبديل ڪٿي ٿي سگهي هئي!؟ ننڍپڻ کان ئي هڪ
خواب جي ڳولها ۾ رهي هئي، خواب جيڪو سندس اکين ۾
جاڳ جيان جاڳندو رهيو هو.
اسڪول واري زماني ۾ هوءَ رف ڪاپين جي ڪُنڊن تي
ننڍڙا ننڍڙا شعر لکندي
هئي، جن ۾ پيار هوندو هو، اُڃ هوندي هئي
اُتساھ هوندو هو.
اڄ چاليهن سالن کانپوءِ به سندس اکين ۾ ساڳيو خواب
آهي. زندگيءَ جون سموريون آسائشون سندس جيون جي
ڪينواس تي انڊلٺي رنگن جيان پٿاريل آهن پوءِ به
سندس تن تُسيو ناهي. هڪ خواب جنهن جي تلاش سندس
زندگيءَ جي هر ڏسا کي وائڙو ۽ هر رنگ کي بي رنگ
ڪري رکيو آهي. هوءَ جيڪا ننڍپڻ کان ئي منفرد ۽
وڃايل وڃايل رهي، پڙهائيءَ کان ويندي راند روند ۾ وڃايل وڃايل.
سندس اکين ۾ هڪ اهڙي گُڏي جا خواب سمائجي ويا هئا،
جيڪو ٻاروتڻ ۾ ئي وڃائجي، الائي ڪيڏانهن گُم ٿي
ويو هو.
ننڍپڻ ۾ جڏهن هوءَ پنهنجي سهيلين سان گُڏا گُڏيون راند ڪندي
هئي ته هميشه گُڏا ئي کڻندي ۽ چونڊيندي هئي اُنهن
کي سينگاريندي سنواريندي ۽ گهوٽ بنائيندي هئي.
هوءَ انهن گُڏن جي اکين ۾ جڏهن به نهاريندي هئي ته
کيس الائي ڇو سراب ئي سراب نظر ايندا هئا. اُهي
ساڳيا ئي سراب اڄ به کيس دنيا جي جيئرن جاڳندن
گُڏن ۾ نظر ايندا آهن.
آفيس ۾ جڏهن سندس جيڏيون کائنس پڇنديون آهن ته
”شمع شادي ڇو نه ڪئي اٿئي؟ هاڻ ته وهي به وڃئي پئي
موڪلائيندي!“ اُن
وقت
هوءَ مُرڪي پوندي هئي، سندس اکين ۾ هڪ اهڙي گُڏي
جون يادون اچي وينديون هيون جنهن کي هُن ننڍي لاڪي
جيئري جاڳندي پنهنجي گهر ۾ ڏٺو هو. گُڏي جي روپ ۾
هُو سچ پچ مڪمل ماڻهو مڪمل شخص هو. سندس
اکين ۾ هڪڙي عجيب چمڪ ۽ ڏيا هوندي هئي، هُو مُرڪندو
هو ته ڄڻ جڳ پيو مُرڪندو هو. جڏهن اُهو گڏي جي روپ
وارو شخص جيڪو صرف هڪ عورت اڳيان گُڏو بڻيل هو
اوچتو گُم ٿيو ته سندس زندگيءَ ۾ چؤطرف انڌيرا
ڇائنجي ويا، زندگيءَ جون سموريون رونقون ختم ٿي
ويون، جنهن عورت جي هٿ ۾ اُهو شخص گُڏو بڻيل هو. تنهن جا به سمورا ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويا.
هُو جنهن علائقي جنهن گهر ۾ رهندا هئا سو به سندن لاءِ اوپرو بڻجي ويو، جنهنڪري کين اُهو گهر اُهو علائقو
ڇڏڻو پيو.
چمڪندڙ اکين ۽ مُرڪندڙ چپن واري اُن شخص جي اوچتي
گم ٿي وڃڻ کانپوءِ زندگيءَ جي ڦيري اهڙا ته ڦيرا
ڏنا جو هرڪو ڪک پن ٿي ويو، سندس وڏي ڀيڻ، ڀائر ۽
ماءُ.
هوءَ اڄ به ڪيئي شعر لکندي آهي جيڪي ويڙهي سيڙهي
پنهنجي پرس ۾ رکندي ويندي آهي، دل
چوندي اٿس ته ڪنهن اخبار يا رسالي کي اُماڻي
ڇڏيندي آهي نه ته بس. الائي ته ڪيترا ماڻهو سندس
شاعريءَ جا مداح آهن ۽ پروانن جيان پيا پاڻ وڻائڻ
لاءِ سندس اڳيان لامارا ڏيندا آهن،
پر هوءَ جيڪا شمع جيان پاڻ
پنهنجي ئي اندر ۾ جلندي
کامندي رهندي آهي سا ڪنهن کي به پنهنجي دائري ۾
داخل ٿيڻ ناهي ڏيندي.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سوچيندي هئي ته ڪهاڻي لکي، اُنهي گُڏي
تي جيڪو اوچتو گم ٿي ويو ۽ سندس زندگيءَ ۾ انڌيرا
ڇائنجي ويا. هوءَ چاهيندي آهي ته هوءَ اُن ڪهاڻيءَ
۾ گُڏي جي وڏين گهرين ناسي اکين
تي لکي جن ۾ ڪيڏي نه پنهنجائپ هئي. ڪنهن به
اوپرائپ يا وري ڪنهن سراب جو احساس اُن گُڏي جي
اکين ۾ نه هوندو هو. هوءَ اِهو به چاهيندي آهي ته
اُن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ماءُ جي رويي متعلق به لکي جيڪا گُڏي کي سدائين
ذليل ۽ رسوا ڪندي رهندي هئي، ڪو پل به کيس
سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندي هئي، صبح سويل کان ويندي
رات دير
تائين گُڏي کي پنهنجي اِشارن تي هلائيندي
۽ نچائيندي رهندي هئي. گُڏو ويچارو هر حالت ۾
کِلندو ۽ مُرڪندو رهندو هو. ڪنڌ جُهڪائي هلندو
رهندو هو.. هونئن به گُڏي جو ڪنڌ سدائين جُهڪيل
هوندو هو ۽ سندس نگاهون زمين ۾ کُتل هونديون
هُيون، هُو
هروڀرو ڪنهن کي نِهاريندو به ڪونه هو الائي ته
ڪيڏيون گُڏيون سندس آس پاس پيون ڦرنديون هيون،
پر سندس نگاهه سدائين جُهڪيل هوندي هئي.
هوءَ چاهيندي هئي ته اهو به لکي ته ڪڏهن ڪڏهن گُڏو
وڏين پلڪن واريون اکيون کڻي کيس مُرڪي نهاريندو هو
ته ڄڻ ڪائنات جاڳي پوندي هئي. دنيا جا وهنوار رڙهي پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن کيس ڀاڪر ۾ ڀري
وٺندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هوس ڄڻ ته هوءَ فطرت
جي پناهه ۾ اچي وئي آهي. اهڙو احساس ته کيس ڪڏهن
ماءُ جي
هنج
۾ به نه ٿيو هو.
سندس ماءُ جيڪا ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪندي هئي تنهن
وٽ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ مداحن جا ميڙ لڳا پيا هوندا
هئا... هڪ دفعي هڪ سيڙپڪار ۽ هدايتڪار سان سندس
ماءُ اعتراض جوڳي حالت ۾ ويٺي هئي ۽ گُڏو اوچتو
اچي ويو هو ۽ مڇرجي پيو هو، ڪاوڙ ۾ سندس حالت خراب
ٿي وئي هئي اکين مان نير وهي نڪتا هئس ۽ دل صفا
وٺجي وئي هئس. پوءِ شايد سندس دل نه مڃيو نه وري
سندس ساٿ ڏنو جو اُها ٽُٽي پئي هئي... ۽ پوءِ جلدي
ئي اُهو گُڏو گُم ٿي ويو، دنيا جو هي گلوب ڇڏي
ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو ويو ۽ ڪڏهن واپس نه وريو.
هوءَ جڏهن به صبح جو پنهنجي آفيس ۾
اچي ويهندي آهي ته روزانو سڀ کان پهرين هڪڙو خط
لکندي آهي، اُنهي گُڏي جي نانءُ جيڪو سندس زندگي
اونڌاهي ڪري ويو هو. گُڏي کي لکيل خطن ۾ هوءَ وڏي
بيباڪيءَ سان ساڻس ڳالهائيندي آهي. ساڻس رُس
رُساما ڪندي آهي. سندس گهرين ناسي اکين جا ذڪر
ڪندي آهي ۽ کيس ٻُڌائيندي آهي ته هِن هيڏي ساري جڳ
۾ اهڙيون اکيون کيس ڪٿي به ته نظر نه آيون آهن!
جهڙيون سندس اکيون هُيون. هوءَ جنهن به اک ۾ نهاري
ٿي رڳو سراب آهن يا وري رڳو بُک ۽ حوَس آهي. هوءَ
کيس خطن ۾ اِهو به لکندي آهي ته سندس وڃڻ کانپوءِ
هُن ڏاڍا ڇانورا تلاش ڪيا آهن،
پر سارو جڳ کيس اُس اُساٽ پيو ٿو ڀاسجي، ايئن ٿو
لڳي ڄڻ فطرت جو سايو ئي سنسار تان کڄي ويو آهي.
هوءَ کيس اهو به لکندي آهي ته سندس اوچتو وڃڻ
کانپوءِ سندس اُڃ تونس ڪٿي اُجهامي سگهي آهي،
هوءَ ساڻس رومانٽڪ ڳالهيون ڪندي کيس اهو به
ٻُڌائيندي آهي ته سندس اوچتي لڏي وڃڻ کانپوءِ هُن
کيس محبوب ۽ پرينءَ وانگي تلاشيو آهي،
پر ڪنهن به شخص ۾ کيس تو جهڙو پرين يا محبوب ناهي
مليو، ماڻهو محبت جي نانءُ تي ملاوت بڻيل آهن،
جن ۾ رڳو عجيب عجيب هرج سمايل آهن. هوءَ کيس اهو
به ٻُڌائيندي آهي ته سندس ظاهري غائب ٿيڻ کانپوءِ
دنيا جي سمورن جيئرن جاڳندن گُڏن جي اکين ۾ کيس
ڳولهيو، انيڪ نالن ۽ شخصيتن ڇانوَ ۾ کيس ڏٺو،
پر ڪٿي به سندس ڏيا وارين اکين جهڙيون اکيون ۽
شخصيت جهڙا ڇانورا ملي نه سگهيا اِهو ڪارڻ آهي جو
هوءَ زندگيءَ ۾ بنهه اڪيلي رهجي وئي، ڪنهن کي به
ته پنهنجو همسفر يا ساٿي چونڊي نه سگهي.
هوءَ روزانو هڪ طويل خط اُنهي گُڏي کي لکندي آهي ۽
سندس پَتي تي پوسٽ ڪري ڇڏيندي آهي. کيس پڪ آهي ته
هڪ ڏينهن کيس ضرور ورندي ملندي ......
سالن پُڄاڻان سندس آفيس
۾ هڪ پوڙهو شخص وٽس آيو آهي، کيس ٽپاليءَ واري
پوشاڪ پاتل آهي، هُو ساڻس مخاطب ٿئي ٿو.
”عبدالوَلي صاحب ته ڪي سال ٿيا گُذاري ويو، سندس
گهر وارا به تڏهن کان اُهو گهر ۽ پاڙو ڇڏي هليا
ويا... ڪيترن سالن کان وَلي صاحب جي نالي روزانو
هڪ خط ايندو هو، جيڪو مان سنڀالي رکندو هوس، جيئن جو تيئن
بند لفافي ۾. بس ان چنتا ۽ ڳولها ۾ رهندو هوس ته
وَلي صاحب جي ڪنهن وارث جو پَتو پوي ته کيس هي
امانتون پهچايان ... نيٺ پتو پئجي ويم ڪٿان ته
وَلي صاحب جي هڪ نياڻي
هن شهر ۾ آفيسر ٿي آئي آهي سو دير ئي نه ڪيم وَلي
صاحب جي نالي آيل سمورا خط کڻي توهان وٽ پهتو
آهيان.“
پوڙهو ٽپالي هڪ ٿيلهو سندس ٽيبل تي رکي ٿو ۽ آهستي
آهستي سندس آفيس کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
هوءَ پٿرائجي وڃي ٿي، خطن واري ٿيلهي کي ڏسندي رهي ٿي پر کيس امُر ئي نه ٿو
ٿيئي ته ڪو اُهو ٿيلهو سوري ويجهو ڪري يا کولي
منجهس ڏسي.
موڪل مهل ڏڪندڙ هٿن سان ٿيلهو کڻي ٿي ۽ گهر
اچي بيڊ تي اُڇلائي ڇڏي ٿي... شام لڙي رات جي آغوش ۾ وڃي پئي.
هوءَ به ڏاڍي ٽُٽل آهي... گُم سُم ۽ وڃايل... ڪيئي
پهر گذريو وڃن... هوءَ خاموش ڄڻ سڪتي ۾ ورتل.
هوءَ سمهڻ چاهي ٿي، بيڊ تي اچي ٿي ليٽي ٿي
ته ٿيلهي تي سندس نظر پوي ٿي.
هوءَ ٿيلهي کي کولي ٿي سمورا بند پيل خط ڪڍي ٿي
هوءَ چاهيندي به اُهي خط کولي نٿي سگهي، بس حسرت
ڀريل نگاهن سان اُهي خط ڏسندي رهي ٿي، سندس اکين ۾
پاڻياٺ تري اچي ٿي جيڪا نِسرندي ڳلن تي پوي ٿي.
هوءَ سمورا خط پنهنجي ڳلن هيٺان ويهاڻو ڪري ليٽي پوي ٿي، لڙڪ لاڙيندي الائي ڪهڙي
مهل کيس ننڊ اچي وڃي ٿي، ننڊ ۾ سندس ڀنل اکين جا
لڙڪ، خطن کي پُسائيندا رهن ٿا جن مان اُٿندڙ
وسڪاري جهڙو هڳاءُ ماحول ۾ ڦهلجي وڃي ٿو.
نئون ڪتاب
ڪتاب:
شهزادي ماه نور
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
موضوع:
ٻاراڻو ادب (ڪهاڻيون)
ڇاپو پهريون: 2023ع
قيمت: -/200 روپيا
ڇپيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي. |