حسيب ناياب منگي
شڪارپور
شڪارپور ۾
ڪانگريس جو قيام
سنڌ سڀاءَ جنهن کي سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم هجڻ
جو اعزاز حاصل آهي سا 1881ع ۾ وجود ۾ آئي (1)
هندستان اندر سياسي چرپر تي نظر رکڻ ۽ هتان جي
ماڻهن جا مسئلا ٻڌي ۽ پوءِ اهي مسئلا حل ڪرائڻ
لاءِ هن تنظيم شروعاتي ڏينهنِ ۾ پاڻ پتوڙيو. سموري
سنڌ اندر نه صرف سياسي هلچل ۽ اليڪشن ۾ پر ٻين
مسئلن جي حل لاءِ سنڌ سڀاءَ سرگرم تنظيم ٿي اڀري.
سنڌ سڀاءَ اخبارن ۾ مسئلن کي نروار ڪرائي ان تي
ميٽنگ ڪوٺرائي، ٺهراءُ پاس ڪرائي پروگرام ترتيب
ڏياري، سنڌين جي سلامتي ۽ مسئلن جي حل لاءِ حڪمران
طبقي اڳيان مطالبا مڃرائي سرها ٿيندا هئا. سنڌ جي
ماڻهن کي هن تنظيم جي ذريعي ئي سياسي شعور عطا ٿيو
۽ سنڌ جي ماڻهن جي هن تنظيم ڏهه سال کن تمام سٺي
خدمت ڪئي. ڏيارام ڄيٺمل هن تنظيم جو اڳواڻ هو.
شڪارپور مان ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري به انهن
سان گڏ هو(2).“ خانبهادر حسن علي آفندي به سنڌ
سڀاءَ جو حصو هو. انهن جي وچ ۾ اختلاف تڏهن شروع
ٿيا جڏهن آڪٽوبر 1884ع ۾ ڪراچيءِ ۾ هڪ پبلڪ ميٽنگ
ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته
انگريز عملدار لارڊ رپن جي مانَ ۾ پارٽيءَ جو
اهتمام ڪجي. خانبهادر حسن علي آفندي ان جي مخالف
ڪئي. سندس چوڻ هو ته انگريز عملدار ڏانهن تعريفي
خط لکي موڪلجي اعزاز ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.
(3)
اهو اختلاف وڌي وڻ تڏهن ٿيو خانبهادر حسن علي
آفندي ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“
جو بنياد رکيو ۽ ڪراچيءَ کان پوءِ سڀ کان پهريان
شڪارپور ۾ 18 جون 1984ع تي ان جو دفتر کليو.(4)
سنڌ سڀاءَ جون سرگرميون اختلاف سبب جڏهن پٺتي
ٿينديون ويون ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن سنڌ اندر صرف
مسلمان جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي هئي ته آل
انڊيا ڪانگريس جو 28 ڊسمبر 1885ع تي بنياد پيو.(5)
ڪانگريس سموري هندستان ۾ آئين ۽ قانون ذريعي
انگريزن کان حق حاصل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. سنڌ
سڀاءَ جا ميمبر ۽ گهڻي ڀاڱي ڪيترائي مسلمان سياسي
اڳواڻ ڪانگريس جو حصو هئا. شڪارپور ۾ گانڌيءَ جي
ويجهو ڊاڪٽر موهن لال ۽ سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج
هوندا هئا. گانڌي رهندو سيٺ لڻيندا سنگهه وٽ هو ته
ڊاڪٽر موهن لال سان گڏ شڪاروپور ۾ عام ماڻهن جيان
گهمندو هو. گانڌي ته شڪارپور ۾ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجو
مٿو به ڪوڙايو هو. شڪارپوري حجم جي پاڪي گانڌيءَ
جي مٿي تي به ڦري هئي.(6)
ڪانگريس کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ گانڌيءَ تمام
گهڻو پاڻ پتوڙيو. شڪارپور ۾ ته ڪانگريس کي اڳ ٿوري
ڪا اهميت حاصل هئي، ها البته ڪانگريس جي اجلاس ۾
شڪارپور جا ماڻهو وڏي چاهه سان شرڪت ڪندا هئا.
1889ع ڌاري بمبئي واري اجلاس ۾ شڪارپور جي وڪيلن
شرڪت ڪئي هئي. گانڌي مدن موهن لال لجپت راءِ جي
ڪوشش ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ 1915ع ڌاري شڪارپور اندر
ڪانگريس جي شاخ قائم ٿي.(7)
آل انڊيا مسلم ليگ جو 30 ڊسمبر 1906ع تي بنياد
پئجي چڪو هو، سنڌ سميت شڪارپور ۾ ڪانگريس جو سڪو
ڄميل ئي رهيو، بنگال جو ورهاڱو ڇا ٿيو شڪارپور جي
ڪانگريس حمايتي ويرو مل بيگراج ۽ سيٺ چيٽومل
هريرام انگريزن جي سامان خريد ڪرڻ کان انڪار جو
نعرو هنيو، سڀئي ڪانگريسي سندن حمايتي ٿي بيٺا،
انهن شڪارپور ۾ پنهنجا ڪارخانا قائم ڪيا ته جيئن
انگريزن کان نفرت جو اظهار ڪري سگهجي. اهڙن واقعن
کان اڳ ۽ پوءِ 1904ع ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي
شڪارپور ۾ برف جو ڪارخانو کوليو. 1908ع ۾ سيٺ
اڌلداس ۽ پروفيسر ڦيرواڻي ڪپڙي اڻڻ جو ڪارخانو
کوليو.(8) جيڪي پڻ ڪانگريس جا حمايتي هئا.
ڪانگريس جي حمايتي اڳواڻن جي سنڌ ۾ پهرين راڄنيتي
ڪانفرنس 1908ع ڌاري سکر ۾ سيٺ هر چند راءِ وشنداس
جي پردانپڻيءِ ۾ ٿي، شڪارپور مان ديوان بهار
مرليڌر پنجاپي، شولداس وڪيل ۽ ڀائي چئنرام جماڻيءَ
ان ۾ شرڪت ڪئي.(9) ان ڪانفرنس ۾ هندستان جي
آزاديءِ جا نعرا بلند ٿيا ته انگريز سرڪار خاموش
نه ويٺي مٿان وري 1909ع ۾ ويرومل بيگراج، سيٺ
چيٽومل ۽ گورڌن شرما تي ڪيس هلائي سرڪار خلاف
ليڪچر ڪرائڻ ۽ ڪتاب ڇپرائي تقسيم ڪرڻ تي ڪيس داخل
ٿيو، پنج پنج سال سخت پورهئي سان سزائون ڀوڳيائون،
ياد رهي ته سڄي سنڌ ۾ ديس جي آزادي خاطر اهو
پهريون مقدمو ۽ پهرين سزا هئي جا شڪارپورين کي ملي
هئي.(10)
ان فيصلي جي خلاف هڪ اپيل پڻ ظاهر ڪئي وئي هئي
جيڪا 22 اپريل 1910ع تي رد ٿي هئي.(11) انگريزن جي
ظلمن خلاف وقت به وقت شڪارپور جي ڪانگريسين کي
گهڻي کان گهڻيون سزائون ڏنيون ويون، آزاديءَ جي
هلچل جي گنگا ديوي پهرين عورت هئي جنهن کي سزا ڏئي
جيل اماڻيو ويو هو، لڪڇمي ديوي به شڪارپور جي هئي،
اڍائي ورهيه جيل ڀوڳيائين. ڪانگريس جي شڪارپور ۾
ايڏي وڏي مضبوطي هئي جو لڪڇمي ديوي فيضلو ٻڌڻ وقت
کُلي عام اهو چئي ڏنو ته ”هي سزا اڍائي منٽن جي
آهي“ انگريزن خلاف تقرير ڪرڻ وارو ڪانگريس جو
حمايتي سڀ کان ننڍي عمر وارو 12 سالن جو ٻار
نارايڻ ماکيجا پڻ پنج سال جيل ۾ سزا ڪاٽي آيو،
جيڪو پڻ شڪارپوري هو. جڻيا والا باغ وارو معاملو
هجي يا 1930ع وارو قاعدو ٽوڙڻ جي هلچل ۾ شڪارپور
پنهنجا قدم پٺتي نه هٽايا. وڏا وڏا جلوس ٿيا ۽
احتجاج ڪري انگريز سرڪار خلاف پنهنجو آواز بلند
ڪرڻ ۾ شڪارپور جا ڪانگريسي سڀني کان اڳرا رهيا. 16
اپريل 1930ع تي سينگهراج لُلا انگريز سرڪار خلاف
احتجاج ڪندي پوليس جي گولي کائيندي ديهانت ٿي ويو.
شڪارپور ۾ ماتمي جلوس نڪتو هزارين شهري روڊن تي
اچي ويا، انگريزن کي اههڙو بهادر ٻار پيدا ڪرڻ تي
مبارڪ ٿو ڏيان، اوهان کي ڏک نه پر خوشي ڪرڻ ڪرڻ
گهرجي جو اوهان جي ٻار ديش جي صدقي پنهنجو ٻليدان
ڏنو(12) پروفيسر اڌارام آسراڻي، ڊاڪٽر ليلارام
ڦيرواڻي، ڊاڪٽر گوبندرام پنجاپي، سترام سنگهه بابو
لال، لال چند تلريجا، سوامي ڀرياڳ ڀارتي، مهاراج
مٿرداس ۽ واڌومل گيان چند مسند جهڙا ديش ڀڳت
ڪانگريس جا سچا سپاهي شڪارپور کي مليا. مولوي
عبدالڪريم چشتي ۽ شهيد الله بخش سومرو به اول
ڪانگريس سان جڙيل هئا. ڪانگريس جو شڪارپور ۾ سڪو
ڄميل هو. ڪڏهن ڪڏهن ته انگريز سرڪار شڪارپور مان
100 ڪانگريس جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪندي هئي،
جڏهن ته ان جي نسبت ۾ حيدآباد مان 90، سکر مان 70،
لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد مان 40 ۽ نوابشاهه مان 30
ماڻهو گرفتار ٿيندا هئا. اهڙي ريت ڪانگريس کي جڏهن
چندي جي ضرورت هوندي هئي ته شڪارپور مان 25 هزار
لاڙڪاڻي مان 12 هزار، نوابشاهه مان 4 هزار ۽ جيڪب
آباد مان هڪ هزار اٺ سُو روپيه رقم موڪلي ويندي
هئي.
شڪارپور جو جماڻي هال سياسي جلسن جو مرڪز هوندو
هو، ماڻهن جي رش ۽ اڳواڻن جي تقريرن تي تبصرا! وري
جو مٿان اخبارن ۾ رپوٽون اچڻ ته شڪارپور جو ماحول
ئي ڪو ٻيو ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪانگريس جي سايي ۾
شڪارپور مان هفتيوار اخبار شڪارپور سماچار جاري
ٿيندي هئي. تاريخ جي ورقن تي نظر وجهڻ کانپوءِ
معلوم ٿئي ٿو ته گانڌي سنڌ ۾ ست ڀيرا آيو(13)
شڪارپور ۾ به هن جو ٻه چار ڀيرا اچڻ ٿيو، سيٺ
لڻيندا سنگهه بجاج ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ هن جي خدمت
۾ پيش پيش هوندا هئا. فيبروري 1916ع تي گانڌي
شڪارپور ۾ اُس جو تڙڪو پئي ورتو ڊاڪٽر موهن لال
پروفيسر شيو ارام ڦيرواڻي ۽ ديوان پيسومل سميت
گهڻا ئي شڪارپوري هن جي آس پاس موجود هئا ۽ موڙي
تي ويهي گانڌي وار لهرائي پريتم ڌرم سڀاءَ جي
اسڪول جو دور و پڻ ڪيو(14)
اهڙا مهان ماڻهو جيڪي شڪارپور ۾ پنهنجي ذهانت ۽
اصولن توڙي سياسي شعور جي بنياد تي ڪڏهن جنگ جي
جهنڊي جيان اٿي. کڙا ٿيندا هئا ته ڪڏهن عاجزي
اختيار ڪري شهر جي بهتري ۽ شهرين جي تحفظ توڙي کل
۽ خوشيءِ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هئا تن کي ورهاڱي جي
وڍن هميشه لاءِ پرڏيهي بڻائي ڇڏيو. آگسٽ 1947ع ۾
سنڌ سميت شڪارپور مان ڪانگريس جي تڏا ويڙهه ٿي،
ياد رهي ته آزاديءَ کان گهڻو اڳ شڪارپور ۾ مسلم
ليگ جو قيام 24 جون 1938ع تي پيو.(15)
حوالا:
1_ انٽرنيٽ تان انسائيڪلو پيديا سنڌيانا جي مدد
سان
2_ لاکو غلام محمد؛ ”سنڌ جو تاريخي تحقيقي جائزو“
مارئي سماجي سنگت ڪراچي 1997ع، صفحو 185
3_ ڦيرواڻي شيوارام پروفيسر؛ ”راج رشي ديوان
ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ کاهوڙي پبليڪيشن ڪراچي
ڇاپو ٻيو جولاءِ 2000ع صفحو 28 ۽ 29
4_ لغاري عبدالجبار عابد ڊاڪٽر؛ ”تحريکِ آزادي مين
سندهه کا کردار“ رهبر يونائيٽيڊ پبليڪيشنز حيدآباد
1992ع صفحو 128
5_ ڏسو حوالو پهريون
6_ سومرو محمد قاسم؛ ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“
Ph.D
ٿيسز سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 1998ع صفحو 114 (قلمي
نسخو، ذاتي ملڪيت)
7_ ڏسو حوالو 4، صفحو 193
8_ آڏواڻي ڀيرومل مهرچند؛ ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع صفحو 394
9_ گاجرا ٻلديو؛ ” آزادي جي يڌ ۾ سنڌ ڀاڳ ”ڇاپو
پهريون بمبئي 1985ع صفحو 77
10_ ڏوڏيجا لوڪرام؛ ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ لوڪ
ڪلياڻ ٽرسٽ پونا 1983ع صفحو 184
11_ ڏسو حوالو 9 صفحو 118
12_ ساڳيو صفحو 166
13_ ايڪسپريس ٽربيونل 10 فيبروري 2014ع
14_ ڏوڏيجا لوڪرام ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ پونا
1978ع
15_ ماهوارنئين زندگي نومبر 1991ع صفحو 28
نئون ڪتاب
ڪتاب:
جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
موضوع:
تحقيق
ڇاپو پهريون: 2023ع
تعداد:
پنج سئو
قيمت: -/500 روپيا
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد سنڌ
سيد امداد شاهه رضوي
روهڙي/سکر
پاڪستان جو سڀ کان قديم سکر جو يورپين جيمخانو
1838ع ۾ برٽش فوج افغانستان وڃڻ لاءِ سکر ۾ اچي قيام ڪيو،
جن جي رھائش لاءِ انگريزن پارسي آغا خان
جا خواجه ۽ شڪارپور جي ھندو سيٺن
کي سکر ۾ عمارتون تعمير ڪرڻ ۽ ڪاروبار لاءِ گهرائي ھمٿايو.
ان زماني ۾ پراڻي سکر ۾ آبادي ھئي ۽ نئين سکر اندر
مٿيون ٽڪر وارو علائقو رڳو قبرستان تي مشتمل ھو،
جنهن ۾ مختلف خاندانن جي لاءِ مخصوص ٿيل قبرستان ھئا، جيئن پوراني سادات،
معصومي سادات، ترخان، مغل وغيره. انهن قبرستانن ۾ ڪافي تعداد ۾ قبرن مٿان قبا اڏيل ھئا
۽
ڪجهه
قبا زبون ٿي، مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا ھئا. ڪجهه
سلامت ھئا. گرميءَ جي موسم ۾ انگريز فوج شروع ۾ انهن قبن اندر اچي عارضي قيام
ڪيو.
ٽڪر کان ھيٺين علائقي ۾ سيدن، ڀٽن، مغلن ۽ ٻين جون زمينون ھيون ۽
کجين جو وڏو نخلستان ھو.
پراڻي سکر جي
درياهه مان ھڪ ننڍو واھه نڪري، موجوده ريلوي اسٽيشن تان ٿيندي، اچي ڏومڻ تلاءَ
۾ پوندو ھو، جتان ماڻھو فصل ۽ گهرو ڪم لاءِ پاڻي ڪتب آڻيندا ھئا.
جنهن کي انگريزن 1930ع جي قريب پورائي ڇڏيو. ھن وقت کيس سڪو تالاب
ڪوٺيو وڃي ٿو.
انھيءَ
دور ۾ پاڪستان اندر پهرين انگريز ڇانوڻي سکر ۾ جُڙي،
جنهن جو اسلحه خانو بکر جو قلعو ھو. فوجي آفيسرن لاءِ
ٽڪر تي بنگلا، فريڪ ھل، ملٽري ڪواٽر،
سيشن ڪورٽ واري عمارت
انگريز آفيسرن لاءِ ۽ بندر
روڊ وارو علائقو ڏيهي سپاھين جي رھائش لاءِ
مخصوص ھو. منزل
گاهه جي عمارت ۽ ان لڳ برٽش ريزيڊنسي ھئي،
جتي برطانيا جو اتر سنڌ لاءِ مقرر ٿيل پوليٽيڪل ايجنٽ رھندو ھو.
بعد ۾ شڪارپور ۽
ان بعد سکر ضلعي جو ڪليڪٽر برطانيا جي خيرپور رياست لاءِ
نمائندگي ڪندو ھو. جنهن جي رھائش لاءِ خيرپور ھائوس جڙيل ھو.
جيڪو ھينئر ھڪ سياسي نمائندي ليز ڪرائي، ان
هائوس
اندر پڻ پنهنجي طرفان وڏي اڏاوت ڪرائي آھي.
1845ع ۾ مليريا ڪري فوجي اموات ٿيا. ان بعد ھن ڇانوڻيءَ جي فوجين کي ٻئي ھنڌ
منتقل ڪيو ويو ۽
ڪجهه وقت بعد ڇانوڻيءَ کي بند ڪيو ويو ۽ فوجي عمارتون مختلف محڪمن کي الاٽ ڪيون ويون.
فيبروري
1843ع
۾
چارلس نيپئر ميرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قبضو ڪيو
ته
ان وقت تائين ڪجهه جايون نئين سکر ۾ فوجين لاءِ جڙي ويون ھيون ۽ ڪجهه
ڪاروبار
به پارسن بوھرن ۽ ھندن شروع ڪيو. ان وقت انگريزن کي اتي گذارڻ
لاءِ
ڪا تفريح ميسر ڪانه ھئي، ان لاءِ فوجي آفيسرن ۽ سول آفيسرن، جيڪي پڻ فوجي ھوندا ھئا.
سکر جي ٽڪر تي جيمخانو ۽ گرائونڊ تعمير ڪيو، جتي ھو واندڪائيءَ
۾
ڪٽنب سان گڏجي ڪري،
اتي راند ۽ ٻيا پروگرام ڪندا ھئا. 1845ع ۾ سکر اندر مليريا جي ڪري 500 فوجي ۽ سندن
فيملي ميمبر مري ويا، جنهن ڪري نيپئر فوج کي حيدرآباد ۽ ڪراچي منتقل ڪيو
ويو،
پر جيڪي ھتي سول ۽ ٻيا آفيسر رھجي ويا ھئا، اھي ھن جيمخاني کي آباد
ڪندا آيا. 1883ع ۾ شڪارپور ضلعي جو ضلعي ھيڊ ڪواٽر سکر کڄي آيو
ته
ان سان گهڻي آفيسر طبقي جي ھتي رھائش ٿي، ان دوران ريلوي ۽ ٻين محڪمن جا
به
وڏا دفتر کلي ويا. جنهن ڪري ھن جيمخاني کي چار چنڊ لڳي ويا،
جنهن ۾ شام جو ڊانس ۽ برٿ ڊي پارٽيون ۽ رانديون
کيڏيون وينديون ھيون،
جن ۾ صرف انگريز شرڪت ڪندا ھئا. جيمخاني سان گڏ گرائونڊ ۾ پڻ فٽبال ۽ ڪرڪيٽ کيڏي ويندي ھئي.
انهي گرائونڊ ۾ 1857ع واري بغاوت ۾ ھڪ ماڻھو کي
بغاوت جي الزام ۾ توب جي منهن ۾ وجهي،
موت جي سزا ڏني وئي ھئي.
ان وقت ھن جيمخاني ۾ چند
ڪمرا ھئا، جن ۾ بلئرڊ تاس ۽
گڏجاڻيون ڪيون وينديون هيون. ان سان گڏ لائبرري
پڻ هئي
۽ ٻاھر وڻ لڳل ھئا،
سندن وڏا پروگرام رات جو ٻاھر صحن ۾ ٿيندا ھئا. ھڪ ڪمري ۾ وڏو پيانو
رکيل
هوندو ھو.
جنهن جي وڃائڻ تي ھُو ڊانس ڪندا ھئا.
وڏيون ساگوان
جون الماريون ھيون، جن ۾ ڪتاب ۽ ڪراڪريءَ
جو سامان رکيل ھوندو ھو. ان دوران شھر جي آبادي وڌي ۽ ضلعي ھيڊ ڪواٽر ۽ بعد
۾
سکر ضلعو ٿيڻ ڪري، ھتي وڌيڪ ماڻھو رھائش
لاءِ ۽ ڪاروبار لاءِ
ڇڪجي آيا، انڪري ريلوي انتظاميا 1883ع
۾
ريلوي انسٽيٽيوٽ تعمير
ڪرايو، جيڪو انگريز ريلوي ملازمن لاءِ مخصوص ھو.
جنهن جي اڌ
حصي کي ضياءُالحق دور ۾ پراچا اسپتال جي اڏاوت لاءِ
ڏنو ويو.
1920ع
۾
ريلوي انگريز آفيسرن لاءِ سئمنگ پول تعمير ٿيو.
جيڪو ھينئر شادي ھال طور استعمال ٿئي ٿو.
جڏھن ريلوي گرم گودي جڙي
۽ اتي ريلوي آفيسرن جي رھائش جا بنگلا جڙيا
ته اتي
1886ع
جي قريب ريلوي آفيسر ڪلب جڙي. 1910ع
۾ ريلوي ملازمن لاءِ اسٽيشن تي برٽش
انڊين انسٽيٽيوٽ جڙيو. ان وقت ھندو سيٺن
به انگريزن کي ڏسي،
1899ع
۾
پراڻي سکر جي وڏي
ٺيڪيدار سيٺ نرسامل پنهنجي
نالي تي
”نرسامل جيمخانو“ تعمير ڪرايو، جنهن کي پاڪستان ٺھڻ بعد
”ھمايون
جيمخانو“ جو نالو ڏنو ويو.
1936ع
۾
ھندو سيٺن
”لڪومل گوپالداس ڪلب“ يورپين جيمخاني جي اتر ۾
تعمير ڪرائي، جيڪا پاڪستان ٺھڻ بعد آفيس ۾ تبديل ٿي.
ان بعد ڪسٽوڊين آفيس ۽ ان بعد ليبر آفيس ۽ ھاڻي
اتي ٽيليفون ايڪسچينج آھي.
يورپين جيمخاني کي وسيع ميدان ھو. ان زماني ۾ گرائونڊ (موجوده ميونسپل اسٽيڊيم) کي
به
ڪا ڀت ڪانه ھئي. جيمخاني ۽ گرائونڊ
جي وچ مان رستو ھو.
جيڪو سينٽ ميري ۽ لڪس پارڪ وچ ۾ ھو. 1938ع
۾
سندر شيوڪ سڀا وارن ڏيپچند رعايت مل
ڪاٺ جي
ڪرڪيٽ پويلين ان گرائونڊ ۾ جوڙائي، ميونسپل انتظاميا کي ڏني. جنهن بعد
۾
ھن ۾ ڇٻر ھنئي ۽ گرائونڊ کي
ڀت ڏياري. ان وقت گرائونڊ ڏکڻ کان
اتر
طرف هو. 1959ع ۽
1961ع جي درميان گرائونڊ اندر نئين پويلين تعمير ٿي ۽ گرائونڊ
جو رخ تبديل ڪري، اولهه کان اوڀر
طرف
ڪيو ويو ۽ ان ۾ غالباً جيمخاني جي زمين جو ڪجهه
حصو
به
آيو ۽ ٻاھرين طرف روڊ کي
به ڪشادو ڪيو ويو. ان دوران جيمخاني جي پراڻي عمارت کي
ڪيرائي، 1962ع
۾
نئين عمارت تعمير ڪئي وئي. جنهن تي ھڪ لک روپيو خرچ
آيو. جنهن جو افتتاح ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو ھو.
جيمخاني جي ڇت کي 1976ع يا
1977ع ۾ ويسٽ انڊيز جي 3 روزا ڪرڪيٽ ميچ دوران پليئر پويلين ڪيو
ويو ھو. جڏھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سکر لاءِ بينچ منظور ٿي
ته
پهرين جيمخاني جي عمارت اندر ڪورٽ ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ نئين عمارت تعمير
ٿيڻ
کان پوءِ ھتان شفٽ ٿي وئي، ان دوران جيمخاني اندر
مسلم ڪمرشل بينڪ وارن ھڪ وڏو بيڊمنٽن ھال جوڙائي
ڏنو. جنهن ۾ ٽيبل ٽينس جي پڻ
سهولت ھئي،
جيڪو ھئو
ته سکر جي پبلڪ لاءِ، جنهن کي ھڪ دروازو ميونسپل اسٽيڊيم کان
پبلڪ لاءِ ڏنو ويو ھو. بعد ۾ اھو جيمخاني جي ميمبرن لاءِ مخصوص ڪيو ويو
.
ھينئر ٽيون دفعو ھن جيمخاني جي نئين عمارت تعمير
ٿي آھي. جيڪا
تمام
خوبصورت ڏيک ڏئي ٿي. ھن وقت جيمخاني جي اندر ٽينس، اسڪاش، بلئرڊ، بيڊ منٽن، ٽيبل
ٽينس، سنوڪر، سئمنگ پول، واڪنگ ٽريڪ، ريسٽورينٽ
جي ميمبرن لاءِ ڪرائي تي ڪمرا ۽ بهترين لان آھي ۽
انتظاميه
جيمخاني کي ھن وقت بهتر طريقي سان
ھلائي رھي آھي. ھن وقت سندس سيڪريٽري ڊاڪٽر نويد پٺاڻ
آھي ۽ پريزيڊنٽ ڊپٽي ڪمشنر سکر آھي، جيڪا انگريز دور کان روايت ھلندي اچي ٿي،
اڳ ھن جيمخاني ڀرسان ھڪ وڏي عمارت ريلوي ھيڊ ڪواٽر
جي ھئي. جيڪا بعد ۾ لاھور کڄي
وئي.
19
جولاءِ 1919ع
۾
روھڙي ريلوي اسٽيشن لڳ ملٽري عملي جي ريل گاڏي کي
حادثو پيش آيو. جنهن ۾ ھن جيمخاني جا ست ميمبر اجل جو شڪار ٿيا
.
ھن وقت 17 گريڊ جي آفيسر لاءِ ميمبر شپ في 40 ھزار آھي ۽ ڪاروباري شخصيتن لاءِ
ميمبر شپ جي في 75 ھزار روپيا آھي. ھن جيمخاني جو پهريون نالو يورپين جيمخانو ھو،
پوءِ
آفيسر جيمخانو ھن وقت سکر جيمخاني جي نالي سان
سڏجي ٿو.
ميشرس جي.بي منگهارام ڪمپني سکر 1919ع ۾ سکر شھر
جي محلي باغ حيات علي شاهه ۾ 1919ع ۾ سيٺ منگهارام
جيوڻداس پمناڻيءَ پهريون بسڪيٽن ٺاھڻ جو ڪارخانو
جوڙايو. جنهن جا ٽي ڀائيوار ھئا.
سيٺ جيوڻ داس
سيٺ ٻالچند پمناڻي
سيٺ منگهارام پمناڻي.
ھن ڪارخاني ۾ بسڪيٽ، کٽمٺڙا، چاڪليٽ، دوائون،
ايلومينيم جا ٿانوَ ٺاھيا ويندا ھئا.
ان بعد 1937ع ۾ شڪارپور روڊ سکر ۾ ھنن ھڪ ٻي
فيڪٽري تعمير ڪرائي، جيڪا پهرين فيڪٽريءَ کان تمام
وڏي ۽ جديد ھئي. جتي بسڪيٽن کان علاوه ٿانون ٺاھڻ
لاءِ ٽامي ۽ پتل جون پليٽون به ٺاھڻ شروع ڪيون
ويون.
ٻي جنگ عظيم ۾ ھن ڪارخاني مان برطانوي فوج لاءِ
اسپيشل انرجي بسڪيٽ ٺاھڻ شروع ڪيا ويا، جيڪي
گلوڪوز مان ٺاھيا ويندا ھئا. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ
ھي بسڪيٽ ٻارن ۾ نهايت مقبول ٿيا. جنهن کي والدين
ٻارن جي نشونما لاءِ کين کارائيندا ھئا ۽ ايترا
لذيذ ھئا، جو ولايت به وڪامجڻ ويندا ھئا. ھن
ڪمپنيءَ جون ان وقت سکر، ڪراچي، بمبئي، ڪلڪتي ۽
دھليءَ ۾ براچون ھيون.
1940ع ۾ سيٺ منگهارام گواليار ھندستان آيو ۽
اتان جي رياست ھن کي اسپيشل ٽيڪس ڇوٽ ڏني ۽ ھن اتي
ھڪ نئون بسڪيٽ ٺاھڻ جو ڪارخانو جوڙيو. 1950ع ۾
ھيءَ ايشيا اندر بسڪيٽ ٺاھڻ جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني
ھئي. سيٺ منگهارام جي ديهانت بعد 1969ع، کان 1977ع
۽ 1983ع ۾ ھن ڪمپنيءَ جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ ھن
ڪمپنيءَ جا گهڻا شيئر برطانيا انڊسٽريز لمٽيڊ خريد
ڪري، جي بي منگهارام جو نالو بدلائي برطانيا بسڪيٽ
رکيو. جنهن جا بسڪيٽ سڄي دنيا ۾ مشھور آھن.
برطانيا بسڪيٽ ڪمپنيءَ جا مالڪ نسلي واڊيا پارسي
فيمليءَ وارا آھن، جنهن جو والد نيول واڊيا ۽
والده دينا واڊيا (قائداعظم جي دختر) ھئي. کيس ٻه
فرزند آھن، نيس واڊيا ۽ جهانگير واڊيا.
نسلي واڊيا ”واڊيا گروپ آف ڪمپنيءَ“ جو چيئرمين
ھو. جنهن ۾ برطانيا انڊسٽريز بنگلور بيس به شامل
آھي. جيڪا بسڪيٽ، ڪيڪ، ڊيري پروڊڪٽ ٺاھي ٿي، سندس
31 مارچ 2020ع ۾ 1.6 بلين ڊالر روينيو ھو. ھي
گواليار ايئر لائين جو پڻ چيئرمين آھي. سندس اثاثا
8.71 بلين ڊالر آھن، ھن ايئر ھوسٽس مورين سان
شادي ڪئي. جنهن شادي کان پهرين مس انڊيا جي مقابلي
۾ شرڪت ڪئي ھئي. ھن خاندان جو اصل ڪاروبار ميرين
ڪنسٽرڪشن جو ھو، جيڪو برٽش دور کان شروع ٿيو، سندس
پٽ نيس واڊيا انڊين اداڪارا پريٽي زنٽا سان پنجاب
ڪنگس ڪرڪيٽ ٽيم جو پاٽنر ھو. 2014ع ۾ سندن وچ ۾
ڪجهه اختلاف به منظر عام ٿيا ھئا.
2017ع برطانيا ڪمپني اعلان ڪيو ھو ته اسين ھڪ
وڏو بسڪيٽ جو ڪارخانو مھاشاسٽرا رياست ۾ ھڻنداسين.
سيٺ منگهارام، جيوڻ داس پمناڻيءَ جو پوٽو سڌارٿ
منگهارام
siddharth
پنهنجي وال تي لکي ٿو ته، سندس والد 1943ع ۽ والده
1947ع ۾ سکر شھر ۾ ڄاوا ھئا. پاڻ 1974ع ۾ ڄائو، ھن
وقت سندس خاندان وارا ھندستان اندر بينگلور،
بمبئي، آمريڪا، سنگاپور ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آباد
آھن.
جي بي منگهارام ڪمپنيءَ جو چيئرمين ڀائو سيٺ جي
ڪشنچند پمناڻي 30 جون 2016ع ۾ ديهانت ڪري ويو.
ورھاڱي کان پوءِ سکر شھر ۾ سندن شڪارپور روڊ واري
فيڪٽري حڪومت پاڪستان ايويڪيو پراپرٽي ظاھر ڪئي ۽
اھا ھندستان کان آيل محمد يعقوب کي الاٽ ڪئي. جنهن
ھتي ساڳيو ڪم يعني بسڪيٽن ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع
ڪيو، بعد ۾ ھن ڪارخاني کي بلڊرس حوالي ڪيو ويو،
جتي ھن وقت سٽي بنگلا ٺھيل آھن ۽ پاڻ سائيٽ سکر
اندر بسڪيٽ ۽ بريڊ ٺاھن ٿا.
باغ حيات علي شاهه واري فيڪٽري ھندستان کان آيل ھڪ
عورت کي الاٽ ٿي، جتي مون معلوم ڪيو ته پتاشا ۽
کٽمٺڙا ٺاھيا وڃن ٿا.
سيٺ منگهارام جو سکر شھر اندر محل نما گهر اولڊ
پاور ھائوس لڳ قاسم پارڪ جي سامهون خيرپور ھائوس
(ھن وقت ڪنهن سياسي شخصيت ھن کي ليز تي حاصل ڪيو
آھي. ڪنهن زماني ۾ ھن عمارت جو جلندر خان نالي
پٺاڻ چوڪيداري ڪندو ھو) جي ڏکڻ ۾ آھي. جيڪو ھن سکر
جي مشھور وڪيل ھمٿ سنگهه جو بنگلو خريد ڪري، ان کي
ڊھرائي پنهنجي رھائش گاهه تعمير ڪرائي ھئي.
1955ع ۾ جڏھن اسلاميا ڪاليج شروع ٿيو ته سندس ھڪ
حصي ۾ ڪلاس ورتا ويندا ھئا، جيستائين موجوده ڪاليج
جي عمارت تعمير ٿي.
سکر ۾ ميشرس جي بي منگهارام ڪمپنيءَ جي سيٺن جا
مالڪ ھندو نوجوان برادر منڊل جا مکيه ڪم ڪندڙ ھئا.
سيٺ جيوڻ داس انبومل وديالهه، ڪنيا پاٽشالا، ويڙھو
مل پستڪاليهه، سيٺ ٻالچند مينگهراج بئنڊ، درئميٽڪ
سوسائٽي، ويدڪ اسپتال، سيٺ ڀوجراج ماکيجا پارڪ
(خاص ٻارن لاءِ) ھن تنظيم جو جنرل سيڪريٽري ڀائي
کيمچند گوڙومل ھو، ھيءُ تنظيم 1930ع ۾ برپا ٿي.
ھيءُ ڪٽنب اصل ۾ پريالو ضلعي خيرپور جا رھائشي
ھئا، جتي اڄ به سندن ڇڏيل عمارتون بيٺل آھن.
نئون
ڪتاب
ڪتاب:
ثاقب جي آئيسڪريم
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
موضوع:
ٻاراڻوادب (ڪهاڻيون)
ڇاپو پهريون: 2023ع
تعداد:
پنج سئو
قيمت: -/200 روپيا
ڇپائيندڙ:
محمد موسيٰ ڏيپلائي اڪيڊمي حيدرآباد
ڇپيندڙ: چاونڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي |