سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڪراچي

 

 

سنڌ ۾ نقشبندي فڪر جو ترجمان

سيد نور محمد شاهه ڪُنڍائي

سنڌ جو ساهتي پرڳڻو تاريخي لحاظ سان علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي، جنهن لاءِ ڏهين صدي هجريءَ اندر تاريخ معصومي موجب درٻيلي جو نالو ملي ٿو. مير معصوم مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي (وفات:1002ھ) جو نالو کنيو آهي. موجوده ضلعو نوشهروفيروز تقريباً ان ساڳي علائقي تي مشتمل آهي.

نوشهروفيروز کان اتر طرف چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قومي شاهراھ جي اولھ ۾ ڪنڍاکاهي ڳوٺ ۾ سيد نور محمد شاھ جو مقبرو موجود آهي، جتي سندس مقبري تي وصال جو سال 1207ھ لکيل آهي، جيڪو هاڻي تحقيق جي روشنيءَ ۾ 1270ھ ثابت ٿيو آهي.

سيد نور محمد شاھ جي ڄمڻ جو سال به تصديق سان معلوم نه آهي، پر اندازي سان اهو سال 1180ھ مقرر ڪيو ويو آهي.(1) روايت آهي ته نور محمد شاھ جو جنم سيد محمد اسحاق جي گھر پنهنجي اباڻي ڳوٺ پراڻا تڳر ۾ ٿيو، جيڪو موجوده ٺاروشاھ جي پسگردائيءَ ۾ هو. جتان پوءِ اهو خاندان غالباً درياءَ جي رخ مٽائڻ ڪري لڏي اچي ڪُنڍاکاهيءَ ۾ رهڻ لڳو. نور محمد شاھ جي ابتدائي تعليم کاهي راهو جي مشهور عالم قاضي ميان شاھ محمد جي مدرسي ۾ ٿي. تنهن کان پوءِ وڌيڪ تعليم کوڙا ڳوٺ تعلقه نوشهروفيروز جي مدرسه يعقوبيه ۾ ٿي. ليڪن علم جي تحصيل خواجه قاضي احمد قريشي دمائي جي مدرسي ۾ ڪيائين، جتي سندس هٿ تي بيعت ڪري نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو.

        سيد نور محمد شاھ علم جي تحصيل ۽ روحاني سلوڪ ۾ ڪماليت حاصل ڪرڻ بعد موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو، جتي هڪ مسجد ۽ مدرسي جو بنياد رکيائين. روايت موجب مسجد جي تعمير ۾ پاڻ مزدورن وانگر ڪم ڪيائين. جلد ئي سندس مدرسي جي شهرت گھڻو پکڙجي وئي ۽ ان سان گڏ هن روحاني فيض جو سلسلو به جاري رکيو. اهو زمانو هو جڏهن درٻيلي جي مخدوم خاندان مان مخدوم عبدالواليءَ وٽ سندس گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جيڪو خواجه قاضي احمد دمائي کان دست بيعت ۽ هن جو وڏو عقيدتمند هو. خواجه قاضي احمد سال 1223ھ ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ مخدوم عبدالوالي جڏهن 1224ھ ۾ وفات ڪئي ته نور محمد شاھ جو تعلق ان خاندان جي ٻين فردن سان وڌيڪ مضبوط ٿيو. بلڪ ان خاندان مان ڪيترا فرد نورمحمد شاھ کان دست بيعت ٿيا، جن ۾ شرح شجره مخدومان درٻيلا جو مصنف ميان علي گوهر بن مخدوم جعفر درٻيلي خاص طور قابل ذڪر آهي جنهن اهو شجره پنهنجي خاندان جي مختصر احوال سميت 1278ھ ۾ لکيو. هُو مخدوم عبدالوالي بابت نورمحمد شاھ جي زباني هن ريت نقل ڪري ٿو: و نيز اين فقير از مولانا مقتدنا جناب حضرت شاه خواجه نور محمد شاه ڪندهائي که هم مجلس مخدوم بودند، شنيده بود که زبان مخدوم عبدالوالي بي شک و شبه بمثل لوح محفوظ بود که بارهاي تجربه ديده بوديم که بشرط لفظ دعا گفتن حاجت بسرمي آمد. يعني هن فقير پنهنجي مرشد حضرت خواجه نورمحمد شاھ ڪنڍائي کان پاڻ جيڪو مخدوم صاحب جو خاص دوست هو، ٻڌو هو ته مخدوم عبدالواليءَ جي زبان بنا شڪ شبهي لوح محفوظ مثل هئي جو اسان کي ڪيترا ڀيرا تجربو ٿيو ۽ ڏٺوسين ته دعا جا لفظ چوڻ شرط مراد ۽ مقصد پورا ٿي ويندا هئا.

        مخدومان درٻيله جي ٻئي مخدوم محمد ادريس جي وري شجره مخدومان درٻيلا ۾ نور محمد شاھ بابت هيءَ روايت ملي ٿي: خواجه قاضي احمد دمائي قدس سره جن جي مڙني خليفن ۾ اسان جو مرشد قطب الاقطاب سيد نور محمد شاھ ڪنڍائي وڏو خليفو هو. سندس ڪرامتون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن، جن جي زبان کي طاقت ناهي. هن وليءَ ڪامل جي دروازي تي جيڪو به آيو ته بخت وارو ٿي ويو. الله جو شڪر آهي ته هن گنهگار ٻانهي محمد ادريس بن عبدالنبي درٻيلائيءَ کي سندس صحبت نصيب آهي، اهو فخر اسان لاءِ ڪافي آهي.(3)

        مخدوم عبدالواليءَ جي وفات بعد مخدوم محمد علي (وفات: 1226ھ) ٿوري وقت لاءِ گادي نشين ٿي جلد گذاري ويو، جنهن کان پوءِ مخدوم جعفر ولد عبدالواحد گادي نشين ٿيو. سندس دستاربندي خواجه محمد صالح قريشي دمائي (1201ھ - 1232ھ) جي هٿان ٿي، جنهن ۾ سيد نور محمد شاھ ۽ سيد محمد عاقل شاھ هالاڻيءَ وارو به شامل هئا. شرح شجره مخدومان درٻيلا موجب جنهن جو مصنف مخدوم علي گوهر، مخدوم جعفر جو پٽ آهي. پاڻ لکي ٿو ته جڏهن مخدوم جعفر 1268ھ ۾ مرض الموت جي حالت ۾ هو ته نور محمد شاھ کي دعا شفا لاءِ عرض ڪيو ويو. سندس الفاظ هن ريت آهن: در سن 1268ھ حضرت مخدومنا بيمار شد بشرط ناچاک شدن مرا بطرف شاه صاحبان کندهائي روانه فرمودند. يعني سن 1268ھ ۾ اسان جو حضرت مخدوم بيمار ٿيو ته مون کي شاھ صاحب ڪنڍائي ڏانهن روانو ڪيائون.

        شرح شجره مخدومان درٻيلا جي لکڻ موجب مخدوم جعفر صفر مهيني جي 19 تاريخ تي وفات ڪئي، کيس غسل ۽ جنازي نماز نور محمد شاھ پڙهائي. ٽئين ڏينهن تي سندس فرزند مخدوم عبدالوالي ٻيو (وفات: 1288ھ) کي دستار ٻڌرائي وئي ته ان موقعي تي درگاھ قاضي احمد جو گادي نشين خواجه نورالله قريشي دمائي (وفات: 1295ھ) ۽ سيد نور محمد شاھ موجود هئا.

        شجره مخدومان جي مٿين عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته نور محمد شاھ جو روحاني تعلق پنهنجي مرشد خاندان خواجه قاضي احمد ۽ سندس پونيرن سان برقرار رهيو ۽ اهوئي دؤر هو، جڏهن درٻيلي جي مخدوم خاندان جا ڪي فرد کانئس دست بيعت ٿيا. فارسي خطن ۾ هڪ خط جنهن ۾ خواجه قاضي احمد جي گادي نشين خواجه محمد صالح ڏانهن اشارو آهي جنهن جي وضاحت ڪاتب ڪئي آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته نورمحمد شاھ قاضي احمد درگاھ کي وڏي مرشد جي حيثيت سان ڏسندو رهيو جيئن سندس حد درجي جي انڪساريءَ مان ظاهر ٿئي ٿو جو پاڻ کي سندن اجازت جو تابع سمجھي ٿو، بلڪ هڪ خط جنهن جو مخاطب درٻيلي جو مخدوم جعفر آهي، ان ۾ حضرت دمائي خود جي نصيحت جو حوالو ملي ٿو ان مان مراد خواجه محمد صالح ئي آهي.

        اهڙيءَ طرح قاضي پير بخش خانائي ڏانهن اٺاويهن خط ۾ ڄاڻايل آهي ته خواجه قاضي احمد سالڪن جي رهنمائي ڪيئن ڪندا هئا. خاص طور جڏهن اهي قبض جي حالت ۾ سلوڪ ۾ اڳتي وڌڻ کان رڪجي پوندا هئا. مڪتوب ٽيهين ۾ وري ان طرف اشارو آهي ته سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ وارا ڪن صورتن ۾ سالڪن کي ستن ڏينهن ۾ به سلوڪ طيءِ ڪرائي وٺندا هئا. سلطان الاولياء سان انتهائي عقيدت جو اظهار انهيءَ ساڳئي مجموعي جي ٻئي خط مان به ٿئي ٿو، جنهن ۾ پنهنجي خواب جو بيان ڪري ٿو جو اهڙي مرحلي تي ملائڪن کي به ذڪر ۾ مشغول ڏسي ٿو.

        سيد نور محمد شاھ جي آخري بيماريءَ جو ذڪر به شجره مخدومان ۾ ملي ٿو، جڏهن شاھ صاحب کاهي راهوءَ جي هڪ زميندار مريد جي گهرواريءَ جي جنازي نماز پڙهائي، جنهن کان پوءِ اوچتو گھڻو بيمار ٿي پيو. شجره مخدومان جو مرتب لکي ٿو: جڏهن اسان سندن طبيعت جو ٻڌو تڏهن مخدوم عبدالواحد، قاضي بخش علي (مخدوم عبدالوالي ٻيو) ۽ هي مسڪين (مخدوم محمد ادريس بن عبدالنبي) ٽئي ڄڻا دروازي تي حاضر ٿياسون. اسان کي اندر اچڻ جو حڪم ٿيو. عبدالواحد شاھ صاحب کي تمام پيارو هو. ان کي ۽ اسان کي مخاطب ٿي فرمايائون ته مائي صاحبه تي عذاب هو. هن واقعي کان ٺيڪ ايڪويھ ڏينهن پوءِ شاھ صاحب دار البقا ڏانهن انتقال فرمايو.

        سيد نور محمد شاھ 21 ربيع الثاني 1270ھ مطابق 21 جنوري 1854ع تي وفات ڪئي. شرح شجره مخدومان درٻيلا موجب سندس وفات تي مخدوم ميان مير اول هيءَ عربي مصرع چئي:

هو موحد رضي الله عنہ

1270ھ

سيد نور محمد شاھ جو سنڌيءَ ۾ پهريون مختصر رسالو قواعد المعرفت ملي ٿو، جنهن کي حقيقت معرفت به چيو ويو آهي. اهو الف اشباع جي صورت ۾ هڪ ڊگھو نظم آهي جيڪو 120 مصراعن تي مشتمل آهي. ٻوليءَ جي لحاظ کان اهو فصيح ۽ سليس آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ ۾ هن قسم جي عبارت کي ڪبت يا الف اشباع وارو نظم ڪوٺيو ويو آهي. ليڪن حقيقت اها آهي ته سنڌيءَ ۾ اها دراصل اوائلي نثر جي صورت آهي، جنهن کي نظم نه چوڻ کپي. اسان جي تحقيق موجب سنڌي نثر جي اها صورت قرآن شريف جي عربي نثري صورت کان متاثر ٿي اختيار ڪيل ڏسجي ٿي، جنهن جي تمام گھڻين آيتن ۾ الف قافيي طور نظر اچي ٿو. قواعد المعرفت جو موضوع نقشبندي سلسلي جي مبتديءَ لاءِ نقشبندي اصطلاحن جي سمجھاڻي آهي. هڪ لحاظ کان مصنف جي اها قابليت آهي جو نقشبندي سلسلي جي فني (Technical) اصطلاحن کي سولي سنڌيءَ ۾ ايڏي مختصر انداز ۾ سمجھائي سگهيو آهي. انهن اصطلاحن جون اهي مختصر توڙي طويل سمجھاڻيون نقشبندي سلسلي جي ڪتابن ۾ ملن ٿيون. هتي صرف ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نقشبندي سلسلي جا اٺ اصطلاح جن کي دراصل بنيادي اصول (Fundametals) سمجھڻ گھرجي. خواجه بهاءَالدين نقشبند جنهن ڏانهن هي سلسلو منسوب آهي، ان جي مرشد خواجه عبدالخالق غجدواني (وفات:575ھ) تجويز ڪيا هئا. اهي هن ريت آهن:

1. هوش دردم، 2. نظر بر قدم، 3. سفر دروطن، 4. خلوت در انجمن، 5. ياد کرد، 6. باز گشت، 7. نگاه داشت ۽ 8. ياد داشت.

انهن مٿين اصولن ۾ خواجه بهاءَالدين پاڻ ٽن وڌيڪ اصولن جو اضافو ڪيو، جيڪي هن ريت آهن:

وقوف زماني، وقوف قلبي ۽ وقوف عددي.

        سيد نورمحمد شاھ جي هن نظم ۾ انهن سڀني يارهن جي سمجھاڻي ڏني وئي آهي، بلڪ ان کان علاوه ڪجھ ٻيا اصطلاح به اچي وڃن ٿا جھڙوڪ: پاس انفاس، سير انفسي، سير آفاقي، قبض، قسوت، عود، بي دانش، سير في الله، سير اسماء و صفات، اندراج النهايت في البدايت.

        يادر رکڻ گھرجي ته طريقت جا صاحب سالڪ کي سلوڪ جي شروعات هر قسم جي گناهن کان توبه سان ڪرائيندا آهن. نورمحمد شاھ هن نظم ۾ به اهوئي طريقو اختيار ڪيو آهي، ان کان پوءِ فوراً نماز جي پابنديءَ ۽ ان جي ضروري مسئلن جي ڄاڻ بابت ٻڌائي ٿو. ان سان گڏ هو نقشبندي طريقي جي اصولن جا نالا کڻي انهن جي مختصر وضاحت ڪرڻ شروع ڪري ٿو.

وقوف قلبي، هوش در دم، نظر بر قدم، خلوت در انجمنا
وقوف زماني، سفر در وطن، نگهداشت،
ياد داشت، پاس انفاس، مڙئي احڪام طريقت جا

        اڳتي نظم ۾ هر هڪ اصطلاح جي مختصر ۽ تفصيلي سمجهاڻي ملي ٿي. اسان هتي چند مثالن تي اڪتفا ڪريون ٿا.

پهريائين وقوف قلبي جي باري ۾ چوي ٿو:

سکي صحيحا معنيٰ وقوف قلبي جي اها چون ٿا
واقف ڏسندڙ قلب تي هؤي هميشا

ائين ياد داشت جي باري ۾ چوي ٿو ته اها اسم ذات متعلق آهي: جيئن ياداشت اسم ذاتي ٿئي محڪم انهيءَ طريقا هوش در دم جو مطلب پنهنجي هر پساھ کان واقف هجڻ آهي. ان ڪري چوي ٿو:

هوش دردم جو واقف پنهنجي ساھ تي هوندو هميشا

ائين نظر در قدم بابت ٻڌائي ٿو:

نظر بر قدم سالڪ وقت مسلڪ جي رکندو نظر پير مٿا

خلوت در انجمن جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو:

خلوت در انجمن جي ڪيائون هيءَ معنيٰ
سالڪ مجلس ۾ هجي مثل خالي مقاما

ان کان پوءِ اچي ٿو وقوف زماني ان لاءِ چوي ٿو:

وقوف زمانيءَ جي آهي هيءَ معنيٰ
جيئن سڀ ڪنهن ساعت ڪري حسابا
تڪميل دل جو طاعت ڏي ڪ ڏهون گناها

سفر در وطن جي باري ۾ وري هيئن چيائين:

سفر در وطن جي ڪيائون هيءَ معنيٰ
جيئن عادتون بشريت جون مٽي مطلقا

يعني ان جو مطلب بشري عادتن جو مٽجڻ آهي، جنهن سان اها ڪيفيت حاصل ٿئي ٿي. نگھداشت، ياد داشت ۽ پاس انفاس جي باري ۾ چوي ٿو:

نگهداشت، پاس انفاس جي آهي ڪالفرضا
صورت
ياد داشت جي هي معني ڪرن ٿا
دوام آگاهي حق جي هوندو سالڪا

اهڙي طرح قواعدالمعرفت ۾ ڪجھ ٻين بنيادي اصولن يا اصطلاحن جي سمجهاڻي به ملي ٿي جن ۾ عين اليقين، حق اليقين، ڪبريت احمر، قبض، بسط، علم حصولي، علم حضوري ۽ انهن جي فنا، جهل مرڪب، سير آفاقي ۽ ٻيا مختلف سير جيئن سير في الله وغيره ۾ انهن جي نبين جي ولايتن سان مناسبت، آخر ۾ نهايت جي نقطي تائين رسائي جنهن کي وراء الورا ۽ تنزيھ جو سلوڪ ڪوٺي ٿو.

هتي هڪ دفعو وري اها وضاحت ڪري ڇڏجي ته سمورو نقشبندي مواد ۽ تصنيفون انهن اصولن جي سمجهاڻي ۽ وضاحت تي مشتمل آهن. البت هر ڪنهن جو طريقو ۽ انداز مختلف آهي. سيد نورمحمد شاھ جي پنهنجي هنن سڀني نظم نما تصنيفن جنهن ۾ گوهر شب چراغ، ڪتاب سلوڪ، مائي صاحبه ڏانهن خط يا ميان عيسي فقير ڪيريي ڏانهن لکيل خطن جو تعلق آهي ته انهن سڀني ۾ ساڳيو موضوع آهي. اتي به انهن اصولن جي سمجھاڻي هر ڀيري مختلف انداز ۾ ۽ مخاطب جي ضرورت ۽ سطح کي مد نظر رکي گويا عملي سمجھاڻي ڏني وئي آهي. وري جڏهن فارسي خطن جو مطالعو ڪجي ٿو ته انهن ۾ به اهو ساڳيو موضوع نظر اچي ٿو.

هاڻي اسان مائي صاحبه ڏانهن سنڌيءَ ۾ لکيل ٻاهٺ خطن مٿان سرسري نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. انهن مان گھڻي ڀاڱي ساڳيا خط اهي آهن جيڪي نورمحمد شاھ جي خليفي ميان عيسيٰ ڏانهن به ملن ٿا. خطن لکڻ جو مقصد طالبن جي عملي رهنمائي ڪرڻ نظر اچي ٿو تنهن ڪري انهن ۾ ورجاءِ (Repetition) به اڪثر نظر اچي ٿو، جيڪو انهيءَ صورتحال جو لازمي نتيجو آهي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته امام ربانيءَ جي مڪتوبات ڪل تعداد (536) بعد ۾ سندس پٽن خواجه معصوم ڪل تعداد (652) ۽ خواجه محمد سعيد ڪل تعداد (100) آهي توڻي انهن کان پوءِ هن خاندان جي ٻين فردن جن هن روايت کي قائم رکيو اتي به اها ڳالھ نظر اچي ٿي. اهو ورجاءُ ان ڪري به اڻ ٽر ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ مخاطب مختلف هئا پر موضوع ساڳيو هو يا ساڳئي مسئلي بابت رهنمائي ڪرڻ مقصد هئي.

نقشبندي طريقي جي تاريخ ۾ عورتن کي سلوڪ جي تعليم ڏيڻ واسطي مڪتوبات جو رواج پڻ انهن بزرگن وٽ ملي ٿو. امام ربانيءَ جي مڪتوبات ۾ هڪ خط ملي ٿو جنهن ۾ ان عورت جو نالو ڄاڻايل ڪونهي بلڪ صالحه ڪري ڄاڻايو ويو آهي.اهڙيءَ طرح مجدد الف ثانيءَ جي پوٽي خواجه عبدالاحد جا ڪجھ خط اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءَ ڏانهن ملن ٿا.

مائي صاحبه ڏانهن پهريون مڪتوب انتهائي دقيق آهي جو ان ۾ نورمحمد شاھ امام ربانيءَ جي ننڍي رسالي مبداء معاد جا اصطلاح ۽ عبارتن ذريعي پنهنجو مقصد بيان ڪيو آهي. ان جي شروعات ۾ هو نڪته نهايت، ذات بحت ۽ سلوڪ نظري جي هن ريت ڳالھ ڪري ٿو:

بعد ان جي سلوڪ نظري شعور جهل سان ٿو ٿئي بيانا
ڏهون قيد فڪر فهم خيال جي آهي منجھه بي ڪيفيتا
مگر امانت سرّ ذات بحت جو آهي معرّا بيچونا
نه تجلي، نه شهود، نه لذت، نه فنا، نه بقا
ڏهون شيونات اعتبارات صفات من حيث آهي اشارة بي اصلا
اي مڙئي حجاب ذات جو آهي تجلي صفاتئا

هتي هو چوي ٿو ته سلوڪ نظري جهل (فنا) جي ڪيفيت سان جاري ٿئي ٿو، ڇو ته اهو سمجھ ۽ هر قسم جي خيال کان مٿي آهي. اهوئي ذات بحت جو ڳجھ آهي. اتي نه آهي تجلي، نه شهود، نه لذت، نه فنا ۽ بقا، اهي سڀ ذات بحت جا حجاب آهن ڇو ته اها بارگاھ اسما و صفات، شيُون ۽ اعتبارات جي تصور کان خالي آهي.

امام رباني اهو تصور مبداء معاد جي 6 - منها ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:

سير الي الله جو مطلب اسماء الاهي ۾ ان اسم تائين سير ڪرڻ آهي جيڪو ان سالڪ جو مبدا تعين آهي. سير في الله مان مراد ان اسم ۾ سير ڪرڻ آهي جيڪو ان ذات احديت جي بارگاھ وٽ پورو ٿئي ٿو ۽ اها ذات المجرّدة عن اعتبار الاسماءِ والصفات والشيون والاعتبارات يعني: اها ذات اسماءَ، صفات، شيون ۽ اعتبارات جي تصور کان خالي آهي.

اڳتي وري سير عن الله بالله جي سمجھاڻي ڏيندي امام رباني چوي ٿو:

ان لحاظ سان سير الي الله کان سواءِ سير في الله بلڪل حاصل نٿو ٿي سگهي، ڇو ته جيڪو سير ذات بحت ۾ آهي ان جو نقطه نهايت النهايت تصور کان ٻاهر آهي. ٻيو ته ان نقطي تي پهچڻ سان ئي سالڪ کي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو. ان کي ئي سير عن الله بالله چون ٿا.

        مٿين ٻنهي عبارتن مان اندازو ٿئي ٿو ته نورمحمد شاھ امام ربانيءَ جي فڪر کي هر وقت سامهون رکي ٿو ۽ اهي ئي اصطلاح ۽ اصول ساڳيءَ ريت بيان ڪري ٿو. مطلب امام ربانيءَ جو فڪر ئي سندس اصلي ۽ بنيادي ماخذ آهي.

مائي صاحبه توڻي ميان عيسيٰ ڏانهن خطن ۾ ٻيو موضوع جيڪو بار بار زير بحث اچي ٿو، اهو علم حصولي ۽ علم حضوري آهن ۽ انهن جي زوال مان ڪهڙي مراد آهي. امام ربانيءَ پنهنجي مڪتوبات ۾ هن موضوع تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا بحث ڪيو آهي. علم حصولي ۽ علم حضوريءَ جي بهترين سمجھاڻي دفتر سوم جي مڪتوب - 48 ۾ ملي ٿي ۽ اهو خط امام ربانيءَ پنهنجي پٽ خواجه محمد سعيد کي لکيو آهي. چوي ٿو:

علم حصولي درحقيقت شيءِ جي ذات جو علم نه بلڪ ان شيءِ جي هڪڙي صورت جو علم هوندو آهي ۽ ان ڪري اهو ان شيءِ جي ذات جي گھڻو ويجھو آهي پر ان وقت شيءِ جي صورت سامهون نه هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو علم حصوليءَ ۾ خدا جي ذات ۽ صفات بابت ڪا ڄاڻ نٿي ملي. علم حضوريءَ ۾ خدا جي ذات سان هڪ قسم جو تعلق قائم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو رويت (خواب ۾ ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ) وانگر آهي. ان جي نوعيت هڪ قسم جو انڪشاف آهي، باقي ان ۾ به ادراڪ ڪونهي. لذت واسطي انڪشاف جو علم ڪافي آهي ۽ جيڪو ادراڪ آهي ته ان جي ڪيفيت بيان ڪري نٿي سگهجي.

ساڳئي دفتر جي وري مڪتوب - 60 ۾ آفاق ۽ انفس جي حوالي سان علم حصوليءَ ۽ علم حضوريءَ جي زوال جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته:

آفاق جو نسيان (گم ٿيڻ) قلب جي فنا سان واسطو رکي ٿو ۽ انفس جي فنا نفس امارہ (حاضر) جي فنا تي مدار رکي ٿي. پهرئين قسم جي فنا ۾ علم حصوليءَ جو زوال آهي، جڏهن ته ٻئي قسم جي فنا ۾ علم حضوريءَ جو زوال شامل آهي.

نورمحمد شاھ مائي صاحبه ڏانهن پنجين خط ۾ علم حصوليءَ حضوريءَ جي زوال بابت اها ساڳي حقيقت ورجائي ٿو:

جڏهن علم حصولي حضوري زائل ٿيو بلڪل دل کا
تڏهن واصل بالله ٿيو ذات سين ڪامل عارفا

خط ستين ۾ پورو پس منظر ڏئي ان جي سمجھاڻي ڏئي ٿو، جڏهن مائي صاحبه جي خط ۾ ان طرف اهڙو اشارو ملي ٿو:

منجھ علم حصولي ۽ حضوري جي هُيوَ لکي اشارتا
پر فنا ٿيڻ علم حصولي ۽ حضوري آهي مشڪل عظيما

اڳتي چوي ٿو:

پر اول علم حصولي جي فنا آهي شرط سالڪ کا

علم حضوريءَ جي زوال جو ڪهڙو اثر ٿيندو، ان بابت چوي ٿو:

علم حضوري جنهن کي سالڪ چون ٿا
بعد فنا جي عيناَ اثراَ ٿيندو زوال نفس حاضرا

خط نائين ۾ چٽيءَ طرح ٻڌائي ٿو ته علم حصولي ۽ حضوريءَ جي زوال سان ئي سلوڪ نظري حاصل ٿيندو آهي جنهن کي علم نڪته نهايت به ڪوٺي ٿو:

مٿي معنيٰ علم حصولي حضوري ڪجھ فنا قابلا
علم حضوري علم سالڪ جو سڀن صفتن سا
علم حضوري پنهنجو آهي فنا ڪرڻ واجب سالڪ کا
بعد انهيءَ جي سلوڪ نظري ٿيندو حاصلا
پوءِ سلوڪ نظري جي ناھ نهايت ڪا
علم نڪتي نهايت جو آهي حاصل ان وقتا

اهڙيءَ طرح ٻين خطن ۾ پڻ علم حصولي ۽ حضوريءَ جي زوال جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي سالڪ جو مقصد ڄاڻايو ويو آهي بلڪ ان کي نورمحمد شاھ پنهنجي خاص اصطلاح گوهر شب چراغ طور واضح ڪيو آهي، جيڪو پڻ انهن خطن ۾ ڪيترا دفعا ملي ٿو. خط ويهين ۾ چوي ٿو:

مقصود اوهان کي قرب حق جو سو آهي حاصلا
پر قدر گوهر شب چراغ جو هوندو عارف کا
بعد زوال علم حصولي ۽ حضوريءَ جي آهي مڙئي معرفتا

خطن جا ٻيا موضوع مراقبو ۽ ان جا لوازمات يا عملي سمجھاڻي، ذات بي مثل ۾ سالڪ جو سير، ياد داشت، ذڪر جي ترتيب ۽ ترغيب، کاڌي پيتي جي ضروري پرهيز وغيره آهن، جيڪي پڻ نقشبندي فڪر مطابق آهن ۽ انهن جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. ڪجھ خطن مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ان وڏي مائي صاحبه سان ٻين اهڙين ماين جو حلقو هو جيڪي پڻ سلوڪ ۾ داخل هيون، انهن جا نالا کڻي اهڙيون هدايتون ڏنل آهن:

مائي حوا، مائي خيري سان هجو همراها
مائي حوا سين گڏ هجو منجھ مسجد مشغولا
مائي بصران کي وٺي اچي ٿيو مشغولا
پوءِ صحبت مائي مريم سان ڪجو وڃي انهي جاء

هتان معلوم ٿئي ٿو ته نورمحمد شاھ هڪ مرشد جي حيثيت ۾ ايڏي شهرت حاصل ڪئي جو ان علائقي جون عورتون مراقبي جي مشغولي ڪرڻ لڳيون، جيڪو سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو اڪيلو مثال آهي. انهن عورتن جو اهو مراقبو گھرن کان سواءِ مسجدن ۾ به هو جنهن جو ذڪر مٿي ملي ٿو.

خط 33 مان اندازو ٿئي ٿو ته اها خط و ڪتابت نورمحمد شاھ جي پڇاڙي عمر تائين جاري رهي جو ان ۾ پنهنجي پيري يعني ضعيف العمريءَ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ مائي صاحبه کي دعا لاءِ چوي ٿو بلڪ دعا جا اهي الفاظ عربيءَ ۾ ڏانهس انهيءَ خط ۾ لکي موڪلي ٿو.

سيد نورمحمد شاھ جا خليفي ميان عيسيٰ فقير ڏانهن جيڪي ڪُل 56 خط ملن ٿا انهن مان 42 خط اهڙا آهن جيڪي ساڳيا مائي صاحبه ڏانهن پڻ ملن ٿا، انهن جو تقابلي مطالعو ڪري اسان چوڏهن خط الڳ ڪيا آهن جيڪي مختلف آهن. انهن جو موضوع به اهو ساڳيو مائي صاحبه وارو آهي البت هتي هو ميان عيسيٰ کي خليفو چئي مخاطب ٿئي ٿو. جنهن جو مطلب هو ان کي خليفو قرار ڏئي ٿو. هن سلسلي جو پهرين خط نهايت مختصر مگر جامع آهي جنهن ۾ علم حصولي ۽ حضوريءَ جي فنا ٿيڻ کان پوءِ سالڪ جي پنهنجي ذات جي فنا جنهن ۾ فنا قلبي خاص طور شامل آهي. ان کي ولايت ولين جي ڪوٺي ٿو. ان کان پوءِ سلوڪ نظري جنهن کي ولايت نبين جي جو نالو ڏئي ٿو، جتي فنا حقيقي حاصل ٿئي ٿي.

ميان عيسيٰ ڏانهن يارهون خط قابل ذڪر آهي جو ان ۾ ولين جي ولايت کي ولايت صغريٰ ۽ نبين جي ولايت کي ولايت ڪبريٰ ڪوٺي ٿو ۽ اتي سلوڪ نظري ۽ سير عناصرن جو ذڪر ڪري ٿو. ان سان گڏ تجلي فعلي، صفاتي ۽ ذاتي جو بيان ڪري ٿو.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته امام رباني مبداء معاد جي منها - 7 ۾ انهن ٽنهي تجلين جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب هر سالڪ کي ولايت جا سڀ ڪمال حاصل ڪو نه ٿا ٿين بلڪ اهي هر ڪنهن لاءِ مختلف ٿين ٿا. ڪن سالڪن کي پنجن درجن جا ڪمالات حاصل ٿين ٿا، جن مان پهرين جو تعلق تجلي افعال سان، ٻئي جو تعلق تجلي صفات سان ۽ آخري ٽين جو تعلق تجلي ذات سان ٿئي ٿو. اڳتي چوي ٿو ته سندس اڪثر ساٿين جو ٽين درجي يعني تجلي افعالي سان واسطو پوي ٿو. تمام ٿورن کي چوٿين درجي جي تجلي صفات ۽ ان کان تمام گھٽ ساٿين کي پنجين درجي جي يعني تجلي ذاتي سان واسطو پوي ٿو.

هتي تجليءَ جي مختصر وضاحت ڪري ڇڏجي ته صوفين جي اصطلاح ۾ ڪنهن شيءِ جو ٻئي درجي ۾ ظاهر ٿيڻ کي تجلي چون ٿا، جيئن آئيني ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي صورت يا عڪس کي سندس تجلي چئبو آهي. ان لحاظ کان تجلي افعاليءَ جو مطلب آهي ته جڏهن سالڪ مشاهدي ۾ پنهنجي قوت ۽ ارادي جي بجاءِ خدا جي قدرت ۽ عمل کي جاري ڏسي. صوفي ان جي شاهدي مشهور قرب نوافل جي حديث مان وٺن ٿا. تجلي صفاتيءَ جو مطلب آهي ته جڏهن سالڪ کي مشاهدي ۾ ٻانهن جون صفتون خدا جي صفتن جو عڪس نظر اچن. تجلي ذاتيءَ جو مطلب آهي ته سالڪ جڏهن فنا جي ڪري پنهنجي اندر علم ۽ فهم کان خالي ٿي وڃي ٿو ۽ صرف خدا کي باقي ڏسي ۽ سمجھي ٿو گويا سالڪ ۽ خدا جي درميان ڪو واسطو نٿو رهي.

امام ربانيءَ تجلي افعال، تجلي صفات ۽ تجلي ذات تي تفصيلي بحث مڪتوبات ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪيو آهي، جنهن جي هتي ورجائڻ جي ضرورت نه آهي. انهيءَ پس منظر ۾ نور محمد شاھ کي سنڌ ۾ نقشبندي فڪر جو ترجمان چئي سگهجي ٿو جيئن سندس خطن مان ان جو وڌيڪ ثبوت ملي ٿو.

سنڌ ۾ علمي مڪتوبات جي اهڙي روايت ٻارهين صديءَ ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ تيرهين صديءَ جي شروع ۾ خواجه قاضي احمد جا 49 مڪتوبات ملن ٿا، ليڪن ان کان پوءِ سندس خليفي سيد نورمحمد شاھ وٽ اها روايت پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي. جيئن هن ڪتاب مان واضح ٿيندو ته فقط سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس اهڙن خطن جو تعداد 76 آهي ۽ هن سلسلي ۾ هُو پهريون صوفي آهي، جنهن ان روايت جو بنياد وڌو. هن کان پهرين اسان سندس اهڙن خطن جي موضوع ۽ انهن ۾ سمايل ذڪر بابت وضاحت ڪري آيا آهيون.

هتي اسان جو مقصد سيد نورمحمد شاھ جي فارسي خطن تي روشني وجھڻ آهي. هن سلسلي ۾ جيڪي مختلف بياض مليا آهن انهن ۾ قاضي پير بخش واري بياض ۾ 43 خط، اسماعيل فقير واري بياض ۾ 60 خط، قاضي شاڪر واري بياض جا 18 خط، ميان عثمان سومري واري بياض ۾ 5 خط، ان کان سواءِ متفرقه خطن جو تعداد 4 آهي. اهڙيءَ طرح فارسي خطن جو ڪل تعداد جيڪو هن مهل تائين اسان جي نظر مان گذريو آهي 130 آهي. امڪان آهي ته اهو تعداد اڃا به وڌيڪ هجي.

فارسي خطن جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن جو موضوع ۽ مقصد نقشبندي سلوڪ جي عملي سمجھاڻي ڏيڻ آهي، جنهن ۾ مراقبي ۾ مشغول رهڻ، لطيفن جو جاري رهڻ يا تحرڪ ۾ آڻڻ، حضور واري صفت کان آگاھ رهڻ، حبس دم ۽ اسم اعظم جو خاص ذڪر جو تڪرار ڪرڻ شامل آهن. هتي اهو اعتراف ڪرڻ ضروري آهي ته هنن خطن جو مخاطب جيڪو مولوي صاحب آهي ان جي ڪا خبر پئجي نه سگهي آهي ليڪن ايترو ضرور چئبو ته هو به علمي شخصيت ۽ سچو سالڪ آهي جو پاڻ به خط لکي اهڙن مشڪل مرحلن جي پڇا ڪري ٿو ۽ ضروري هدايتون حاصل ڪري ٿو، بلڪ هڪڙي خط مان واضح ٿئي ٿو ته هُو پاڻ ٻين تي توجھه وجھي ٿو يعني سلوڪ ۾ رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪري ٿو. خط ڏهين ۾ نورمحمد شاھ کيس هيئن لکي ٿو:

ٻيو ته دل کي مطمئن رکو، مراقبي ڪرڻ وقت ٻيا خيال ختم ڪري الله جو ڌيان رکو. پاڻ کي فاني ڄاڻو. توجه جو علم ٻيو آهي جيڪو دل ۾ پاڻهي اچي ويندو. علم توجه ٻيو علم آهي جيڪو لکين اوليائن مان ڪنھن کي ملندو آهي. اوهان کي الله تعاليٰ جي رضامندي سان هميشه ملندو رهي ٿو، باقي گذر سفر جو بلڪل فڪر نه ڪريو. اهو ڪم آسان آهي، ڪشف جو علم ٿي ويندو. ٻين کي توجه ڏيڻ وقت هيءُ دعا پڙهو:

 اَللّـهُمَّ ڪَما ڪَرَّمَتني بِصحبة الصَّالحِينَ وَاجعَلنِي مِنَ الصَّالِحِينَ حَرِّق حواجب قلوبنا بنور معرفتک طهرّ قلبي وقلبہ نوّر قلبي و قلبہ بنور هدايتک و بحبّک و محبّتک و بقرب لقائک في الدّنيا و الآخرة برحمتک يا ارحم الراحمين.

مڪتوب سورهين مان پتو پوي ٿو ته جڏهن مولوي صاحب سُڪر ۽ جذبي ۾ مشغوليءَ بابت لکيو ته نورمحمد شاھ کيس هن ريت سمجھاڻي ڏني:

سُڪر مان مراد غير جي وجود کي وسارڻ آهي ۽ علم حصولي ۽ علم حضوريءَ جي فنا آهي.

برهان العارفين مجموعي جو مرتب اسماعيل فقير آهي، جنهن پنهنجي مرشد جي مرشد سيد نورمحمد شاھ جا سٺ خط وڏي عقيدت سان مرتب ڪيا آهن جيئن انهن جي شروعات ۾ اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿو. انهن مان ڪي خط نهايت مختصر آهن ته ڪي البت تفصيلي آهن. خط ٽئين ۾ مثنوي روميءَ جا چند شعر آيل آهن جيڪي نقشبندي صوفين جي اڪثر تحريرن ۽ تذڪرن ۾ ملن ٿا. ڪجھ خطن مان اندازو ٿئي ٿو خليفو صاحب پڻ سلوڪ جي راھ طي ڪندڙن جي رهنمائي ڪندو هو جو کيس اهڙيون هدايتون ڏنل آهن. ڪن خطن ۾ ضروري ذاتي ڪمن جو به ذڪر اچي ويو آهي. اهڙيءَ طرح درياءَ ۾ پاڻي اچڻ بابت استخاره ڪرڻ جو به چيل آهي. ڪيترن خطن ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جي پرهيز يعني حلال کائڻ پيئڻ تي زور ڏنل آهي. اهو موضوع ٻين هنڌن تي به نظر اچي ٿو. ڪن خطن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ڪي عورتون به سلوڪ جي طريقي ۾ داخل ٿيون هيون جن جي رهنمائي لاءِ ڪي ڳالهيون خليفي صاحب کي ٻڌايون ويون آهن. انهن خطن ۾ سيد نورمحمد شاھ پنهنجي نظم تڪميل المعرفت مان ڪي فارسي اشعار سمجھاڻيءَ خاطر آندا آهن جنهن مان خبر پوي ٿي ته هن اهو نظم ڪافي وقت اڳ ۾ لکيو هوندو جو پوءِ وقتاً فوقتاً ان جا پاڻ حوالا ڏيندو رهيو آهي. بهرحال مجموعي طور انهن خطن جو موضوع نقشبندي طريقي موجب سلوڪ جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ آهي جنهن سان طالب اهو سلوڪ طي ڪري سگهن. الله تعاليٰ جي محبت ۽ معرفت، مراقبي جي مشغولي، علم حصولي ۽ حضوري جا حاصل ٿيڻ کان پوءِ انهن جي فنا، سلوڪ جي راھ ۾ قبض جي ڪيفيت ۽ ان جو خاتمو، اسم ذات جي ياد داشت، لطيفن جي حرڪت يا انهن جو جاري ٿيڻ، نفي ۽ اثبات جو تڪرار، حلال کاڌي تي زور ۽ شبھ واري کاڌي کان هر حالت ۾ بچڻ، دعائن ۽ وظيفن کان سواءِ ختما ڪڍڻ جنهن ۾ امام ربانيءَ جي روح کي ختم بخشڻ، جذبي جي قوت سان فڪر کي مٿانهين يعني خدا جي طرف ڇڪڻ جنهن مان مراد ذات بحت يعني ذات خالص جو مقام آهي. سلوڪ جي مشقن سبب طالب ۾ ڪڏهن ڪي ظاهري بيماريون به لاحق ٿين ٿيون. نورمحمد شاھ هڪ حاذق حڪيم جي حيثيت ۾ ان لاءِ پڻ علاج تجويز ڪري ٿو.

تڪميل المعرفت هي رسالو فارسي نظم ۾ آهي جنهن جا فارسي نثر ۾ باقاعدي وضاحتي عنوان ڏنل آهن ۽ انهن جي هيٺان موضوع جي مناسبت سان نظم ۾ وضاحت ملي ٿي. هي رسالو سيد نورمحمد شاھ جي اوائلي تصنيفات ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو بلڪ خوش قسمتيءَ سان اسان کي ان جو شروعاتي بياض ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن ۾ پوءِ مصنف پاڻ ئي تصحيح ڪئي آهي. وڏي ڳالھ ته ان بياض جا حاشيا يا تشريح وقت جي عالم ۽ صوفي مخدوم محمد عارف سيوهاڻي (1258/1845) جي لکيل آهي. ان جو مطلب ته سيد نورمحمد شاھ اهو رسالو ڪافي سال اڳ لکيو هوندو جو مخدوم عارف ان تي پوءِ تشريحي حوالا لکيا.

تڪميل المعرفت جيئن عنوان مان ظاهر آهي ته سالڪ کي معرفت جي راھ تي هلائڻ لاءِ رهنمائي ڪرڻ آهي. هن سلسلي ۾ مصنف نقشبندي طريقي سان وابسته هجڻ ڪري اهي اصطلاح استعمال ڪري ٿو ۽ نقشبندي فڪر مطابق انهن جي سمجھاڻي ڏئي ٿو. شروعات ۾ هو قرآني الفاظ موجب الاهي صفات هو الظاهر هو الباطن مان حق تعاليٰ جي واجب الوجود هجڻ ۽ هن جي معيت تي استدلال ڪري ٿو. ان سان گڏ هو سير سلوڪ جي حقيقت کي آشڪار ڪري ٿو ته اهو سير عالم امر کان ڪيئن شروع ٿئي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ جذبه، عدم ۽ فنا قلبي وغيره ڪيئن حاصل ٿئي ٿو. ان کان پوءِ امڪاني ۽ وجوب جي قرب ۽ بُعد تي روشني وجھي ٿو. هن سلسلي ۾ هو خاص طور علم حصولي ۽ علم حضوري جي سمجھاڻي پڻ ڏئي ٿو. هڪ لحاظ سان ڏسجي ٿو ته مصنف شروع ۾ ئي نقشبندي فڪر جي نهايت دقيق نُڪتن تي روشني وجھي ٿو. انهن کي سمجھڻ ايستائين ممڪن نه آهي جيستائين نقشبندي فڪر جي بنيادي ۽ ضروري اصطلاح کان چڱيءَ طرح واقفيت حاصل نه آهي. اتي ئي هو ٻڌائي ٿو ته ممڪنات جي حقيقت عدم محض آهي.

مادون عدم محض به ممکن نصيب نيست - هر چند هست پرتوه آيات اکبر است

[يعني: ممڪن جو نصيب (اصليت) عدم محض کان سواءِ ڪجھ ناهي، پر جيڪي ڪجھ آهي اهو الله جي وڏين نشانين مان آهي.]

وري ٻي شعر ۾ شيُونات جي سمجھاڻي هن طرح ڏئي ٿو:

انشاءِ عدم ظهور شيونات قدرت است - در قدرتش چه نسبت ايجاد ديگر است

[يعني: شيُونات عدم ظهور ۾ واقع آهن. هن جي قدرت ۾ انهن جي ايجاد جي اهائي نسبت آهي.]

سيد نورمحمد شاھ پنجن لطيفن جي سمجھاڻي نقشبندي فڪر جو اصل الاصول آهي. امام ربانيءَ جي مڪتوبات ۾ اهو موضوع بار بار اچي ٿو مان آخري لطيفي اخفيٰ جي باري ۾ چوي ٿو:

جذبه عدم دليل براه فنا بود - تا غايت لطيفه اخفيٰ برهبر است

[يعني: جذب جي باري ۾ عدم دليل فنا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. لطيفه اخفيٰ جي غايت ڏانهن اهوئي رهبري ڪري ٿو.]

سالڪ جي سير جي باري ۾ ٻڌائي ٿو:

از سير فوق غرض نهايت فنا بود - ورنه بحرم هر طرف کعبه حاضر است
هر چند سير سلوک بي انتها بود - حادث قديم را همہ جا فرق ظاهر است
حادث به محويت نشود متحد قديم - زانکه حدوث هر طرف او را محاصر است

[يعني: مٿين سير جو مطلب فنا جي انتها تي پهچڻ آهي. هونئن حرم جي اندر هر طرف ڪعبو موجود آهي. جيتوڻيڪ سالڪ جو سير بي انتها يعني اڻ کٽ آهي پر حادث (انسان) ۽ قديم (خدا) جو فرق اڻ مٽ آهي. حادث ڪيڏو به پاڻ کي گم ڪري پر قديم نٿو ٿي سگهي ڇو ته هو ان ۾ چوڌاري وڪوڙيل آهي.]

فنا جي مقصد تي هن ريت روشني وجھي ٿو:

مقصود فنا تزکيه اوصاف ذميمه است - تهذيب نفس حاضر تنزيہ خاطر است

[يعني: فنا جو مقصد خراب وصفن کان پاڪائي حاصل ڪرڻ آهي. موجود نفس جي سڌاري جو مطلب دل کي تنزيھ (هن کي هر شيءِ کان الڳ سمجهڻ) ڏانهن راغب ڪرڻ آهي.]

انهن عنوانن تحت ٻيا دقيق نُڪتا به بيان آهن. مثلاَ دائره وجوب ۽ دائره امڪان ذات حق جون اٺ صفتون جن تي امام رباني مبداء معاد ۾ بحث ڪيو آهي. ان ريت علم حصولي ۽ حضوري جي فنا ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ سير آفاقي ۽ انفسي جو حاصل ٿيڻ، لطائف خمسه جي فنا ٿيڻ سان دائره امڪان جي سير جو پورو ٿيڻ. ذات حقيقيءَ جي حسن جو وراء الورا هجڻ بلڪ آخر ۾ ادراڪ کان عاجز ٿيڻ جنهن طرف امام ربانيءَ پڻ اشارو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ نورمحمد شاھ جو هي شعر ڏسو:

مادون عجز درک درو وصل درک نيست
مجھول کيفيت ماهيت ذات اکبر است

[يعني: اتي وصل جو ادراڪ ان جي عاجز ٿيڻ کان سواءِ هرگز ناهي. اها مجھول (غير ڄاتل) ڪيفيت ئي ذات جي ماهيت برابر آهي.]

        سيد نورمحمد شاھ ان سلسلي ۾ پنهنجو نئون اصطلاح ‘دانش بيدانشي’ وضع ڪري ٿو جڏهن هو چوي ٿو:

هرچند در او دناش بيدانشي بود
در پرده وصل عريان خوبان خوشتر است

[يعني: دراصل هن جي ڄاڻ يا سمجھ اڻ ڄاڻائي يا بي سمجھائي برابر آهي. اهو محبوب وصل عرياني جي انهيءَ پردي ۾ وڌيڪ وڻندڙ آهي.]

        آخر ۾ نورمحمد شاھ پنهنجي نظم تڪميل العرفت کي نقشبندي سلسلي ۽ فڪر جي توضيح ۽ تشريح جي حيثيت سان خاتمو ڪري ٿو:

حمد خدا که نسخئه تڪميل المعرفت
مر نقشبند معرفت راز خاطر است

[يعني: خدا جو حمد ۽ شڪر جو تڪميل المعرفت جو هيءُ نسخو نقشبندي معرفت جي رازن واسطي خاص آهي.]

 

ڪتابيات

1.          حسن زراعي - ايوب گنجي : مڪتوبات امام رباني فارسي 1-2 ، ش - ق انتشارات صديقي تهران.

2.        سيد زوار حسين شاھ : مڪتوبات حضرت مجدد الف ثاني - 4 جلد اردو ترجمو، اداره مجدديه - ناظم آباد، ڪراچي.

3.        سيد زوار حسين شاھ : مبداء معاد مع اردو ترجمو، اداره مجدديه - ناظم آباد، ڪراچي.

4.        پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود احمد : مڪتوبات شريف حضرت قاضي احمد دمائي - اداره معارف، ڪراچي، 1997ع

5.        ڊاڪٽر صاحبزاده ابوالخير محمد زبير : سنده ڪي صوفيائي نقشبند، حصه دوم - هيرآباد حيدرآباد، 1996ع

6.        ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: معارف سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ وارو - سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2018ع

7.        ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: معارف خواجه قاضي احمد- ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام شورو، سنڌ 2021ع

8.        سائين بخش قبولائي : سڄڻ ڏٺو جن (جلد ٻيو)، حضرت سلطان الاولياء اڪيڊمي ڏوڪري، 2010ع

9.        ٽماهي مهراڻ 2012/1 : سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

10.    ٽماهي مهراڻ 2017/ 4: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

11.     بياض قاضي پير بخش خانائي قلمي 1278ع

12.    برهان العارفين: اسماعيل فقير قلمي

13.    بياض عثمان فقير سومرو قلمي

14.    تڪميل المعرفت قلمي 1269ھ

15.    مخدوم علي گوهر درٻيلائي : شرح شجره مخدومان دربيله قلمي 1278ھ

16.    مخدوم عبدالعليم درٻيلائي : شجره مخدومان درٻيله، قلمي 1347ھ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org